تازيون خبرون

Daily Archives: February 7, 2017

وزير اعظم پاران پي او ايف جي عملي لاءِ 25 سيڪڙو الائونس ۽ 2 سالن جي انڪريمنٽ جو اعلان

واهه(م.ڊ)  وزيراعظم محمد نواز شريف سومر ڏينهن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري ۾ براس مل جي اپ گريڊيشن جو افتتاح ڪيو، اپ گريڊيشن کانپوءِ پي او ايف جي براس مل ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي نوعيت جي سڀ کان وڏي مل بڻجي وئي آهي ۽ ان جو ڳاڻيٽو براس جي پيداوار جي ناليوارين ڪمپنين ۾ ٿئي ٿو. وزيراعظم چيف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا سان گڏ براس مل جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. براس مل جي پيداوار صلاحيت هاڻي ۸ هزار ميٽرڪ ٽن مان وڌي ۲۴ هزار ميٽرڪ ٽن ٿي وئي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم کي مل جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي جيڪا ۱۹۵۴ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هي مل ملڪ جون دفاعي ضرورتون سٺي انداز ۾ پوريون ڪري رهي آهي ۽ اضافي مصنوعات برآمد به ڪري رهي آهي کيس ٻڌايو ويو ته جديد ترين مل جي معاملن جي نگراني باصلاحيت پروفيشنلز جي ٽيم ڪري رهي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي ٽيم پنهنجون ڪوششون جاري رکندي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم پي او ايف جي مصنوعات جي معيار ۽ افرادي قوت جي جذبي کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي سفارش تي پي او ايف جي عملي جي لاءِ ۲۵ سيڪڙو الائونس ۽ ٻن سالن جي انڪريمينٽ جو پڻ اعلان ڪيو. گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ دفاعي پيداوار وارو وزير رانا تنوير حسين به وزيراعظم سان گڏ هئا.

 

ڊان ليڪس معاملي جاچ مڪمل، رپورٽ به جمع ڪرائي وئي، ٽي ڄڻا ڏوهي قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊان ليڪس جي معاملي جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ به جمع ڪرائي وئي آهي، جاچ کان پوءِ ٽي ڄڻا سڌ سماءَ جو اڳوڻو وفاقي وزير پرويز رشيد، وزيراعظم جو خاص صلاحڪار طارق فاطمي ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر رائون تحسين علي خان کي سڪيورٽي ليگ جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مريم نواز ۽ پرسنل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي ڪلين چٽ ڏني وئي آهي، خانگي ٽي ويءَ جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڊان ليڪس جي جاچ ڪندڙ ڪميٽيءَ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ خبر ڇاپيندڙ ڊان جي صحافي سرل الميڊا سميت ٻين شخصيتن جي فون ڪالن ۽ گڏيل رابطن کي به رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي اطلاعات واري وزير پرويز رشيد صحافي سرل الميڊا سان 8 ڀيرا فون تي رابطو ڪيو جڏهن ته هو ڊان جي ايڊيٽر سان به لاڳيتو رابطي ۾ رهيو. وزيراعظم جو پرسنل سيڪريٽري فواد حسن فواد به سرل الميڊا کي ٻه ڀيرا ميسيج جڏهن ته وزيراعظم جي ڌيءُ مريم نواز به سرل سان ٽي ڀيرا فون تي ڳالهه ٻول ڪئي. جاچ ڪندڙن جي سامهون پيش ٿيندڙ شاهدن مان ڪنهن به مريم نواز يا فواد حسن فواد خلاف شاهدي نه ڏني. جاچ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سرل الميڊا کي پرويز رشيد پنهنجي آفيس ۾ گھرايو جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف جي خاص صلاحڪار طارق فاطميءَ پرنسپل انفارميشن آفيسر رائو تحسين علي خان سان گڏجي قومي معاملي بابت خبر جو ڊرافٽ تيار ڪيو هو، ان جي لاءِ هي ٽئي ڄڻا سڪيورٽي ليڪس جا ذميوار آهن.

