تازيون خبرون

Daily Archives: February 3, 2017

بلائينڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پنجين ميچ ۾ اڄ نيپال سان مقابلو ڪندي

نئين دهلي(اي پي پي) ٻين ٽي 20 بلائينڊ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ نيپال جي ٽيمن وچ ۾ (اڄ) جمعي تي مقابلو ٿيندو. پاڪستاني ٽيم ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي. پاڪستان ٽيم مسلسل 3 ميچز کٽي ڪامابين جي هيٽرڪ مڪمل ڪري چڪي آهي. پاڪستاني ٽيم ايونٽ ۾ پنهنجي پنجين ميچ 3 فيبروريءَ تي نيپال، ڇهين ميچ 6 فيبروري تي ڏکڻ آفريقا، ستين ميچ 7 فيبروري تي بنگلاديش، اٺين ميچ 8 فيبروري تي ويسٽ انڊيز، جڏهن ته نائين ۽ آخري ميچ 9 فيبروري تي آسٽريليا خلاف کيڏندي. ميگا ايونٽس جا سيمي فائنلز 10 ۽ 11 فيبروريءَ تي کيڏيا ويندا، جڏهن ته ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فائنل 12 فيبروريءَ تي شيڊول آهي

 

ڪپتان مٽائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، مسئلا حل ڪرڻا پوندا: مصباح الحق

فيصل آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته پي سي بي اصل مسئلا حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏئي، ڇاڪاڻ ته رڳو ڪپتان بدلائڻ سان سڀ مسئلا حل نه ٿي سگهندا. فيصل آباد ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته هو نئين ڪپتان لاءِ ڪنهن جو به نالو نه وٺندو، ڇاڪاڻ ته هن جي تجويز سان ڪوبه فرق نه پوندو. هن چيو ته مشورا ڏيڻ لاءِ وڏا عقلمند ماڻهو موجود آهن، اهي جنهن کي بهتر سمجهن ٿا ته ان کي ئي ڪپتان بڻائي ڇڏين. ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته اڳواڻ جي تبديلي سان ڪوبه فرق نٿو پئي، پي سي بي کي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.

 

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خطري ۾ پوندي ايشيائي حالتون …!!!!: غلا مصطفيٰ جمالي

ويهه صدي جي ختم ٿيڻ وقت آمريڪي اخبار نويس.جنهن اسلامي دنيا کي هڪ دفعو ٻيهر مغرب جي صليب تي ٽنگهڻ ۽ غلام بڻائڻ لاءِ مغربي سامراجن کي پيش ڪش ڪئي.  ان يهودي جو نالو“تامهيس فريند مين ”هو سندس هڪ ڪالم جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو جنهن جو عنوان هو.“عالم اسلام ۾ هر حال ۾ جنگ رهي”ان جو اهو مقصد هو.!! اسلامي ملڪن اندر امن جو نالو نشان ئي نه هجي.همِيشه اسلام ملڪن اندرخانه جنگي رهي.اسلامي ملڪ پاڻ ۾ وڙهڻ جنهن جو اسان فائدو وٺون.انهي ڪري مغربي سامراج اهڙي سوچ سوچي ته آخر اهڙو ڪهڙو طريقو ڪجي جنهن سان اسلامي ملڪن ڏڦير پيدا ٿي. اوهان ڏٺو هوندو ته اها مغربي سامراجن جي روايت رهي آهي ته انهن هميشه جنهن به ملڪن تي حڪمراني ڪئي آهي. انهي ملڪ اندر انهن سڀ کان پهرين انهي ملڪ جي تعليم کي ڌڪ رسايو آهي.جيئن هڪ اهڙي مغربي سامراجي جو چوڻ آهي ته جڏهن به اوهانکي ڪنهن ملڪ تي حڪومت ڪرڻي آهي ته ان ملڪ مان صرف ٻه شيون کسيون. انهن ٻن شين مان هڪ شيءُ  ان ملڪ جي تعليم ختم ڪيو ٻيو انهي ملڪ اندر فرقيواريت کي جنم ڏيو..پوءِ اهو ملڪ اهڙو ڪمزور ٿي ويندو.جنهن کي پاڻ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو، ۽ اهو انهي الڙکائيندر ملڪ تي اوهان آساني سان پنهنجو مغربي سامراج آڻي سگهون ٿا.انهي ڪري انهن مغربي سامراجن اهو ئي طريقو استعمال ڪيو..پهرين اسلامي ملڪن مان سندس ٻولي ۽ تهذيب کي ختم ڪيو ۽ انهي ٻولي ۽ تهذيب جي بدلي پنهنجو ٻولي ۽ تهذيب جي تبليغ ڪئي.۽ پوءِ مغربي سامراج اهو ڪندا ويا.۽ انهي پنهنجي مقصد اندر ڪامياب ٿيندا ويا.جڏهن انهن پوري اسلامي ملڪن اندر پنهنجي تهذيب کي عام ڪيو ته انهي تهذيب اسلامي ملڪن اندر اهڙو اثر ڏيکاريو جن آهستي آهستي اسلام ملڪن اندر فرقيواريت کي جنم ڏنو.۽ پوءِ انهي مغربي سامراج انهي فرقيواريت کي انتهاپسدي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.۽ مسلمانن اهڙو گروهه پيدا ڪيا جيڪي خد پنهنجي مسلمانن جا دشمن بنجي ويا.جڏهن ته انهي مغربي سامراج انهي فرقيواريت کي وڌيندي ڏٺو۽ مسلمانن کي مسلمان سان بي انتها نفرت ڪندي ڏٺو ته انهي انهي مسلمانن مان تنظيمون ٺاهڻ شروع ڪيو جن جي وڏي تعداد اندر اسحلو ڏنو ويو ۽ انهن کي وڏي رقم ڏئي ڪري کين لالاچي بڻايو ويو.۽ انهن مغريي سامراجن جو اهو تجربو ڪيترو ڪامياب ويو اهو اسان جي سامهون آهي.جنهن جا اهڙا ته نتيجا نڪتا آهن جو اسلامي ملڪ واقعي هڪ وڏيون اذيتون ڀوڳي رهيا آهن.انهي مغربي سامراجن جي پيدا ڪيل ٻج کي هن وقت اسلامي ملڪن جا دشمن ڪيترائي ملڪ پاڻي ڏئي رهيا آهن.يعني انهن تنظيمن تي ڪڙورين رپيا پاڻي وانگر خرچ ڪري رهيا آهن .جن ملڪن ۾ انڊيا ۽ اسرائيل ۽ هن وقت آمريڪا پهرين نمبر تي آهي.انهي ڪري وڏي افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي جو خد مسلمان پنهنجي مسلمان ڀائرن کي ڪهڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا تيز ڪري رهيا آهن.مشرقي سطح کي ايشا ۾ سڀ کان وڌيڪ القائداه  جهادي گروپ سڀ کان اڳيان هو.جنهن جي سموري واڳ آمريڪا جي هٿ ۾ هئي.۽ هن وقت به آمريڪا جي هٿ ۾ آهي.جڏهن ته سندس سرمايه ڪاري خد آمريڪي سامراجن جي هٿ ۾ آهي.جڏهن ته اساما بن لادن جو موت کان پوءِ القاده جو زوال بڻيو.ان کان پوءِ وري ته مشرقي سطح تي ايشا جو امن خراب ڪرڻ لاءِ آمريڪي سامراجن داعش نالي جهادي تنظيم کي جنم ڏنو.۽ هي اهو هڪ ننڍڙو گروپ هو جيڪو همِيشه القائده جي پيسي جي هلندو هو.پر هاڻ اها داعش جنهن جو اصل چهرو سامهون اچي رهيو آهي. مغربي صليبي سامراج ۽ اسلام جي دشمن سابق وزيراعظم ٽوني بلئير خد اهو اعلان ڪيو هو ته اها اسان مسلمانن جي سبق سيکارڻ لاءِ ٺاهي آهي.جڏهن ته پنهنجي دور اندر ٽوني بلئير ۽ جارج بش اسلام ۽ اسلامي ملڪن جا وڏي ۾ وڏا دشمن هئا. ۽ انهن ٻنهي بزرگ دهشتگردن آخري اليڪشن انهي ئي حيثيت تي کٽي هئي ته صليبي سامراج. مسلمانن کي نشانو بڻائي. اهو حال ۽ موقف ٽوني بلئير جو هو جنهن ڪري بش کيس مشرقي سطح تي مغربي ملڪن جي صليبي سامراج جو نمائيندو ۽سفير مقرر ڪيو.۽ انهي وقت ٽوني بلئير داعش کي وجود ۾ آندو.جڏهن ته وقت وقت آمريڪا جو نئيون ٿيندڙ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنهن جو نظريو به انهن پوڙهن سياستدانن کان وڌيڪ خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي.جڏهن ته سندس صدارتي اليڪشن جي مهم دوران جي اهڙيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون هنيون ته دنيا جي اسلامي ملڪن لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ سٺو آمريڪي صدر ثابت نه ٿيندو،۽ ٿيو به ائين ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي حلف کڻڻ کان پهرين خاموش هو جنهن مان اهين لڳي رهيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته سندس نظري ۾ اليڪشن کٽڻ کانپوءِ تبديلي آئي هجي پر جئين ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدارتي عهدي جو حلف کنيو ته سندس خطرناڪ نظريو سڀني جو سامهون اچي ويو،ڊونلنڊ ٽرمپ ايندي ست اسلامي ملڪن مٿان پابندي لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته آمريڪي عدالتن سندس اهڙي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي فيصلي ۾ قائم آهي،جن اسلامي ملڪن مٿان آمريڪا پابندي لڳائي آهي انهن ۾ ايران جي سڀ کان وڌيڪ تبصرا هلندڙ آهن ڇو ته ايران وٽ جوهري مادو پيل آهي ۽ هو ڪنهن وقت ايٽمي تجربو به ڪرڻ وڃي رهيو هو پر اوباما جي دور اندر ايران ۽ آمريڪا جي تعلقات بهتر تي ويا ۽ ٻنهي ملڪن انهي تجربي ختم ڪري ايٽمي مهادو ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ آمريڪا ايران تان سموريون پابنديون هٽائي ڇڏيون،۽ ايران ۽ آمريڪا ويجها دوست بڻجي ويا پر ڊونلڊ ٽرمپ جي رويي مان اهو صاف ظاهر آهي ته هو ايران سان ڪنهن به ماحول اندر ٺاهه ڪري جي موڊ ۾ ناهي ٻئي پاسي ايران به آمريڪا کي اکيون ڏيکارڻ لاءِ آمريڪن جي ايران اندر اچڻ تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

