تازيون خبرون

Daily Archives: February 8, 2017

برٽني اسپيئر جي مداحن ته ديوانگي جي حد ڪري ڇڏي، پرستار هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ 80 هزار ڊالر خرچ ڪري ڇڏيا

لاس اينجلس (شوبز نيوز) فنڪارن جي مداحن ان جهڙن روپ ۽ چال اختيار ڪرڻ لاءِ اڪثر ڪيتريون ئي ڪوشش ڪن ٿا پر ڪوئي مداح ان معاملي ۾ ان حد تائين نٿو وڃي سگهي اهو ڪنهن به نه سوچيو هوندو انڊيا رپورٽ موجب آمريڪا جي شهر لاس ايجنلس سان تعلق رکندڙ 31 ورهين جو برائين ري پاپ سپر اسٽار برٽني اسپيئر جا ايترا ديوانا نڪتا جو ان جهڙو ڏسڻ لاءِ 14 سالن دوران 80 هزار ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ڪيو برائن ري چيو آهي ته ان جڏهن پهريون ڀيرو برٽني اسپيئر کي ڏٺو ته هو سمجهي ويو هو ته ان گلوڪاره ۾ خاص ڳالهه آهي هن چيو ته ان جي نظر ۾ برٽني اسپيئر جي شڪل آواز ۽ ڪوريوگرافي بهترين آهي ۽ هو گلوڪاره وانگر ئي پاڻ کي ڏسڻ چاهي ٿو. برائن ري برٽني اسپيئر جهڙو ٿيڻ لاءِ سڀ کان پهريان پنهنجا ڏند ۽ کل گلوڪاره جهڙي ڪرڻ لاءِ وينز ٺهرايا ۽ان کان پوءِ هن 14 سالن دوران 90 کان وڌيڪ ڪاسٽمينٽڪس سرجري ڪرائي چڪو آهي آمريڪا جي شهري چيو اهي ته برٽني اسپيئر مان هميشه مان سڀ کان وڌيڪ متاثر رهندس. منهنجي لاءِ اها خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هو دنيا جي وڏي خوبصورت سپر اسٽار آهي جيڪا وڏي محنت سان ان جڳهه تي پهتي آهي.

 

ڪترينا فلم جي سيٽ تي هدايتڪار انوراگ باسو جا وار ڪٽي ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جي اداڪاره ڪترينا فلم جگاجاسوس جي سيٽ تي هدايتڪار انوراگ باسو جا وار ڪوڙي ڇڏيا اداڪار ڪترينا ڪيف ۽ رنبير ڪپور جي فلم جگا جاسوس 7 اپريل تي سئنيما گهرن جي زينت بڻبي ڪترينا ڪيف فلم سيٽ تي پنهنجي نيچر ۽ شوخ ۽ چنچل حرڪتن سان مشهور آهي. ڪترينا ڪيف فلم جگا جاسوس جي سيٽ تي هدايتڪار انوراگ باسو جا وار ڪوڙي ڇڏيا جنهن جي وڊيو هدايتڪار سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽيوٽر تي هاڻي ان هيئر ڪٽ کي سليماني ٽوپي لڪائي سگهي ٿي. هڪ نوٽ سان پوسٽ ڪئي ويئي آهي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪترينا هدايتڪار انوراگ باسو جا وار مشين سان ڪوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جي تڪليف سان هو رڙيون ڪري رهيو آهي ۽ ويجهي ئي بيٺل هڪ هيئر اسٽائلسٽ ڪترينا ڪيف وار ڪوڙن جي هدايت ڏيئي رهيو آهي.