 

پ پ جي ڪئمپ تي حملو، شوڪت بسرا زخمي، سيڪريٽري مارجي ويو، پارٽي قيادت جو سخت رد عمل

هارون آباد/اسلام آباد/ڪراچي (اين اين آءِ)  سياسي مخالف طرفان پيپلز پارٽي جي ڪيمپ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پ پ اڳواڻ شوڪت بسرا زخمي ۽ سندس پرنسپل اسسٽنٽ امتياز مارجي ويو. اڳوڻي صدر ۽ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي ذميوارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. شوڪت بسرا مسلم ليگ ضيا جي ايم اين اي اعجاز الحق ۽ ايم پي اي طرفان مختلف ماڻهن جي خلاف ڪوڙ ڪيس داخل ڪرائڻ تي گذريل احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. شوڪت بسرا پنهنجي اعلان موجب اڄ ڌماڪا چوڪ پهتو ۽ ڪارڪنن سان گڏ ڌرڻو ڏنو. مخالفن ڌرڻي جي لاءِ لڳايل ڪيمپ تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ شوڪت بسرا زخمي ۽ سندس سيڪريري امتياز مارجي ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي اطلاعات واري سيڪريٽري شوڪت بصرا تي قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ڇنڇر تي جاري هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شوڪت بصرا تي حملو ۽ ان جي سيڪريٽري جي شهادت کليل دهشتگردي آهي پنجاب ۾ پ پ پ جي اڳواڻن تي حملي سان (ن) ليگ ۽ ضياء جا دوست ڪامياب نٿا ٿي سگهن هن چيو ته شوڪت بصرا عوام ۽ جمهوريت جا دوست سپاهي آهن اهڙن حملن سان پ پ پ جي اڳاوڻن کي ڊيڄاري نٿو سگهجي شوڪت بصرا تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي فوري گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

 

پاڪستان جو بحرين کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ملڪ بحرين کي سي پيڪ منصوبي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ بحرين جي گذريل ٽن سالن ۾ بهترين لاڳاپا جڙيا آهن، بحرين کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي دعوت ٿا ڏيون. بحرين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته بحرين جا سيڙپڪار توانائيءَ جي شعبي ۾پاڪستان ۾ سيڙپ ڪن. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي معاهدي تي صحيحون ٿيون آهن، بحرين تازو ئي پاڪستان کي يونيورسٽيءَ جو تحفو ڏنو، پاڪستان ۽ بحرين تعليم جي شعبي ۾ به سهڪار ڪري رهيا آهن، سرتاج عزيز چيو ته پاڪ بحرين گڏيل بزنس ڪائونسل جي جلد قيام تي اتفاق ٿيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف ٺاهن جا معاهدا به موجود آهن.36

 

