تازيون خبرون

Daily Archives: February 6, 2017

وزيراعظم جلد تمام سياسي پارٽين کي سي پيڪ منصوبي تي اڳڀرائي بابت اعتماد ۾ وٺندو: احسن اقبال

لاهور (اين اين آءِ) وفاقي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزير احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جلد سمورين سياسي پارٽين کي اقتصادي راهداري منصوبي تي اڳڀرائي بابت اعتماد ۾ وٺندو، اهو پاڪستان جي تقدير تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي، ان لاءِ هاڻ اسان کي غلطيون ورجائڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو، معاشي ترقي لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي ۽ ان لاءِ هر ڪنهن کي ذاتي مفاد کي ڇڏي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تي سمورن صوبن جي چونڊيل سياسي قيادت جي تعاون سان بنا فرق عمل ڪيو پيو وڃي، گڏيل پارلياماني ڪميٽي سي پيڪ تحت سمورن منصوبن جي نگراني ڪري رهي آهي، سي پيڪ پاڪستان جي تقدير تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي، جيڪڏهن اسان ان مان فائدو حاصل نه ڪري سگهياسين ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندو، سي پيڪ سبب سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن ۽ سڀني کي خبر آهي ته ڪجهه ماڻهن کي اهو منصوبو حضم نه ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ سياسي استحڪام لازمي آهي ۽ سڀني کي ذاتي فائدو ڇڏي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

ن ليگ وارا سرخرو ٿيڻ جي دعويٰ ڪرڻ بدران عوام جي احتساب لاءِ تيار رهن: اعتزاز احسن

لاهور (اين اين آءِ)  پ پ جي مرڪزي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو اهي ته عوام پاناما ڪيس کي منتقي انجام تائين ڏسڻ چاهي ٿي، خطن جي حوالي سان قطر جي سفير جي وضاحت معاملي کي وڌيڪ چٽو ڪري ڇڏيو آهي، ن ليگ وارا ايندڙ عام چونڊن ۾ سرخرو ٿيڻ جي دعويٰ ڪرڻ بدران عوام جي احتساب لاءِ تيار رهن، انٽرويو ۾ هن چيو ته پ  پ جي يوم تاسيس جي سلسلي ۾ لاهور ۾ ڪوٺايل تقريبن کانپوءِ ن ليگ وارن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، هن ن ليگ جي قيادت جي مقبوليت جي حوالي سان سروي بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته مون کي ته فرمائشي سروي نظر اچي رهي آهي، ان ۾ جڏهن پاناما ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ته اهڙي سروي جي جاري ٿيڻ سان سڀڪجهه اڳيان اچي ويو آهي، پاناما ڪيس هر صورت ۾ پنهنجي انجام تائين پهچڻ گهرجي ۽ عوام به ان جو فيصلو ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو.

 

ڪشيمر جي ويڙهه افغانستان ۽ فلسطين کان مختلف آهي جنهن تي عالمي طاقتن اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرڻ وارو آهي اهو وقت جلد ئي ايندو جڏهن سرينگر ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو ويندو ۽ اسان ڪشميرين سان گڏ آزادي جو جشن ملهائينداسين، ڪشمير جو جهاد روٽي ڪپڙا ۽ مڪان يا معيشت ۽ رنگ ۽ نسل جي نه نظريي جي جنگ آهي جنهن کي ڪير به شخصت نٿو ڏئي سگهي، ڪشمير جي ويڙهه افغانستان ۽ فلسطين کان مختلف آهي ۽ ان تي عالمي طاقتن اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير جي ڏهاڙي جي موقعي تي لاهور ۾ ماڊل روڊ تي ٿيندڙ وڏي ڪشمير مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ڪشميرين لکين جانين جي قرباني ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي، هاڻ پاڪستان کي به پنهنجو فرض ادا ڪندي ڪشمير جي آزادي واري جدوجهد کي تيز ڪرڻو پوندو، ڪشمير جي آزادي اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، آزادي ڪشمير مارچ سان جماعت اسلامي جي امير ميان مقصود احمد، علامه زبير احمد، ضياءُ الدين انصاري پڻ خطاب ڪيو، ڪشمير مارچ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، سينيٽر سراج الحق چيو ته جهاد ڪشمير تڪميل پاڪستان آهي جنهن لاءِ ڪشميرين لازوال قربانيون پيش ڪري دنيا کي ٻڌايو اهي ته اهي آزادي حاصل ڪرڻ کانسواءِ سک جو ساهه نه کڻندا. هن چيو ته ڪشميري عوام ڀارت پاران ترقي جا وڏا وڏا پيڪيج ۽ ترقياتي منصوبن کي لت هڻي آزادي کي ترجيح ڏني آهي، ڪشميري نوجوان اعليٰ منصوبن بدران شهادت کي سيني سان لڳايو آهي، اسان کي اولهه ۽ آمريڪا پاران ڏسن بدران پنهنجي الله کان نصرت وٺڻ ۽ رسول صلم جي عمل تي هلڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ذميواري آهي ته اسان ڪشمير جي جهاد کي پنهنجي انجام تائين پهچايون، حڪمران عوام جي نمائندگي بدران عالمي استعمار جي نمڪ هلالي ڪري رهيا آهن، قوم ڪشمير جي آزادي، حڪمران مودي ۽ ٽرمپ کي خوش ڪرڻ چاهين ٿا.

