تازيون خبرون

Daily Archives: February 8, 2017

ايل او سي تي شهيد ٿيل جي خاندانن کي 5 لک ۽ زخمين کي ڏيڍ لک رپيا في ڪس ڏنا ويندا: وفاقي ڪابينا

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينه افغان مهاجرن جي واپسي لاءِ پاليسي ۽ سڌوسنئون چونڊن ۾ هر پارٽي تي عورتن لاءِ 5 سيڪڙو لازمي ڪوٽا جي منظوري ڏيئي ڇڏي اڱاري تي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چونڊ سڌارا ۽ احتساب ڪميشن سميت 32 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ افغان مهاجرن جي واپسي واري پاليسي جي منظوري ۽ چونڊن ۾ هر پارٽي تي عورتن جي لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا رکڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو. ان کان سواءِ خاص ماڻهن جي لاءِ پوسٽل بئلٽ جي منظوري به ڏني ويئي. وفاقي ڪابينه کي افغان پاليسي تي پيش ڪيل سفارشن ۾ چيو ويو ته غير رجسٽرڊ مهاجرن جي داخل ٿيڻ واري معاملي تي ۽ ويزا جي درجه بندي مختلف گروپن کي سهولتون ڏيڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪابينه افغان مهاجرن جي لاءِ قانون جوڙڻ جي معاملي تي صلاح مشوري جي به سفارش ڪئي ويئي ۽ چيو ويو ته بارڊر ريگيوليٽ ڪرڻ سان مهاجرن جي آمدرفت جي نظام ۾ بهتري آئي آهي ذريعن موجب اجلاس دوران 33 نقاطي ايجنڊي ۾ احتساب ڪميشن ورڪنگ بائونڊرتي تي ڀارتي فائرنگ سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ قائم ڪابينه ڪميٽي جي رپورٽ گردي ۽ جگر ڪيسر بون ميرو ٽرانسپلانٽ سميت مختلف مرضن جو شڪار غريب ۽ لائق شهرين جي علاج کان سواءِ سڄي ملڪ ۾ 500 ۽ 100 بسترن جي اسپتال جي تعمير ۽ هيلٿ انفرااسٽريڪچر اينڊ مئنجمينٽ ڪمپني جي قيام جا معاملا به شامل هئا. اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان 100 کان 500 بسترن جي اسپتال جي اڏاوتن جو منصوبو غور هيٺ آهي وفاقي ڪابينه پرڏيهي ڪمرشل قرضن ايويئيشن جي هيليڪاپٽرن جي مرمت لاءِ 38 ڪروڙ رپين سميت ٽي ڊي اي پي ۽ اي پي بي بنگلاديش ۾ مفادتي يادداشت جي منظوري ڏيڻ تي به غور ڪيو ويو وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ روس جي فوجين کي پاڪستان ۾ تربيت جي معاهدي تي ڳالهه ٻولهه سميت پاڪستان ۽ چين جي آڊٽ ادارن ۾ تعاون جي يادداشت کان سواءِ ايران بيلارس آذربائيجان سينيگال ۽ ڪرغستان سميت فرانس سان گڏيل تعاون جي سمجهوتن کي به منظوري لاءِ پيش ڪيو. وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ توانائي جي ڪميٽي اي سي سي ڪابينه نجڪاري واري ڪميٽي جي فيصلن ۽ اسٽيٽ بئنڪ سميت ايراني بئنڪ ۾ ادائيگين جي معاهدي جي به منظوري ڏني ويئي.

 