سي پيڪ جي اولهه روٽ ۾ هڪ انچ جي به تبديلي ناهي ڪئي وئي : صدر ممنون حسين

ڪراچي (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڀرپور پيداوار شروع ٿي چڪي آهي جنهن سان ترقي جو عمل تيز ٿيندو ايندڙ سال تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي پاڪ چين اقتصادي رهداري منصوبو قومي ترقي جو سنگ ميل ثابت ٿيندو قوم ترقي جو رستو روڪڻ وارن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ملڪ ۾ بجلي جي ڀرپور پيداوار شروع ٿي چڪي آهي آپريشن ضرب عضب ۽ بلوچستان آپريشن ڪاميابي تائين جاري رهندو ملڪ ۾ هاڻي ڪنهن به دهشتگردي جو دور نه ايندو اهرن خيالن جو اظهار هن سومر تي فوجي فرٽيلائيزر جي بجلي گهر جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو اهو بجلي گهر 118 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ان پلانٽ کي ماحول دوست بنائڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن افتتاح تقريب ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير الدين ساڻس گڏ هو صدر چيو ته تونائي بحران سبب زرعي شعبو بري طرح متاثر ٿيو ۽ ملڪ ۾ ڀاڻ جي به کوٽ ٿي پر هاڻي حالتون بهتر آهي صدر چيو ته نجي ادارا به بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ جي عمل ۾ شامل ٿي چڪا آهن هن چيو ته اها خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته فوجي فرٽيلائيزر جي پلانٽ سان ڪراچي جا شهري به فائدو وٺندا. حڪومت روايتي طريقن کان سواءِ سج، ڪوئلي ۽ ايٽمي توانائي مان به بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا آهن. ايندڙ سال بجلي جو بحران ختم ٿي ويندو ان سلسلي ۾ حڪومت ٺوس منصوبا بندي ڪئي آهي جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي حڪومت زرعي شعبي تي به ڀرپور ڌيان ڏيئي رهي آهي حڪومت ڀاڻ ۽ ڪڻڪ تي خاص رعايت ڏني آهي. جنهن سان هاري خوشحال ٿيندو ملڪ جي ترقي 70 جي ڏهاڪي کان متاثر ٿي جسٽس منير جي فيصلي ملڪ جي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا اهڙي طرح 1999 کان پوءِ ملڪ جا 15 سال ضايع ٿي ويا. ڪراچي ۽ فاٽا جا ماڻهو دهشتگردي کان وڌيڪ متاثر ٿيا پر هاڻي حالتون بهتر آهن. ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو نئون دور اچي رهيو آهي اڪنامڪ گروٿ 2019 تائين 7 سيڪڙو ٿي ويندي تقريب ۾ صدر ممنون حسين جي خطاب کان پهريان ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ خالد نواز خان ايم بي فوجي فائونڊيشن ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ محمد هارون ۽ ٻين به خطاب ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي نئين گورنر ڪراچي ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا تقريب جي آخر ۾ صدر ممنون حسين پلانٽ جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڪارڪنن ۾ ايوارڊ به ورهايا.

 

بزدلاڻين اٽڪلن سان پ پ کي ڊيڄاري يا جھڪائي نه ٿو سگھجي، بسرا تي حملي جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه پ پ اڳواڻ شوڪت بسرا تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته شوڪت بسرا تي قاتلاڻو حملو کُليل دهشتگردي آهي، سيد خورشيد شاهه پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بزدلاڻن اٽڪلن سان پيپلز پارٽيءَ جي ڊيڄاري يا جھڪائي نه ٿو سگھجي، پيپلز پارتيءَ جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي، اسان سسي ڪٽائڻ ڄاڻون ٿا پر ظالم ۽ جابر جي اڳيان جھڪڻ نه ٿا ڄاڻو، پ پ اڳواڻ تي حملو ڪندرن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي، هي مُلڪ عوام جو آهي، اسان ڪنهن جي سياسي هڪ هٽي قبول نه ڪنداسين، مخالف ڌر اڳواڻ حملي ۾ شوڪت بسرا جي اسسٽنٽ جي مارجي وڃڻ تي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.36

 

