تازيون خبرون

Daily Archives: January 27, 2017

شروعات ۾ ڪم کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو، رڳو پئسا ڪمائڻ لاءِ فلمون ڪندو هئس: اڪشي ڪمار

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اڪشي ڪمار چيو آهي ته هو هڪ جنوني اداڪار آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اڪشي ڪمار کي فلم انڊسٽريءَ ۾ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ جو وقت ٿي ويو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هن اداڪاري جي پيشي کي رڳو پئسا ڪمائڻ لاءِ چونڊيو هو، پر هن جو چوڻ آهي ته وقت سان گڏوگڏ هن پاڻ کي جنوني اداڪار بڻايو ۽ اها تبديلي سندس زندگيءَ ۾ 1999ع جي فلم ”سنگهرش“ سان آئي ۽ هن پنهنجي ڪم سان محبت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هاڻي هو هڪ جنوني اداڪار آهي. اڪشي چيو ته ايمانداري سان چوان ته آئون پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان جو آئون ان انڊسٽريءَ جو حصو آهيان. هن چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ آئون پنهنجي ڪم کي سنجيدگيءَ سان نه وٺندو هوس، جڏهن هڪ سٺو بئنڪ بيلنس ٺاهي ورتو ان کان پوءِ خطرا کڻڻ شروع ڪري ڇڏيم. جيڪڏهن آئون پنهنجي ڪيريئر تي نظر وجهان ته فلم سنگهرش هڪ اداڪار طور منهنجو نظريو تبديل ڪري ڇڏيو.

 

مون کي شيطان جي نظر لڳي آهي: ماهرا خان

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته شاهه رخ خان جي نئين فلم رئيس جي پاڪستان ۾ رليز نه ٿيڻ تي ڏک پهتو آهي، منهنجي شهرت کي شيطان جي نظر لڳي وئي آهي. ماهرا خان وڌيڪ چيو ته منهنجي رئيس پوري دنيا ۾ رليز ڪئي وئي آهي ۽ ان کي پسند ڪيو پيو وڃي، آئون پاڪستان جي پهرين اداڪارا آهيان، جنهن بالي ووڊ جي ڪنگ سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.

آسٽريليا خلاف سيريز لاءِبهترين رانديگر چونڊيا، ڪنهن جو نالو نه وٺندس پر ٽيم ۾ وڏو بدلاءُ اچڻ گھرجي: انضمام الحق

لاهور (اسپورٽس نيوز) ملڪي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽيءَ جي چيئرمين انضمام الحق چيو آهي ته سيريز دوران ڪنهن کي ڪابه صلاح نه ٿو ڏئي سگھان، اڃا ڪپتان بدلائڻ بابت لاءِ ڪا به صلاح ناهي ڏني، ٽنهي فارميٽن جو ڪپتان هڪ ئي هجڻ گھرجي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو مان مصباح کي چيف سليڪٽر جي حيثيت سان چئي سگھان ٿو، مصباح سمجھد وارو آهي، پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو، سڀن جي صلاح ۽ ڪارڪردگيءَ جي ڏڍ تي ٽيم چونڊي ويندي آهي، آسٽريليا خلاف سيريز جي لاءِ بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪئي هئي، رانديگرن ۾ فٽنس ليول جي کوٽ آهي، سٺي پرفارمنس ڏيندڙ رانديگرن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو، جنهن فرسٽ ڪلاس ۾ پرفارمنس ڏيکاري ان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو، ڪنهن جو نالو نه وٺندس پر ٽيم ۾ وڏا بدلاءَ ٿيڻ گھرجي.

آسٽريلين اوپن ٽينس هنري ڪونڪٽينن ۽ جوهن پيرز مينز ڊبلز جي فائنل ۾ پهچي ويا

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) فن لينڊ جو هنري ڪونٽينن ۽ سندس آسٽريلين جوڙي دار جوهن پيرز پنهنجون ڪاميابيون برقرار رکندي آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ مينز ڊبلز جي فائنل ۾ پهچي ويا، جڏهن ته مارڪ پولمينز ۽ اينڊريو ويٽنٽن تي ٻڌل آسٽريلي جوڙي سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويا. آسٽريليا ۾ جاري سال جي پهرين گرينڊ سلم ۾ کيڏيل مينز ڊبلز ايونٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ فن لينڊ جو هنري ڪونٽينن ۽ سندس آسٽريلين جوڙي دار جوهن پيرز شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي مارڪ پوليمنز ۽ اينڊريو وينٽنٽن تي ٻڌل آسٽريلوي جوڙي کي اسٽريٽ سيشن ۾ 4-6، 4-6 تان هارائي ميگا ايونٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.