 

آءِ سي سي جي نئين ون ڊي ريڪنگ جاري، نيوزيلينڊ ٽئين نمبر تي اچي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ون ڊي ريڪنگ جاري ڪئي آهي نيوزيلينڊ ڀارت کان ٽين پوزيشن کسي ورتي آسٽريليا جي پهرين نمبر پوزيشن به خطري ۾ پئجي ويئي جڏهن ته پاڪستان جو اٺون نمبر برقرار آهي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي سيريز جي خاتمي کان پوءِ آءِ سي سي نئين ون ڊي ريڪنگ جاري ڪئي آهي نيوزيلينڊ ٽيم سيريز ۾ 2.0 کان ڪاميابي کان پوءِ ٽئين نمبر تي اچي ويئي جڏهن ته ڀارت 112 پوائنٽن سان چوٿين پوزيشن تي هليو ويو ٻن پوائنٽن جي گهٽتائي سان آسٽريليا جي پهرين پوزيشن خطري ۾ پئجي ويئي ڏکڻ آفريڪا پهرين پوزيشن جي نظرون ڄمائي رهي آهي سريلنڪا جي خلاف ٿيندڙ ٻه مئچون کٽي ڏکڻ آفريڪا آءِ سي سي ريڪنگ ۾ نمبر ون ٽيم بڻجي سگهي ٿي. ٻنهي ٽيمن جو هن وقت 118 پوائنٽون آهن انگلينڊ پنجين، سريلنڪا ڇهين ۽ بنگلاديش 91 پوائنٽن سان ستين نمبر تي آهي. پاڪستان جو 79 پوائنٽن سان اٺين نمبر تي آهي.

 

سريلنڪن ٽيم آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ اينجلو ميٿيوز کان سواءِ ميدان ۾ لهندي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان اينجلو ميٿيوز پير ۾ تڪليف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ هن کي آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿيڻو پوندو. سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هو آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز نه کيڏي سگهندو. اينجلو ميٿيوز ڏکڻ آفريقا خلاف ٽين ميچ ۾ شاندار پرفارمنس پيش ڪرڻ دوران پير جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو هو. بورڊ جو چوڻ آهي ته سندس جاءِ تي وقتي ڪپتان جو اعلان اڄ اڱاري تي ڪيو ويندو. واضح رهي ته سريلنڪن ٽيم هلندڙ مهيني آسٽريليا سان ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.

 

شهيد بينظير ڀٽو جو مشن ۽ آصف علي زرداريءَ جي جدوجهد: ڪاشف نوراني

اي سنڌو! توکي ڀيٽ ڏنا ڪنهن لڙڪ ڦڙا، ڪنهن ماڪ ڦڙا،

جن توکي پنهنجو رت ڏنو سي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا..

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي 9 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزينگ، هوچي منهه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي. ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدترين کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. بينظير ڀٽو، شهيد: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي. بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا، پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو.

بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام ذهين ليڊر هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري جيڪو نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي ان سان ٿيو جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو.آصف علي هن وقت سابق صدر ۽ پارٽي جو ڪو چيئرمين جي حيثيت سان پارٽي کي هلائي رهيو آهي.

تم کردو قتل میری سانسوں کو، دفنادو میری آوازوں کو،
میرے لفظ ہلا کر رکھ دینگے، ایوانوں کے دروازوں کو

ڪنهن سوچيو هو ته هڪ شخص انارڪي جي دٻڻ ۾ ڦاسجڻ واري وقت تي سموري ملڪ کي انيڪ اهنجن کان آجو ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو .!هڪ اهڙو شخص جنهن لاءِ دنيا ڪجهه به چوي پرآءٰاهو چوندس ته اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي ڪرڻ هن جي ان زبا ن جو ڪرتب آهي. جيڪا زبان قيد و بند جون صعوبتون سهڻ وقت آيل ٽارچر ۾ زبان پڻ ڪپجي وئي هئي. آصف علي زرداري کي اڄ جي سياست جو اهڙو چيمپين ڪوٺيو پيو وڄي جنهنن جي سياست کي سمجهڻ لاءِ سينئر ترين سياسي کيڏاري به اهو اعتراف ڪري رهيا اهن ته کين پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي.

محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي اولاد جي وارث، سياست جي ميدان ۾ جاگنگ ڪندي “سياست جا ڪيئي رنگ روپ ڏٺا ، ڪيترائي سال عوامي سياست ڪرڻ جي باوجود هن جو حقيقي عوامي رنگ لڪيل رهيو ، ڇو ته هو اڳ ۾ جيڪا سياست ڪري رهيو هو ان ۾ هن جو عوام سان سنئون ســڌو واسطونه هيو ، ڇو ته هو عوامي سياست کي ايمان سمجهندڙ پيپلز پارٽي جي قيادت شهيد راڻي محترمه ٻينظير ڀٽو جي ليڊرشپ ۾ هڪ عام ادنيٰ ڪارڪن جيان پير کڻندو رهيو ۽ پارٽي اصولن ،ضابطن ءِ قاعدن جو احترام ڪندڙ آصف علي زرداري پنهنجي قيادت سان پير۾ پير ۾ ملائي هلڻ بدران انهن جي پيرن جي ڇڏيل نشانن پٺيان پير کڻي هلڻ ۾ عافيت محسوس ڪئي جيڪا هڪ نظرياتي ڪارڪن نشاني آهي . سياست جي سپه سالار ڀٽي خاندان سان سچائي ءِ ايمانداراڻي انداز ۾ پنهنجي وفائن جا مثال قائم ڪندي هر تڪليف، هردرد کي پنهنجي سر تي کڻندو رهيو.
شهيد عوام مٿان صعوبتن جا پهاڙ هجن، محترمه بيگم نصرت ڀٽو مٿان آيل اذيتون هجن، توڙي شهيد محترمه جي مٿان آتش فشان جيان ڪرندڙ تڪليفن جا جبل هجن ۽ ڏٺو وڃي ته خود آصف علي زرداري مٿان عوامي سياست جي ڏوهه ۾ ٽٽل عذابن جا بند به اکيون ٻوٽي پنهنجي سر تي کنيون بيٺو رهيو.

شهيد محترمه جي ٻئي حڪومتي دور ختم ٿيڻ کان محترمه جي جلاوطني ۽ مشرف جي آمريتي راڄ تائين ڊگهو عرصو جيلن ۾ واڙيل آصف علي زرداري ڪڏهن به محترمه جي ساٿ ۽ عوام لاءِ سياست تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ڪيو. عوامي سياست هن جي رڳ رڳ ۾ رت وانگر ڊوڙي رهي آهي. هن جي زندگي جو سڀ کان پهريون عزم سمورن عوامي اهنجن جو خاتمو آهي. محترمه جي ساٿ تي پنهنجي حياتي گهورڪرڻ هن جي وفا جو شعار رهيو. وفائن جي ميدان تي سدائين ثابت قدم رهندڙ هي بي ڊپو عوامي ليڊر آفريقين لاءِ جدوجهد ڪندڙ نيلسن منڊيلا کان گهٽ حيثيت وارو نه آهي. هو اڄ به محترمه شهيد پاران کيس منڊيلا ڪوٺڻ واري ڳالھ کي پنهنجي لاءِ سند جهڙو اعزاز سمجهندو رهي ٿو، ڇو ته هن لاءِ اهڙي ڪمينٽ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سرٽيفڪيٽ ڪونه آهي.
پاڪستان جي سياست جا شينهن سڏجندڙ جڏهن آمريت سان سوديبازي ڪري عيش و عشرت کي اهميت ڏئي خاموشي سان ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ نڪتا تڏهن جيلن جا جبل آصف علي زرداري مٿان ڪريل هئا،سوديبازي بدران پنهنجي فهم، فراصت توڙي سياسي عمل ۽ ثابت قدمي سان مشرف جي ڊگهي آمريتي راڄ جو خاتمو آڻيندڙ آصف علي زرداري ان ڏينهن سنئون سڌو عوام جي اڳيان آيو، جنهن ڏينهن سڄي ملڪ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي جو صدمو مليو ۽ هر پاسي کان انارڪي جي آنڌي جا سڙٻاٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا ته  اوچتو محترمه جي مزار تي پهتل غم ۽ غصي ۾ وڪوڙيل عوامي انبوهه مان پاڪستان نه کپي جو نعرو ٻڌجڻ ۾ آيو ته ان نعري جو جواب شهيدراڻي  جي ٽيجهي واري تقريب ۾ ڪارا ڪپڙا پهري ويٺل آصف علي زرداري پاڪستان نه کپي چوڻ وارن کي پاڪستان کپي جو نعرو لڳائڻ جي دعوت ڏيندي اهو چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي. هن ملڪ جي حفاظت اسان جي ذميداري آهي اسان پنهنجي ذميداري کان منهن نه موڙينداسين. اهڙي عزم، وچن واري خطاب کان پوءِ سڄي ان غم ۽ غصي واري ماحول ۾ ماٺار پئجي وئي. هن پاڪستان کپي واري نعري جو جواب انهن سياسي پارٽين کان به گهريو جيڪي پارٽيون ان وقت عام چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري چڪيون هيون، انهن پارٽين کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي ته جيئن جمهوريت جو سج اڀري ۽ ملڪ کي هر قسم جي انارڪي کان آجو ڪرائي سگهجي.