هاڻي انگريز جو قانون نه هلندو، ڪراچي کي ڪيستائين رينجرز جي بيساکي تي هلايو ويندو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (اين اين آءِ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته 96 ۾ آپريشن ڪامياب بڻائيندڙ آفيسرن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو ويو ۽ انهن کي قتل ڪندڙ اعليٰ ايوانن ۾ پهچي ويا آهن، ڪراچي کي رينجرز جي ڪاررواين تي ڪيستائين هلايو ويندو، سوچڻو پوندو ته پوليس ۽ رينجرزجي ڪاررواين جي ضرورت ڇو پئي، اڱاري تي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي دوري تي واپارين کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو نه ٿيڻ گهرجي ته اسان ٻين تي دارومدار رکون، سرڪاري ادارا عوام جي اميدن تي پورا نه لٿا، سنڌ پوليس ۾ پهريون ڀيرو شفاف ۽ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون آهن، آءِ جي سنڌ چيو ته 80 جي آخري ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ قتل جو بازار گرم هو، 1996 ۾ پوليس ڪراچي ۾ اڪيلي سر نهايت ڪامياب آپريشن ڪيو پر ماضي جي آپريشن کي سياست جي ور چاڙهيو ويو ۽ آپريشن ڪندڙ سوين پوليس آفيسرن کي ڳولي ڳولي رستن تي شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس آفيسرن کي قتل ڪرڻ وارا ايوان ۾ ويٺا رهيا، پوليس آفيسرن جي قتل تي سول سوسائٽي خاموش رهي، هن چيو ته اهو دورو هو جڏهن پوليس وارا پنهنجو منهن لڪائيندا هئا ۽ ڪير به وردي ۾ ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ تيار نه هو، پوليس جو معيار ڪري چڪو هو، اهي ئي سبب هئا جنهن سبب شهر کي ٻين جي آسري تي رکڻو پيو، هن چيو ته ڏسڻو پوندو ته ڏوهاري پڪڙ کان ڇو پري آهي ۽ سوچڻو پوندو ته پوليس کي رينجرز جي مدد جي ضرورت ڇو پئي، هن شهر کي رينجرز جي رحم ڪرم تي ڪيستائين هلايو ويندو، اهو نه ٿيڻ گهرجي ته اسان صرف انهن جي آسري تي هلون، 1861 جي قانون تحت ايڪهين صدي ۾ ڪم نه ٿي سگهيو، ادارن ۾ بهتري آڻڻ هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه آهي پر اها ڳالهه به سچ آهي ته سرڪاري ادارا عوام جي اميدن تي پورو نه لٿا ۽ معاشري ملڪ جو قدر نه ڪيو، ادارن کي ٺاهڻ ۾ ماڻهن جو ڪردار اهم هوندو آهي، اسان کي پنهنجو ڪردار سٺي نموني ادا ڪرڻ گهرجي.

 

متحده سربراهه جا ريڊ وارنٽ جاري، انٽرپول سان ربطي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزارت متحده باني الطاف حسين جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي آهي، ايف آءِ اي جي درخواست تي گھرو وزارت ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ريڊ وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ متحده سربراهه کي پاڪستان آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي متحده سربراهه جي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ڪجھه ڏينهن اڳ ايف آءِ اي ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتاريءَ جي لاءِ گھرو وزارت کي متحده سربراهه جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي.

 

ڪرپش خلاف عدالتي اختيارن جي ڪا به حد ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ڪرپشن جي خلاف اختيارن جي ڪابه حد نه هوندي آهي اڱاري تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ غير قانوني ايڪسچينجز بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي عدالت نيب کي هڪ مهيني ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ٻڌڻي دوران ايل ڊي آءِ ڪمپني جي وڪيل خواجه حارث رينٽل پاور ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان معاملي ۾ عدالت شڪايت ڪندڙن جو ڪردار ادا ڪيو ان سان ادارا دٻاءُ ۾ اينداچيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي شڪايت ڪندڙ نه بڻجڻ گهرجي پر اسان ڪرپشن کي برداشت نٿا ڪري سگهون اسان کي ادارن مان ڪرپشن ختم ڪرڻي آهي ان سلسلي ۾ اختيارن جي ڪابه حد نه آهي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عدالتي دائري کي وڏائي به سگهجي ٿو ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اپريل جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي.

 

ملڪ کي آئين، قانون تحت هلائڻو آهي نه ئي شخصيتن ۽ خواهشن موجب: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اهڙا بيان توهين عدالت جي زمري ۾ ٿا اچن، هن چيو ته ملڪ کي آئين، قانون تحت هلائڻو آهي نه ئي شخصيتن ۽ خواهشن موجب، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته انصاف امير ۽ غريب عوام ۽ حڪمرانن لاءِ هڪ جهڙو هئڻ گهرجي ، سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪمزور لاءِ هڪ قانون ۽ طاقتور لاءِ ٻيو قانون انصاف جي منافي آهي، سپريم ڪورٽ جي چانئنٺ تي انصاف ۽ عدالت جي خواهش جي برعڪس دعوائون ڪيون پيون وڃن، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ پارليامينٽ وچ ۾ گهڻو فرق آهي.