يو ايس ايڊ توانائي، معاشي ترقي، زراعت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪيترن ئي پورگرامن ذريعي تعاون ڪري رهيو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) يونائٽيڊ اسٽيٽس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ (يو ايس ايڊ) سنڌ جي ماڻهن سان توانائي، معاشي ترقي، زراعت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن ذريعي تعاون ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه اڄ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يو ايس ايڊ جي هڪ وفد سان ڳالهه ٻول ڪندي ڪئي، وفد جي اڳواڻي مشن ڊائريڪٽر جان گارڪ ڪئي، وفد جي ٻين ميمبرن ۾ ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر مس ڊينس اي هربول، يو ايس ايڊ جي صلاحڪار ذوالفقار گورو ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي رٿابندي ۽ ترقيات وارو صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ شامل هو. يو ايس ايڊ 66 ملين ڊالرن جي لاڳت سان سنڌ ميونسپل سروسز پروگرام (ايم ايس پي) جنهن جو مقصد اتر سنڌ ۾ پبلڪ انفرا اسٽريڪچر ۽ ميونسپل کي بهتر بڻائڻ آهي. ان پروگرام جو مرڪز جيڪب آباد ميونسپل پروجيڪٽ آهي جنهن تحت پاڻي، صفائي ۽ سالڊ ويسٽ انفرا اسٽريڪچر تي ڪم ٿي رهيو آهي. ايم ايس پي تحت ٻه لک پنجاهه هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿي سگهندو. 2014ع کان يو ايس ايڊ يونائيڊ نيشن چلڊرين فنڊ (يو اين سي ايڇ) جي گڏيل ڀائيواريءَ سان ايم ايس پي کي سپورٽ ڪري رهيو آهي، ان تحت سوشل موبيلائيزيشن ۽ ترقياتي اسڪيمن جي گنجائش ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته جيڪب آباد واري منصوبي جو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر تي زور ڀريو ته هُو اهڙا پروگرام جوهي، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه، شهدادڪوٽ، قمبر علي خان ۾ به شروع ڪري. هن چيو ته انهن پنجن شهرن لاءِ اوريجنل پروجيڪٽ جي منظوري به ڏني وئي آهي. مشن ڊائريڪٽر چيو ته هُو منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺندو ۽ سنڌ حڪومت سان فني سهڪار کي وڌايو ويندو. سيد مراد علي شاهه اڪنامڪ گروٿ ۽ زرعي شعبن بابت به ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته اهي منصوبا لائيو اسٽاڪ، ڀاڄين ۽ باغيچن واري شعبي ۾ به سهڪار ڪندو. ان پروجيڪٽ جي بدولت 265 ملين ڊالر جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو، 16000 پروڊيوسر لاءِ 20 سيڪڙو آمدني ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٽيهه هزار ملازمتون پيدا ٿينديون. هن چيو ته اهو تمام  اهم منصوبو آهي ۽ سندس حڪومت ان تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. ٻيو منصوبو جنهن تي غور ڪيو ويو ونڊ انرجي جو آهي، جنهن لاءِ ٽرانسميشن لائين ونڊ پروجيڪٽ کان نيشنل گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍڻ جي تعمير لاءِ 43 ملين ڊالرز جي فراهميءَ جو ارادو ڪيو آهي ۽ اهو هڪ ڀيرو مڪمل ٿي وڃي ته ٽرانسميشن لائين مان اٽڪل 2.6 ملين ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا. ٻيا منصوبا جيڪي غور هيٺ آيا، انهن ۾ تعليم، صحت، اسڪالرشپ پروگرامز، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۽ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (جي آءِ ايم ايس) شامل هئا. سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (ايس بي اي پي) تحت يو ايس ايڊ 155 ملين ڊالرز فراهم ڪري رهي آهي، جن سان ستن اترين ضلعن ۽ ڪراچي ڊويزن جي پنج ضلعن جي اسڪولن ۾ شاگردن جي اينرولمينٽ وڌائي ويندي. ايس بي اي پي تحت 100 نوان اسڪول تعمير ڪيا ويندا ۽ ٻن لکن کان وڌيڪ ٻارن کي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو. صحت جي شعبي تحت ميٽيرنل اينڊ چائيلڊ هيلٿ (ايم سي ايڇ) پروگرام 400 ملين ڊالرز جي لاڳت سان 2012ع ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن تحت ري-پروڊڪٽو هيلٿ ۽ فيملي پلاننگ جي شعبن ۾ تعاون ڪيو ويو، جنهن جي بدولت زچگي جي دوران نون ڄاول ٻارن ۽ ٻارن جي موت واري شرح ۾ گهٽتائي ٿي. يو ايس ايڊ جي فنڊنگ سان قائم جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز (جي آءِ ايم ايس) 133 بسترن تي مشتمل آهي، جتي هڪ ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي طبي سهولتون ڏينون پيون وڃن. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) سان يو ايس ايڊ 1950ع کان سهڪار ڪري رهيو آهي. يو ايس ايڊ 2012ع ۾ 60 بسترن تي ٻڌل فسٽلا (ٖFistula) ۽ اوبي گائني وارڊ تعمير ڪيو، جنهن ۾ ساليانو هڪ لک چاليهه هزار عورتن کي صحت جو سهولتون ۽ 1300 هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز کي تربيت ڏني پئي وڃي. وڏي وزير مشن ڊائريڪٽر سان ريزيلنس پروگرام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪو اصل ۾ يوٿ ورڪ فورس ڊولپمينٽ پروگرام (واءِ ڊبليو ڊي پي) آهي، جنهن تحت نوجوان ماڻهن ۽ ڪميونٽيز جي صلاحيتن ۽ ريزيلنس کي بهتر بڻائڻ آهي. ڪراچي ۾ ستن ملين ڊالرن جي لاڳت سان امن انسٽيٽيوٽ آف ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ ٽن سالن جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن تحت غريب نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي آهي، ان سان گڏوگڏ يوٿ ايمپلائيمينٽ پروجيڪٽ 13000 کان وڌيڪ نوجوانن کي فني تربيت فراهم ڪئي ويندي آهي. وڏي وزير يو ايس ايڊ مشن پاران سهڪار ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا.