آصف علي زرداري جو اهو اصلي روپ هيو، جنهن هڪ وقت ۾ سمورو وايومندل غم ۽ غصي جي ڪيفيت کي گهٽ ڪري اليڪشن کي انتقام قرار ڏيئي عوام کي شهيد راڻي جي شهادت جو بدلو وٺڻ واري جنگ ۾ حصيدار بنائي ڇڏيو. اهو سندس فڪر ۽ فهم جي فراخدلي هئي جو غم ۽ غصي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ان وقت ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه عمل نه هيو. آصف علي زرداري فڪر، فهم ۽ سندس سوچ توڙي سياست جي اها اهڙي پهرين منزل هئي جنهن کي دنيا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي.

عوام انتقام ورتو جيڪي ڊنل هئا اهي ڊڄي ڊڄي ميدان ۾ لٿا، هر ڪنهن کي شهيد محترمه جي شهادت جي انتقام جي نالي تي ڪجهه نه ڪجهه ووٽ مليا پر نتيجا صرف ۽ صرف حقيقي عوامي فيصلي وارا ظاهر ٿيا جمهوريت اچي وئي. پوءِ ڪيمرائن جي اکين اهي لمحا  به ڪيپچر ڪيا، جيڪي لمحا هڪ الڳ تاريخ رقم ڪري رهيا هيا. ڪيميرا جي لينسز اهي منظر به محفوط ڪري ورتا، جن منطرن ۾ جمهوريت پنهنجي ڦوھ  جوانيءَ ۽ جمال سان پروان چڙهندي رهي. جمهوري حڪومت جڙڻ وقت پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي تنطيمي ڍانچي اندر به هر طرح سان جمهوري قدرن کي برقرار رکندي پارٽي اندر موجود سموري قيادتي قوتن کي هڪ راءِ فيصلو مڃرائيندي ولين جي سرزمين ملتان سان واسطو رکندڙ پ پ جي پراڻي ڪارڪن سيد يوسف رضا گيلاني کي وزارت عظمي جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ اڳتي وڌايو. يوسف رضا گيلاني کي ان عهدي جي ذميواري لاءِ ورتل فيصلو به آصف علي زرداري جي سياسي ڏاهپ جو شاندار مثال آهي جيڪوفيصلو پارٽي اندر ڊسپلين کي برقرار رکندي  ورتو ويو. جنهن سان سندس قد ڪاٺ اڃان وڌيو. شهيدراڻي جي شهادت کان پوءِ توڙي جو سڄي ملڪ مان ڀٽو جي جان نثار جيالن آصف علي زرداري کي پ پ جو حقيقي جان نشين سمجهيو، جيالن ڀٽو جي سياسي وراثي سندس حوالي ڪئي پر هن  بهادر انسان پ پ جي سياسي وراثت شهيدراڻي جي فرزند جي حوالي ڪندي پاڻ کي پارٽي جو ڪارڪن سمجھڻ کي پسند ڪيو. هي سندس ٽيون فيصلو هيو، جنهن سان ملڪ ۾ موجود پ پ جي جيالن جي دلين ۾ به ساڻس لاءِ همدردي ۽ محبت وڌي رهي هئي.

