تازيون خبرون

Daily Archives: February 2, 2017

فلم رئيس هڪ ارب رپئي جي ڪاروبار جي ويجهو پهچي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) شاهه رخ خان جي فلم رئيس هڪ ارب رپئي جي ڪاروبار جي ويجهو پهچي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق راهول ڍولڪيا جي فلم رئيس جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪيو آهي. ذريعن مطابق فلم 29 جنوري تائين 170 ملين رپين جو ڪاروبار ڪيو آهي. اميد آهي ته هن هفتي فلم هڪ ارب ڀارتي رپئي جي حد پار ڪندي. فلم جي رليز کان اڳ ان جي ٽريلرن کي ڏسڻ وارن جو انگ 24 ڪلاڪن ۾ 21 ملين تائين پهچي ويو هو جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.

 

شرڌا ڪپور پنهنجي مينيجرز کي ڪاميابي جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره شرڌا ڪپور پنهنجي مئنيجر کي ڪاميابي جو سبب قرار ڏنو آهي. شرڌا پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته سندس مئنيجرز جي ٽيم بالي ووڊ ۾ رولر ڪوش سفر ۾ ڪاميابي جو سبب قرار ڏنو. هن چيو ته سٺي يا خراب رهي ان سان ورائي ان کي پنهنجي سفر ۾ بهترين ٽيم ملي آهي جيڪا منهنجي خوشقسمتي آهي.

 

نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ اڄ خميس تي کيڏي ويندي

چيپل هيڊلي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي چيپل هيڊلي ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ خميس تي ميڪلين پارڪ نيپئر ۾ کيڏي ويندي. ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندي ۽ پاڪستان جي معياري وقت موجب صب جو ٦ وڳي شروع ٿيندي. سيريز ۾ ڪيويز کي آسٽريليا خلاف ۰ڏ۱ جي سرسي حاصل آهي. ڪيويز آسٽريليا کي پهرين ميچ ۾ ٦ رنسن تان شڪست ڏني آهي.

 

گوڙاڻو ڊيم يا ٿرين کي بي دخل ڪرڻ جي سازش: صاحب خان ڀٽي

ٿر پارڪر کي قدرت معدني وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، هر طرف ريگستان ۽ واري جا وڏا وڏا دڙا ٿر جي خوبصورتي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿا، هڪ طرف قدرت ٿر جي هڪ حصي کي جابلو ٽڪرين ۾ورهايو آهي ته ٻيو حصو وري خشڪ ۽ ريگستاني آهي، جڏهن ته جابلو ٽڪرين جي پاسن کان زرخير زمين آهي، هڪ طرف ٿر پارڪار ۾ هرڻ ۽ ٻيا جانور آهن ته ٻي طرف مور به ٿر جي سونهن بڻيل آهي، جڏهن به ٿرپارڪر ۾ برساتون ٿينديون آهن ته هٿان جا ماڻهو خوشحال ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته ٿر جا ماڻهو برساتن جي پاڻي سان ئي  فيصل پوکيندا آهن ۽ برساتن سبب ئي ٿر ۾ ساوڪ ۽ ساوڪ نظر اچڻ لڳندي آهي، جيڪو منظر ڏسڻ لاءِ ماڻهو پري پري کان ڏسڻ ايندا آهن پر ان باوجود هتان جا ماڻهو غربت واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ٿر مان ڪوئلو ۽ ٻيون معدني شيون نڪتيون هيون ته هتان جي ماڻهن سوچيو هو ته سندن زندگي تبديل ٿي ويندي ۽ سرڪار کين مقامي ماڻهو سمجهه سندن ڀلائي لاءِڪي قدم کڻندي ۽ نوڪريون فراهم ڪندي پر افسوس جو ٿر جي ماڻهن کي ته نوڪريون ته نه مليون ۽ نه ئي انهن لاءِ روزگار جا دروازا  کوليا ويا، رهندو انهن کي بي دخل ڪرڻ لاءِ ٽڪساٽ ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٿر جا ماڻهو پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن.