 

”رئيس“ جي هيروئن تمام بهترين انسان آهي، سني ليون به مائرا خان جي مداح نڪتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ آئٽم گرل طور سڃاتي ويندڙ اداڪاره سني ليون به پاڪستاني اداڪاره مائرا خان جي مداح نڪتي ۽ ان جو چوڻ آهي ته فلم رئيس جي هيروئن تمام بهترين انسان آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب فلم رئيس ذريعي بالي ووڊ ۾ پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ پاڪستاني اداڪاره مائرا خان پنهنجي فلم جي پروموشن لاءِ ڀارت نه وڃي سگهي، جڏهن ته هو سوشل ميڊيا ۽ وڊيو ڪال ذريعي فلم جي پروموشن ۾ مصروف آهي، گذريل ڏينهن به مائرا خان وڊيو ڪال ذريعي پنهنجي نئين رليز ٿيندڙ فلم جي پروموشن ڪري رهي هئي جتي شاهه رخ خان ۽ فلم آٽم سانگ ڪندڙ سني ليون سان رئيس جي سڄي ٽيم موجود هئي، ان موقعي تي سني ليون چيو ته مائرا خان تمام مٺي انسان آهي ۽ مان ان جي ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهيان، مائرا سني ليون پاران پنهنجي تعريف ٻڌي خاموش نه رهي سگهي ۽ چيو ته ان کي به سني ليون جو بي بي ڊول گانو تمام گهڻو پسند آيو، سني ليون کان جڏهن پهريون ڀيرو ملي هيس ته ان سان وڏيون ڳالهيون ڪيون هيون، سني ليون تمام سٺي ۽ خوبصورت انسان آهي.

 

بالي ووڊ ۾ دوستي جي حد تائين ته ٺيڪ پر محبت هجڻ اڃا به برو عمل آهي: ڪنگنا رناوت

ممبئي (شوبز نيوز) انڊيا جي 2 نيشنل ايوارڊ حاصل ڪندڙ اداڪاره ڪنگنا رناوت فلم ڪئين سان مان بالي ووڊ ۾ ڪا خاص جڳهه نه جوڙي آهي پر هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ به ڪنگنا ڪو به دوست نه ٺاهي سگهي ۽ ان سبب هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڪامياب چوي ٿي، هڪ انٽرويو دوران فلم انڊسٽري جي دوستي هن چيو ته مان ڪامياب آهيان ڇو ته منهنجو ڪو به دوست نه آهي، جيڪڏهن توهان جو دوست ڪامياب ٿي وڃي ٿو يا صرف توهان ڪامياب ٿي وڃو ٿا ته رشتا ختم ٿي وڃن ٿا، ڪم تي جڏهن به انساني جذبا هاوي ٿي وڃن ٿا ته پوءِ پريشر اچي ويندو آهي ته توهان صحيحي فيصلو نه ڪري سگهندو، هن چيو ته دوستي جي ڳالهه تائين ته ٺيڪ پر فلم انڊسٽري ۾ محبت ٿيڻ تمام برو ڪم آهي، ان لاءِ هو ڪنهن ڊائريڪٽر، اداڪاره يا آرٽسٽ جي دوست نه آهي ۽ صرف ڪم تي ڌيان ڏيندي آهي، بالي ووڊ ۾ اداڪارائن کي اداڪارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ پيسا ملندا آهن، باڪس آفيس تي مان پنهنجي اهميت ثابت ڪئي آهي پر ان موجب هاڻ به فلم انڊسٽري جي ڪيترن ماڻهن جي ذهنيت تبديل نه ٿي آهي.