 

 

نئون گورنر ۽ ڪراچي جو امن: تحرير ربنواز راز ڄامڙو

نيٺ بل آخر خانگائڻ واري  ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين محمد زبير سنڌ جي 32هين گورنر  طور حلف کڻي ورتو آهي. حلف برداري جي تقريب  ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ٿي . گورنر هائوس ۾ ٿيندڙ حلف برداري تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه نئين گورنر محمد زبير عمر  کي سنڌ جي گورنر واري عهدي جو حلف کڻايو، تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني، ڪابينا جا ميمبر ۽ اهم شخصيتون شامل هيون   حلف برداري واري تقريب ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه،  ڪور ڪمانڊر ڪراچي، مسلم ن جا اڳواڻ مريم اورنگزيب ۽ ٻيا شريڪ هئا . محمد زبير کان سنڌ جي گورنر جو حلف سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس سجاد علي شاهه ورتو. محمد زبير سنڌ جي گورنر طور حلف کڻڻ کان پوءِ ن ليگ جي  ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن نعريبازي به ڪئي.وزيراعظم نواز شريف سنڌ جي گورنر محمد زبير کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو اميد ته محمد زبير وفاق ۽ صوبي ۾ اثرائتي رابطي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ هو سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پڻ پنهنجون خدمتون انجام ڏيندو. نواز شريف چيو ته محمد زبير کي سندس اهليت ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي نئين گورنر محمد زبير چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف طرفان اعتماد ڪرڻ تي سندس ٿورائتو آهيان. سدائين قائد اعظم جي نقش قدم جي هلڻ جي ڪوشش ڪندس. رپورٽن موجب محمد زبير سنڌ جي گورنر واري عهدي تي مقرر ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم مون کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري جيڪو اعتماد ڪيو آهي، ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. محمد زبير چيو ته مان قائد اعظم جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس. ڪراچي جو امن منهنجي لاءِ نئون  چينج  آهي ڪراچي ۾ جيڪا  انسپيڪٽر جنرل آف سنڌ پوليس اي ڊي خواجا (الله ڏنو خواجا)  جي اڳواڻي ۾ ٿي آهي اها سندن بهادري جي نشاني آهي  لياري گينگوار جو ڪمانڊر نور محمد عرف بابا لاڏلا ڪراچي ۾ دهشت جي علامت بڻيل هو جيڪو  وڏو دهشتگرد هو، جنهن خلاف رينجرز  ڪارروائي ڪئي آهي. ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ناهي. ڄامشوري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته جيل ۾ عورت پوليس اهلڪارن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي. ڪنهن به عورت پوليس اهلڪار کي حراسان ڪرڻ بابت ڪا به شڪايت داخل ناهي ٿي..

ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز ۾ 2 گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان قتل ٿي ويو آهي، مقتول هڪ بنگلي ۾ ڊرائيور هو، واقعو ذاتي دشمني تحت پيش آيو آهي. ٻئي پاسي نرسري ويجهو هڪ گيسٽ هائوس مان پاڪستان ۾ رهندڙ آمريڪي همراهه جو لاش هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ ئي ٻڌائي سگهجي ٿو. گلشن چورنگي ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پوليس مطابق شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي دوران ۷ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي رات دير سان ڪراچي جي علائقي لياري لڳ ڦول پتي لين ۾ رينجرز سرچ آپريشن ڪيو، ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گينگ وار ڪمانڊر بابا لاڊلا پنهنجي ٻن ساٿين سوڌو مارجي ويو آهي، جڏهن ته 3ڏوهارين اونداهي جو فائدو وٺندي ڀڄي ويا، جن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي، ڏوهارين جي فائرنگ ۾ رينجرز جو هڪ جوان به زخمي ٿي پيو. ڏوهارين وٽان آٽوميٽڪ هلندڙ هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن. رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي علائقي ۾ ڏوهارين جي موجودگي تي ڪئي وئي، ڪارروائي دوران عمارتن جي ڇتين تان رينجرز مٿان فائرنگ ٿي، ان دوران نور محمد عرف بابا لاڊلا جو مارجي ويو، جڏهن ته بابا لاڊلا جا ويجها ۲ ساٿي به مارجي ويا، مارجي ويندڙ سندس ساٿين ۾ ڏوهاري ياسين عرف ماما ۽ سڪندر شامل آهن. رينجرز جو چوڻ آهي ته سڪندر تي ۱۵ کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث هو ۽ جهٽ پٽ مارڪيٽ ۾ بم ڌماڪي ۾ به ملوث هو، رينجرز جو چوڻ هو ته بابا لاڊلا لياري ۾ ڪيترائي ٽارچر سيل قائم ڪري رکيا هئا ۽ هو پوليس کي 125کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو، بابا لاڊلا تي 25لک رپيا جڏهن ته سڪندر عرف سڪو تي 10لک مقرر ٿيل آهن. بابا لاڊلا لياري آپريشن کانپوءِ گم ٿي ويو هو، بابا لاڊلا لياري گينگ وار خوف جي علامت سمجهيو ويندو هو80 جي ڏهاڪي ۾ بدنام ڌاڙيل ۽ منشيات فروش حاجي لالو پنهنجي پٽ ارشد پپو سوڌو عبدالرحمان بلوچ عرف رحمان ڊڪيت ۽ نور محمد عرف بابا لاڊلا کي به ڏوهن جي تربيت ڏني هئي. ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 2 ۾ گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان قتل ٿي ويو آهي، مقتول هڪ بنگلي ۾ ڊرائيور هو، واقعو ذاتي دشمني تحت پيش آيو آهي. ٻئي پاسي نرسري ويجهو هڪ گيسٽ هائوس مان پاڪستان ۾ رهندڙ آمريڪي همراهه جو لاش هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ ئي ٻڌائي سگهجي ٿو. گلشن چورنگي ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پوليس مطابق شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي دوران ۷ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي واپاري برادري ۽ صنعتڪارن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران واپاري برادري آرمي چيف کي  سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي خدشن جو اظهار ڪيو.