 

قومي اسيمبليءَ فوجداري قانونن ۾ ترميم جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ فوجداري قانونن ۾ ترميم جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ترميمي قانونن ۾ چائلڊ ليبر، فرقيواريت يا مذهبي ڏُڦيڙ جي ڏوهه ۾ به سزائن ۾ به واڌ جي تجويز ڪئي وئي آهي، غلط ڄاڻ، زوري شادي ۽ بي گناهه کي قتل ڪرڻ تي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جي شق کي شامل ڪيو ويو آهي.36

 

اسان کي سياست مان نيڪالي ڏيڻ جون سازشون ڪندڙ پاڻ به ساست نه ڪري سگهندا: خواجا سعد رفيق

هري پور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان کي ڪير به سازش ڪري سياست مان ڪڍي پاڻ به سياست نٿو ڪري سگهي، اسان هٿن ۾ چوڙيون ناهن پاتيون، پنهنجي حڪومت بچائڻ ڄاڻون ٿا. خواجا سعد رفيق ن ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي عدالت ۾ ن ليگ جو ڪيس کڻي آيو آهيان، ملڪ جو عوام فيصلو ڪري ته الزام، گاريون، ڪوڙ، بهتان ۽ ڪردار ڪشي ڪيتري دير ٻڌندو؟ تحريڪ انصاف وارن کي ڪو ڪم ته آهي ڪونه، رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ تي زور اٿن. منهنجو عوام کان سوال آهي ته نواز شريف جي جماعت کي پاڪستان جي خدمت جو موقعو مليو ته ملڪ جو ڪهڙو حال هو؟ اسان جڏهن حڪومت سنڀالي تڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي عام هئي ۽ قوم جو خزانو خالي ٿي چڪو هو، ڪراچي ۾ سوين ماڻهو ماريا ويندا هئا، جن جو ڪو ڌڻي سائين نه هو ۽ پاڪستان کي ان وقت نواز شريف جي حوالي ڪيو ويو، جڏهن ريلوي سميت قومي ادارا آخري پساهن ۾ هئا، جن کي نواز شريف پنهنجي ڏينهن رات جي اڻٿڪ محنت سان ٻيهر بحال ڪيو ۽ قومي ناڻي کي ڀريو. هن چيو ته مخالفن کان پڇي ٿو ته ڪهڙو واعدو نواز شريف پورو ناهي ڪيو يا ڪوشش ناهي ڪئي؟ اسان جي قيادت تي بي بنياد الزام هنيا ويا. هن چيو ته سياسي جوڪرن گادي واري شهر ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، دنيا کي ڪهڙو پيغام مليو؟ اسان برداشت ڪندا رهياسين، جنوني رقص ڪندا رهيا. پي ٽي وي تي قبضو ڪيو ويو ۽ اهو ئي نه وزيراعظم هائوس تي به حملو ڪيو ويو. ٻه جنوني ملڪ تي قبضو ڪرڻ آيا هئا، انهن کي گهرجي ته هڪ هڪ ڪري روانا ٿين، اسان نوان اداڪار ناهيون، سياسي ڪارڪن آهيون، اسان کي خبر آهي ته ملڪ ڪيترين قربانين سان ٺهيو آهي ۽ عسڪري جدوجهد سان وجود ۾ نه آيو آهي. خواجا سعد رفيق چيو ته ڪراچي جو امن واپس اچي رهيو آهي، بلوچستان ۾ پهاڙن تي ويل ماڻهو قومي ڌارا ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته هري پور کان گوادر تائين ترقي جا منصوبا لڳي رهيا آهن. پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته اوهان چيو ته پاڪستان بدلائي ڇڏينداسين، خيبر پختونخواهه ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا ويا، انهن وڻن سليماني ٽوپي پاتي آهي، انڪري نظر نٿا اچن.

