تازيون خبرون

Daily Archives: January 10, 2017

پانامه ڪيس، آرٽيڪل 62، 63 لڳو ته پارليامينٽ ۾ سراج الحق کانسواءِ ڪير به نه بچندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م.ڊ) پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 توهان جي موڪل تي به لاڳو ٿي سگهي ٿو. آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي لاڳو ڪيو ويو ته سراج الحق کانسواءِ پارليامينٽ ۾ ڪير به نه بچندو، سينيئر ترين جج جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز افضل خان، جسٽس گلزار احمد، جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي ۽ نعيم بخاير جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ وڌيڪ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نعيم بخاري عدالت کي ٻڌايو ته وزير اعظم جي پارليامينٽ ۾ خطاب ۽ عدالتي جواب ۾ فرق آهي جنهن تي هن کي نااهل قرار ڏنو وڃي جنهن تي بينچ جي ميمبر جسٽس عظمت سعيد شيخ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن 62 ۽ 63 لڳائينداسين ته ملڪ ۾ بچندو ڪير؟ آرٽيڪل 62 ۽ 63 وزير اعظم تي نه پر پارليامينٽ جي ميمبر تي لاڳو ٿيندو آهي. جيڪڏهن ملڪيتون قطر جون هيون ته مني ٽريل شريف خاندان ٿو ڏئي سگهي. پاناما ليڪس جي ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته 15 نومبر تي قطري خط عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، وزير اعظم پنهنجي خطاب ۽ عدالتي جواب ۾ قطري خط ۽ سيڙپڪاري جو ناهي ٻڌايو. وزير اعظم چيو ته جده ۽ دبئي ۾ سيڙپڪاري جو سڄو ريڪارڊ آهي پر جده فيڪٽري ريڪارڊ هن وقت تائين عدالت کي ناهي ڏنو ويو. جسٽس اعجاز افضل پڇاڻو ڪيو ته ڇا لازمي هو ته وزير اعظم پنهنجي بچاءُ جو هر نقطو پارليامينٽ ۾ بيان ڪري. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته شريف خاندان آف ڪمپنيون 1993ع کان لنڪ ڪرڻ جو ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو ۽ شريف خاندان آف شور ڪمپنيون 2006ع کان تسليم ڪيون آهن جنهن تي نعيم بخاري عدالت جي سامهون موقف ورتو ته بينڪ ٽرانريڪشن جو ڪو به رڪارڊ پيش ناهي ڪيو ويو. وڏي ميان صاحب وٽ قطر جي لاءِ سيڙپ هئي ئي ڪا نه. عدالت ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري کان قانوني سوال پڇون ٿا ته هو سنهڙي گهٽي مان نڪري ويندو آهي. نعيم بخاري قانون سوالن سان فلرٽ نه ڪري.جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته نعيم بخاري اسان جي قانوني سوالن جا جواب ناهي ڏئي رهيو. هن کان قانون سوال پڇيا ٿا وڃن ته هو سنهڙي گهٽي مان نڪري ويندو آهي نعيم بخاري مڇيون پڪڙي رهيو آهي.

 

وفاقي حڪومت جو فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلو

اسلام آباد(م.ڊ) وفاقي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اها آئيني ترميم سياسي پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪئي ويندي. وزيراعظم هائوس ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بابت اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سڪيورٽي صورتحال سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽنينٽ جنرل نويد مختار، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جي مددگار طارق فاطمي، قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽنينٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعا سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جن ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي کي گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي جو حصو بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پاليسي کي ڀرپور صلاحيتن سان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته فوجي عدالتن دهشتگردي، انتهاپسندي خلاف ۽ آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ اڳ ئي آئين ۾ترميم لاءِ صلاح مشوري شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ سمورين سياسي پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ پارليامينٽ مان ان جي باقاعدي منظوري ورتي ويندي.27

 

عدالت ۾ تحريڪ انصاف حسن نواز ۽ مريم نواز جي ٽرسٽ ڊيڊ کي قبولي ورتو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م.ڊ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالت ۾ تحريڪ انصاف حسن نواز ۽ مريم نواز جي ٽرسٽ ڊيڊ کي قبولي ورتو آهي، عمران خان هميشح عدالت جي ٻاهران عدالت لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. پاناما ليڪس جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاناما ڪيس جي سڄي ڪيس ڏسجي ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان هميشه عدالت جي ٻاهران عدالت لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو هو عادي به آهي. هن چيو ته عمران خان ترقياتي پراجيڪٽ روڪڻ جي لاءِ اهڙي طرح جون ترڪيبون استعمال ڪندو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران چوي ٿو ته نواز شريف ربنون ڪٽڻ جي پهچي ويندو آهي، نواز شريف قوم جي خدمت ڪئي آهي ان ڪري هو ربنون ڪٽيندو آهي، اسان خوشي ٿئي ها جيڪڏهن عمران خان ڪي پي ڪي ۾ ترقياتي پراجيڪٽن جون ربنون ڪٽي ها ۽ هو ربنون ان ڪري ناهي ڪٽي سگهندو ڇو جو هن ڪو ڪم ڪيو ئي ناهي.

 

آرمي چيف ۽ آمريڪي فوج جي سربراهه وچ ۾ ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي(اي پي پي) افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل نڪلسن پاڪستان جو دؤرو ڪيو ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات دوران انٽرنيشنل سيڪيورٽي اسسٽنس فورس (ايساف) ۽ رزولوٽ سپورٽ مِشن (آر ايس ايم) جي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن کي واکاڻيو. هن افغانستان ۾ سيڪيورٽي چيئلنجز کي پاڻ مُنهن ڏيڻ لاءِ افغان نيشنل سيڪيورٽي فورسز جي صلاحيتن کي وڌائڻ بابت آر ايس ايم جي مستقل سهڪار جي واکاڻ ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه زور ڏنو ته رزولوٽ سپورٽ مِشن ٻه طرفي پاڪ افغان سرحدي انتظام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ان کان اڳ افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل نڪلسن ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي علائقي ميران شاهه جو گڏيل دؤرو ڪيو جتي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ دهشتگرديءَ خلاف جاري آپريشن ضرب عضب ۽ سماجي ترقي وارين سرگرمين جن ۾ عارضي طور تي لڏپلاڻ ڪندڙن جي واپسي شامل آهي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. جنرل نڪلسن ميران شاهه بازار جو پڻ دؤرو ڪيو جتي پاڪ فوج جي نگرانيءَ ۾ ترقياتي ڪمن جو مشاهدو ڪيو. افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل نڪلسن پاڪ فوج جي ڪامياب آپريشن جي واکاڻ ڪئي. مهمان شخصيت ٻه طرفي بارڊر سيڪيورٽي بابت ڪوآرڊينيشن جي ضرورت تي پڻ اعتراف ڪيو. ان کان اڳ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل نڪلسن جي ميران شاهه پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ سندس آجيان ڪئي.

 

حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي پردي پٺيان رابطن ۾ اهم اڳڀرائي، 4 مطالبن جي مڃڻ جو پ پ کي اشارو ملي ويو

ڪراچي(م.ڊ) حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ” پردي پٺيان سياسي رابطن“ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. وفاقي حڪومت طرفان پيپلز پارٽي کي سندن چار مطالبن تي جلد سڌيون ڳالهيون شروع ڪرڻ جو اشارو ڏيڻ کان پوءِ پ پ حڪومت خلاف پنهنجي سياسي حڪمت عملي ۾ نرمي آڻڻ ۽ ڪولڊ سياسي پاليسي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان جي لاءِ هن وقت تائين پ پ قيادت حڪومت خلاف سياسي لانگ مارچ جي حتمي پاليسي طئي ناهي ڪئي ۽ حڪومت جي بندوبستن جو انتظار ڪيو پيو وڃي. ليگي ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ قيادت جي هدايت هڪ اهم وفاقي وزير پ پ جي ڪجهه اڳواڻن سان پردي پٺيان رابطي ۾ آهي. انهن رابطن ۾ وفاقي حڪومت جو مفاهمتي ۽ انهن جي چئن مان ٻن مطالبن کي منظور ڪرڻ جو پيغام پ پ قيادت تائين پهچايو ويو آهي.

 

ڪراچي ۾ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس: پوليو کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ هر سنڌي جو فرض آهي:مراد علي شاهه

ڪراچي( اي پي پي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليو سندس حڪومت لاءِ وڏو چئليج بڻجي ويو آهي پر مان ان چئلينج کي قبول ڪيان ٿو ۽ انشاءَالله جلد صوبي مان پوليو جو خاتمو ٿي ويندو. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پوليو بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ايم اين اي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، صوبائي پوليو ڪوآرڊينيٽر شهناز وزير علي، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، انسپيڪٽر جنرل پوليس اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر، صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، پنجن ئي ڊويزنن جي ڪمشنرن، سي اِي او پي پي ايڇ آءِ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آءِ فياض جتوئي، وفاقي حڪومت، ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسيف جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آءِ فياض جتوئيءَ ٻڌايو ته 2016ع دوران سڄي پاڪستان ۾ 19 پوليو جا ڪيس سامهون آيا، انهن مان 8 سنڌ، 8 خيبرپختون خواهه، 2 فاٽا ۽ 1 بلوچستان ۾ جڏهن ته پنجاب ۾ ڪوبه ڪيس ظاهر نه ٿيو. سنڌ ۾ سامهون ايندڙ ڪيسن مان 7 ٻهراڙين وارن علائقن ۽ هڪ ڪيس ڪراچي شهر ۾ ظاهر ٿيو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2015ع ۾ پوليو جا 54 ڪيس سامهون آيا هئا، جن مان سنڌ ۾ 12، خيبرپختون خواهه ۾ 17، فاٽا ۾ 16، بلوچستان ۾ 7 ۽ پنجاب ۾ 2 ڪيس شامل آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته اها ڳالهه ڏکوئيندڙ آهي ته پنجاب، بلوچستان، فاٽا ۽ خيبرپختون خواهه ۾ ته بهتري ٿي آهي پر سنڌ صوبي جي ڪارڪردگي اطمينان ڏيندڙ نه آهي، ان مان ظاهر ٿئي پيو ته هتي مسئلا آهن جن جو اسان کي تدارڪ ڪرڻو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر ۽ ڊسمبر 2016ع جي آخر ۾ مهم هلائي وئي هئي، جنهن ۾ ڪراچي جو هدف 2.2 ملين  ٻار مقرر ڪيو ويو هو ۽ صوبي جي ٻهراڙين وارين علائقن ۾ 6.1 ملين ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻا هئا. ڪراچي شهر ۾ 2.2 ملين مان 2.6 سيڪڙو ٻار موجود نه هئا ۽ 1.7 سيڪڙو ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو ويو. ان تي وڏي وزير ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اها ضلعي انتظاميا جي ذميواري آهي ته اهي سئو سيڪڙو ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جي ذميواريءَ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته اسان سڀني کي پوليو جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان اونرشپ وٺڻي پوندي، نه ته صوبو سدائين پوئتي رهندو ۽ مان ان ڳالهه جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندس. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته ڪي ايم سي جو اسٽاف به پوليو ۽ اي پي آءِ جي صحت جي حوالي سان سرگرمين ۾ سهڪار ڪري. اجلاس ۾ اهو به واضح طور ٻڌايو ويو ته لانڍيءَ جي يوسي 1 ۽ 2، سائيٽ ايريا جي يوسي 9، بلديا جي يوسي 2 هاءِ الرٽ آهن، ان سان گڏوگڏ يوسي 4 گڏاپ ۾ جنت گُل اسپتال غيرفعال آهي، ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته هُو ڪي ايم سي انتظاميا سان ڳالهائي ۽ انهن کي هدايت ڪري ته اهي مناسب طريقي سان شرڪت کي يقيني بڻائين نه ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سجاول اسپتال ۾ ڪوبه ڊسٽرڪ هيلٿ آفيسر نه آهي ۽ گذريل جمعي واري ڏينهن  ڊي ايڇ اوز مٽياري ۽ ڄامشورو ۾ مقرر ڪيا ويا ۽ ڪجهه ڊي ايڇ اوز رٽائرمينٽ جي ويجهو آهن ۽ گهوٽڪي ۽ قمبر جي آفيسرن وٽ اضافي چارج آهن، ان تي وڏي وزير صوبائي صحت واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو ترجيحي بنيادن تي ضلعي صحت آفيسرن جي خالي آسامين کي ڀري ۽ جيڪي رٽائر ٿيڻ وارا آهن انهن جو به وقت تي متبادل بندوبست ڪيو وڃي ۽ ڊسٽرڪ هيلٿ آفيسرن کان اضافي چارجز واپس ورتيون وڃن ۽ اتي صحيح آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته رڳو 2200 (ٻه هزار ٻه سئو) آئس لائينڊ ريفريجريٽرز (آءِ ايل آر) آهن ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪري پوليو ويڪسين خراب ۽ غيرموئثر ٿي ويندي آهي. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو سولر سسٽم تي هلندڙ آءِ ايل آر خريد ڪري. هن چيو ته مان ان ڳالهه جو انتظار نه ٿو ڪري سگهان ته ڊونر ايجنسيون آءِ ايل آر موڪلن ڇاڪاڻ ته پوليو هڪ سنجيده مامرو آهي انڪري اسان کي ڪولنگ سسٽم خريد ڪرڻ گھرجي. وڏي وزير صوبائي صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته اهي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي فعال ڪن ۽ انهن جون خدمتون صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ استعمال ڪيون وڃن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته اهي احتجاج تي آهن ڇاڪاڻ ته انهن کي گذريل چئن مهينن کان پگهارون ناهن ڏنيون ويون. ان تي وڏي وزير ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن انهن کي پگهارون ڏنيون وڃن. هوڏانهن وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جڏهن سنڌ سيڪريٽريٽ مان اچي رهيو هو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز پرل ڪانٽينينٽل هوٽل وٽ احتجاج ڪري رهيون هيون. وڏي وزير انهن کي ٻڌايو ته سندن پگهارون جاري ڪيون ويون آهن، ان تي ليڊي هيلٿ ورڪرز مطمئن نه ٿيون ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير انهن مان 9 ليڊي هيلٿ ورڪرز جي وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪانفرنس روم ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبائي صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته هُو اڳ ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پگهارن ڏيڻ جو حڪم ڏئي چڪو آهي ۽ سندن باقي رهيل مسئلن، گاڏين جي مرمت، پئٽرول جي فراهمي، پگهارن جي وقت تي ادائگي جا معاملا پڻ حل ڪيا ويندا. هن سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته هو ليڊي هيلٿ ورڪرز سان ملاقات ڪري ۽ انهن جا مطالبا ٽن ڏينهن ۾ حل ڪيا وڃن

 

ثبوتن جو بار شريف خاندان تي آهي ڇو ته هو پاڻ لنڊن وارا فليٽ قبولي چڪا آهن: اعتزاز احسن

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ڪيس ڏاڍو سادو آهي، ثبوتن جو بار شريف خاندان تي آهي ڇو ته هو پاڻ لنڊن وارا فليٽ قبولي چڪا آهن. فليٽن جو اعتراف پرويز اشرف، گيلاني يا ان جي پٽن ڪيو هجي ها ته هن وقت ضمانتون ڪرائيندا وتن ها. سينيٽر اعتزاز احسن جي سربراهي ۾ سينيٽ جي مخالف ڌر پارٽين جو اجلاس ٿيو. اعتزاز احسن چيو ته سينيٽ اجلاس کان ٻه ڏينهن اڳ آرڊيننس جاري ڪرڻ بدنيتي آهي. هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کي دٻاءُ ۾ حڪومت مهارت رکي ٿي. ماڊل ٽائون سانحي جي جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ اڄ تائين سامهون نه آندي وئي تنهن هوندي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جسٽس فائز عيسيٰ جي رپورٽ تي عمل ڪرائيندي.

 

حڪومت وٽ سچ لڪائڻ جي لاءِ وقت  گهٽ آهي: سراج الحق

اسلام آباد(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان حقيقي احتساب چاهيون ٿا، پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين وزير اعظم کي اختيارن جي استعمال کان روڪيو وڃي. عدالت وٽ پاناما بابت ڪيترائي ثبوت موجود آهن ۽ سڀ کان وڏو ثبوت ته وزير اعظم جي تقرير آهي. حڪوتم وٽ سچ لڪائڻ جي لاءِ گهٽ وقت آهي، وزير اعظم جو احتساب ٿي ويو ته ملڪ جي عزت ۾ واڌ ٿيندي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي ڪري ڪروڙين نوجوان بيروزگار آهن ۽ ان جي ڪري عوام کي صاف پاڻي به ميسر ناهي حالانڪ پاڪستان ۾ وسيلن جي ڪا گهٽتائي ناهي، پر ڪرپٽ اشرافيه قوم کي خراب طريقي سان لٽيو آهي. ڪرپٽ اشرافيه هڪ ٻئي جي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ هڪ ٻئي کي بچائيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ موسم سٺو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جا ريمارڪس سٺا هئا، سپريم ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن احتساب ٿيو ته رڳو هڪ شخص سراج الحق بچندو.

 

غوثپور ويجهو ٻن مسافر ڪوچن ۾ ٽڪر، ۲ عورتن سوڌو ۵ ڄڻا فوت، ۲۰ زخمي

ڪشمور(رپورٽر) غوثپور ويجهو قومي شاهراهه تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ ۽ ڪراچي کان پشاور ويندڙ ٻن مسافرن ڪوچن وچ ۾ تيز رفتاري سبب ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ۵ مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته ۲۰ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور جي اسپتالن ڏانهن نيو ويو آهي، زخمين مان ۵ ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، واقعي جو ٻڌندي ڊي سي ڪشمور ڊاڪٽر عبدالرفيق سيال واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ زخمين کي طبي امداد ڏيڻ لاءِ عملدارن کي سختي سان هدايتون ڪيون. فوتين ۾ فرحان علي، ڪرن، صائما ۽ ۲ اڻڄاتل شامل آهن.

 

ڪڪڙ لڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار، ۳ ڄڻا قتل، هڪ واٽهڙو سخت زخمي

ڪڪڙ(رپورٽر) ڪڪڙ لڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن پاران گڏهه گاڏي سوارن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ۳ ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا ۽ هڪ واٽهڙو حملي ۾ زخمي ٿي پيا. جوابدار فائرنگ ڪندي فرار ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. ٻورڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪوڙو چانڍيو ۾ پيرل چانڍيو ۽ محمد خان چانڍيو جي ڌرين جي وچ ۾ زمين جي پراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي. ان سلسلي ۾ پيرل چانڍيو جي ڌر جي ماڻهن جيڪي گڏهه گاڏي تي گاهه ڪرڻ لاءِ زمين تي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ سندس تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ۱۷ ورهين جو سجاد چانڍيو، ۱۸ ورهين جو جاويد ۽ ۲۰ ورهين جي قربان چانڍيو سوڌو ۳ ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا ۽ هڪ واٺهڙو حيدر چانڊيو پڻ حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو مارجي ويل ۳ ڄڻا پيرل چانڊئي جا پوٽا آهن ۽ پاڻ ۾ سوٽ پڦاٽ آهن. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويون. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي ٿيل نوجوان ۴ ڪلاڪن تائين زمين تي پيل رهيا ۽ پوليس هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي بيٺل نظر پئي آئي، ۴ ڪلاڪ گذرڻ بعد اي ايس پي ڪي اين شاهه ڊاڪٽر محمد سميع ملڪ جي اڳواڻي ۾ ضلعي دادو جي سمورن ٿاڻن جو پوليس موبائلون ۽ ٻن بختربند گاڏين ذريعي ڳوٺ ڪوڙو چانڍيو پهچي مارجي ويل ۳ ڄڻن جي لاش ۽ زخمي ٿيل نوجوان کي تعلقا اسپتال ريفر ڪيو ويو ۽ فوت ٿيلن جا پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن پيرل چانڍيو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ۲۰۰ کان ۳۰۰ ايڪڙ زمين آهي، جنهن تي محمد خان چانڍيو ۽ قربان چانڍيو جي ڌر سان ۵ سال پراڻو تڪرار هلندڙ آهي ۽ هو زوري زبردستي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ به اسان جا ۳ ماڻهون قتل ڪيا، جنهن خوف سبب اسين ۲ سال اڳ اسين هتان لڏو کڻي ويا هئاسين ۽ هڪ مهينو اڳ اسين واپس پنهنجي ڳوٺ پهتاسين ته جوابدار ٻيهر اسان کي موتمار ۽ لڏو کڻي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا. اسين اهڙو اطلاع ٻورڙي پوليس کي ڏنو پر پوليس اسان جي هڪ به نه ٻڌي جوابدارن ٻيهر ڪهري ڪارروائي ڪندي منهنجي ۳ پوٽن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن اي ايس پي ڪي اين شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس پاران جوبدارن جي گھرن ۾ سرچ آپريشن ڪري سندن گھر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگھيو نه ئي وري جوابدار گرفتار ٿي سگھيا آهن.