 

جيمز فوڪنر ون ڊي ۾ وڪيٽن جي سينچري جي ويجهو، 5 وڪيٽون گهربل

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ڪرڪيٽ تيم جي ليفٽ آرم پيسر جيمز فوڪنر کي ون ڊي ۾ وڪٽن جي سينچري مڪمل ڪرڻ لاءِ 5 وڪيٽون گهربل آهن. اهڙي طرح هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ 19 هون آسٽريلوي ڪرڪيٽر بڻجي ويندو. جيمز فوڪنر هيستائين 67 ميچن ۾ 95 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. سندس ميچ ۾ بهترين بالنگ 32 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.

 

2020 ويمنز ورلڊ ڪپ جي تاريخن جو اعلان

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي ) 2020 ۾ آسٽريليا ۾ شيڊول آئي سي سي ويمنز ورلڊ 20 ڪپ جي تاريخ جو اعلان ڪري چڏيو .ايونٽ 21 فيبروري کان 8 مارچ تائين کيڏيو ويندو ،ان کان ڳالهه جو فيصلو دبئي ۾ آئي سي سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو .

 

قطري حڪومت جي لاتعلقي ۽ چونڊن جو سنگنل: صاحب خان ڀٽي

ملڪ اندر مختلف تنظيمون ڪجهه عرصي کان عام چونڊون وقت کان اڳ ٿيڻ جون دعوائون ڪري رهيون هيون، جنهن بابت حڪومت چئي رهي هئي ته چونڊون مقرر وقت کان اڳ نه ٿينديون، پر هاڻ جئين جئين عام چونڊن جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي تئين تئين چونڊن جو به ذڪر تيز ٿيڻ لڳو آهي، هڪ طرف پاناما ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي ته ٻي طرف وري سموريون جماعتون ان انتظار ۾ آهن عدالت جو جلد کان جلد فيصلو اچي ته جئين ڪرپشن ڪندڙن ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙن کي سزا ملي سگهي، تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون جماعتون به پاناما معاملي تي حڪمران جماعت تي تمام گهڻو دٻاءُ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن، عدالت طرفان به حڪومتي ڌر کان تمام گهڻو پڇاڻو ٿيو آهي، جنهن جو به مطئمن جوڳو جواب نه ڏنو ويو هو، قطري حڪومت به پاناما خطن کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، قطري سفير سقر بن مبارڪ به واضع ڪيو آهي ته پاناما پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ۽ قطر ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو. ايتري قدر جو قطري حڪومت پاناما ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ جواب به جمع ڪرايو، جنهن ۾ شهزادي جي خطن کان لاتعلقي ظاهر ڏيکاري وئي آهي. جيتوڻيڪ هن وقت پاناما معاملي تي سموريون تنظيمون ڪو خاص رد عمل نه ڏيکاريون آهن، جئين ڪجهه وقت اڳ پاناما معاملي تي حڪومت خلاف روڊن تي احتجاج ٿي رهيو آهي ۽ ان احتجاج جو سلسلو ان وقت ختم ٿيو هو جڏهن اهو معاملو وڃي سپريم ڪورٽ هليو ويو هو، جنهن تي سمورين ڌرين اتفاق به ڪيو هو.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به پاناما معاملي بابت پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته عدالت جو فيصلو تمام جلد ايندو ۽ حڪمران ڌر جلد گهر هلي ويندي، جماعت اسلامي جو امير سراج الحق ۽ شيخ رشيد به پاناما معاملي تي تمام گهڻو سنجيده نظر اچي رهيا هئا ۽ حڪومت خلاف ريلين ۽ تقريبن ۾ بيان به ڏيندا هئا، بهرحال هن وقت تائين جيڪي به ٻڌڻيون عدالت ۾ ٿي چڪيون آهن انهن ٻڌڻين دوران حڪمران ڌر تمام گهڻي دٻاءُ جو شڪار رهي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪي به سوال حڪمران ڌر کان ڪيا ويا، ان مان نه ته عدالت مطئمن نظر اچي رهي آهي نه ئي تحريڪ انصاف ۽ ٻيون جماعتون نظر اچي رهيون آهن، پيپلزپارٽي به حڪمران ڌر خلاف ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري ته ڪيترن ئي تقريبن ۽ ريلين ۾ نواز سرڪار خلاف اهڙا لفظ به ڳالهايا هئا جيڪي نواز سرڪار برداشت نه ڪري سگهي هئي ۽ بلاول جي پنجاب ۾ سرگرمين کان به خوفزده به نظر اچي رهي هئي، بلاول ڀٽي زرداري جڏهن پنجاب ۾ پنهنجيون سرگرميون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت کيس سڪيورٽي خدشن بابت به آگاهه ڪيو ويو هو ته جئين هو پنجاب ۾ محدود شهرن تائين پنهنجيون سرگرميون جاري رکي سگهي،