پنجاب اندر ڪيتري ئي وقت کان سرائيڪي بيلٽ جو عوام احساس محرومي جو دانهون ڪري رهيو هو ۽ ملتان سميت سرائيڪي بيلٽ جو عوام الڳ صوبي جو مطالبو پڻ ڪري رهيو هو. احساس محرومي جي دانهن هيٺ رهندڙ علائقي مان وزير اعظم منتخب ڪرڻ سان ڪنهن حد تائين ان احساس محرومي ۽ الڳ صوبي واري مطالبي کي ٻنجو اچي ويو۽ ان فيصلي سان ڪنهن حد تائين احساس محرومي واري ڌٻڻ جهڙي مشڪل تي حڪمت عملي سان ڪنٽرول رکڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿي وئي. وزير اعظم جي عهدي جي حوالي سان ڪيل فيصلي کي سموري ملڪ جي نه رڳو جيالن قبوليو پر ان سان سرائيڪي بيلٽ جي عوام جون دليون پڻ وڌيون. حقيقت ۾ اهي ئي فيصلا آهن جن کي ڏسي سياست ۾ اهم مقام رکندڙ ملڪ جي مايه ناز سياسي اڳواڻ اعتراف ڪيو هو ته ”سندس سياست کي سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻئي پوندي.“ ۽ سچ به اهو ئي آهي ته آصف علي زرداري جي سياست کي سمجهڻ ۽ سندس حڪمت عملين کي پرکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي. بينظير جي مشن کي هو اڄ تائين به پورو ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. اڄ سندس عقل ۽ ڏاهپ ۽ شهيد راڻي جي ڏنل تربيت کيس جيالن جي ايترو ته ويجھو آڻي ڇڏيو آهي آهي جيترو ڀٽي صاحب ۽ بينظير صاحبه جي ويجهو هئا. ان لاءِ ئي ته مخالفن کي آصف زرداري جي اچانڪ قومي اسيمبليءَ جي فلور تي اچڻ واري اعلان منجهائي ڇڏيو آهي ڇو ته آصف زرداري جي سياست کي سمجهڻ لاءِ سندن وٽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري نه آهي، هنن کي خبر آهي ته آصف زرداري واري مفاهمتي پاليسي واري شطرنج جا مهرا شطرنج وڇائڻ واري جي چئي ۾ اچي ويندا آهن. جيالن ۽ جمهوريت پسند ڌريون سندس اوچتي اعلان کي ملڪ لا۽ هڪ نيڪ شگون قرار پيا ڏين. جڏهن ته سياسي ۽ ادبي اداڪار سندس ان رمز کي سمجهڻ لا۽ تجزياتي ضرورتن لا۽ ڪتابن ۾ گم ٿي ويا آهن. آصف زرداري جو تازو امريڪي صدر جي حلف وفاداري ۾ شرڪت ڪرڻ سان ٻه اهو لڳي پيو ته ترقي پسند ڌريون بينظير جي ور جي صلاحيتن جواعتراف ڪندي کيس ان تقريب ۾ گھرايو. ماضي ۾ ايئن ڪڏهن به نه ٿيو  آهي جو رولنگ پارٽي کي ڇڏي مخالف گروپ کي اهميت ڏني وئي هجي.

سي پيڪ، سي پيڪ جو راڳ الاپيندڙ اڄ جا حڪمران ان سي پيڪ واري ڊولپمينٽ کي پنهنجي کاتي ۾ ڳڻائين پيا، حالانڪ ايران پاڪستان گئس لائين ۽ سي پيڪ پ پ پ جي پليٽ فارم تان آصف علي زرداريءَ جي ئي جدوجهد جو حصو آهن.

