تازيون خبرون

Daily Archives: February 6, 2017

گوڙاڻو ڊيم ٿر واسين جي ڇاتي جي هنيل زنجر آهي..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ٿر ڪيتري ئي ڏينهن کان وٺِي ٿر واسي گوڙاڻو ڊيم خلاف سراپا احتجاج ڪري رهي آهن.جيڪو احتجاج فڙي ڦڙي تلاهه ٿيڻ ڪري انهي احتجاج اندر ڪيتريون سماجي تنظيمون ۽ سماجي پارٽيون پڻ اچي ميدان ۾ لٿيون آهن،جنهن جي شروعات ڪالهه عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رسول بخش پليجو ڪري ڇڏيو آهي،اسلام ڪوٽ کان نڪرندڙ 32 ڏينهن جي احتجاجي ريلي جڏهن ڪالهه اسلام ڪوٽ کان نڪري رهي هئي ته انهي ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٿر سميت لاڙ اتر جا لکين ماڻهو پهچي ٿر واسين جي ڏکن ۾ شريڪ ٿيا هئا.۽ اها به هڪ حقيقت آهي ته گوڙاڻو ڊيم جنهن ساڃاهه وند علائقي جي زراعت ۽ معيشت لاءِ خطرناڪ قرار ڏئي رهيا آهن ۽ انهي گوڙاڻي ڊيم جو هنڌ بدلائڻ لاءِ پڻ مطالبو ڪري رهيا آهن.پر افسوس جهڙي ڳالهه ته آهي ته انهي گوڙاڻو ڊيم خلاف ٿيندڙ احتجاج ۽ ساڃاهه وندن جي ڳالهه کي حڪومتي ڪن بند ڪري ٻڌي رهي آهي.جون انهن جي ٿر جي معصوم مائرون جون رڙيون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ ڪون ٿيون اچن.گوڙاڻو ڊيم کي جيڪڏهن هڪ الڳ ۽ ٽئي ڌر جي ڏسجي ته پوءِ به گوڙاڻو ڊيم ٿر واسين جي تمام گهڻو هاڃيڪار آهي،ڇو ته ٿر اهو ريگستان آهي،جو گذر سفر زراعت ۽ چوپائي مال تي ٿيندو آهي.جڏهن ته ڪڏهن سانوڻ رسندو آهي ته ٿر واسي ڏکار ۾ پئجي ويندا آهن،۽ سندن جيون انيڪ تڪليفن مان گذرندو آهي،انڪري گوڙاڻو  ڊيم  ٿر جو عوام لاءِ انهي ڪري نقصان ڪري آهي جو اهو ڊيم آبادي واري هنڌ ٺاهيو پيو وڃي،جتي هڪ عام زندگي آهي جتي ماڻهو رهن ٿا ۽ سندس مال جو چارو ٿيندو آهي جيڪو کين اڳين ٿيندڙ سانوڻ تائين ساٿ ڏيندو آهي،انڪري ڏٺو وڃي ته گوڙاڻو ڊيم فقط  مقامي ليول جي ماڻھن جو مسئلو نه آھي  پر گوڙاڻو ڊيم سنڌ گير مسئلو آھي،انڪري شايد اينگروڪمپني جو پلان ئي ٿر واسين جي زندگي ۾ مسئلا پيدا ڪرڻ آهي،انهي ڪري ٿر ڪول گوڙاڻو ڊيم هڪ تڪرار ڊيم بڻجي چڪو آهي پر افسوس ته انهي ڳالهه جي آهي ته مقامي ۽ چونڊيل نمائندن جي هٺ ڌرمي آهي،پر سنڌ اسيمبلي جي  ميمبرن توڙي سنڌ حڪومت انهي خاموشي حيرت ۾ وجهندڙ جڏهن ته ٿيڻ ته ائين گهرجي ته سنڌ اسيمبلي ۾ موجود سمورن باضمير ميمبرن کي هن معاملي تي خاموشي اختيار ڪرڻ بدران آواز بلند ڪري پنهنجي ماروئڙن جو آواز بڻجڻ گهرجي،سنڌ اينگرو ڪول مائنيگ ڪمپني عوام سان زيادتين ۾ اڪيلي سر سندرو ٻڌي بيٺل آهي ۽ سنڌ حڪومت 210 ارب روپين جي ٿر ڪول منصوبي ۾ 51 سيڪڙو حصيدار هجڻ باوجود عوام کان لاتعلق بڻيل آهي، جڏهن ته ٿيندو ائين آهي ته جتي معدنيات جهڙيون شيون نڪريون آهن،اتي جي مقامي ماڻهن جو ان ۾ حصو نه پر برابر جو حق هوندو آهي،پر هن وقت ٿر جي سموري عوام جي انهي برابري جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، ٿر،جيڪو قدرت جو عجائب گهر آهي، جتي جا پکي پکڻ، جيت جانور، مينهوڳي کانپوءِ سرسبز ۽ اکين کي ٺار بخشيندڙ منظر اندر ۾ عجيب مئڪشي پيدا ڪري ڇڏين ٿا، پر ٿر گذريل ڪيتري ئي وقت کان وٺي مصيبت ۽ سوڪهڙن لاءِ موزون محل وقوع پي رهيو آهي.