بهرحال جيڪي به بلاول ڀٽي زرداري پنجاب ۾ جلسا ڪيا، انهن جو تمام گهڻو نواز سرڪار تي اثر پيو هو، جيتوڻيڪ هن وقت بلاول ڀٽو زرداري ڏيهه نه آهي پر اتي به هن پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي سرڪار تي تنقيد جا تير وسايا آهن  ۽ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته وفاقي سرڪار نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي ۽ اهو به چيو هو ته پنجاب حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري هڪ اهم لفظ به جملو چيو ته نواز سرڪار سٺي ۽ خراب دهشتگرد جو اصطلاح آندو. بهرحال هن وقت نواز سرڪار تمام گهڻو دٻاءُ ۾ اچي رهي آهي، جنهن جو مثال وزيراعظم نوازشريف جي وفاقي ڪامبينا کي عام چونڊن جي تيارين لاءِ ڏنل گرين سنگنل مان به ملي سگهجي ٿو. اهو گرين سنگنل وزيراعظم نوازشريف وفاقي ڪابينا جي مشاورتي اجلاس ۾ ڏنو هو،

وفاقي ڪابينا جي مشاورتي اجلاس ۾ وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي ايندڙ عام چونڊن جون تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي هئي. ميڊيا رپورٽس موجب، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو هو ته پاناما ڪيس جو جيڪو به فيصلو آيو، ڪابينيا ايندڙ چونڊن لاءِ تيار رهي. بهرحال هن وقت وزيراعظم نوازشريف جو عام چونڊن لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪرڻ به مان لڳي ٿو ته عدالت جو فيصلو اچڻ بعد حڪومت وڏي دٻاءُ ۾ اچي ويندي، جيڪڏهن عدالت ۾ حڪومت ڌر خلاف فيصلو آيو ته پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي سميت سموريون جماعتون جيڪو  ڪجهه چئي رهيون هيون ان ۾ سچيون ثابت ٿي وينديون. تحريڪ انصاف جي اطلاع واري مرڪزي سيڪريٽري نعيم الحق به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته جج ان نتيجي تي پهچي چڪا آهن ته نوازشريف قوم سان ڪوڙ ڳالهايو، نعيم الحق اهو به چيو هو ته پاناما ڪيس ۾ شاهديون، دستاويز، بيانن ۾ فرق عدالت جي سامهون آهن، حڪمران ڌر جا اڳواڻ به مختلف بيان ڏيڻ ۾ مصروف آهن، وزيراعظم نوازشريف به مختلف منصوبن جا افتتاح ڪري رهيو آهي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ به ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جو افتتاح ڪيو  هو،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته وزيراعظم نوازشريف  هر هڪ منصوبي جو ٽي ٽي ڀيرا افتتاح ڪندو آهي. هڪ طرف قطري حڪومت عدالت ۾ جمع جمع ڪرايو آهي ته ٻي طرف وري حڪومت به ٿرٿلي ۾ اچي وئي آهي.

قطري  سفير سقر بن مبارڪ لامنصوري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته قطري شهزادي جا خط ذاتي ٿي  سگهن ٿا، جنهن سان حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي اهي خط حڪومتي سطح تي جاري ڪيا ويا، بهرحال ان وقت به تمام گهڻو بحث ٿي رهيو هو جڏهن قطري شهزادي جو خط پيش ڪيو ويو هو، جنهن بابت  چيو ويو هو ته قطري شهزادي جو خط پيش ڪري حڪومت پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو، جيڪو اڄ اهو ثابت به ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته قطري حڪومت جي جمع ڪرايل جواب بعد نوازسرڪار جي خط جي ڪا خاص اهميت نه رهي آهي. هڪ طرف نواز سرڪار جي اهم شخصيتن کي تحفا ڏيڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن تي مٿان وري تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ طرفان به لکين رپين جي ملڪيت ۽ زرعي زمين پنهنجي فيمليءَ کي تحفي طور ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جئين پاناما معاملي تي نوازشريف جي خاندان جون آف شور ڪمپينون ظاهر ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي به آف شور ڪمپني جو انڪشاف ٿيو هو ۽ هاڻ به اهڙي ريت شاهه محمود قريشي طرفان پنهنجي خاندان کي تحفو ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پر نوازسرڪارکي ڏنل تحفن ۽ شاهه محمود قريشي جي ڏنل تحفن تمام گهڻو فرق به آهي، بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن ملڪ ۾ پاناما معاملو 2017 ۾ ئي ختم ٿي ويندو يا وري اهو معاملو اڳتي به هلندو، جيڪڏهن اهو معاملو اڳتي هليو ۽ عدالت طرفان جلد فيصلو نه آيو ته مختلف پارٽين طرفان هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو سلسلو جاري رهندو، جنهن سان نه ته ڪو عوام جو فائدو ٿيندو ۽ نه ئي وري حڪومت کي ڪو فائدو پهچندو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

نيب پنجاب ۾ ڪاروايون ڪڏهن ڪندي .؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

نيب پاڪستان اندر نيب اهو واحد ادارو آهي جنهن جي اڪثر بحث هلندا رهن ٿا،پر سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اهو ادارو پاڪستان اندر ڇا ڪري رهيو آهي.؟۽ سندس ڪهڙي ڪارڪردگي آهي،سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهيو آهي.يا سڀ ڪجهه غلط ڪري رهيو آهي.؟ڪنهن جي اشاري تي سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي يا پنهنجي مرضي هلائي رهيو آهي.؟ڪيترا سوال ذهن ۾ ايندا رهندا آهن.جڏهن نيب پنهنجي ڪاروائين ۾ تيزي آڻيندي آهي.يا وري پنهنجي جاچ ۾ ڪنهن وڏي مڇي کي ڦاسائيندو آهي.پر اها به هڪ واضع ڳالهه آهي ته نيب ادارو اهڙو آهي.جيڪو  ڪجهه به نه ڪري پر تنقيد جو نشانو ضرور بڻبو آهي.۽ جيڪڏهن نيب پنهنجي ڪم ۾ تيزي آڻي ته پوءِ به کيس تنقيد جو نشانو ضرور بڻايو ويندو آهي.ان ڪري نيب به عجيب مشڪلاتن جي گهيري ۾ آهي.جڏهن ته نيب جي ڪاروائين جي هڪ سواليه نشان آهي.پر شايد هن وقت نيب ادارو عوام جي سوچ مطابق ڪجهه بهتر ڪري رهيو آهي.پر ان جي ڀيٽ ۾ نيب حڪمرانن جي سوچ مطابق سڀ ڪجهه غلظ ڪري رهيو آهي.ان ڪري اهو به هڪ سوال آهي ته ڇا نيب پاڪستان مان واقعي ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ ڪو ڪرادر ادا ڪندو.ان ڪري هن وقت جيڪي ڳاليهون سامهون آيون آهن ان مان اهو واضع ظاهر آهي ته نيب جي جاچ به“ڪجهه دنون چاندي فر انڌيري رات”وارو ئي مثال بڻجي ويو آهي.اهو ان ڪري جو نيب جيڪي به ڪيس پاڪستان اندر ظاهر ڪيا آهن.انهن مان ڪنهن به هڪ جو نتيجو سامهون نه آيو آهي.

