تازيون خبرون

Daily Archives: February 3, 2017

هر ڏاڙهي واري مرد ۽ نقاب واري عورت کي دهشتگرد نه سمجهيو وڃي: چوڌري نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو زوير چوڌري نثارعلي خان چيو آهي ته دهشتگردي کي ڪنهن به مذهب سان نٿو جوڙي سگهجي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم سان مسلم دنيا ۾ منفي پيغام مليو. هر ڏاڙهي وارو مرد ۽ باحجاب عورت کي دهشتگرد نه سمجهڻ گهرجي. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ سئمينا کي خطاب دوران گهرو زوير چوڌري نثارعلي خان چيو آهي ته سيڪيورٽي هڪ قصير يڪجهتي مسئلو آهي خطي ۾ سياست ۽ سيڪيورٽي کي ملائڻ جو رجحان آهي سياست کي سيڪيورٽي سان نه ملائڻ گهرجي اولهه ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سيڪيورٽي جو تنازر ۽ ضرورتون مختلف ٿي سگهن ٿيون پر سيڪيورٽي جو مطلب اهو نه آهي ته سرحدون بند ڪري ملڪ محفوظ ٿي وڃي سرحدن کي بند ڪري امن کي محسوس ڪرڻ جو نالو تحفظ نه آهي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم سڄي مسلم دنيا ۾ منفي پيغام پهتو آهي. امن امان جي قيام لاءِ ڳالهيون اهم آهن ڳالهيون نه ڪرڻ وارن جو ڪيس ڪمزور هوندو آهي مسئلن جي حل جي بنيادي ڪنجي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ئي آهن پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ وڌ کان وڌ لچڪ ڏيکاري رهيو آهي.

 

مشتاق رئيساڻي نيب کي اهڙي ڪهڙي آڇ ڪئي جو پلي بارگين ڪئي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته مشتاق رئيساڻي اهڙي ڪهڙي آڇ ڪئي جو نيب پلي بارگين ڪئي، اسان ان معاملي کي پلي بارگين نه پر بارگين چوندا آهيون ۽ اهو ته نيب چيئرمين خلاف ڪارروائي جي لاءِ  بهترين ڪيس بڻي ٿو. عدالت نيب کان ڇاپي جي ويڊيو ۽ تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن. خالد لانگو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي جسٽس دوست محمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت چيئرمين نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس فائز عيسيٰ  ريمارڪس ڏنا ته نيب چيئرمين خلاف ڪارروائي اهو ڪيس بهترين بڻي ٿو. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته وضاحت ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت پلي بارگين ڪئي، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ پلي بارگين جو ڪو به خاص سبب سامهون ناهي آيو.

 

پاڪ فوج پاڪستان قوم جي اميدن تي پورو لهندي: آرمي چيف

راولپنڊي(م.ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج پاڪستان قوم جي اميدن تي پورو لهندي، اسان جي شهيدن ۽ غازين جو مثالون موجود آهن. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ساليڪوٽ ۾ 16 بلوچ رجمنٽ جو دورو ڪيو، هن حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ فوجين سان ڏنهن گذاريو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته بلوچ رجمنٽ جوانن ۽ آفيسرن جي تربيت گاهه جو درجي رکي ٿي. هن چيو انهيءَ رجمنٽ ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي طور تي شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ ڪميشن به حاصل ڪيو ويو هو.

 