جيتوڻيڪ هن وقت ٿر ۾ ڪوئلو ۽ ٻيون معدني شيون هٿ اچي چڪيون آهن پر ان باوجود نه ته ٿر جي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جهڙيون بنياديون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ نه ئي انهن جي بهتري لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن.جيڪڏهن ڪو ٿر جو ماڻهو احتجاج به ڪري ٿو ته ان جي دانهن ٻڌڻ وارو به هتي ڪير نه آهي، هن وقت به ٿر جا ماڻهو هزارن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪو سلسلو گذريل ڳچ عرصي کان هلندو پيو اچي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٿر جا ماڻهو خوراڪ جي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن پر حڪومت سدائين اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته ٿر ۾ ڪو به ڏڪار نه  آهي، پر جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي اهي خبرون نشر ٿيون ته ٿر پارڪر ۾ معصوم ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن ته حڪومت انهن خبرن کان ڪن لاٽار ڪئي ۽ چيو ته اهڙو ڪو به مسئلو ٿر ۾ نه آهي ۽ ٻارڙا اڳ به مرندا هئا ۽ هاڻ به مري رهيا آهن، اهڙي بيان سان هر هڪ ساڃاهه وند جي دل ڏکئي هئي پر حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم هئي.

جڏهن  نيشنل ۽ انٽرنيشنل ميڊيا ٿر ۾ ڏڪار وارين خبرن کي نشر شروع ڪيو ته آهستي آهستي صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ٿر ۾ امدادي ٽيمون موڪليون هيون ۽ ٿر ۾ ڏڪار سٽيلن کي  امدادي سامان به ڏنو ويو هو. هڪ طرف سنڌ جو وڏو وزير ٿر جا دورا ڪري رهيو هو ته ٻي طرف وري مختلف سماجي تنظيمون به ڏڪار سٽيلن  علائقن ۾ وڃي انهن جا مسئلا معلوم ڪري رهيون هيون. بهرحال ان وقت به ٿر جا ماڻهو نه ته صحت جون سهولتون ملڻ خلاف روڊن تي نڪتا هئا ۽ نه تعليم لاءِ احتجاج ڪيو هو پر هن وقت ٿر جا ماڻهو ان ڪري روڊن تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي روڊن تي نظر اچي رهيا آهن جو کين خدشو ٿيو آهي ته هاڻ ڪجهه بااثر ڌريون انهن کي ٿر مان بي دخل ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن ۽ هو انهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر سطح تي احتجاج ڪندا. هڪ طرف ٿر ۾ نه ته بجلي آهي ۽ نه ئي ڪي خاص سرڪاري اسڪول قائم ڪيا ويا آهن جتي تعليم سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون هجن ته ٻي طرف وري ڪاري سون جي مالڪن کي ڪڍڻ لاءِ هيلا هلائڻ جي ڪوشش به شروع ٿي وئي آهي ۽ ان جي شروعات ٿر جي ماڻهن جي زمينن تي قبضي کان شروع ٿي وئي آهي، ماضي ۾ ته نه حڪومت ٿر جي ريگستان ڏانهن اک ڦيريندي هئي ۽ نه ئي وري سرڪار انهن ڏانهن ڌيان ڏيندي هئي پر هاڻ جڏهن کان ٿر مان ڪوئلي جو خزانو هٿ آيو آهي تڏهن کان صوبائي حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ثر تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