 

مراد علي شاهه جو نيپا ۽ حسن  اسڪوائر جو دورو، سنگل روڊن تي پارڪنگ فوري ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي  (اين اين آءِ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم تيزيءَ سان جاري آهن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪمن جي معيار کي ڏسندي انهن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجي اوچتي دوري دوران ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ پنهنجو اهو دورو ڪراچي پئڪيج جي لاڳاپيل آفيسرن کي اطلاع ڏيڻ بغير ڪيو. هن يونيورسٽي روڊ، حسن اسڪوائر کان ڪراچي يونيورسٽي جو دورو ڪندي حسن اسڪوائر تي ڪم جي رفتار ۽ معيار جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي اسٽاف کي ٽريفڪ روڪڻ کان منع ڪيو ۽ چيو ته ٽريفڪ جي روانيءَ کي هرگز نه روڪيو وڃي، مان پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهيان، اوهان عوام کي تڪليف نه پهچايو. هن چيو ته روڊ جي تعمير جو ڪم ڏينهن رات ٿيڻ گهرجي، عوام ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان موقعي تي  وڏي وزير ترقياتي ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن روڊن جي صفائي ۽ حددخلين جو به معائنو ڪيو ۽ روڊن جي ڀرپاسي حددخلين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو. هن لاڳاپيل ڊي ايم سي کي حددخلين جي خاتمي ۽ روڊن ڀرسان گند ڪچري کي صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سيد مراد علي شاهه ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته طارق روڊ تي گاڏين کي پارڪ نه ڪيو وڃي، هڪ پاسي روڊ تي ٽريفڪ جاري آهي ۽ ٻئي پاسي گاڏين جي پارڪنگ، ان کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن ٽريفڪ جي رواني ۾ ڪو خلل پيدا نه ٿئي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومري فون تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حسن اسڪوائر کان بيت المڪرم تائين هڪ ٽريڪ تعمير ٿي چڪو آهي ۽ طارق روڊ الله واري چورنگي کان لبرٽي تائين روڊ جا ٻئي پاسا به مڪمل ٿي ويا آهن. جنهن تي وڏي وزير لاڳاپيل ڊي ايم سي کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي.

 

گورنر سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي سان ملاقاتون، ترقياتي منصوبن ۽ امن امان تي ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): گورنر سنڌ محمد زبير وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران ترقياتي منصوبن توڙي امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر سنڌ محمد زبير چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، جڏهن ته ترقياتي منصوبن تي ڪم پڻ هلي رهيو آهي،جن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو، ان دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ محمد زبير گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سنڌ جي گورنر محمد زبير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ ڪراچي آپريشن منطقي انجام تائين جاري رکڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو، سنڌ جي گورنر چيو ته ڪراچي جي اصل سڃاڻپ بحال ڪرڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.  سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته امن جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن بي شمار قربانيون ڏنيون آهن، ڪراچي سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ آئيڊيل شهر آهي.

 

ڀٽي کي ڦاهي وارو فيصلو عدالت جو نه ضياءُ جو هو، پ پ ادارن سان تڪرار نٿي چاهي، پنجاب حڪومت کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي عدالت جو نه پر اڳوڻي آمر ضياءُ الحق جو فيصلو هو. ڀٽو ته امر ٿي ويو پر انهي کي ڦاسي تي چاڙهڻ وارو جو ڪير به نالو نه ٿو کڻي. هن شڪايت ڪئي هئي ته وفاق سنڌ سان سٺو سلوڪ نه ٿو ڪري جنهن جو جيئرو مثال پنجاب ۾ اربين روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن پر سنڌ کي سندس جائز حق به نه ٿو ڏنو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جو جائز حق ڏنو وڃي ڇو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيڻ وارو صوبو آهي پر سنڌ کي ترقياتي فنڊن ۽ پيڪيجز کان محروم رکيو ويندو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ادارن سان تڪرار نٿي چاهي، حڪمرانن جي هٿ جادوئي لٺ لڳي وئي آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مولا بخش چانڊئي چيو ته پنجاب حڪومت کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي. بجلي جو بهانو ڪري مخالفن گهرن کي باهيون لڳايون ويون.

 

پاناما مان واندا ٿي سنڌ طرف اينداسين، هت ڪرپشن جي ڪري ماڻهن کي پاڻي نه پيو ملي: عمران خان

ڪراچي (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ سنجينده نه آهي، شهر جي وڏي آبادي کي اڃ ماريو پيو وڃي، حڪومت جو ڌيان عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران ڪرپشن تي آهي، جلد پاڻي جي فراهمي لاءِ حڪومت خلاف روڊن تي اينداسين، هو گلستان جوهر صفوران ڳوٺ ۾ قائم هائيڊرن جي اڳيان ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته ڪراچي کي مختلف مافيا پنهنجي چنبي ۾ ورتو آهي ۽ ان سموري مافيا کي حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان شهرين کي محروم رکڻ انتهائي نااهلي جو ثبوت آهي، هن چيو ته پاڻي مافيا سياسي سرپرستي ۾ عوام جي تڪليفن ۾ واڌ ڪري رهيو آهي، جلد پي ٽي آءِ ڪراچي جي عوام لاءِ رستن تي نڪرندي، ان کان اڳ ڪراچي اچڻ کانپوءِ عمران خان دارالعلوم فاروقيا ۾ مولانا سليم الله خان جي لاڏاڻي تي ان جي پٽن سان تعزيت ڪئي. ان جي ديني خدمتن کي ساراهيندي عمران خان چيو ته ان جي لاڏاڻي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي ان کي ڀرڻ مشڪل آهي، ان کانپوءِ عمران خان ايڪسپو سينيٽر ۾ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي خوف تي ڪنٽرول ڪري، هارائڻ کان ڊڄڻ وارو بزدل ڪڏهن به ليڊر نه بڻجي سگهندو آهي، سياست ۾ خدمت بدران پيسا ڪمائڻ اچن ٿا، سياست هڪ اهم ذميواري آهي جيڪا عوام جي امانت عوام تائين پهچائڻي هوندي آهي، هن چيو ته 70 ڪروڙ ۾ ٺهندڙ شوڪت خانم اسپتال ۾ اڄ 4 ارب رپيا ساليانو غريب مريضن جو مفت علاج ٿئي ٿو، خدمت جو جذبو هجي ته ڪنهن سياسي منصب جي ضرورت نه هوندي آهي، لاهور ۽ پشاور کانپوءِ سڀ کان وڏي شوڪت خانم اسپتال ڪراچي ۾ مڪمل ٿي ويندي. نمل يونيورسٽي 90 سيڪڙو اسڪالرشپ تي تعليم ٻارڙا حاصل ڪري رهيا آهن جنهن ۾ بريڊ فورڊ يونيورسٽي لنڊن جي ڊگري ڏني ويندي آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر عارف علوي، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري عمران اسماعيل، فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا.

 

متحده ڪارڪنن ڀارت مان دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪئي، را جي فنڊنگ ڪراچي ۾ ٿيندي رهي: سليم شهزاد جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ايم ڪيو ايم اڳواڻ سليم شهزاد کي 18 فيبروري تائين جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي، سليم شهزاد جو چوڻ آهي ته گردن ۽ جگر جو ڪينسر آهي، گرفتاري جو اندازو نه هو، شرجيل ميمڻ کي ڏسو اهو حفاظتي ضمانت تي آهي. سليم شهزاد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جي موڪل هئڻ سبب هن کي لنڪ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ ان جي وڪيل طرفان علاج جي درخواست ڪئي وئي. هن چيو ته منهنجي موڪل جو ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، سوچيو هئو ته ايئرپورٽ تان سڌو سنڌ هاءِ ڪورٽ وڃي ضمانت ڪرائيندس. عدالت ريمارڪس ڏنا ته سليم شهزاد جي ميڊيڪل چيڪ اپ بابت سپرنٽنڊنٽ جيل کي لکنداسين. وڪيل چيو ته سليم شهزاد جا 2 موبائيل فون ۽ برٽش پاسپورٽ پوليس وٽ آهي. بئي طرف  متحده جي اڳوڻي اڳواڻ سليم شهزاد انڪشاف ڪيو آهي ته متحده جي عسڪري ونگ جي ڇوڪرن ڀارت مان دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪئي. گذريل ڏينهن دبئي کان ڪراچي پهچڻ تي ئي گرفتار ٿيل متحده جي اڳوڻي اڳواڻ سليم شهزاد جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي لاءِ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي فنڊنگ ڪراچي ۾ ٿيندي رهي. سليم شهزاد جاچ دوران پوليس اختيارين کي ٻڌايو ته جاويد لنگڙو ڀارت ۾ ويهي دهشتگردي جو نيٽ ورڪ هلائيندو آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي رائو انوار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سليم شهزاد کان جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي بڻائي ويندي ۽ ان جي لاءِ گهرو کاتي کي اڄ خط لکيو ويندو.