 

لنڊن ۾ چئن فليٽن مان ڪنهن هڪ جو به بينيفشل مالڪ نه آهيان: وزير اعظم جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف جماعت اسلاميءَ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، وزيراعظم جماعت اسلاميءَ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ نااهلي لاءِ داخ درخواست تي لکت ۾ جواب جمعڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي تقرير دوران ڪا غلط بياني ناهي ڪئي ۽ نه ئي پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي لکت واري جواب ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هو لنڊن ۾ چئکن فليٽن مان ڪنهن هڪ جو به بينيفشل مالڪ نه آهي. مون پنهنجي آمدنيءَ جا گوشوارا ۽ انڪم ٽئڪس ريٽرن ۾ سموري تفصيل داخل ڪئي آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 248 تحت ڇوٽ جو مطالبو ناهي ڪيو، جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هر ميمبر پارليامينٽ ۾ خيالن جي اظهار جو حق رکي ٿو.وزير اعظم نوا زشريف جي پيءُ ميان شريف جي گلف اسٽيل مل جي خريدار عبدالرحمان محمد عبدالله جو به حلفي بيان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. گڏيل عرب امارتن جي شهري عبدالرحمان محمد عبدالله آهلي اسٽيل مل جو ايم ڊي آهي، جنهن جو گلف اسٽيل مل جي خريداري بابت حلفي بيان شريف خاندان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ جمع ڪرايو. حلفي بيان انگريزي ۽ اردو ٻنهي ٻولين ۾ لکيل آهي. بيان ۾ عبدالرحان محمد عبدالله چيو آهي ته قسم کڻي چوان ٿو ته گلف اسٽيل مل ميان محمد شريف کان مون خريد ڪئي. گلف اسٽيل مل جي ڪُل قيمت 33 ملين 375 هزار درهم ادا ڪئي وئي. چوڏهن اپريل 1980ع ۾ خريداري جو عمل مڪمل ٿيو.

 

وزيراعظم خلاف رٿ آڻڻ جي ڪوشش، ميمبر وڙهي پيا، هڪ ٻئي کي ٿڦا ٿفي، اسپيڪر بيوس بڻيل