بهرحال ڪنٽرول حاصل ڪرڻ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت جو حق آهي پر ٿر جي ماڻهن جي بنيادي مسئلن کي به حل ڪرڻ  به حڪومت جي به ذميواري آهي جيڪا هن وقت نه ته صوبائي حڪومت نڀائي آهي ۽ نه وفاقي حڪومت نڀائي رهي آهي، جنهن سبب ٿر جا ماڻهو ٻٽي عذاب جو شڪار آهن. جڏهن کان خانگي ڪمپنين جي يلغار ٿر ۾ اچي لٿي آهي تڏهن کان ٿر جا ماڻهو به پريشان ٿي ويا آهن هڪ طرف عرب شڪارين جا ڪٽڪ ته ٻي طرف وري خانگي ڪمپنيون جيڪي ٿر ۾ رلي رهيون آهن، جن کان پڇڻ وارو ڪو به نه آهي. هن وقت به ٿر ۾ ساڳي ئي صورتحال آهي پر جڏهن کان ڪوئلي جي کاڻن مان نڪرندڙ زهريلي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ٿيو آهي تڏهن کان ٿر جي ماڻهن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ اهي روڊن تي نڪري آيا آهن، ڇاڪاڻ ته کين خدشو آهي ته  ڊيم ٺهڻ سان سندن زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ جر جو پاڻي کارو بڻجي ويندو پر ان باوجود حڪومت انهن جي دانهن کي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ڪجهه  ڏينهن اڳ وڏي و زير سيد مراد علي شاهه هڪ اجلاس ۾ چيو هو ته  گوڙاڻو ڊيم تي هڪ ٻن گهرن کي اعتراض آهن، جيڪي به ختم ڪيا ويندا پر جڏهن مٺي ۾ هزارين ماڻهن گوڙاڻو ڊيم خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته لڳو وڏي وزير کي به شايد گوڙاڻو ڊيم بابت ڪا بريفنگ نه ڏني و ئي هئي جنهن سبب هن اهڙو بيان ڏنو، بهرحال هاڻ جڏهن ٿر جي هزارين ماڻهن گوڙاڻو ڊيم خلاف مهم هلائي آهي ته انهن جي سڏ کي هر هڪ سنڌي لبيڪ ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته گوڙاڻو ڊيم هڪ طرف ٿر جي ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو سوال بڻجي ويو آهي ته ٻي طرف وري ماحوليات تي به ان جا ڪيترائي اثر پئجي سگهن ٿا، جنهن سبب اڄ ڪلهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گوڙاڻو ڊيم خلاف احتجاج شروع ٿي ويو آهي،

پر افسوس جو نه ته گوڙاڻو ڊيم تي احتجاج ڪرڻ جو فنڪشنل ليگ نوٽيس ورتو آهي ۽ نه ئي وري حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن ڪو ڌيان ڏنو  آهي. ٿر جي ماڻهن جو اهو مطالبو به آهي ته گوڙاڻو ڊيم جو هنڌ تبديل ڪيو وڃي ته جئين سندن خدشا ختم ٿي سگهن پر نه ته اينگرو ڪمپني انهن جو مطالبو تسليم ڪري رهي  آهي ۽ نه ئي وري حڪومت انهن جو مطالبو ٻڌڻ لاءِ تيار آهي، ڪجهه ٿري ته اهي به دانهون ڪري رهيا آهن ته سندن زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه اهي به الزام لڳائي رهيا آهن ته سندن زمين ڀڳڙن عيوض ورتي پئي وڃي ۽ اهڙيون خبرون مختلف اخبارن ۾ به  شايع ٿينديون رهيون آهن. بهرحال هن وقت ٿر جا ماڻهو گوڙاڻو ڊيم خلاف سندرا ٻڌي ميدان تي لٿل آهن، جن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ هر هڪ فرد کي پنهنجو ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو، ٿر ي ماڻهن سوچيو هو ته ڪوئلو نڪرڻ بعد هو مالا مال ٿي ويندا پر افسوس جو ٿر مان ڪوئلي نڪرڻ جو کين ته ڪو فائدو ته نه ٿيو پر رهندو انهن جي زمينون ڀڳڙن عيوض ورتي پئي وڃي ۽ اهڙا منصوبا شروعا ڪيا پيا وڃن جن سان ٿر جي ماڻهن جا خدشا وڌندا پيا وڃن. هاڻ اها حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته اهي گوڙاڻو ڊيم بابت پيدا ٿيل خدشن کي ختم ڪري ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ٿر جي ماڻهن جي احتجاج  جو نوٽيس وٺي ته جئين ٿر جي ماڻهو به سک جو ساهه کڻي سگهن، ڇاڪاڻ ته گوڙاڻو ڊيم سبب هو تمام گهڻو پريشان آهن.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

تصوف ۽ روحانيت جو عظيم سرواڻ….سيد عطاءُ الله شاهه بخاري نقشبندي : تحرير؛عبدالفتاح عباسي  

سنڌ جي سرزمين وڏي خوش نصيب ۽ ڀاڳن واري آهي جو هن مٽيءَ مان بي بها ۽ انمول هيرن جنم ورتو آهي.هن ڌرتي جي مهڪ ۽ خوشبوءِ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.اولياءَ الله، ڪاملين، درويشن، صوفين، مجذوب هستين، وقت جي قطبن جي فهرست ۾ سنڌ جي هر طرف ڪرم نوازيون ۽ مهربانيون ٿيل آهن. سنڌ اهو شاهوڪار ۽ زرخيز خطو آهي جو هن ئي ڌرتيءَ تي هڪ طرف قلندر لعل شهباز حضرت سيدنا عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر رحمت الله عليه آهن ته ٻئي پاسي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه آهن.اهڙي طرح سورهيه بادشاهه رح ،مخدوم نوح رح هالا وارا،محمد اسماعيل رح پريالو شريف وارا، شهيد مخدوم عبدالرحمان هاشمي رح کهڙا شريف، شهيد مخدوم بلاول رح دادو،حضرت سائين محمد قاسم مشوري رح،حضرت سائين محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رح،حضرت سائين محمد خليل الرحمان نقشبندي مجددي  رح ، حضرت سائين محمد مظهر جان جانان نقشبندي غفاري رح ۽ ٻيا بزرگ ڪامل اولياءَ الله پنهنجن عقيدتمندن مريدن کي نصيحت ۽ واعظ تقرير ۾ هميشه الله پاڪ جي بندگيءَ جو سڏ ڏنو ۽ آقا ڪريم مديني واري مصطفيٰ رحمتِ دوجهان حضور سراپا نور ﷺ جي سنتن جي پاسداري طريقت ۽ شريعت مطابق زندگي گذارڻ جو اصول واضع ٿيل آهن ۽ انهن جي محبت ئي اصل زندگي ۽ باعث شفاعت جو بهترين نمونو ۽ صحيح واٽ ۽ جنت جو رستو آهي.الله وارن ڪاملين جي صحبت بابرڪت سبب اڄ به لکين گهنگار عيبدار بندا جيڪي رب جي رضا واري رستي کان دور هيا اهي صحيح ۽ سڌي واٽ تي گامزن آهن.اهڙي طرح ئي دور حاضر ۾ اسانجي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جنهن لاءِ عام چوڻي آهي ته “ هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو ” واري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڇا ته بزرگن جا ڪمال ۽ نسبتون شامل آهن. انهن بزرگن مان صاحب ولايت شريعت ۽ طريقت جا کليل مظهر ۽ واضع نسبت محمدي سان وابسته روحاني هستي حضرت سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري نقشبندي مجددي غفاري دامت برڪاتهم العاليه قمبر وارا سائين جن جي اولاد ۾ هڪ اهڙو سونهري باب نمايان آهي جنهن جي زندگي هر لحاظ کان هڪ پهتل ۽ مڃيل هستين مان هڪ روحاني ۽ تصوف سلوڪ جي هستي آهن.انهيءَ  قمبر واري سهڻي سائين جي فرزند ۾ هڪ سهڻو شهزادو پرهيزگاريءَ جو پيڪر صاحب سلوڪ روحانيت ۽ عشق مصطفيٰ ﷺ جي کليل تصوير حضرت قبله سائين محمد عطاءُ الله شاهه بخاري حسيني مدظله العالي آهن. قمبر واري سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري نقشبندي مجددي غفاري جي گهر ۾ سائين سيد عطاءُ الله شاهه بخاري  جو 2 فيبروري 1964ع تي  ڊرٻ چانڊيو ۾ جنم ٿيو.