جڏهن ته نيب اهو ادارو آهي جيڪو پنهنجي طاقت جي زور تي ڪيترن ئي ڪرادرن کي پنهنجي انجام تائين پهچائي سگهي ٿو .۽ نيب انهن لٽيرن جي خلاف سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.جيڪي پاڪستان جي معصوم عوام کي پئسي کي لٽي رهيا آهن.پر نيب ادارو اهڙو ڪو به ڪارنامو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويو آهي.ان ڪري شايد هاڻ عام ۽ ننڍي طبقي جو  ماڻهو،سرڪاري،ملازم،۽ حڪومتي اميدوارن کان ويندي،خد حڪومت جي وزيراعظم جي به تنقيدي نشاني جي ور چڙهي ويو آهي.جڏهن ته ڪجهه وقت پهرين نيب ڪجهه اهڙيون به ڪاروايون ڪيون.جيڪي هليون ته ٿورڙي وقت لاءِ پر انهي ڪاروائي ملڪ جي ڪيترن ئي لٽيرن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون.پر ڪجهه وقت لاءِ ئي هيو.۽ جيئن وقت پاسو بدلي ڪيو ته نيب انهن وڏن مڇن کي ڇڏي ڪري ويچارن معصوم سرڪاري ملازمن جي اچي پويان پئي.ان ڪري خد حڪومت نيب جي حوالي سان پنهنجي هڪ موقف  ۾ چيو ته نيب معصوم سرڪاري تي ڪاروايون ڪرڻ بند ڪري..جڏهن ته ڪيتري عرصي کان پوءِ اهڙي بيان بعد آصف علي زرادي نواز شريف جي اهڙي بيان تي دلچسپي جو اظهار ڪيو.جڏهن ته نيب هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن جي دهشت کان هر ادارو ۽ آفيسر لهرائي ٿو.ان ڪري جو پاڪستان اندر گذريل پنجاهه سال کان وٺي ڪرپشن جو عروج رهيو آهي.ان ڪري انهي ڪرپشن ڪلچر جي ڪري سرڪاري آفيسر ۾ ڪارو ناڻو ٺاهيو آهي ۽ حڪومتي ادارن جي سياستدانن به ڪارو ناڻي مان گهر ڀريا آهن. نيب جنهن به اداري تي ڪاروائي ڪئي آهي.انهي نيب کان اهو ئي سوال ڪيو آهي ته آئون ڇو.؟

