تازيون خبرون

Daily Archives: February 9, 2017

فلم ”جگا جاسوس“ جي مشهوري مهم مارچ جي آخر ۾ شروع ٿيندي: رنبير ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور چيو آهي ته ”جگا جاسوس“ جي مشهوري مهم فلم جي رليز کان ٻه هفتا اڳ ڪنداسين. رنبير ڪپور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فلم ”جگا جاسوس“ جي رليز جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ تي خوش آهيان، فلم هلندڙ سال 7 اپريل تي رليز ٿيندي. هن چيو ته فلم جي مشهوري مهم رليز کان ٻه هفتا اڳ شروع ڪنداسين.27

 

وڌيا بالن جو مسٽر پرفيڪٽ عامر خان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري ۽ باصلاحيت اداڪاره وڌيابالن عامر خان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري آهي ميڊيا رپورٽ مطابق وڌيا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ان کي سڄي اسڪرپٽ سان عامر خان سان ڪم ڪرڻ جي آفر ٿي ته هو انڪار نه ڪندي. هن پاڻ کي لالچي اداڪاره قرار ڏيندي چيو ته مان هر سٺي اداڪار سان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي وڌيا عامر جي گذريل سال رليز ٿيل فلم دنگل جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته خوبصورت ڪهاڻي جاندار اداري ۽ بهترين موسيقي گڏجي فلم کي ان ڪابل بڻايو ته هو ماڻهن جي معيار تي پورو لهي واضح رهي ته ميڊيا انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ايندڙ فلم بيگم جان ۽ تماري سلو جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي جيڪا جلد ئي سئنيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

ڪلوزنر جو رڪارڊ ختم ڊوپلسي وڌيڪ ون ڊي رنسون ٺاهيندڙ 12 ڏکڻ آفريقن بيٽسمين بڻجي ويو

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا جي ٽيم اسٽار بيٽسمين فاف ڊوپليسي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اڳوڻو هم وطن بيٽسمين لانس ڪلوزنر جي وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ ڊوپليسي ملڪ جي طرفان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ 12هين نمبر تي بيٽسمين بڻجي ويو آهي. ڊوپليسي سريلنڪا خلاف ون ڊي ميچ م شاندار سينچري ٺاهي اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو. ڪلوزنر 3576 رنسون ٺاهيون هيون. پروٽيز طرفان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز جيڪ ڪيلس کي حاصل آهي جنهن 11550 رنسون ٺاهيون آهن

 

هاڪي ٽيم جا رانديگر منهنجي لاءِ ڀائرن وانگر آهن، ڪنهن سان ناانصافي جو سوچي به نه ٿو سگهان: قومي هاڪي ٽيم جو هيڊ ڪوچ خواجه جنيد

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي هاڪي ٽيم جي هيد ڪوچ خواجه جنيد چيو آهي ته قومي سينئر ۽ جونيئر هاڪي ٽيمن جا رانديگر مون کي ڀائرن وانگر آهن. آئون خوف خدا رکان ٿو ۽ ڪنهن سان ناانصافي جو سوچي به نٿو سگهان. نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته گول ڪيپر عمران بٽ سان منهنجو ڪنهن به قسم جو ڪو اختلاف نه ته ماضي ۾ رهيو آهي ۽ نه ئي وري هاڻي آهي. عمران بٽ طرفان لڳايل الزامن تي مون کي وڏي حيراني ٿي آهي، عمران بٽ کي قومي سينئر هاڪي ٽيم جي ڪيمپ مان فٽنيس رپورٽ جي بنياد تي ڊراپ ڪيو ويو هو جنهن ۾ منهنجو ڪو به عمل دخل شامل ناهي. هن چيوته مون گول ڪيپر کي ڪنهن به قسم جي ذهني اذيت نه ڏني آهي. عمران بٽ گذريل مهيني ڪراچي ۾ لڳايل تربيتي ڪيمپ لاءِ ميڊيڪل جمع رڪايو هو جنهن ۾ کيس گروئن انجري جي شڪايت هئي. پر ان بعد هن فيڊريشن يا ٽيم مئنجمينٽ سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو جنهن تي کيس ڪيمپ مان ڊراپ ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجو ماضي سڀني جي سامهون آهي. ڪنهن به رانديگر کي مون مان ڪا به شڪايت ناهي ٿي. عمران بٽ خلاف هاڻي ڪنهن قسم جي قانوني ڪارروائي جو اردو نٿو رکان ڇو ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن معاملي جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي

 

موئن جو دڙو کي وڌيڪ متعارف ڪرائڻ لاءِ تحقيقات جي ضرورت آهي : عبدالفتاح عباسي

موئن جو دڙو تي 9، 10 ۽ 11 فيبروري 2017ع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ٽي روزه تقريب ۾ 40 ملڪن جا اسڪالرز، ماهر ۽ سفير توڙي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز شرڪت ڪندا جڏهن ته انهيءَ ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪندو.منهنجي سنڌ امڙ جي هر ڳوٺ ۽ شهر جي پنهنجي اهميت ۽ افاديت آهي.  سنڌ جا شهر وستيون واهڻ نگر نگر ۾ جيڪي تاريخي ماڳ ۽ مسڪن آهن انهن جي تاريخي حوالي سان اهميت ۽ انهن تاريخي ماڳن جي افاديت کان ڪير ڪيئن انڪار ڪري سگهي ٿو.سنڌ جي هر ڪنڊڪڙڇ ۾ تاريخي ماڳ ۽ مڪان آهن.سنڌ جي رني ڪوٽ کان ويندي ڪوٽڏيجي ۽ مڪلي کان ويندي ڀنڀور، ڪينجهر ڍنڍ کان منڇر ڍنڍ ڪارونجهر تائين ئي خاموشي ناهي پر سنڌ وطن جي پنهنجي  تاريخي  حيثيت پنج هزار سال آثار قديمه جي ماڳ طور “ موئن جو دڙو ” جي پنهنجي صوبي سنڌ ۽ ملڪ جي اقتداري ايوانن ۾ ويٺل حڪمرانن کي شايد ايتري اهميت ۽ انهيءَ جي افاديت جي معلومات ۽ ڄاڻ ناهي جيتري پرڏيهه ۾ ويٺل عظيم اسڪالرن ريسرچ ڪندڙن ۽ انساني نشونما ۽ انساني ارتقائي عمل جي شروعات جي سلسلي ۾ بنيادي اسٽريڪچر تي تحقيقات ڪئي وئي آهي.سنڌ وطن جي انهيءَ تاريخي ماڳ موئن جو دڙو جي  آثارقديمه تي عالمي سطح تي تحقيقاتي شخصتين کي اونو ۽ تشويش انهيءَ حوالي سان شدت سان نظر ۾ رهي ٿي ته هن تاريخي ماڳ جي اوتري سار سنڀال ۽ خيال نه ڪيو ويو آهي جيترو اصل ۾ ٿيڻ گهرجي ها ؟.اها ذميواري ڪنهن عام شهريءَ يا ڪنهن عام ننڍي ملازم يا ڪيوريٽر يا مئنيجر جي وس کان گهڻو مٿي جي ڳالهه آهي. سنڌ سان وري ستم ظريفي آهي ته هن صوبي سان هر سطح تي ماٽيلي ماءُ جهڙو ورتاءُ ٿيندو پيو اچي جنهن جو نه رڳو عام ماڻهو پر هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت ۽ صوبي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توڙي پ پ پ پنجاب جي مرڪزي اڳواڻن چوڌري اعتزاز احسن، قمرزمان ڪائره،سابق گورنر پنجاب سردار لطيف کوسا،سابق وزير اعظم يوسف رضا گيلاني سميت ٻين سنڌ صوبي سان ٿيندڙ ويڌن ۽ ناروا سلوڪ تي هاءِ گهوڙا ڪري رهيا آهن.جيئن انهن جو هاڻي چوڻ  آهي ته پاناما ليڪس جي مامري ۾ وڏي صوبي جي وزيراعظم نواز شريف کي پاناما ليڪس جي مامري لاءِ پڇا ڳڇا لاءِ ڪورٽ ۾ نٿو گهرايو وڃي اهو ٻٽو معيار ناهي ته ڇا آهي ؟. ۽ وري سنڌ صوبي ۾ سيد قائم علي شاهه کانپوءِ نئين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي نئين ڪابينه جوڙي جنهن ۾ انهيءَ پنهنجا مشير ۽ صلاحڪار مولا بخش چانڊيو، سعيد غني،سميت ٻيا مقرر ڪيا پر انهن جا اختيارات واپس ورتا ويا ۽ انهن کان استعيفائون ورتيون ويون جنهن کانپوءِ پ پ پ جا سمورا وزير ۽ قيادت وڏي ڀاءَ ۽ ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ تي ناراض آهن. اهڙي طرح ئي سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن سان به ٻه اکيائي ۽ جٺ ڪئي وئي آهي وفاق سمورا وفاقي طاقتور ادارا کاتا پنهنجي هٿ ۾ رکي رڳو ننڍڙا ۽ نالي ماتر کاتا صوبن کي ڏيئي فارملٽي لاٿي وئي آهي. اين ايف سي ايوارڊ ، سنڌ جي پاڻي واري مامري ۾ سدائين سنڌ جا تحفظات  رهن ٿا پر عملي طرح وڏو ڀاءَ کي جيترو وڻي ٿو اوترو پاڻي سنڌ کي ڏي ٿو.