سندن جي پيدائش سان ئي الله تعاليٰ جي ڪرم سان حقيقي خوشين جي لهر ڇائنجي وئي ۽ صاحب ولايت هستين واريون خصوصيتون ۽ ڪرامات ظاهر ٿيڻ لڳيون. جنهن ۾ پراڻن فقيرن جو چوڻ آهي ته پاڻ پنهنجي بابا قمبر واري سهڻي سائين سان مرشد حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه جي درگاهه رحمت پور شريف لاڙڪاڻي ۾ جڏهن پهچندا هيا ته ننڍي هوندي ئي انتهائي ادب ۽ احترام سان گڏوگڏ نگاهه مرشد جي طلب ۾ مراقبي واري حالت ۾ ڪافي وقت ويهي الله جي عطا سان محبوب ڪريم ﷺ جي عشق و محبت جي طلب ۾ مستغرق ٿي ويندا هيا ۽ پنهنجا بابا سائين سندن کي پنهنجي مرشد جي عاليشان درگاهه تي هڪ نه پر بار بار فيض جي پالوٽ ۾ ٽمٽار ۽ نسبت جي واسطي ايندي ڏٺا ويا ۽ درگاهه پير مٺا سائين جي خدمت عقيدت ۾ اهو سلسلو جاري آهي. سائين سيد عطاءُ الله شاهه بخاري جن کي پنجن پٽن جو  اولاد ٿيو.جنهن ۾ پهريون فرزند سيد نصرالله شاهه جيڪي 8 يا 9 مهينن ۾ ئي الله کي پيارا ٿي ويا جنهن کان پوءِ موجوده صاحبزاده سيد محمد نصرالله شاهه بخاري پيدا ٿيا ۽ پوءِ اهو نالو انهيءَ تي رکيو ويو ٽين نمبر تي سيد محمد حبيب احمد شاهه چوٿين نمبر تي سيد محمد شفيق احمد شاهه ۽ پنجين نمبر تي سيد محمد ثناءُ الله شاهه بخاري آهن.انهيءَ مبارڪ گهراڻي مان ٻه صاحبزاده سيد محمد حبيب احمد شاهه ۽ صاحبزاده سيد محمد شفيق احمد شاهه ڦوهه جوانيءَ ۾ شهيد ٿي ويا ۽ اهي علمي جوهر جا مايه ناز مينار هيا.جيڪي سنڌ ۽ پنجاب جي بهترين درسگاهن مدرسن مان تعليم يافته هيا.سائين سيد محمد شفيق احمد شاهه بخاريءَ کي تازو ٽي سال اڳ شڪارپور پنهنجي ڏاڏا سائين سيد غلام حسين شاهه بخاريءَ سان گڏ جشن عيدميلادالنبي ﷺ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندي رستي ۾ بم ڌماڪي سان قاتلاڻو حملو ڪندي شهيد ڪيو ويو هيو جنهن ۾ قمبر وارا سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري پڻ انهيءَ ئي گاڏيءَ ۾ گڏ سوار هيا ۽ انهيءَ بم ڌماڪي دوران سائين جن جي چادر مبارڪ ۾ پڻ ڌماڪي سبب ڪيترائي سوراخ ٿي ويا پر الله تعاليٰ جي ڪرم نوازيءَ سان ۽ حضور سراپا نور ﷺ جي نظر عنايت سبب سائين جن حفظ و امان ۾ رهيا ۽ ظالم دهشتگرد عناصر ٽولا پنهنجي ناپاڪ عزائم ۾ ناڪام ۽ نامراد ٿي ويا.انهيءَ لاءِ ئي چيو ويندو آهي ته جنهن کي رب رکي انهيءَ کي ڪير چکي ۽ مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي.بيشڪ سبحان الله،سائين سيد عطاءُ الله شاهه بخاري جن جي وڏي فرزند سيد نصرالله شاهه بخاريءَ جن کي هڪ فرزند سيد گل محمد شاهه ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي.جڏهن ته شهيد سيد شفيق احمد شاهه بخاري جن کي هڪ فرزند سيد حبيب احمد شاهه جي اولاد آهي. هن مبارڪ گهراڻي ۾ عشق رسول الله ﷺ جي ستي اصل پيڙين کان جاري و ساري آهي ۽ انهيءَ محبت رسول جي محبت سبب اڄ لکين ڪروڙين عوام عشق و محبت ۾ سرشار ٿيندو نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته هيءَ اها روشني آهي جنهن مان بيشمار ڏيئا روشن ٿيندا رهن ٿا.سائين سيد عطاءُ الله شاهه بخاري جي اڪثر زندگيءَ جي معاملات ۾ ذڪر خداوند ۽ مخلوق خدا جي خدمت ڪندي گذري ٿي.هو سٻاجهڙا ۽ سڀ تي مهربان ۽ نهايت ئي نفيس قسم جا محبت ڪندڙ هر هڪ سان پيش ايندڙ بزرگ آهن.سائين جي ڪيترين زبانن تي عبور رکن ٿا ۽ پاڻ قرآن پاڪ جي يادگيريءَ جي حوالي سان بهترين حافظن ۾ شامل آهن.سندن جو اڪثر وقت قرآن مجيد جي تلاوت پاڪ ۾ گذري ٿو ۽ پاڻ گهڻو ڪري پنهنجي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ حضور عليه الصلوات والسلام جي شهر مديني م عمري شريف جي سعادت ۾ گذارين ٿا ۽ اهڙي طرح سال ۾ ٻه ٽي دفعا عمري پاڪ جي سعادت مان مستفيض ٿيندا رهن ٿا.جيڪڏهن پنهنجي وطن سنڌ ۾ هوندا آهن ته پنهنجي بابا سائين قبله سيد غلام حسين شاهه بخاري جي خدمت ۾ اڪثر وقت گذارين ٿا.پاڻ تنظيم اصلاح الفقراءَ نقشبنديه حسينيه جا مرڪزي چيئرمين آهن ۽ انهيءَ عظيم پليٽ فارم تان لکين مريدن پانڌيئڙن عقيدتمندن زائرين جي درگاهه قمبر شريف سميت هر هنڌ خدمت لاءِ وڃن ٿا سنڌ جي ڪا اهڙي وستي واهڻ شهر ۽ ڳوٺ ڪونهي جتي هن پليٽ فارم ذريعي عشق رسول الله ﷺ جو پيغام امن سلامتي پيار و محبت جو نه ڏنو ويو هجي.هن مبارڪ روحانيت سان ڀرپور هستي جي صحبت ۾ ويهڻ وارا مبارڪ ۽ مستفيض بڻجندا رهن ٿا.پاڻ پنهنجي مرشد مهربان جيان جلال ۽ هشمت وارا بزرگ آهن ۽ سندن جي مهربانين جي حوالي سان نهايت شفيق ۽ سٻاجهڙي طبعيت هر هڪ لاءِ هڪ انمول مبارڪ تحفو سمجهي ويندي آهي.گهڻي قدر پاڻ اڪيلائيءَ ۾ عبادت جي شوق و ذوق ۾ مصروف هوندا آهن سندن جي معاملات ۾ نه صرف پنج وقت نماز پابنديءَ سان هوندي آهي پر مراقبي جي لازال نعمت سان گڏوگڏ ٻيون نفلي نمازون پڻ پڙهندا رهندا آهن ۽ پاڻ ڪچهريءَ جا مور ۽ مهمان نوازيءَ ۾ بي مثال لحاظ رکڻ وارا آهن.سندن جي ڪچهري ۽ صحبت مبارڪ ۾ ويهندڙ ماڻهو اٿڻ تي دل نه چوندي آهي ڇاڪاڻ ته  پنهنجي پير و مرشد قبله سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري جن جي زندگي جي شب و روز معاملات بابت ۽ انهن جي مخلوق خدا سان بي انتها محبت جا مثال  ۽ واقعا بيان ڪيا ويندا آهن.پاڻ پنهنجي مريدن سان به هڪ مهربان دوست جيان پيش ايندا آهن ۽ درگاهه عاليه حسين آباد تي پري پري کان ايندڙ پانڌيئڙن زائرين ۽ مريدن جي خدمت ۾ پيش پيش هوندا آهن مهمانن جي موسم مطابق هنڌ بستري کاڌي پيتي جو خيال رکڻ ۽ انهن ماڻهن کي ظاهري ۽ باطني غذا ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهندا آهن. دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ تصوف ۽ سلوڪ طريقت ۽ شريعت جا طالب هن درگاهه مان فيض سان ڀرپور فيضان مان مستفيض ٿيندا رهن ٿا.هن درگاهه تي نه صرف نقشبندي سلسلي سان وابسته عاشقان رسول ﷺ موجود رهن ٿا پر سڀني مبارڪ طريقن سان وابستگي رکندڙ پانڌيئڙا زائرين ايندا رهن ٿا جنهن ۾ قادري، چشتي يا سهروردي به پنهنجي پرينءَ جي پچار لاءِ هتي وڏي تعداد ۾ ايندا رهن ٿا ۽ پنهنجي اڃايل دلين کي منور ڪندا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته محبت ڪرڻ وارا ڪهڙي به مبارڪ سلسلي سان ڇو نه هجن پر اهي الله جي پيارن ۽  ڪامل هستين سان محبت ڪندا رهن ٿا يقينن هر هڪ مريد کي پنهنجي مرشد طرفان فيض جي پالوٽ ٿيندي رهندي آهي ۽ نسبت رکندڙ ئي ڪامياب ۽ فيضياب ٿيندا رهن ٿا.پاڻ پنهنجي حلقه احباب لاءِ شريعت ۽ طريقت جي سبق جي يادگيري لاءِ انهن کي به فيض جي سمنڊ ۾ مستغرق ڪرڻ لاءِ بابا سائين جي خدمت عقيدت ۾ اچڻ جي دعوت عام ڏيندا رهن ٿا ۽ پوءِ جڏهن انهيءَ مبارڪ هستيءَ جي صحبت بابرڪت ۾ سعادت ملي وڃي ٿي ته هر هڪ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڏي ۾ وڏو دنيا جو خوش نصيب تصور ڪرڻ لڳي ٿو.هيءَ مذاج عشق جو باب ۽ مرتبو ڪنهن ڪنهن کي ميسر ٿئي ٿو. جيڪي انهيءَ مهربانيءَ مان لطف وٺي الله جي ڪامل هستين جي بارگاهه ۾ پهچن ٿا ۽ پوءِ نظارا نينهن جا پسن ٿا انهن جي زندگين ۾ ظاهري ۽ باطني مهربانيون ٿينديون رهن ٿيون پر ڏسڻ واري اک هجي ته هيءُ قرب ڪريمن جو ٿيندو رهندو آهي.مقصد ته هر طرف روشنين جا مينار نمايان آهن.سرڪار عالي وقار محبوب پروردگار حضور سراپا نور ﷺ جي عظمت وارن صحابه ڪرام ۽ اهلبيت پاڪ جي نسبت ۽ پيار سان منور دليون ڪندڙ عظيم الشان شخصيت ۽ قلبي قرار جي مهربانين سان سرفراز ڪندڙ روحانيت جي مالڪ طور سڃاتي ويندڙ درگاهه حسين آباد قمبر شريف هر هڪ عام خاص لاءِ محبتِ رسول الله ﷺ سان سرشار هر هڪ عاشق رسول لاءِ شاندار ۽ بي مثال روحانيت جو عاليشان مرڪز آهي.دعا آهي ته خدا تعاليٰ حضور عليه الصلوات والسلام جي صدقي ۾ درگاهه حسين آباد جي باني،خانقاهه شريف سان محبت ڪندڙن ۽ گهراڻي کي بد نظر کان محفوظ رکي ۽ پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي آمين.