اسلام آباد(م.ڊ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ پاڻ ۾ هٿين پئجي ويا. ميمبرن جا هڪبئي کي ڌڪا. شهريار آفريدي ۽ شاهد خاقان عباسي جملن جي ڏينهن وٺ کانپوءِ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏنا. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ جاري هو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي جي خطاب دوران پي ٽي آءِ جي ئي ميمبرن هُل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن سخت نعري بازي ڪئي ته اسپيڪر اياز صادق شاهه محمود قريشي کي مداخلت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسپيڪر اياز صادق چيو ته قريشي صاحب توهان انهن کي چپ ڪرايو. هن چيو ته استحقاق واري رٿ تي ٻيهر غور ڪيو ويو ته جيئن ماحول خراب نه ڪري، هي هُل ڪندا رهندا ته توهان وائينڊ اپ ڪري نه سگھندؤ، پليز توهان وائينڊ اپ ڪريو. ان دوران ٻانگ اچي رهي هئي، جنهن تي اسپيڪر اياز صادق پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي چيوته اذان جو ته احترام ڪريو! اسپيڪر جي چوڻ تي مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجن ئي ميمبرن کي خاموش ٿيڻ لاءِ منٿون ڪيون.  هن چيو ته هٿ ٻڌي گذارش آهي خاموش ٿي وڃو. ان دوران پي ٽي آءِ جو شهريار آفريدي حڪومتي ميمبرن جي بينچن تي اچي ويو. ان دوران حڪومتي ميمبر شاهد خاقان عباسي ۽ شهريار آفريدي ۾ جھيڙو ٿي پيو، ٻنهي هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏنا. جيو نيوز  موجب ميمبرن هڪ ٻئي کي ٿڦڙون پڻ هنيون. ان موقعي تي ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. معاملو ڪنٽرول ۾ نه آيو ته اسپيڪر اجلاس پندرهن منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. گڏيل مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته رٿ پيش ڪرڻ نه ڏني. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ گڏيل مخالف ڌر پاران وزيراعظم خلاف رٿ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته استحقاق واري رٿ ڏني آهي، صرف منهنجو نه پر ايوان جو استحقاق ڪِريو آهي. هن چيو ته ڪنهن بيورو ڪريٽ يا آفيسر نه پر وزير اعظم استحقاق مجروح ڪيو. هي پنهنجي قسم جو هڪ ڌار ڪيس آهي جنهن ۾ ايوان جو استحقاق خراب ٿيو آهي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جي ڪوڙ ڳالهائڻ سان جڳ ۾ بي عزتي ٿي آهي. اسپيڪر صاحب ڪوڙ ۽ ڀوڳ جو فرق ته ٻڌائي، وزير اعظم نواز شريف پارليامينٽ سان مذاق ڪيو. وزير اعظم پارليامينٽ جو احترام نه ڪندو ته ڪير ڪندو. خورشيد شاهه چيو ته الله رحم ڪري، هن پارليامينٽ سان ڇا ٿيندو؟. قومي اسيمبلي ۾ هڪڙي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ عدالت ۾ وري ٻي. هاڻي ته بي بي سي به ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پنهنجو نقطو ايوان ۾ پيش ڪيو. . ايوان ۾ موقف پيش ڪرڻ سندس حق هو، پوءِ عدالت ۾ بيان بدلجي ويو، ٻڌايو وڃي ته هُن ڪوڙ ڳالهايو يا قوم ۽ پارليامينٽ جي بي عزتي ڪئي؟ قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم خلاف استحقاق واري رٿ تي ڳالهائيندي مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ ڪلهه وفاقي وزير، وزير اعظم نواز شريف ۽ ان جي خاندان جو دفاع ڪري رهيا آهن، جيڪا بري ڳالهه آهي. هن چيو ته وزير آفيسن ۾ نٿا ويهن، هڪ ٽولو وڃي ئي نٿو ته ٻيو اچي ويهي ٿو. شام جو انهن جي حاضري لڳندي آهي، ٽڪ ٽڪ، پاس يا فيل. هن چيو ته عدالت ۾ وزيراعظم جي ليگل ٽيم سانڊي جيان رنگ بدلائيندي آهي. هن ليگل ٽيم کي ٽڪرا ڪري ٽي ٽيمون ٺاهيون ويون. هن چيو ته حڪومت ڪمزوريون اچڻ تي چتيون هڻڻ شورع ڪري ڇڏي ٿي. لڳي ٿو ٽيون وڪيل ڳالهائيندو ته قطري ٿِري به سامهون اچي ويندو. هن چيو ته مني ٽريل لاءِ قطري خط پيش ڪيو ويو. پارليامينٽ ۾ چيل هڪ هڪ لفظ مقدس هوندو آهي. پارليامينٽ ۾ چيل هڪ هڪ لفظ رڪارڊ ڪري محفوظ ڪيو ويندو آهي. وزير اعظم جو موقف هو ڪو معمولي جملو نه هو. وزير اعظم پنهنجي موقف تي ڇو قائم نه رهيو، اهو پڇڻ جو حق رکون ٿا. ڇا عوام جو مذاق اڏايو ويو ۽ ڪوڙ ڳالهايو ويو؟ شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته روز هڪ نئون پنو بدلجي ٿو ۽ عدالت کي به صبر جو چيو ويندو آهي. هي ايوان کي به ڊڪٽيٽ ڪن ٿا. جيڪو شاهه جي مرضي اهو قانون آهي، دل چاهي ته آنو ڏين، يا ٻچو ڏين. 37

 

ڀارت جي اولاهن دريائن تي ڊيم جي اڏاوت سنڌ طاس معاهدي جي کُلي ڀڃڪڙي آهي: وزير اعطم

اسلام آباد(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف سان عالمي بئنڪ جي سربراهه مس ڪرسٽلينا جاجيوا وفد سميت ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم مس ڪرسٽلينا کي ورلڊ بئنڪ گروپ جي سي اي او طور مقرر ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون، ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ورلد بئنڪ سان ڀائيواري کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو آهي، ورلڊ بئنڪ 1952ع کان هيل تائين پاڪستان ۾ 31 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي، عالمي بئنڪ توانائي، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ شيرپڪاري ڪئي، ڊيولپمينٽ پاليسي ڪريڊيٽ جي لاءِ ورلڊ بئنڪ 2.5 ارب ڊالرن جي ادائيبه قدر لائق آهي، ڀاشا ڊيم قومي اهميت وارو منصوبو آهي، ڀاشا ڊيم سان پاڻي محفوظ ٿيندو ۽ سستي بجلي پيدا ٿيندي، ان موقعي تي وزيراعظم ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي وارو معاملو به اٿاريو، جنهن دوران سندس چوڻ هو ته ڀارت جي اولاهن دريائن تي ڊيم جي اڏاوت سنڌ طاس معاهدي جي کُلي ڀڃڪڙي آهي‏، پاڪستان مختلف شعبن ۾ اصلاح جاري رکندو. توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ هائيڊل منصوبن کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون.