تازيون خبرون

Daily Archives: January 10, 2017

وين ڊيزل دپيڪا سان گڏ ڀارت ۾ فلم جي مشهوري ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) هالي ووڊ اسٽار وِن ڊيزل پنهنجي فلم جي مشهوريءَ لاءِ ڀارت ايندو. اهڙو اطلاع بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته وِن ڊيزل جلد ڀارت ايندو، جتي اسان ٻئي گڏجي فلم ”ٽرپل ايڪس: دي ريٽرن آف زينڊر ڪيج“ جي مشهوري مهم هلائينداسين.

 

”ٽگو آف هندستان“ ۾ ڪم نه پئي ڪيان: ڪريتي سينن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪريتي سينن چيو آهي ته هو ايندر فلم ”ٽگو آف هندستان“ ۾ ڪم نه پئي ڪري. ڪريتي چيو ته هن اڃا ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو. کيس حيرت آهي ته فلم ۾ ڪمڪرڻ واري خبر ڪن هن ڏني آهي. اداڪاره چيو ته کيس ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي آهي، جنهن تي هو اڃا غور ڪري رهي آهي. ڇو ته فلم ۾ ڪردار جي چونڊ هن تي رکي وئي آهي. هن چيو ته هو جنهن ڪردار کي بهتر سمجهندي ان جو فيلصو وقت اچڻ تي ڪندي. ڪريتي سينن فلم ”دل والي“ کان شهرت حاصل ڪئي. اي

 

آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ ڪواليفائر ايندڙ مهيني سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ايندڙ مهيني سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو. آءِ سي سي موجب وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 7 کان 21 فيبروري تائين سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ 10 ٽيمون حصو وٺنديون. ايونٽ ۾ آءِ سي سي وومينز چيمپيئن شپ ۾ چار پوزيشن تي رهندڙ ٽيمون بنگلاديش، آئرلينڊ، پاپوا نيوگني، ٿائيلينڊ، اسڪاٽ لينڊ ۽ زمبابوي سان مقابلو ڪنديون. ٽورنامينٽ ۾ ٽاپ چار پوزيشنز تي رهندڙ سائيڊز کي انگلينڊ ۾ 26 جون کان 23 جولاءِ تائين شيڊول ٽورنامينٽ ۾ انٽري جو موقعو ملندو.

 

ڪيرولينا پلسڪووا سڊني ٽينس ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي ڇڏيو

سڊني (اسپورٽس نيوز) برسبين ٽينس ٽورنامينٽ جي فاتح ڪيرولينا پلسڪووا زخمي هجڻ سبب سڊني ٽينس ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. جمهوريا چيڪ سان تعلق رکندڙ ڪيرولينا پلسڪووا تازو برسبين جي وومينز سنگلز فائنل ۾ آليزڪورنيٽ کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو. هن سڊني ٽينس ٽورنامينٽ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو اڳ ئي ڪري ڇڏيو هو.