ٿرين جي زندگي بنيادي سهولتن کان وانجهيل پئي رهي آهي. پر گوڙاڻو ڊيم جي تعمير ٿيڻ ٿر واسين جي ڇاتي جي هنيل خنجر برابر آهي،جڏهن ته ٿر واسين جو موقف به پنهنجي جاءِ تي سورهن آنا سهي آهي ڇو ته سندن چوڻ آهي ته هو نه ٿا چون ته گوڙاڻو ڊيم نه ٺاهيو پر ٿر واسين چاهين ٿا ته گوڙاڻو ڊيم ٺهي پر صرف سندس جڳهه جي تبديل ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته ڊيم مقامي ڊيمو گرافي ۾ ڏار وجهڻ لاءِ تيزاب جو ڪم ڪندو. وري مٿان اِهو ٿيو آهي، انهن آبي ذخيرن موسمياتي تبديلين کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي. ٿر جي ڪوئلي جي کاڻين بابت هي اڏجندڙ گوڙاڻو ڊيم ڪو مٺي پاڻي جو نه آهي، بلڪه انهي کاڻين جي گند ۽ ڪچري جي هِڪ اهڙي ڍنڍ آهي، جيڪا ٿر جي ناياب پکين ۽ جانورن لاءِ پاڻ هاڃيڪار آهي، پر پوءِ به ٿري ماڻهن جو مطالبو صرف اِهو آهي ته هن ڊيم جو رڳو هنڌ تبديل ڪيو وڃي ۽ ڪئين غريب ٿرين کي پنهنجي اجهن کان محروم ٿيڻ کان بچايو وڃي.ٿر ريگستان جيڪو ڪيترن ئي معدني وسلين سان مالا مال آهي.پر انهي معدني وسلين سان مالا مال ٿر جي سڌاري ۽ عوام جي سندن وسلين مان رليف ڏيڻ ۾ حڪومتون ناڪام ٿي رهيون آهن.ڪو سال اهڙو ناهي گذريو جنهن سال اندر ٿر جي معصوم عوام مٿان ڪهر جا ڏينهن ناهن ڪڙيا.ڪڏهن کين بک ۽ اڃ وگهي تڙپائي تڙپائي مرڻ جهڙي زندگي تي مجبور ڪيو ويندو.ته ڪڏهن برساتن جا بادل نه وسڻ ڪري حسين ٿر ويرانين جي ور چڙهي ويندو آهي.جت موت جو راڪاس رنجيرون ٽوڙي ٿر جي معصوم ٻارن جي زندگين کي ڳڙڪائيندو رهي ٿو. جڏهن ته ٿر جي نالي تي ڪروڙين رپين جي بجٽ وٺندڙ اين جي اوز به صرف ڪاغذي ڪاروايون ڪري رهيون آهن.۽ سرڪار سڳوري به انهي ٿر جي معاملي تي دلچسپي نه وٺي رهي آهي.جنهن جي معاملو روز به روز بگڙندو پيو وڃي. ٿر جو حال ڏسي روئڻ ٿو اچي، دل ڏڪي ٿي وڃي! ٿر جا معصوم ٻار جيڪي ’هڏاوان پڃرا‘ ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪيترائي معصوم ٻار جيڪي  پنهنجي هڏڙن جي  پڃري وجود سان  ٿر جي واريءَ ۾  دفن ٿي ويا رهيا آهن  ۽ ڪيترائي آخري پساهه کڻي رهيا آهن. سندن اکين مان  معصوميتون ۽ حسرتون ڳالهائي ۽ روئي رهيون آهن سندس ننڍڙي وجود سان سگهه ختم ٿي چڪي آهي…جڏهن ته ٿر جو اهڙو حال آهي جو پهرين مور موڪلائي ويا،۽ پوءِ  پهرين مور مئا، پوءِ ڍور؛ پوءِ ٻار مئا ۽ هاڻي اها ج ڍور ۽ هاڻ گلابن جهڙا معصوم ٻار مري رهيا آهن، ۽ حڪومت پنهنجا پلاند آجا ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهي.انهن کي ايترو ته سوچڻ گهرجي ته اوهان رهبر آهيون ۽ اوهان پنهنجي رهبري اندر ٿر جي ڪهڙي رهبري ڪئي آهي.ان ڪري ٿر جي معاملي جي حڪمرانن جي خدا جي قهر کان ڊڄڻ گهرجي ٿر جو هاڻوڪو حوالو صرف ۽ صرف ڏڪر ۽ سوڪهڙو آهي، ماڻهن جو جيئڻ جنجال آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ۽ ڊيمن جي اڏاوت ٿرين کي ترقي جو لالي پاپ ڏيڻ جو هِڪ سنهرو دوکو آهي.هِن وقت ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، ملڪ ۾ ميڊيا ۽ اعليٰ عدالتن کان ڪجهه به لِڪل ڪونه آهي. اهڙين ڪمپنين کي هينئر ائين ڪوبه ڪرڻ ڪونه ڏيندو،