پنجاب جي آثارقديمه کاتي کي نه صرف پنجاب حڪومت نوازي رهي آهي پر گڏوگڏ ئي وفاقي سرڪار به مڪمل طور تي هر لحاظ سان سپورٽ ڪري لاهور جي قديم جاين جنهن ۾ مغلن جي دور جي تعمير ڪيل بادشاهي مسجد، شاهي قلعو، شاليمار باغ ۽ گڏوگڏ ئي ٻئي پاسي مينار پاڪستان  ۽ ٻين قديم عمارتن جي ڪيئن ته سار سنڀال آثارقديمه پنجاب حڪومت وارا ڪري رهيا آهن.انهن تي ٿيندڙ ترقياتي ڪم ڪروڙين نه پر اربين رپين جا ٿي رهيا آهن.سالن کان ڏسون ٿا ته بادشاهي مسجد، شاهي قلعي ۽ شاليمار باغ توڙي مينارپاڪستان تي وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم ڪار جاري آهن. جتي نه صرف انهيءَ صوبي جو عوام ئي اچي ٿو پر سڄي ملڪ کان ماڻهو سير سفر تفريح ڪندڙ سياح اچن ٿا ۽ تمام گهڻو لطف اندوز ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته اتي هر طرح جي مطالعاتي دوري جي خوبين وارا پوائنٽ شامل آهن جن کي ڏسڻ سان ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو ته واقعي ڪنهن بهترين ۽ لاجواب تفريح ماڳ تي پهتو آهيان.پر پنهنجي سنڌ جي تاريخي مڪلي قبرستان ٺٽو، ڪينجهر، منڇر، رني ڪوٽ، ڪوٽڏيجي ۽ ٻين تاريخي ماڳن مڪانن سميت تاريخي ماڳ موئن جو دڙو سان جيڪا صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن ويساهه گهاتي ۽ ناانصافيون ڪيون آهن انهن ۾ عوامي راءِ مطابق سرفهرست اها آهي ته هن موئن جي دڙي مان مليل قيمتي نواردات غائب ٿيڻ يا چوري ٿيڻ جي ڪا به باضابطا طور تي اعليٰ سطحي تحقيقات انڪوائري نه ٿي سگهي آهي. سنڌ نه پر سموري دنيا جي قديم ترين آثارن جي مالڪ موئن جو دڙو جي هسٽري تاريخ جي مطالعي بعد قديم ترين ماڳ جي معلومات ٿيڻ سان گڏوگڏ هڪ تهذيب، هڪ تمدن، هڪ رسم رواج  ۽ دنيا جي قومن مان سنڌي قوم جي سڌريل ۽ شاهوڪار قوم طور سڃاڻپ ٿيڻ لڳي ٿي. انهيءَ موئن جو دڙو جي  تاريخ مان  اسانجي ملڪ پاڪستان جي ماڻهن بجاءِ آمريڪا، برطانيه ۽ چين جي ماڻهن سياحن وڏو فائدو ورتو آهي ته هتي ڪهڙي طرح ماڻهو رهندا هيا انهن جي رهڻي ڪرڻي ڪيئن ۽ ڪهڙي انداز ۾ هوندي هئي. اڄ به تڏهن اهي پرڏيهي ريسرچ ڪندڙ ماڻهو پنهنجا خرچ ڀاڙا ۽ وقت ڪڍي سنڌ جي موئن جي دڙي مان اڃا به وڌيڪ فائدي وٺڻ لاءِ آتا آهن. جنهن ڪري ئي هاڻي 9، 10 ۽ 11 فيبروري 2017ع  تي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران منعقده ٽي روزه انٽر نيشنل موئن جو دڙو ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.جنهن لاءِ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري جو چوڻ آهي ته اها انٽرنيشنل سطح جي ڪانفرنس 44 سالن کان پوءِ ٿي رهي آهي.پهريان اها ڪانفرنس 1973ع ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سڏائي هئي. جنهن ڪري سڄي دنيا جي سياحن لاڙڪاڻي جي سرزمين موئن جو دڙو جي طرف توجهه ڏنو ۽ پراڻي دور ۾ امن جي بهتر صورتحال سبب غير ملڪي سياح وڏي تعداد ۾ ايندا هيا پر منهن ڪارو ٿئي دهشتگردن ۽ انسانيت جي دشمنن جو،جن بم ۽ بارود جي بوءِ سبب ملڪ جي تفريحي ماڳن جون رونقون به اجاڙي رکيون.موئن جو دڙو تي 9، 10 ۽ 11 فيبروري 2017ع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ٽي روزه تقريب ۾ 40 ملڪن جا اسڪالرز، ماهر ۽ سفير توڙي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز شرڪت ڪندا جڏهن ته انهيءَ ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪندو.سيڪريٽري ٻڌايو ته ورهاڱي بعد اسان ڀارت کان ڪنگ پريسٽ ۽ سمبارا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پر هندستان جي حڪومت هڪ شيءِ کڻڻ لاءِ چيو ۽ اسان جي حڪومت ڪنگ پريسٽ ورتو.هن چيو ته موئن جو دڙو 5 هزار سال قديم بجاءِ اڃان وڌيڪ قديم به ٿي سگهي ٿو انهيءَ لاءِ وڌيڪ تحقيقات ۽ ريسرچ جي ضرورت آهي.ٻئي طرف موئن جو دڙو جي سير تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو عوام جڏهن پري پري کان پهچي ٿو ته تاريخي ماڳ جي مٿان مقرر چند عملي پاران چالاڪيءَ سان مرڪزي گيٽ پاس کان ويندي ميوزيم جي ٽڪيٽ  ۽ هتان جو ريسٽورنٽ هوٽل ڇڙواڳ ۽ ڪجهه ماڻهن لاءِ استعمال  ٿي رهيو آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ عملي ڪوششون ورتيون وڃن. موئن جو دڙو جي قديم آثارن جي بچاءَ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ ڪنهن به خوشيءَ جي موقعن جهڙوڪ ، برساتن وقت تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن ، 14 آگسٽ، ثقافتي ٽوپي اجرڪ ڏهاڙن،عيد جي موقعن سميت ٻين ايونٽ تي اسٽوپا ، ڊي ڪي اسٽريٽ، ايل ڪي اسٽريٽ، سيمنگ پول، وڏي وهنجڻ واري تلاءَ سميت مختلف قديم گهٽين ۽ ماڳن مڪانن جي مٿان لتاڙ کي روڪڻ لاءِ عمل جي ضرورت آهي. باقي انهن مٿان موٽر سائيڪل تي چڙهي لتاڙ کان بچايو وڃي ۽ موسم مطابق ٿيندڙ برساتين کان دڙي جي قديم ماڳن کي بچائڻ لاءِ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جيئن ٻين سڌريل ملڪن ۾ قديم آثارن کي بچائڻ لاءِ  هنگامي بنيادن تي اپاءَ ورتا ويندا آهن. باقي ائين نه ٿئي جيئن ڪجهه سال اڳ حڪومتي سرپرستي هيٺ سنڌ فيسٽول جي نالي تي مسخري  وارو کيل کيڏيو ويو ۽ ڊسڪو پارٽي وارن دڙي جي نه صرف کليل لتاڙ ڪئي پر موئن جي دڙي سان نه وسرندڙ مذاق ڪري قديم آثارن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو هاڻي اسان پ پ پ جي باصلاحيت صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه ۽  سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري جي ڪوششين جي ساراهه ٿا ڪريون جن موئن جو دڙو تي 44 سالن بعد بين الاقوامي سطح جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ورتيون آهن اميد ڪري سگهجي ٿي ته هي سنڌ حڪومت پنهنجي سنڌ جي شناخت ۽ سڃاڻپ موئن جي دڙي جي اهميت ۽ افاديت لاءِ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪري وري انهيءَ کي پنهنجي تاريخي طور تي ملڪان ملڪ مڃتا طور روشناس ڪرائيندي ۽ سنڌ جي صوفين واري امن ڀري ڌرتيءَ تي پرڏيهي سياح دڙي جي کوٽائي سميت انهن جي ريسرچ تي پنهنجا مقالا لکي موئن جي دڙي کي ساڳيو اوج موٽائي ڏنو ويندو.دڙي جي اوج موٽي اچڻ سان سنڌ صوبي ۾ خوشحالي ۽ ترقي جي راهه جا رستا ضرور کلڻ لڳندا ۽ پنهنجي سنڌ جي هيءَ قديم هسٽري محفوظ بڻجي سگهندي.

 

ملڪ ۾ رائج ڏيڍ سئو سال پراڻو نظام…!

ڪراچي ۾ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ واپارين جي تقريب کي خطاب ڪندي  آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته سنڌ ۾ دهشتگردي جي هيستائين ٿيندڙ واقعن ۾ ملوث ملزمن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ ۾ سنڌ پوليس جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، آءِ جي، جي حيثيت سان مان پوليس ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان، سنڌ پوليس 1996 ۾ اڪيلي سر ڪامياب آپريشن ڪيو هو ۽ آپريشن کي ڪامياب بڻائيندڙ آفيسرن کي ڳولهي ڳولهي شهيد ڪيو ويو هو، سندن قاتل اڄ اعليٰ عهدن تي پهچي چڪا آهن . پوليس ايڪٽ 1861ع ۾ تبديلي وقت جي تقاضا آهي جنهن جي لاءِ سي سي آءِ ۽ عوام کي اڳتي وڌي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي،  پوليس آفيسرن کي شهيد ڪرائيندڙ ايوانن ۾ پهچي ويا. اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اڄ سنڌ پوليس کي رينجرز جي مدد جي ضرورت ڇو پيش آئي آهي . ماضي جي آپريشن کي سياست جي ور چاڙهيو ويو، ڪراچي پوليس جو مورال آسمان کان زمين تي اچي ويو. هو هڪ معاشري جي حيثيت سان به ملڪ جي خدمت نه ڪري سگهيا آهن ؟  پاڪستان ۾ ڏيڍ سئو سال پراڻو پوليس جو نظام هلي رهيو آهي، پوليس جي قانون ۾ تبديلي لاءِ سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو. ڪراچي ۾ هاڻي انگريز وارو قانون نه هلندو، انگريزن جي قانون سان ماڻهو بچي وڃن ٿا. سنڌ پوليس ۾ سياسي بنيادن تي ڀرتيون ٿيون، جيڪو پوسٽنگ ڏياري ٿو، اهو ان جو فرمانبردار ٿيو وڃي. سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، فيبروري جي ڏهين تاريخ تي فوج جي ٽرينگ بعد چار هزار نوان اهلڪار پاسنگ آئوٽ ڪندا. مددگار ڪال سينٽر کي مڪمل طور تي آئوٽ آف سورس ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان سمري وڏي وزير کي اماڻي وئي آهي، ڇو ته دلي خواهش اٿم ته 15 کي اسٽيٽ آف آرٽ جو مقام ملي.