جيڪو ڪجهه آئون ڪري رهيو آهيان اهو ته ٻيا به ڪن پيا.انهي ڪري اهي ادارا جيڪي ڪرپشن مان ڪارو ناڻو ڪمائي رهيا آهن.اهي  سوال ڪري جان ڇڏائڻ ٿا چاهين ته آخرمان ڇو.مان سمجهان ٿو ته نيب کي پنهنجي ڪاروائين کي شفاف ڪرڻ لاءِ پنهجي طريقڪار جي فوري بدلائڻ گهرجي ۽ پاڻ مٿان ٿيندر تنقيد جو جواب ڏيڻ گهرجي.هن وقت پاڪستان جو ڪهڙو ادارو آهي.جيڪو ڪرپشن کان آجو آهي.جهن اندر ڪرپشن نه ٿيندي هجي.جيڪڏهن پاڪستان جي ڪنهن به اداري اندر ميگا ڪرپشن نه ٿيندي هجي، پاڪستان اندر ميگا ڪرپشن جو نالو ڇو ڏنو ويو آهي.پر ايترو ضرور آهي جو نيب پنهنجي ڪاروائين ۾ جيتري تيزي آِڻيندي آهي.جيڪڏهن انهي ڪسين کي حل ڪرڻ ۾ به اهڙي تيزي آهي ته شايد اها پوءِ ڪجهه تنقيد کان بچي وڃي.ميان نواز شريف صاحب نيب جي حوالي سان بيان ڏنو هو ته نيب  سرڪاري ملزامن خلاف ڪاريوان بند ڪري.ان ڪري شايد ميان صاحب پنهنجي جاءِ تي درست به هجي ڇو ته سرڪاري ملازم سڀ هڪ جهڙا نه ناهن.ڪي پنهنجي فرض سان سچا ۾ فاڪا ڪشي ته برداشت ڪري سگهن ٿا.پر حرام جو هڪ رپيو به کائي نه سگهن.مون ڏٺو آهي.انهن ايماندار آفيسرن کي جن جي گهرن جي چلهه ڪيترائي ڏينهن ناهي ٻرندي جن مان معصوم ٻار پنج رپين واري چاڪليٽ لاءِ پيا سڪندا آهن ۽ پنهنجي پاڙي ۾ ڪاري ناڻي سان پيٽ ڀريندڙ وڏن پيٽن وارن کي ٻارن کي مهانگيون شيون کائيندي پيا اکين مان لڙڪ واهيندا آهن.پر ميان صاحب کي ايترو ضرور سوچڻ گهرجي اگر اهڙن آفسرن جي خلاف اگر نيب جاچ به ڪري ٿي ته انهن کي گهرن مان نڪرندو به ڇا..جن جي ٻار کي بکايل پيٽ ڀرڻ لاءِ هڪ وقت تي ماني به نصيب نه ٿي انهن تي اگر نيب ڪاروايون به ڪري پوءِ به انهن جي دامن مان ڇا نڪرندو.ان ڪري اهو ضرور آهي ته نيب انهن جي خلاف ئي جاچ ڪئي وڃي.جن ڪاري ناڻي مان گهر ڀريا آهن.ان ڪري هن دفعي ميان صاحب جي نيب کي تنقيد سمجهه ۾ نه آئي.ڇو ته اسانکي ته اها به خبر ناهي ته ميان صاحب ڪهڙي معصوم سرڪاري ملازمن جي ڳالهه ٿو ڪري.ان ڪري نه نيب جو ڪاروايون ٿيون سمجهه ۾ اچن ۽ نه ئي ميان صاحب جي ڳالهه ذهن ۾  ٿي ويهي. نيب ڪا ڪالهه پاڪستان ۾ ايجاد ناهي ٿي ۽ نه ئي تازيون ڪارايون ڪيون آهن.ڇو ته نيب پ پ جي ڪيترن ئي سياستدانن خلاف وٽ پڪڙ ڪري کين گرفتار ڪيو.پر ان تي به ميان صاحب ڪو بيان نه ڏنو.ڊاڪٽر عاصم گرفتار ٿيو ته ميان صاحب کي حڪومت ۾ چوڌري چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي اسان وٽ فر فر واري اعتراَضي وڊيو پيل آهي.پر افسوس ته اهو آهي ته  آخر نيب تي اهڙو تنقيدي بيان ڇو ڏنو هو، ان ڪري لڳي ائين ته شايد نيب هاڻي سنڌ کي ڇڏي ڪري پنجاب جو رخ ڪيو آهي.ان ڪري  وفاق کي نيب تي ڪاروائين تي اعتراض ٿي پيو آهي ۽ اهو سجهه کان ٻاهر آهي.برحال نيب اگر سنڌ کان پوءِ پنجاب اندر ڪرپشن جي ڪيس جاچ جو گهيرو تنگ ڪري ته اها به سٺي ڳالهه ٿيندي.آخر سنڌ کان پنجاب جو وارو به اچڻ گهرجي .ان ڪري نيب اگر پنجاب حڪومت خلاف ڪاروايون ڪرڻ تي موڊ ۾ آهي ته کيس تنقيد کان ڊڄڻ نه گهرجي.ڇو ته اگر هو ڪارويوان ڪندي ته به تنقيد ٿيندس.. نه ڪندي ته به تنقيد ٿيندس.ان ڪري ايترو ضرور آهي ته جيڪڏهن نيب پنهنجي ڪاروايون ڪري ته ان ۾ سچائي هجي.ته جيئن انهن ڪاروائين جي ور ڪو معصوم به چڙهي

 

 