 

متحده لنڊن اڳواڻ سليم شهزاد ڪراچي پهچي ويو، ايئرپورٽ تان گرفتار، پوليس چيف تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ سليم شهزاد کي دبئي کان ڪراچي پهچڻ تي ڪراچي پوليس گرفتار ڪيو آهي، سليم شهزاد کي ڊاڪٽر عاصم تي ٺهيل دهشتگردن جي علاج ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، سليم شهزاد ان ڪيس ۾ پوليس کي گهربل هو ۽ واسطيدار عدالت سليم شهزاد جا پهريائين ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي اختيارن سليم شهزاد جو پاسپورٽ ضبط ڪيو آهي، گرفتار ٿيڻ کان اڳ سليم شهزاد چيو ته هو رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان آيو آهي ۽ عدالتن ۾ ڪيسن سان منهن ڏيندو، ان کي عدالت ۾ انصاف ملڻ جي اميد آهي، ٻئي طرف ايم ڪيو ايم پاڪستان سليم شهزاد جي گرفتاري جي مذمت ڪندي ان کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، تفصيل موجب ايم ڪيو ايم اڳواڻ سليم شهزاد پاڻمرادي جلا وطني ختم ڪري سومر تي صبح دبئي کان نجي ايئر لائين جي اڏام ذريعي ڪراچي پهتو، هو برطانوي پاسپورٽ تي سفر ڪري رهيو هو، ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي اميگريشن جي عملي ان جي ڪاغذن کي چيڪ ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي عاصم قائمخاني ان کي پاڻ سان گڏ ڪمري ۾ وٺي ويو، جتي ايف آءِ اي ان کان شروعاتي جاچ ڪئي جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي ڪراچي پوليس سان رابطو ڪيو ۽ سليم شهزاد تي قائم ڪيسن جا تفصيل معلوم ڪيا، ايف آءِ اي پاران پوليس سان رابطو ڪرڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر جي هدايت تي سليم شهزاد کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي ملير رائو افتخار پوليس پارٽي سان گڏ ايئرپورٽ پهچي ويو، جتي سليم شهزاد کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي رائو انوار موجب سليم شهزاد ڊاڪٽر عاصم حسين تي دهشتگردن کي علاج جي سهولت ڏيڻ واري ڪيس ۾ پوليس کي گهربل آهي ۽ ان جي خلاف مختلف ٿاڻن ۾ به ڪيس داخل آهن، ان کان جاچ ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ ان کي واسطيدار عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، سليم شهزاد وطن اچن کان اڳ پنهنجي ڪيسن جي سلسلي ۾ عامر منصوب وڪيل سان رابطو ڪيو هو پر وڪيل سنڌ جي ٻين شهرن وڃڻ سبب انڪار ڪري ڇڏيو، خواجه نويد ايڊووڪيٽ چيو ته سليم شهزاد رابطو ڪيو ته ان جي ڪيسن جي پيروي لاءِ تيار آهيان، واضح رهي ته سليم شهزاد 1978 اي پي ايم ايس او ۾ شامل ٿيو هو، ان جو شمار ايم ڪيو ايم جي باني اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو، 1984 ۾ ايم ڪيو ايم ۾ وائيس چيئرمين بڻيو، 1992 جي آپريشن کانپوءِ هن 3 ڀيرا ڪراچي جو دورو ڪيو هو.