مراد علي شاهه ڪراچي راڻي باغ جي بهتري لاءِ سنگاپور جي ماهرن کان مدد وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڪراچي جي چڙيا گهر جي منصوبي بابت هڪ اهم اجلاس گهرايو ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان کي ٻيهر ڊزائين ۽ تعمير ڪري سنگاپور جي چڙيا گهر جهڙو بڻايو ويندو، جيڪو تقريبن ايتري ئي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. سنڌ جي وڏي وزير گذريل ڏينهن صوبائي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر، آرڪيٽيڪٽ ثمر علي خان (ايم پي اي)، ڊزائن ڊائريڪٽر زين مصطفيٰ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ۽ ڪي ايم سي آفيسرن سان گڏ دورو ڪري چڙيا گهر جي صورتحال ۽ اسٽريڪچر جو جائزو ورتو ويو هو ۽ ان کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ ۽ ٻيهر ڊزائين ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن چڙيا گهر جي دوري جي موقعي تي اهو فيصلو ڪيو هو ته هُو اڄ صبح چڙيا گهر جي ٻيهر ڊزائين ۽ پلاننگ ۾ شامل ٽيم جي ميمبرن سان هڪ اجلاس منعقد ڪندو ته جيئن گڏيل صلاح سان حتمي فيصلو ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڊزائن ڊائريڪٽر زين مصطفيٰ، ايم پي اي ثمر علي خان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جانورن کي کليل پنجرن ۽ وڏن انڪلوز ۾ رکيو وڃي، ان تي وڏي وزير سيد چيو ته ان انڪلوز ۾ جانورن جي قدرتي ماحول کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته هو اهو چوڻ چاهي ٿو ته هتي جانورن جي لاءِ هڪ سٺو ۽ بهتر ماحول مهيا ڪيو وڃي. آرڪيٽڪٽ وڏي وزير کي ٻڌايو ته انڪلوز جو ڊزائين 10 بين الاقوامي چڙيا گهرن جهڙوڪ سان ڊياگو، سنگاپور، برونيڪس زو، برلن زو ۽ ٻين جا ڊزائينن جي ريسرچ بعد ترتيب ڏنو ويو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انڪلوز لاءِ جنهن مٽيريل جي چونڊ ڪئي وئي آهي اهو پائيدار ۽ جانورن لاءِ دوستاڻي ۽ گهٽ سنڀال وارو آهي، گرائونڊ جي مٽي به جانورن جي فزيڪل گهرجن تحت تبديل ڪئي ويندي. ان سان گڏ انڪلوز ۾ واڌ ويجهه جي موبلائيزيشن سسٽم به هوندو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته حرڪت ڪندڙ جانورن جو فرنيچر، غارن ۾ لڪڻ، سطح کي بلند ڪرڻ، مٿي چڙهڻ لاءِ اسٽيڪچر وغيره انڪلوز جو ڄار ايترو مٿي هوندو جو وڌ کان وڌ سج جي روشني اچي سگهندي. جانورن لاءِ لڪيل جاءِ هوندي جتي جانورن کي آرام ۽ پرائيويسي ميسر هوندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽيم کي هدايت ڪئي ته هُو سمورا انڪلوز ۽ چڙيا گهر جي چوطرف ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳايا وڃن ته جيئن مانيٽرنگ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير کي کي ٻڌايو ويو ته چڙيا گهر جي علائقي جو ٽوپوگرافيڪل سروي ۽ انوائرمنٽ اسسمنٽ اسٽڊي ڪئي ويندي جنهن لاءِ وڏي وزير ڪراچي پئڪيج جي ڊائراڪٽر کي هدايت ڪئي ته هُو ٽيم کي سمورن سهولتون فراهم ڪري ته جئين ٽوپوگرافيڪل سروي ۽ انوائرمينٽل اسٽڊي جلد کان جلد ٿي سگهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي هڪ وڏو ۽ ڳتڙيل آباديءَ وارو شهر آهي ۽ هتي وڌ کان وڌ تفريحي سهولتون هئڻ گهرجن. هن ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي هدايت ڪئي ته هُو سفاري پارڪ لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي جيڪڏهن اوهان اهو ڪم ڪري سگهو ته.

 

سنڌ اسيمبلي، وفاقي حڪومت ٽيوب ويلن تي بجلي جي بلن ۾ 80 سيڪڙو رعايت ڏئي: قرارداد منظور