سنڌ طاس معاهدو ۽ گڏيل قومن جي وارننگ

گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تي پاڪستان جي حڪومت ڌيان نه ڏنو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ بحران جي شڪل اختيار ڪري ويندي، پاڪستان سنڌو درياءَ ۾ ڀارت کان ايندڙ پاڻي جو اڀياس ئي ناهي ڪيو ۽ پاڪستان پاڻي تڪرار کي ڪنهن عالمي فورم تي کڻي وڃڻ ۾ دير ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري معاهدو ختم ٿيڻ جو امڪان ظاهر ٿي ويو آهي، ڀارت ۽ ٻين هنڌن کان ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو  ٿئي ٿو جنهن سان معيشت تباهه ٿي وڃي ٿي، پاڪستان ڀارت کي هائيڊرو پاور جو منصوبا ٺاهڻ کان نٿو روڪي سگهي، پاڪستان ۾ پاڻي جو معاملو سياسي ٿي ويو آهي، صوبن ۾ اعتماد جي کوٽ وڌي وئي آهي. ”ڊولپمينٽ ايڊووڪيٽ پاڪستان“ جي عنوان سان جاري ٿيل رپورٽ ۾ يو اين ڊي پي چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي ڪيترن ئي شقن ۾ ابهام آهي، جنهن جو فائدو کڻندي هندستان پنهنجي اولهندي دريائن تي مسلسل ڊيم ٺاهڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته پاڪستان اڃان تائين ان معاهدي جي مبهم ۽ تڪراري شقن جو سنجيدگي سان جائزو به ناهي ورتو ۽ نه ئي وري ان سلسلي ڪو ٺوس اڀياس ڪيو آهي جنهن جي ڪري دريائن ۾ پاڻي مسلسل گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ زراعت کان ويندي پيئڻ جي پاڻي تائين کوٽ شدت اختيار ڪندي پئي وڃي، رپورٽ ۾ صوبن جي وچ ۾ عدم اعتماد جي حوالي سان چيو ويو آهي ته اهو تڪرار سنڌ طاس معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ ۽ صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، پاڻي جي معاملي تي صوبائي حڪومتن جي طرز عمل معاملي کي فني کان وڌيڪ سياسي بڻائي ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان يا ڀارت مان ڪو به سنڌ طاس معاهدي کي ختم نٿو ڪري سگهي پر مبهم شقن ۽ پاڪستاني حڪومت جي غفلت سبب معاهدو ڪمزور ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي بحران جو خدشو آهي، پاڪستان ۾ زير زمين پاڻي جي سطح گذريل ڪجهه سالن ۾ خطرناڪ حد تائين هيٺ ٿي وئي آهي ۽ هن وقت 2 ڪروڙ 72 لک پاڪستانين کي پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب نه آهي، حڪومت هنگامي قدم نه کنيا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي، پاڪستان پاران پاڻي تڪرار جو تفصيلي اڀياس ڪرڻ ۾ ٿيندڙ غفلت ۽ سنڌ طاس ڪميشن ۽ عالمي بئنڪ کي معاهدي جي تڪرارن جي تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ سان معاملي جو حل ممڪن نه آهي، پاڪستان ۾ پاڻي جي تحفظ جي صورتحال تي زور ڏيندي گڏيل قومن جي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ناهي ٿيل ته خشڪ موسم دوران پاڻي جي ورڇ جو اصول ڪهڙو هوندو ۽ ٻيو چناب دريا مان پاڪستان ۾ ايندڙ پاڻي گڏ ڪرڻ سان مجموعي اثر ڪهڙا ٿيندا، جڏهن ته جهلم ۽ نيلم دريا تي وولر بئراج ۽ ڪشن گنگا منصوبو انهي سبب تڪرار جو سبب آهن، جڏهن ته ربيع جي موسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو سبب خريف جي ڀيٽ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ ٿيندڙ گهٽتائي آهي، پاڪستان معاهدي کي غير موثر قرار ڏيندي تڪرارن کي ڳالهين جو حصو بڻائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڀارت ان معاملي کي جامع ڳالهين ۾ شامل نٿو ڪرڻ چاهي، ڇو ته هو معاهدي کي ختم ڪرڻ لاءِ راضي نه آهي ان معاهدي تحت ڀارت 1.25، 1.60 ۽ 0.75 ملين ايڪڙ فوٽ جي اولهندي دريائن تي توانائي ۽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهي ٿو، سنڌ طاس معاهدي ۾ واضح ابهام ان وقت سامهون اچي ٿو جڏهن ٻئي ملڪ ان ۾ ڏنل اجازت کي جدا جدا انداز ۾ ڏسن ٿا، ماحولياتي تبديلين، پگهرجندڙ گليشيئر ۽ برسات ۾ تبديلين سبب پاڻي ۽ وسيلن جي کوٽ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ضروري آهي، رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ پاڪستان هندستان جي دريائن مان ايندڙ پاڻي سنڌ ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجي ٿو ۽ معيشت تي ان جا تمام گهڻا خراب اثر پون ٿا ۽ وڏو نقصان ٿئي ٿو ۽ ان کانسواءِ ماڻهن جي زندگين ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون، رپورٽ موجب چناب ۾ پاڻي جو ساليانو وهڪرو 1959ع کان مسلسل لاٿ جو شڪار آهي ۽ دريا جهلم ۾ به اهڙي صورتحال آهي، جيڪڏهن هندستان بئراجن سان پاڻي روڪي ڇڏيو ته پاڪستان جي زراعت ۽ هائيڊرو پاور منصوبا تمام گهڻا متاثر ٿيندا، جڏهن ته معاهدي تحت پاڪستان ڀارت کي هائيڊرو پاور ڊيم اڏڻ کان به روڪي نٿو سگهي پر هو صرف پاڻي جي کوٽ تي احتجاج ڪري سگهي ٿو.