 

 

 

جرڳا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي؟: صاحب خان ڀٽي

جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾  انصاف لاءِ ڪيترائي ادارا موجود آهن پر ان باوجود ماڻهو پنچائتن ۽ جرڳائي نظام ۾ ڦاٿل آهن، جنهن سبب روزاني ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارو  واقعو پيش ايندو رهندو آهي،  ڪجهه  واقعا ته هن ملڪ ۾ اهڙا به پيش اچي چڪا آهن، جن کي ٻڌندي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو پر ان باوجود حڪومت جرڳائي نظام جي خاتمي لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نه کڻي رهي آهي، گذريل 3 فيبروري جمعي ڏهاڙي تي قومي اسيمبلي ۾ پنچائت ۽ جرڳن کي قانوني شڪل ڏيڻ جو بل منظور ڪيو ويو هو. قومي اسيمبلي ۾ متبادل حل تلب تڪرارن جو بل 2016 ڪجهه ترميمن سان اتفاق منظور ڪيو ويو هو ۽ اهو بل وفاقي وزير زاحد حامد ڪيو هو. جنهن بابت چيو ويو هو ته پنچائتن ۽ جرڳن ۾ عورتن جي نمائندگي ضروري آهي، سڀ کان وڌيڪ استحصال عورتن جو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست به آهي پر قومي اسيمبلي ۾ويٺل عورت ميمبر به عورتن جي حقن بابت ڪو خاص نه آواز نه اٿاري رهيون آهن. چونڊيل نمائندا به صرف اسيمبلين ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ بعد خاموش ويهي رهندا آهن، جن تي عمل نه ٿيڻ سبب املهه حياتيون ضايع ٿينديون رهنديون آهن، جرڳائي نظام  سبب سڀ کان وڌيڪ سنڌ ئي ٿيو آهي، گهر ۾ چوري ٿي وڃي يا وري ڪو قبيلائي تڪرار هجي پنچائت ۽ جرڳن ذريعي ڌرين تي ايترا ته ڏنڊ وڌا ويندا آهن جو ٻڌي ائين لڳندو آهي ته جن ماڻهن جو جرڳو ڪيو ويو آهي ته اهي ڪي غريب نه پر ڪي زميندار هجن، اهڙا ڪيترائي جرڳا سنڌ اندر روز ڪٿي نه ڪٿي ٿيندا رهندا آهن،  جن مان ڪجهه ميڊيا جي خبرن جي زينت به بڻجي ويندا آهن،

ڪجهه عرصو اڳ ته هتان جا ڪامورا به وڏي خوشي ۽ فخر سان جرڳا به ڪندا هئا، پر جڏهن کان جرڳائي نظام  خلاف احتجاج ٿيڻ شروع ٿيا آهن تنهن ڏينهن کان ڪجهه ڪامورن پنهنجا پير پوئتي ڪري ڇڏيا آهن. هن  وقت ته هر هڪ ساڃاهه وند به جرڳائي نظام جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن حڪومت سنجيده ٿي جرڳا ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ جيڪي ماڻهو جرڳا ڪري بي گناهه ماڻهن جون حياتيون کسي رهيا آهن تن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ضروري آهي، سنڌ ۾ ته ڪجهه اهڙا به جرڳا ٿيا آهن، جن کي ٻڌي ڪنڌ شرم وچا جهڪي ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن بااثر قتل جي جرڳي دوران متاثر ڌر وٽ پئسا نه هجڻ سبب سڱ چٽي جو به ڏنڊ هڻندا آهن، پوءِ ڀلي کڻي اهو ڇوڪري ڪنهن پوڙي کي ڇو نه پراڻي ڏني وڃي، جنهن کي نه ته پوليس روڪي سگهندي آهي ۽ نه ئي وري متاثر ڌر  مڃڻ کان انڪار ڪري سگهندي آهي، اهڙا کوڙ سارا جرڳا ۽ پنچائتون ميڊيا جي زينت به بڻيا آهن، جرڳائي نظام اڄ به سنڌ ۾ ان ڪري قائم ۽ دائم آهي جو هتي قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن قانون تي عمل ٿئي هئا ۽ ماڻهن کي تڪڙو انصاف ملي ها ته  غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو جرڳائي نظام ۾ ڦاٿل نه هجن ۽ نه ئي وري املهه حياتيون ضايع ٿين ها.

ڪجهه عرصو اڳ سنڌ ۾ قومپرست ڌرين طرفان جرڳائي نظام جي خاتمي لاءِ احتجاج به ڪيا ويا آهي، ايتري قدر جو قبيلائي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلا  به ڌرين ڏانهن ويا هئا جن کي قبيلائي تڪرار ختم ڪرڻ منٿ به ڪئي وئي هئي پر ان باوجود اڄ به سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي قبيلائي تڪرار هلندڙ آهن، ڪجهه قبيلائي تڪرار ملڪيت تي قبضي سبب هلي رهيا آهن ته ڪجهه وري پريم پرڻن سبب شروع ٿيا آهن، بهرحال انهن تڪرارن سبب ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع  ٿي چڪيون آهن. ڪيترائي ڀيرا پنچائت ۽ جرڳا به ٿي چڪا آهن پر ان باوجود سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيا آهن ۽ قبيلائي تڪرار ايتري ته شدت اختيار ڪري چڪا  آهن جو اهي علائقا نوگو ايريا بڻجي چڪا آهن ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويٺل آهن، جتي نه ته ٻار اسڪول پڙهڻ وڃي رهيا آهن  ۽ نه ئي  وري انهن علائقن حڪومت جي رٽ قائم آهي، ڪجهه جرڳا اهڙا به ٿيا آهن جو ڌريون جرڳي دوران کيرکنڊ ٿي ويون هيون ۽ بعد هڪ ٻئي جا ماڻهو ٻيهر تڪرار کي ڀڙڪائي ڇڏينديون آهن جيڪڏهن اهي فيصلا عدالت ۾ ٿين ها ته جرڳائي نظام جو خاتمو اچي وڃي ها، سنڌ ۾ پنچائت ۽ جرڳن سبب سڀ کان وڌيڪ عورتون ئي متاثر ٿيون آهن، ڇاڪاڻ ته  جرڳن ذريعي ئي عورتن کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرايو ويندوآهي ۽ اهڙا جرڳا اڳ سرعام ٿيندا هئا پر  اڄڪلهه اهڙا جرڳا خاموشي سان ٿي رهيا آهن ۽ انهن جرڳن  جي ڪنهن کي به خبر نه پئجي رهي آهي باقي ٻيا ملڪيت وارا جيڪي جرڳا ٿي رهيا آهن اهي ميڊيا تي به اچي رهيا آهن، سنڌ کان علاوه پنجاب ۾ به ڪجهه اهڙا جرڳا ٿيا آهن جن کي ٻڌي انسانيت جو ڪنڌ ئي شرم کان جهڪي وڃي ٿو،

ڪجهه عرصو اڳ پنجاب ۾ لڄالٽ ڪندڙ جوابدار کي جرڳي ذريعي متاثر ناري جي پيءَ کي الزام هيٺ آيل جوابدار جي ڌيءَ سان بدلي ۾ لڄالت ڪرڻ فيصلو ڪيو ويو هو ۽ ان شخص جرڳي جي فيصلي کي قبول به ڪيو هو، جڏهن ان متاثر شخص ان عورت سان اهو سلوڪ ڪيو ته اڳ ۾ ته اها ٿاڻي وئي ۽ داد فرياد نه ٿيڻ جي صورت پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي هئي، سنڌ ۾ به هڪ انسانيت جي تذليل وارو جرڳو ٿيو هو، جنهن کي ميڊيا تمام گهڻو کنيو هو، ان جرڳي ۾ ٻن پورهيت ڀائرن کي وات ۾ جوتي وجهي معافي وٺرائي وئي هئي، جڏهن اها ويڊيو منظرعام تي آئي هئي تڏهن پوليس ان بااثر شخص کي گرفتار ڪري ورتو هو. بهرحال هن وقت سڄي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ حڪومت کي فوري طور قدم کڻڻ سان گڏ پنچائت ۽ جرڳن تي پابندي لڳائڻ گهرجي ته جئين املهه حياتيون بچي سگهن ۽ جيڪي ماڻهو جرڳا ڪري غلط فيصلا ڏئي رهيا آهن انهن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن عدالتون موجود آهن ۽ ٻيا ادارا به موجود آهن ته پوءِ  انهن ماڻهن کي ڪهڙي ريت اجازت ڏئي سگهجي ٿي جيڪي نه ته پڙهيل لکيل آهن ۽ نه ئي وري انهن وٽ ڪا ڊگري آهي. هونءَ ته کوڙ ساريون تنظيمون  به جرڳائي نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعوائون ڪري رهيون آهن پر ان باوجود نه ته جرڳائي نظام جو خاتمو اچي سگهيو آهي ۽ نه ئي بي گناهه ماڻهن جو قتل عام رڪجي سگهيو آهي. هونءَ ته هن ملڪ ۾ وڏا وڏا بل منظور ڪيا ويندا پر انهن تي عمل نه  ٿيڻ سبب عوام کي ڪو به فائدو نه پهچي سگهندو آهي، جيڪڏهن حڪومت منظور ڪيل ٺهرائن تي عمل ڪرائي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ جرڳائي نظام جو خاتمو اچي وڃي ها.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

ٽرمپ جي مسلمان ملڪن تي سفري پابندي بحال ڪرڻ جي اپيل به رد

آمريڪا جي عدالت ٽرمپ انتظاميا جي مسلمان ملڪن جي شهرين تي لڳايل سفري پابندي بحال ڪرڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. آمريڪي انصاف کاتي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وفاقي عدالت جي جج جيمز رابرٽ جي صدارتي حڪم نامي کي معطل ڪرڻ واري فيصلي کي اپيليٽ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، جڏهن ته اپيليٽ ڪورٽ ٽرمپ انتظاميا جي 7 مسلمان ملڪن جي ماڻهن جي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي واري فيصلي کي رد ڪندي چيو هو ته حڪومتي وڪيلن جي اها دعويٰ سراسر غلط آهي ته رياستن وٽ صدارتي حڪم نامي کي چئلينج ڪرڻ جو اختيار ناهي،

رياستي وڪيلن جو موقف هو ته اسلامي ملڪن جي شهرين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو غير آئيني ۽ معتصباڻو آهي. ان کان اڳ وفاقي جج جيمز رابرٽ ٽرمپ جي صدارتي آرڊيننس کي معطل ڪندي فيصلو ڏنو هو ته 7 مسلمان ملڪن جي شهرين کي روڪڻ جو حڪم نامو معطل رکيو وڃي ۽ حڪم نامي کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو وڃي، جنهن بعد عدالتي فيصلي تي عملدارآمد ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزارت 7 مسلمان ملڪن جي شهرين تي لاڳو ويزا منسوخي جو فيصلو واپس ورتو ويو هو، عدالتي حڪم نامي ت عمل ڪندي آمريڪي عهديدارن انهن ملڪن جي مسافرن کي ملڪ اچڻ جي اجازت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي، اسان ويزن جي معطل ڪرڻ واري عارضي حڪم نامي کي ختم ڪري ڇڏيو، اهي ماڻهو جن جون ويزائون منسوخ ناهن ڪيون ويون، هاڻي اهي آمريڪي سفر ڪري سگهن ٿا.

صدارت حڪم نامو معطل ڪندڙ جج جيمز رابرٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان جي ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ جڏهن هڪ جج هوم لينڊ سيڪيورٽي جي سفري پابندي جي فيصلي کي روڪي ڇڏيو، هن فيصلي بعد تمام خطرناڪ ماڻهو بدنيتي جي عزم سان اسان جي ملڪ ۾ داخل ٿي سگهندا.

آمريڪي سينيٽر جم ڊي باڪس ڊونلڊ ٽرمپ پاران مسلمانن خلاف کنيل قدمن تي سمورن مسلمانن ۽ خاص طور تي پاڪستانين کان معافي گهرندي چيو آهي ته پاڪستاني آمريڪين جي دلين ۾ آهن، آمريڪي سينيٽر ڊونلڊ ٽرمپ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن ڊونلڊ ٽرمپ جي کنيل قدمن کي چريائپ قرار ڏيندي هٿ ٻڌي چيو ته پاڪستاني عوام کان ڊونلڊ ٽرمپ جي چريائپ تي معافي گهران ٿو، اسان مسلم ڪميونٽي ۽ پاڪستانين آڏو شرمندا آهيون، آمريڪي عوام جي اڪثريت ان چريائپ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ماڻهن کي چوان ٿو ته ٿورو صبر ڪن، ڇاڪاڻ ته اسان کي اميد آهي ته ٿوري عرصي ۾ اسان شين کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، ڪانگريس جلد آمريڪي صدر جا اختيار گهٽ ڪري ڇڏيندي.

 

ڪشمير مسئلو پاڪ-ڀارت تڪرار جو بنياد آهي: نواز شريف

اسلام آباد/ڪراچي(م.ڊ)  پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو سرڪاري سطح تي ملهايو ويو. ان ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو ، جڏهن ته صبح ۱۰ وڳي ڪشميرين سان همدردي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن، پاڪستان کي ڪشمير سان ڳنڍيندڙ پلين تي انساني هٿن جون زنجيرون ٺاهيون ويون، جنهن ۾ ڪشمير ڪميٽي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ وڏا وڏا بينرز ۽ پينا فليڪس هنيا ويا آهن جن ۾ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها ڪشميرين کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ڪشمير ڪائونسل پاران به ان ڏينهن جي مناسبت سان اهم تقريبون منعقد ڪيون وينديون.وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڀارتي فوج جا ظلم واريل ڪشمير جي عوام کي سندن مقصد کان پوئتي نٿا هٽائي سگهن، آئون ڪشميري عوام کي سندن قربانين ۽ جرئت تي سلام پيش ڪيان ٿو. وزير اعظم يوم يڪجهتي ڪشمير بابت جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي بابت پنهنجي اصولي موقف تي قائم رهندو، خطي ۾ خوشحالي جو خواب ڪشمير مسئلي جي حل تائين پورو نٿو ٿي سگهي. والاريل ڪشمير جي عوام آزادي جي جدوجهد ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون، اتي 12 هزار ماڻهو غير قانوني طور قيد ۾ آهن جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ سينيئر حريت اڳواڻن کي گرفتار ۽ نظربند ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قومي ڪشميرين جي حق خوداراديت ۾ انهن سان گڏ آهن، اهو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بنيادي تڪرار آهي.

چترال ۾ گهرن مٿان برفاني ڇپ ڪري پئي، 15 ڄڻا فوت، ڳولا جاري

چترال(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي علائقي چترال ۾ سخت برفباري کان پوءِ 20 گهرن تي برفاني ڇپون ڪري پيون جنهن جي هيٺان هن وقت تائين 15 لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته برفاني ڇپن ۾ وڌيڪ ڪيترائي ڄڻا دٻيل آهن جن کي ڪڍڻ جي لاءِ مقامي ماڻهو ۽ انتظاميا جون ڪارروائيون جاري آهن. چترال ۾ ڪريم آباد جي علائقي شير شال ۾ رات 20 گهرن تي برفاني ڇپ ڪري پئي جنهن هيٺان هن وقت تائين 14 لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ ڪيترن ئي ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي. وزير اعظم ميان نواز شريف چترال ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزير اعظم اين ڊي اي کي فوري امدادي ڪارروائين شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير اعظم چترال ۾ برفاني ڇپ گرڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي فوري طور امدادي ڪارروائين جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته متاثرن کي فوري طور تي خوراڪ، طبي امداد ۽ پناهه ڪئي وڃي.

 

پ پ 7 ملڪن جي شهرين تي مڙهيل پابندين بابت پرڏيهي آفيس جي بيان کي اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ آمريڪا پاران 7 ملڪن جي شهرين تي مڙهيل پابندين بابت پرڏيهي آفيس جي بيان کي اڻپورو قرار ڏنو آهي، پ پ جي ترجمان فرحت الله بابر نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن پارٽي سطح تي ان حوالي سان بحث نه ڪيو ويو ته هو سمجهي ٿو ته حڪومت کي نئين آمريڪي انتظاميا پاران ڪيل فيصلي جي ممڪنا منفي اثرن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ سفارتي حلقن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، سيد خورشيد شاهه پرڏيهي آفيس جي بيان کي بي اثر قرار ڏيندي چيو ته ان حوالي سان حڪومت کي هڪ موثر نقطو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، خورشيد شاهه اميد ظاهر ڪندي چيو ته آمريڪا جلدبازي ۾ ڪيل پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندو، ڇو ته اهو فيصلو انصاف، جمهوريت ۽ امن جي خلاف آهي، ڪنهن مسلمان يا ٻئي ملڪ پاران اڳرائي ڪرڻ کانسواءِ آمريڪا پاران اهڙي طرح جو فيصلو ڪرڻ عجيب آهي، هن آمريڪا پاران امن کي هٿي ڏيڻ تشدد ۽ دهشتگردي جي خاتمي بدران ان جي جارحاڻي رويي تي افسوس جو اظهار ڪيو، اهڙا قدم سڄي دنيا ۾ آمريڪا جي ساک کي خراب ڪندا. هن چيو ته آمريڪا جو مجسمو آزادي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙن ڪرڪوتن تي ورئي رهيو آهي، آمريڪا کي وٽ نام جنگ ۽ افغانستان ۾ درپيش مسئلن مان سکڻ گهرجي، فرحت الله بابر چيو ته اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته اميگريشن پاليسي کي ترتيب ڏيڻ هر ملڪ جو پنهنجو اختيار آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندڙ سينيٽ اجلاس پاران اشارو ڏيندي اپوزيشن کي ان معاملي کي اٿارڻ گهرجي.

 

19 سالن کانپوءِ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ ڇهين آدم شماري جو شيدول جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ 19 سالن کانپوءِ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ ڇهين مردمشماري جو شيڊول جاري ڪيو ويو، حڪومت پاران شيڊول موجب ملڪ جي 147 مان 62 ضلعن ۾ پهريون ۽ 85 ضلعن ۾ ٻئي مرحلي ۾ مردمشماري ٿيندي، شيڊول موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي 8 ضلعن ۾ پهريان، جڏهن ته ٻين 21 ضلعن ۾ ٻئي مرحلي ۾ مردمشماري ٿيندي، پنجاب جي لاهور، جهنگ فيصل آباد ۽ بهاولپور سميت 15 ضلعن ۾ پهريان، جڏهن ته 19 ضلعن ۾ ٻئي مرحلي ۾ مردمشماري ٿيندي، اهڙي ڪي پي ڪي پشاور سيمت 13 ضلعن ۾ پهريان، جڏهن ته 11 ضلعن ۾ ٻئي مرحلي ۾ مردمشماري ڪئي ويندي، شيدول موجب ڪوئيٽا سميت بلوچستان 15 ضلعن ۾ پهريان، جڏهن ته 17 ضلعن ۾ ٻئي مرحلي ۾ مردمشماري ٿيندي، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ 5-5 ضلعن ۾ مردمشماري ٿيندي، مردمشماري جا شروعاتي نتيجا مردمشماري جي مڪمل ٿيڻ جي 2 مهينن کانپوءِ تيار ڪيا ويندا.

 

ڪشمير جو مسئلو عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي: آصف علي زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. آصف علي زرادري چيو ته پيپلز پارٽي ڪشميرين جي حق خوداراديت جي وڪالت ڪندي رهندي ۽ ڪشميرين جي بنيادي حقن جي عزت ڪندي رهندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪشميرين جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي.

 

عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه عالمي برداري تي زور ڀريو آهي ته اها ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ مطابق جاري ڪيل بيان ۾ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو حل سڄي خطي لاءِ فائديمند آهي. هن چيو ته ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي اسان ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا جيڪو پنهنجو خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ سالن کان جدوجهد ڪري رهيو آهي. خورشيد شاهه ڀارت تي پڻ زور ڀريو ته ڊگهي عرصي کان جاري ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ قدم کڻي ۽ جمهوري روايتن کي نظر ۾ رکندي ڪشمير سلسلي جي حل لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچي

 

مراد علي شاهه جي آصف زرداري سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دبئي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پارٽي جي تنظيمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. رپورٽن موجب سيد مراد علي شاهه دبئي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پارٽي جي تنظيمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته وڏي وزير صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن ۽ حڪومتي قدمن بابت به آصف علي زرداري کي آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي صورتحال ۽ عدالتي فيصلي تي صلاحڪارن جا عهدا ختم يڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.27