 

 

 

پاناما ڪيس جو اهم حصو قطري سيڙپڪاري….

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته قطري سيڙپڪاري پاناما ڪيس جو اهم حصو آهي، وزيراعظم ته ڪڏهن به ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو، الثاني خاندان سان ايڏا لاڳاپا هئا جو 13 سالن تائين شريف خاندان لنڊن فليٽن ۾ رهي رهيو هو، 13 سال ڪير رهندو ته آڱريون ته ضرور کڄنديون. ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل وقاص قدير ڊار حديبيه پيپرز مل ريفرنس تي اپيل داخل نه ڪرڻ بابت اجلاس جي ڪارروائي جا منٽس عدالت کي ڏنا. وقاص ڊار عدالت کي ٻڌايو ته اجلاس ۾ نيب جي پراسيڪيوٽر اپيل داخل نه ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ نيب چيئرمين ان تجويز سان اتفاق ڪيو ۽ ججن جي فيصلي ۾ اختلاف جي ڪري اپيل داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن تي جسٽس گلزار احمد پڇيو ته اهڙا ڪيترا ڪيس آهن جن ۾ اپيل داخل نه ڪئي وئي، جنهن تي وقاص قدير چيو ته اهڙا ته گهڻا ڪيس آهن،  جسٽس اعجاز چيو ته اهڙا به ڪيترائي ڪيس آهن جن ۾ ججن متفقه فيصلو ڏنو پر نيب اپيل داخل ڪئي جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته جڏهن نيب جو وارو ايندو ته ان رخ تي به غور ڪنداسين جڏهن ته حسن ۽ حسين نواز جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته رڪارڊ مان ثابت ٿي ويو آهي ته فيڪٽري جي وڪري سان 12 ملين درهم مليا جنهن تي جسٽس اعجاز افضل پڇيو ته بئنڪ جون رهتون ڪنهن ادا ڪيون ڇا 75 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪرڻ تي بئنڪ کي قرض ادا ڪيو ويو، سلمان اڪرم ٻڌايو ته 75 سيڪڙو  شيئرز وڪرو ڪرڻ سان ملندڙ رقم مان قرض ادا ڪيو ويو جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته باقي رهتن جو ڇا ٿيو، جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته ٿي سگهي ٿو ته فيڪٽري جي منافعي مان رهتون ادا ڪيون ويون هجن جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته ڀٽو جي دور ۾ 6 نيون فيڪٽريون هنيون ويون، جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته ڇا پاڪستان ۾ 6 نيون فيڪٽريون هنيون ويون ته ان کانپوءِ به گلف فيڪٽري هڻڻ جي ضرورت هئي، وزيراعظم جي تقرير ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر ئي نه آهي. جسٽس آصف کوسا چيو ته وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ مشينري خريد ڪرڻ جو ڪو ذڪر ئي ناهي ڪيو، مون ڪتاب مان صفحو گم هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جنهن تي اسان کي ڇڙٻون به مليون آهن ته سڀ ثبوت موجود آهن ۽ اسان کي نظر نه ٿا اچن، ٿي سگهي ٿو ته اسان کان غلطي ٿي هجي ۽ نظر نه آيو هجي، ڇا دبئي فيڪٽري جي مشينري حسين نواز خريد ڪئي هئي، جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته دبئي فيڪٽري جي مشين سان جده مل تيار ڪئي وئي ۽ ان کانسواءِ نئين مشينري به خريد ڪئي وئي. جسٽس اعجازالحسن چيو ته حسين نواز موجب لنڊن فليٽس قطري سيڙپڪاري سان ورتا ويا، سوال اهو آهي  ته لنڊن فليٽن جو سرمايو ڪٿان کان آيو، هن ڪهاڻي جو اصل حصو قطري سيڙپڪاري آهي، وزيراعظم جي تقرير ۽ طارق شفيع جي حلفي بيان ۾ قطر ۾ سيڙپڪاري جو ذڪر نه آهي، 5 نومبر تي قطري جو خط ۽ 12 نومبر تي طارق شفيع جو بيان حلفي آيو، ٻئي بيان ۾ بهتري آندي وئي، فيڪٽري جي رقم جا 12 ملين درهم ڪيئن مليا اهو طارق شفيع ڄاڻي ٿو، کيس قطري سيڙپڪاري جو علم هو ته هو حلفي بيان ۾ ان جو ذڪر ڪري ڇڏي ها جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته دبئي مل هڪ حقيقت آهي، ڪاروبار تي ڪنٽرول ميان شريف جو هو، طارق شفيع گلف فيڪٽري جا روزاني جا معاملا نه ڏسندو هو، طارق شفيع کي بيان حلفي کان اڳ ۾ سڀني شين جي خبر هئي، ائين نه آهي ته سوالن جا جواب نه آهن، جيڪي سوال مون کان پڇيا پيا وڃن اهي طارق شفيع کي شاهد طور گهرائي پڇيا وڃن، 12 ملين درهم جي رقم الثاني خاندان کي 6 قسطن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڏني وئي، ڪرنسي اٺن تي وجهي موڪلڻ واري ڳالهه اجائي آهي، وڏن نوٽن ۾ ادائيگي ڪئي وڃي ته ڪرنسي جو وزن ٻن ڪتابن کان وڌيڪ نه ٿيندو. سلمان اڪرم چيو ته لنڊن فليٽن جي 1993ع کان 1996ع ۾ مجموعي پاڪستاني ماليت 7 ڪروڙ ٿئي ٿي، اها ڪا لڪل ڳالهه نه آهي ته شريف خاندان جا ٻار شروع کان ئي اتي رهي رهيا آهن، شريف خاندان اهي فليٽس 2006ع ۾ خريد ڪيا، شريف فيملي ان وقت آف شور ڪمپنين جي مالڪ نه هئي، جنهن تي جسٽس اعجازالحسن چيو ته 1993ع کان 1996ع جي وچ ۾ اهي فليٽس ڪنهن جي ملڪيت هئا جنهن تي سلمان اڪرم ٻڌايو ته شريف خاندان 1993ع کان 1996ع جي وچ ۾ لنڊن فليٽس خريد ناهن ڪيا، 2006ع کان پهرين ڪمپنين جا سرٽيفڪيٽ الثاني خاندان وٽ هئا ۽ الثاني خاندان 1993ع کان 1996ع ۾ آف شور ڪمپنين وسيلي فليٽس خريد ڪيا.