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي خميس تي هڪ قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو جنهن ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هوءَ صوبي ۾ زرعي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيوب ويلن تي بجلي جي بلن ۾ 80 سيڪڙو رعايت ڏئي، اهو قرارداد پ پ جي اسيمبلي جي ميمبر غلام مرتضيٰ بلوچ پيش ڪيو، جنهن جي ٻين پارلياماني گروپن حمايت ڪئي، قرارداد جي حمايت ۾ ڳالهائيندي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت پاران اعلان ڪيل هاري پيڪج جو وڏو چرچو آهي ان حوالي سان اخبارن ۾ وڏا وڏا اشتهار به ڏنا ويا پر اسان اهو سوال ڪريون ٿا ته هاري پيڪيج مان سنڌ کي ڇا مليو، اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ٽيوب ويلن لاءِ حڪومت مفت بجلي فراهم ڪندي آهي، پاڙيسري ملڪن ۾ هارين کي سستو ڀاڻ ۽ ٻيون مراعتون به ڏنيون وڃن ٿيون، اهڙن قدمن سان ڪنهن به ملڪ ۾ زراعت کي ترقي ملي ٿي، سنڌ ۾ پاڻي جي پهريائين کوٽ آهي جنهن سبب مجبورن ماڻهو ٽيوب ويل لڳائين ٿا ۽ ڊيزل جو هڪ ڊرم 17 کان 18 هزار رپين ۾ ملندو آهي، نثار کهڙو چيو ته سنڌ ۾ بجلي ته اچي نٿي پر پنهنجي مرضي سان بجلي جا بل ضرور ملن ٿا، هن چيو ته ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي جو دارومدار زراعت تي آهي جيڪو وفاقي حڪومت کان نوڪري نٿي گهري وڃي پر هو بجلي تي سئو سيڪڙو رعايت ڏئي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، هن چيو ته هاري پيڪيج ذريعي اسان کي ڌوکو ڏنو ويو، ايم ڪيو ايم پارلياماني ليڊر سيدر سردار احمد چيو ته بجلي جا اگهه سمورن صوبن ۾ هڪجهڙا هئڻ گهرجن، اهو مناسب نه آهي ته پنجاب ۾ ٽيوب ويلن لاءِ 5 رپيا في يونٽ هجي ۽ سنڌ ۾ ٽيوب ويل هلائڻ وارن کان 17 رپيا في يونٽ بل وصول ڪيو وڃي، غلام مرتضيٰ بلوچ چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري اهو مطالبو ڪري ته سنڌ ۾ زرعي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيوب ويلن کي بجلي جي بلن ۾ 80 سيڪڙو رعايت ڏني وڃي ۽ جهڙي طرح پنجاب ۾ 5 رپيا في يونٽ ڏني پئي وڃي سنڌ ۾ به رعايت اگهن تي ٽيوب ويلن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي، قرارداد جي حمايت ۾ ٻين ميمبرن به ڳالهايو، ان کانپوءِ گڏيل طور تي ان کي منظور ڪيو ويو.

 

وڏي وزير جي صلاحڪارن مولابخش چانڊيو، سعيد غني ۽ عبدالقيوم سومرو استعيفائون ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(م.ڊ)  سنڌ حڪومت جي ٽن صلاحڪارن پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن مطابق سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو،   ليبر کاتي جي صوبائي صلاحڪار سعيد غني ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي صلاحڪار عبدالقيوم سومرو پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏيندي استعيفيٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڏياري موڪلي آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بئنچ مرتضيٰ وهاب کان قانون جي صلاحڪار واري حيثيت جو قلمدان واپس وٺڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران مرتضيٰ وهاب کان قلمدان واپس وٺڻ بابت نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جو چوڻ هو ته سعيد غني، مولا بخش چانڊيو ۽ اصغر جوڻيجو به مختلف کاتا هلائي رهيا آهن، انهن کي به عهدن تان هٽايو وڃي، عدالت حڪم ڏنو ته ٻن ڏينهن ۾ مولا بخش چانڊيو، اصغر جوڻيجو ۽ سعيد غني کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري عدالت ۾ نوٽيفڪيشن پيش ڪيا وڃن.سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، مولا بخش چانڊيو پنهنجي استعيفيٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي موڪلي ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته عدالت جي فيصلي کانپوءِ ان عهدي تي رهڻ مناسب ناهي، شهيد ڀٽو کان وٺي اڄ تائين عدالتي فيصلن جو احترام ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به احترام ڪيو ويندو.

 

ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي ۾ بابا لاڊلا ٻن ساٿين سميت مارجي ويو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ خوف ۽ دهشت جي علامت بڻيل لياري گينگ وار جو ڪمانڊر نورمحمد عرف بابا لاڍلا پنهنجي ٻن ساٿين سميت لياري ۾ رينجرز جي مقابلي ۾ مارجي ويو مارجي ويل جوابدار جي قبضِ مان هٿيار ۽ دستي بم به هٿ ڪيا ويا آهن نورمحمد عرف بابا لاڍلا ٽارگيٽ ڪلنگ قتل گينگ ريپ پوليس ۽ رينجرز تي دستي بم حملن ۾ ملوث هو حڪومت ان جي مرڻ جي قيمت 25 لک مقرر ڪئي هئي پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق بابا لاڍلا کي گردن سيني پيٽ ۽ ٽنگن تي 6 گوليون لڳل آهن پاڪستان رينجرز سنڌ پاران جاري ڪيل اعلان موجب ڪراچي جي علائقي لياري ڦولپتي لين ۾ بابا لاڍلا جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو ته جوابدار رينجرز کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي جنهن کان پوءِ جوابدار ۽ رينجرز اهلڪارن ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي مقابلو 35 منٽن تائين جاري رهيو رينجرز جي جوابي فائرنگ سان گينگ وار ڪماندر بابا لاڏلا پنهنجي ٻن ساٿين سميت مارجي ويو جڏهن ته هڪ رينجرز اهلڪار به زخمي ٿي پيو. ترجمان رينجرز موجب مري ويل جوابدار جو شناختي ڪارڊ لياري گينگ وار جي ڪمانڊر نورمحمد عرف بابا لاڏلا سڪندر عرف سڪو ۽ ياسين بلوچ جي نالي سان ٿي آهي ٽئي دهشتگرد پوليس کي گهربل هئا.

 

نواز شريف کي ٽن نسلن جو حساب ڏيڻ جي ضرورت ناهي هو رڳو پنهنجو حساب ڏئي: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان وزير اعظم نواز شريف کي پاڪستان جو ٽرمپ قرار ڏيندي چيو آهي ته ٽرمپ به بزنس ڪندو آهي ۽ نواز شريف جيان هن به پنهنجن مائٽ کي آندو آهي، وزير اعظم سان منهنجي ذاتي دشمني ناهي، نواز شريف کي ٽن نسلن جو حساب ڏيڻ جي ضرورت ناهي هو رڳو پنهنجو حساب ڏئي، جنهن اسيمبلي ۾ عوام جي حقن جي لاءِ آواز بلند نه ٿي سگهي ان کي بند ڪرڻ گهرجي. عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽرمپ جو 7 ملڪن تي پابندي جو فيصلو احمقاڻو ۽ مذمت جوڳو آهي، آمريڪي ويزي تي پابندين جي ڳالهه دل جو آواز هئي جنهن جو مطلب اهو هو ته اسان پابنديون ۽ قرض نه ملڻ جي خوف کان نڪري ڪم ڪيون ته ملڪ ترقي ڪندو.

 

پريتي زنٽا جي گهر ننڍڙي مهمان جي اچڻ جا امڪان

ممبئي (شوبز نيوز) ماضي جي خوبصورت اداڪارا پريتي زنٽا جي گهر ننڍڙي مهمان جي اچڻ جا امڪان آهن. بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا گذريل سال فيبروري ۾ پنهنجي ويجهي آمريڪي دوست جيني گڊنيف سان شادي ڪئي آهي، هاڻي اداڪارا جي گهر ننڍڙي مهمان اچڻ جون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ برطانوي مئگزين سندس ڳورهاري هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. برطانوي مئگزين موجب پريتي زنٽا ڪجهه ڏينهن پهريان پنهنجي 42 هين سالگرهه جي موقعي تي مڙس ۽ پراڻي دوست فردين خان سان گڏ رات جي ماني لاءِ مقامي هوٽل تي پهتا، جتان واپسي تي صحافين جي ميڙ ۾ وڪوڙجي ويا.

 

فلم ”ڪابل“ جي پاڪستان ۾ نمائش تي ريٿڪ روشن ۽ سندس والد خوشيءَ ۾ ٻيڻا

ممبئي (شوبز نيوز) فلم ”ڪابل“ جي پاڪستان ۾ ريلز ٿيڻ تي ڀارتي اداڪار رٿن روشن ۽ سندس والد راڪيش روشن تمام گهڻا خوش نظر آيا. ڀارتي سپر اسٽار رٿڪ روشن جي فلم ”ڪابل“ سڄي پاڪستان ۾ رليز ڪئي وئي آهي، جنهن تي ڀارتي هدايتڪار راڪيش روشن ۽ سندس پٽ رٿڪ روشن تمام گهڻو خوش آهن. ڀارتي هدايتڪار راڪيش روشن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سينما مالڪن کي فلم ”ڪابل“ ايتري ته پسند آئي آهي جو انهن سنسر بورڊ کان رڳو ”ڪابل“ کي رليز ڪرايو آهي.