هوڏانهن قومي اسيمبليءَ جي سندس فلور تي اچڻ واري اعلان کي ٻڌي ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن کي ڏسي ڪرڪيٽ راند جا بيٽسمين به  آصف زرداري جي هن ان سوئنگ يارڪر ڊليوري کي سمجھڻ لاءِ سندن ٽيم ۾ شامل مختلف رانديگرن کان صلاحون وٺي رهيا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل هئا ۽ مشڪل وقت کيس ڇڏي آيا هئا. انهن جو کين اهو ئي چوڻ آهي ته ٿورو عقل کان ڪم وٺجو ورنا سندس هر اوور ۾ پنهنجا رانديگر آئوٽ ٿي ويندا. جڏهن ته لڪي ايراني سرڪس جا شينهن به هن اوچتي لينڊنگ تي حيران ۽ پريشان ٿي پيا آهن ۽ مالڪن جي اشارن کي نه پيا سمجهي سگهن.

ڀٽي بينظير جي نعري ۽ نطريي جي ئي تسلسل ۾ آصف زرداري جهڙي سياستدان جو هئڻ ۾ ئي پاڪستان جو وجود برقرار آهي.

justkashif88@gmail.com

 

 

 

ڪشمير مسئلو، گڏيل قومون ڪردار ادا ڪن..!

قومي اسيمبلي ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت ۽ انساني حقن جي ڀارتي خلاف ورزين جي خلاف متفقه قرارداد منظور ڪندي ڀارتي حڪومت پاران ڪشمير کي پنهنجو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ جي کل جوڳي دعويٰ کي رد ڪندي گڏيل قومن ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها سلامتي ڪائونسل جي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان قراردادن تي دنيا جي ٻين حصن وانگر عملدرآمد جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڀارت کي چوي ته اها گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت ملٽري آبزرور گروپ کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو مينڊيٽ پورو ڪرڻ جو موقعو ڏي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ اڻٿڪ حمايت کي ورجايو ويو آهي، جڏهن ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ آزادي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت کي پڻ ورجايو ويو آهي. قرارداد ۾ عالمي برادري کي چيو ويو آهي ته اها ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت تي زور ڏي ته هو ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ عوام جي انساني حقن ۽ خودمختياري جي حق جو احترام ڪري. قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي وعدي جي لاءِ سندس جدوجهد، حوصلي ۽ عزم کي سلام پيش ڪيو ويو آهي. قرارداد ۾ ڀارت پاران ڪشمير کي پنهنجو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ جي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت پاڻ ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو آهي ۽ هن ان کي آزاد گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ عالمي تڪرار تسليم ڪيو آهي. هي ايوان والاريل ڪشمير ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم ڪشميري شهرين تي قابض ڀارتي فوج پاران رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ هزارين معصوم ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. معصوم ڪشميرين جي خلاف پيلٽ گنن جي استعمال سان انهن کي اکين جي نور کان محروم ڪرڻ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جي خلاف ان جي استعمال کي 1949ع جي جنيوا ڪنوينشن، ان جي اضافي پروٽوڪول ون ۽ ٽو ۽ عالمي انساني قانونن جن ۾ غيرانساني هٿيارن جي جنگ ۾ استعمال پڻ منع آهي، انهن عالمي معاهدن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪارن قانونن جو ڪشميرين جي خلاف استعمال ۽ لاڳيتو ڪرفيو سان مقامي آبادي جي مسئلن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو عالمي انساني حقن جي ڪنوينشنز جي کليل خلاف ورزي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان عالمي برادري، انساني حقن جي وڪيلن پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، معصوم ڪشميرين جي خلاف ڀارتي هٿياربند فوج پاران طاقت جي استعمال تي افسوس جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ ٺوس قدم کڻي، جهڙي طرح هن ايسٽ تيمور ۽ سائوٿ سوڊان جي خودمختياري جي حق جي قراردادن جي ڪيس تي کنيا آهن. قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڀارت کي چوي ته هو گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت ملٽري آبزرو گروپ کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو مينڊيٽ پورو ڪرڻ جو موقعو ڏي.