چيف آف آرمي سان ملاقات ڪندڙن ۾ ايس ايم منير، زبير طفيل، شميم فرپو ۽ ٻيا واپاري شامل هئا،.ملاقات ۾ واپاري برادري چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري صحيح نموني سان ناهي نڀائي رهي. ڪراچي کي گندي ۾ گندو شهر بڻايو ويو آهي، صدر، ايف پي سي سي آءِ زبير طفيل جو چوڻ هو ته واپاري برادري پاڪ فوج سان گڏو گڏ بيٺل آهي. شهر ۾ امن امان قائم ڪرڻ امن امان قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي جوانن سان هر سهڪار ڪنداسين ، ملاقات دوران آرمي چيف چيوته ڪراچي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو ويندو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل جاويد قمر باجوه چيو ته واپاري ۽ صنعتڪار ملڪ جي معيشت جي چيلهه جي هڏي آهن. شهر ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ قانو لاڳو ڪندڙ ادارا ڪم ڪندا رهندا. صدر ايف پي سي سي آءِ زبير طفيل  چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري ٺيڪ طريقي سان ناهي نڀائي رهي. ڪراچي شهر کي گندو ترين شهر بڻايو ويو آهي. آرمي چيف ۽ واپاري برادري ۾ ملاقات 2 ڪلاڪن تائين جاري رهي جڏهن ته ملاقات ۾ 40 کان وڌيڪ واپاري ۽ صنعتڪار تنظيمن جي ميمبرن شرڪت ڪئي ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي نامزد گورنر محمد زبير جو چوڻ آهي ته مخالف ڌارٽي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي لاءِ راولپنڊي ڏانهن منهن ڪيو پر ملڪ ۾ جمهوريت قائم رهي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نامزد گورنر محمد زبير چيو ته پاڪستان پارلياماني نظام ۽ آمريت جا زمانا ڏٺا آهن پر جھموريت سڀ کان بهترين نظام آهي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت هلندي رهڻ گهرجي. هن چيو ته مخالف پارٽي حڪومتي تختو اونڌو ڪرڻ جي لاءِ راولپنڊي جو رخ ڪيو پر جمهوريت قائم رهي،  پاڪستان هاڻ تبديل ٿي ويو آهي ۽ ادارا مضبوط ٿي رهيا آهن. محمد زبير چيو ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين ذاتي پسند يا ناپسند تي ڪنهن کي به نوڪري تان فارغ يا عهدو نٿو ڏئي سگهي. ڪارڪردگي ۽ ميرٽ تي فوڪس  ڪرڻو آهي ڇو ته ڪو به ادارو ميرٽ کان سواءِ نٿو هلي سگهي. ڪراچي سنڌ صوبي دل آهي جڏهن ڪو واقعو ڪراچي ۾ جنم وٺندو آهي سنڌ جي عوام جي دل ڏکي پوندي آهي انڪري ڪراچي شهر کي منشيات ۽ ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ تمام ضروري آهي ڪراچي جو امن هٿ ۾ کڻڻ واري کي ڪنهن به حال ۾ بخش نه ڪيو وڄي ڇاڪاڻ ته انهن کي عام شهرين جي جان ۽ مال کي لٽڻ ۾ مزو ايندو آهي . ڪراچي ۾ گھڻو ڪري بااثر ماڻهن جي ملوث هجڻ ڪري ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضفو ٿيو آهي جنهن کي هر حال ڪراچي بند ڪرڻ سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ حڪومت جي پهرين زميواري آهي . ڏسڻو اهو آهي سنڌ جو گورنر ڪيتري حد تائين ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو .

 

 

آدمشماري ۾ ٻاهر رهندڙ پاڪستاني غير ملڪي تصور ٿيندا….!!!

وفاقي حڪومت ٻاهرئين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي غيرملڪي تصور ڪندي ڇهين آدمشماري ۾ انهن کي شامل نه ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ موجود غيرملڪين کي به ملڪي تصور ڪري ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته آئين ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته هر 10 سالن کانپوءِ آدمشماري لازمي آهي، آدمشماري ڪرائڻ لازمي آهي اهو صرف عالمي پڌرنامي ۾ چيل آهي ته 10 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائي وڃي پر هر ملڪ پنهنجي وسيلن کي ڏسي قدم کڻندو آهي. آدمشماري جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 68 هزار 120 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن جڏهن ته ملڪ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي ڳڻيو ويندو ۽ پاڪستان ۾ موجود ڪنهن به شخص کي غيرملڪي تصور نه ڪيو ويندو جڏهن ته ملڪ ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جي عمل ۾ هر ڳڻپ ڪندڙ سان هڪ فوجي جوان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ضلعن کي فوج سان صلاح مشوري کانپوءِ ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو. شماريات کاتي جي چيف آصف باجوه بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آدمشماري ۾ نه ڳڻيو ويندو پر اهي غيرملڪي تصور ڪيا ويندا، هن وقت ٻاهرئين ملڪ ۾ رهندڙ 70 کان 80 لک پاڪستاني آهن. ننڍي کنڊ ۾ پهرين آدمشماري 1881ع ۾ ٿي هئي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان ويندي هيستائين 5 ڀيرا آدمشماري ٿي چڪي آهي، آئين ۾ 10 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻ جو ڪو شرط موجود نه آهي، اها ڳالهه عالمي پڌرنامي ۾ آهي ته 10 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻ ضروري آهي. هر ملڪ پنهنجا وسيلا ڏسي  آدمشماري ڪرائي ٿو، پاڪستان ۾ ڇهين آدمشماري 2008ع ۾ ٿيڻي هئي جيڪا مختلف سببن جي ڪري ملتوي ڪئي وئي، سي سي آءِ سپريم ڪورٽ جي هدايت تي 15 مارچ تي ڇهين آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آدمشماري ۾ ملڪ ۾ رهندڙ هر شخص کي ڳڻيو ويندو، چاهي اهو پاڪستاني هجي يا غيرملڪي. ٽن ڏينهن ۾ 15، 16 ۽ 17 مارچ تي گهرن جي ڳڻپ ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ 10 ڏينهن ۾ هڪ ڳڻپ ڪندڙ ۽ هڪ فوجي جوان فارم ڀرڻ جي لاءِ معلومات گڏ ڪندا ۽ هڪ ڏينهن بي گهر ماڻهن جي لاءِ رکيو ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ فوج سان مشاورت کانپوءِ ڪجهه بلاڪن کي فيز ون ۾ رکيو ويو آهي ۽ ڪجهه کي فيز ٽو ۾ رکيو ويو آهي، 18 مارچ تي ڳڻپ جو ريفرنس ڏينهن هوندو جنهن ۾ ڳڻپ ڪندڙ گهر وارن کان هر قسم جي معلومات پڇندو. سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ تعلقي جڏهن ته بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر هوندا. ملڪ ۾ هڪ لک 68 هزار 120 بلاڪ ٺاهيا ويندا جن ۾ سنڌ ۾ 38 هزار، پنجاب ۾ 86 هزار، بلوچستان ۾ 10 هزار 104، فاٽا ۾ 3 هزار 793، اسلام آباد ۾ 1303، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 4 هزار 23 بلاڪس ٺاهيا ويندا. هن چيو ته پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري جي 785 ماسٽر ٽرينر سکيا مڪمل ڪري ورتي آهي جيڪي فوجي آفيسرن ۽ سرڪاري اسڪول جي استادن کي سکيا ڏيندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کدڙن فقيرن کي به ڳڻيو ويندو. ڳڻپ کاتي واري سربراهه چيو ته هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 7 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 3.85 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي .