تازيون خبرون

Daily Archives: January 5, 2017

پانامه ڪيس: وزير اعظم جي وڪيلن کان سخت سوالن جا جواب طلب، ميڊيا ۾ بيان نه ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد (اين اين آءِ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پانامه ليڪس جي معاملي تي داخل ٿيل درخواست جي ٻڌڻي روزانو ٻڌڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته کيس ڪنهن به صورت ۾ دير جو شڪار نه ٿيڻ ڏينداسين. ٻڌڻي روزانو ساڍي نائين کان هڪ وڳي تائين ڪئي ويندي جڏهن ته ججن پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري کي چيو آهي ته توهان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته آف شور ڪمپنيون 2006 کان پهريان ئي وزيراعظم جي ٻارڙن جي ملڪيت ۾ هيون پارڪ لين فليٽس جي خريداري لاءِ استعمال ٿيندڙ ذريعن جي ڄاڻ واضح ڪئي وڃي اربع تي جسٽس آصف سعيد کوسي جي جسٽس اعجازالحسن جسٽس اعجاز افضل جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس گلزار احمد تي ٻڌل پنج رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي شروع ٿي ته درخواست ڪندڙ طارق اسد ايڊووڪيٽ چيو ته ججن ۽ عدليه جي خلاف بيان بازي ڪئي پئي وڃي عمران خان احتجاج سان عوام جا بنيادي حق متاثر ٿيا آف شور ڪمپنيون ته جهانگير ترين ۽ رحمان ملڪ جون به آهن ان لاءِ عدالت کي درخواست آهي ته سمورن ماڻهن جي خلاف جاچ ڪئي وڃي ۽ معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي بئنچ جي اڳواڻ جسٽس آصف سعيد کوسي ريمارڪس ڏنا ته معاملي جي ٻڌڻي لاءِ نئون بئنچ جوڙيو ويو جيڪو سمورن دستاويزن جو جائزو وٺندو ڪيس جي ٻڌڻي روز ڪنداسين ۽ ڪنهن کي به دير جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم نوازشريف جو پارليامينٽ سان خطاب ۾ قطري سيڙپڪاري جو ڪوبه ذڪر موجود نه هو نوازشريف ۽ ان جي ٻارڙن مريم نواز، حسن نواز ۽ حسين نواز غلط بياني ڪئي. نوازشريف هاڻي سچو نه رهيو آهي ان لاءِ نوازشريف کي نااهل ڪيو وڃي نعيم بخاري پاران وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ جي اپيل تي ججن چيو ته سچائي جي اسان کان اهڙي تشريح نه ڪرائي وڃي جو ملڪ ۾ ڪوبه اليڪشن نه وڙهي سگهي جسٽس آصف سعيد کوسي نعيم بخاري کان پڇيو ته نوازشريف جي تقرير جيڪي توهان پڙهي رهيا آهيو ان جي مطابقت به واضح ڪيو جسٽس اعجاز احسن نعيم بخاري کان پڇيو ته توهان جو دارومدار وزيراعظم جي ٻن تقريرن تي آهي ڇا وزيراعظم جا اهي دستاويز صحيح ٿيل آهن جنهن تي نعيم بخاري چيو ته ان تي وزيراعظم جا صحيح ٿيل ڪي به دستاويز نه آهن. آءِ سي آءِ جا دستاويز ۽ رپورٽون عالمي سطح تي جاري ٿيون پر انهن کي اڃان تائين چئلينج نه ڪيو نعيم بخاري چيو ته رڪارڊ موجب دبئي جا 25 سيڪڙو شيئرز 1980 ۾ وڪرو ڪيا ويا ۽ دبئي فيڪٽري جا 75 سيڪڙو شيئرز 1978 ۾ وڪرو ڪيا ويا نعيم بخاري چيو ته سمورا دستاويز ۽ رپورٽون عملي سطح تي جاري ٿيون جسٽس گلزار احمد عمران خان جي وڪيل کان سوال ڪيو ته دستاويز ۽ رپورٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي. جنهن تي نعيم بخاري چيو ته آءِ سي آءِ جنهن جي دستاويزن کي اڃا تائين چئلينج نه ڪيو ويو پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن قطر جي شهزادي جي خط کي نظراانداز ڪيو وڃي ٿو ته سڄو ڪيس واضح ٿي ويندو عدالت نعيم بخاري کي هدايت ڏيندي چيو ته توهان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته آف شور ڪمپنيون 2006 کان پهريان ئي وزيراعظم جي ٻارڙن جون ملڪيتون هيون جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته نومبر ۾ اڳوڻي قطر جي وزيراعظم جي پيش ٿيل خط مطابق لنڊن فليٽ الثاني فئملي جي ملڪيت هئا جنهن کان پوءِ شريف خاندان انهن کي خريد ڪيو هن چيو ته عدالت ۾ ان حوالي سان ڪي به شاهديون پيش نه ڪيون ويون الثاني خاندان ئي انهن فليٽن جو مالڪن هو عدالت پي ٽِ آءِ جي وڪيل کي حڪم ڏنو ته هو پاڪ لين فليٽن جي خريداري لاءِ استعمال ٿيندڙ ذريعن جي ڄاڻ چٽي ڪن ان حوالي سان اپيڪس ڪورٽ ۾ 3 مني ٽرائيل پيش ٿي چڪا آهن عدالت وڪيل پي ٽي آءِ کي هڪ ئي ٽرائيل واضح ڪرڻ جو حڪم ڏنو جسٽس آصف سعيد کوسي نعيم بخاري کان پڇيو ته ان فليٽن ۾ سيڙپڪاري ايتري منافعي واري هئي جو 1980 کان 2006 تائين اربين رپيا حاصل ٿي ويا جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته ڏسڻو پوندو ته نوازشريف عوامي عهدي جو غلط استعمال ته نه ڪيو وزيراعظم 1980 کان 1997 تائين بزنس ۽ سرڪاري عهدي تي هو عدالت نوازشريف جي وڪيل کان پڇا ڪئي ته هو ٻيهر وزيراعظم ڪڏهن چونڊيو ويو ۽ ملڪ نيڪالي ڪڏهن ڏني ويئي پنجاب جي وڏي وزير ڪڏهن بڻيو ۽ پنجاب جي خزاني جو وزير ڪڏهن رهيو عدالت وزيراعظم جي وڪيل کان تفصيل طلب ڪري ورتا. جسٽس آصف سعيد کوسو ريمارڪس ڏنو ته سوال مفاد جي تضاد جو ته نه آهي جو جڏهن جڏهن نوازشريف عهدو سنڀاليو تڏهن تڏهن ان جي بزنس جا معاملا اڳتي وڌيا نعيم بخاري چيو ته نوازشريف جي ٻارڙن ۽ والد جي تحفي جي وچ ۾ ٽيڪس چوري آهي فليٽ نمبر 17-اي 7 مئي 1993 تي خريد ڪيو ويو هو جسٽس اعجاز الحسن پڇيو ته فليٽ ڪنهن خريد ڪيو نعيم بخاري چيو ته فليٽ آف شور ڪمپني نيسڪول خريد ڪيو. جسٽس اعجازالحسن ان سوال تي ته ڇا اهڙو ڪو دستاويز آهي جو 1993 ۾ نيسڪو ڪمپني حسين نواز جي ملڪيت هئي نعيم بخاري چيو ته پوري ڪيس ۾ اها ئي هڪ راز جي ڳالهه آهي جسٽس آصف سعيد کوسو ريمارڪس ڏنا ته بخاري صاحب نيلسن ۽ نيسڪول آف شور ڪمپنين جي 2006 کان پهريان جي ملڪيت توهان کي ثابت ڪرڻي آهي نعيم بخاري دليلن ۾ چيو ته مريم نواز اڄ به پنهنجي والد جي ڪفالت هيٺ آهي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن کي بئنچ جي ساک تي اعتراض نه آهي ته ميڊيا سان مخاطب ٿيڻ بجاءِ عدالت سان مخاطب ٿيو وڃي. هڪ موقعي تي جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته ميڊيا ججن جي ريمارڪس آبزرويشن ۽ سوالن کي ان جي ذاتي سوچ سان تعبير نه ڪيو وڃي ججن جي سوالن جو مقصد وڪيلن کان اندر جون ڳالهيون ڪڍرائڻ يا ڪيس جي مک نقطي تائين پهچڻ لاءِ هونديون آهن. جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته اسان جي سوالن جي بنياد تي بحث ۽ مباحثو نه ٿيڻ گهرجي. جسٽس اعجازالحسن ريمارڪ ڏنا ته انصاف عدالت جي اڳيان موجود شاهدين جي بنياد تي ٿيندو آهي انصاف اهو نه آهي جيڪو توهان جي مئوڪل عمران خان چوي جنهن تي نعيم بخاري چيو ته مون کي عدالت تي مڪمل ڀروسو آهي.ڪيس جي هڪ درخواست ڪندڙ شيخ رشيد چيو ته ڪيس تي 18 ڪروڙ عوام جون نظرون آهن ان کي ڪورٽ روم مان سڌو سنئون نشر ٿيڻ گهرجي جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته سڄو پاڪستان پريس ڪانفرنس لاءِ پيو آهي عدالت کي سياسي جڳهه نه بڻائي وڇي عدالت ۾ پريس ڪانفرنس نه ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ ڪٿي به ايئن نه ٿيندو آهي. ان کان پوءِ جسٽس آصف سعيد کوسي اڄ خميس تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

سي پيڪ جو خيال پ پ ڏنو، هاڻ اشتهار ڏئي ڪريڊٽ ٻيا پيا کڻن: آصف زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سي پيڪ جو خيال ۽ پاليسي ڏئي اسان پنهنجو اشتهار تاريخ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان ميڊيا ۾ پنهنجو ڪريڊٽ وٺڻ جي اشتهار ڏيندڙن سان اسان جو ڪو به سروڪار نه آهي،آصف زرداري اهڙن خيالن جو اظهار بلاول هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پ پ جي سينيٽرز، ايم پي ايز ۽ ايم اينز کي چائنا پاڪ اقتصادي راهداري منصوبي ۾ سنڌ جي حوالي سان بريفنگ ڏيڻ کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ نويد قمر به موجود هو، آصف زرداري ياد ڏياريو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اها دور انديشي هئي ۽ هن چين سان ڳالهيون ڪري ڪي ٽو حاصل ڪيو. هن چيو ته 5 سئو چيني پاڪستان تي پي ايڇ ڊي ڪري چڪا آهن، هاڻ هو اردو ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن، اسان سڀني کي سي پيڪ جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، ان منصوبي سان جيڪي علائقا ترقي حاصل ڪري رهيا آهن اهي اسان جا پنهنجا آهن، هن چيو ته ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، ساحلي پٽي تي اسان ذوالفقار آباد بڻائي ان کي واپس حاصل ڪرڻ چاهيو پر ڪجهه ماڻهن اسان جي مستقبل ۾ چين سان پارٽنرشپ سان خوف زنده ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي ان تي منفي پبلسٽي ڪئي، آصف زرداري ياد ڏياريو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران پاڙيسري ملڪ سان بڻايل مضبوط رشتي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هن صدر بڻجڻ کانپوءِ پهريان سرڪاري دورو چين جو ڪيو، هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ترقي جو مارشل پلان ٺاهيو هو، هن 50 هزار ميگاواٽ بجلي جو منصوبو ڏنو پر ان جي حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ختم ڪيو ويو جنهن سبب اهو منصوبو ختم ٿي ويو، سيد مراد علي شاهه چيو ته صدر جي عهدي کانپوءِ به آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چائنا پاڪ اقتصادي راهداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ چين جا دورا ڪيا.

 

عمران خان نيٺ تسليم ڪري ورتو ته وٽس ثبوت آهن ئي ڪون: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءُ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته ان جو ڪم الزام لڳائڻ آهي ان وٽ ثبوت موجود نه آهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان عدالت ۾ تسليم ڪري ورتو آهي ته ان وٽ ثبوت نه آهن هن چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ الزام هڻي ملڪ جي ترقي روڪڻ ۽ ٽيون ڀيرو ملڪ جي وزيراعظم کي ڊي فين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته مني لانڊرنگ ٿي آهي پاڪستان جي عوام جو پئسو لٽيو ويو آهي ٽيڪس چوري ٿي آهي ۽ اڄ ان عدالت ۾ تسليم ڪيو ته اهي سڀ الزام هئا ثبوت ڏيڻ ان جو ڪم نه آهي هن چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي پنهنجي بيان تي شرم اچڻ گهرجي.

 

سي پيڪ جي بنياد رکندڙ آصف زرداري آهي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي(م.ڊ) وڏي وزير جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته سي پيڪ جي بنياد رکندڙ آصف زرداري آهي، منهنجي لاءِ چين ۽ پاڪستان جي دوستي اڻڄاتل ڳالهه آهي. پاناما ليڪس معاملو حل ڪرڻ جي قانون سازي ضروري آهي، عدالتن جو احترام ڪندا آهيون پر پاناما معاملي تي سياسي قوت تي ڀروسو آهي. هن چيو ته پ پ فرمائشي پروگرام تي ناهي هلندي، قانون ساز چون ٿا ته پاناما جي حل لاءِ قانون سازي ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وڏيون قوتون ميدان ۾ آيون،  ڏهه کان پندرنهن ماڻهن کان پارٽي شروع ٿئي ٿي ۽ هڪ قافلو بڻجي ٿي وڃي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊئي چيو ته آصف زرداري چين جا بي پناهه دورا ڪيا، آصف زرداري اڄ تفصيل سان ٻڌايو ته سي پيڪ جي سوچ ڪيئن پيدا ٿي، پاڪ چائنا دوستي جي پيڙهه جي بنياد جو پٿر ذوالفقار علي ڀٽو آهي. ڪجهه اهڙا پراجيڪٽ به ٿيندا آهن جن جي بنياد ڪير رکندو ۽ افتتاح وري ٻيو ڪير ڪندو آهي. هن چيو ته سي پيڪ آصف زرادري جي محنت آهي، اسان سي پيڪ تي فخر ڪيون ٿا ۽ ان منصوبي جي لاءِ دعاڳو آهيون، سي پيڪ سڄي ملڪ جو منصوبو آهي. اسان وٽ هتي ڪيترائي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن دوران سنڌ ۾ ترقي جي نئين لهر ايندي. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ بابت آصف زرادري جي خدمتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي جڏهن ته حڪمرانن سي پيڪ بابت غلط فهميون پيدا ڪيون.

 

عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ڪامياب پاليسين جو ثبوت آهي: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 300 ميگاواٽ بجلي جي منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آهن ۽ منصوبو جلد شروع ٿي ويندو گواردر واٽر سپلاءِ منصوبو اسپتال ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽس ۽ صوبائي هيڊڪوارٽر ۾ ماس ٽرانزڪ ريلوي منصوبي تي به جي سي سي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي چين سي پيڪ ۾ انڊس ڪيس ڪيڊ منصوبن جو جائزو وٺڻ تي اتفاق ڪيو آهي وزيراعظم نوازشريف سي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي تي گڏيل طور تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪامياب اقتصادي پاليسين سبب عالمي سيڙپڪارن پاڪستان جو رخ ڪيو آهي هو اربع تي اعليٰ سطحي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو جنهن ۾ هن پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ڇهين گڏيل تعاون ڪميٽي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. جيڪا 29 ڊسمبر ۾ بيجنگ ۾ ڪوٺائي ويئي هئي اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير سينيٽر اسحاق ڊار خواجه محمد آصف وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 300 ميگاواٽ بجلي جي منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ٿي چڪيون آهن ۽ منصوبو جلد شروع ٿي ويندو وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي جي وزارت کي سي پيڪ جي تحت 1.5 ارب ڊالر ماليت جي مٽياري لاهور ٽرانسميشن لائين منصوبي جي معاهدي تي مبارڪ ڏني ۽ ان تي عمل جي لاءِ سرگرمي سان پيروي جي هدايت ڪئي وزيراعظم ماس ٽرانزٽ منصوبي کي چئني صوبن ۾ شامل ڪرڻ تي پاڪستان جي ٽيم کي به مبارڪباد ڏني ۽ ريلوي جي وزير کي هدايت ڪئي ته هو منصوبن جي فزيبلٽي لاءِ پنهنجي وزارت جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيز فراهم ڪري صوبن کي سهولتون ڏي.

 

حڪومت تربيلا ڊيم لاءِ 39 ڪروڙ ڊالر قرض کڻي ورتو

اسلام آباد (م.ڊ) حڪومت تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ عالمي بينڪ کان وڌيڪ قرض حاصل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انٽرنيشنل بئنڪ جي نمائندن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي اختيارين ٻڌايو ته تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ قرض جو انتظام ٿي ويو آهي. انٽرنيشنل بيڪ 39 ڪروڙ ڊالر ڏيندي. هنن چيو ته ايشين بئنڪ منصوبي جي انفراسٽڪچر انسويٽسٽ مينٽ لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته داسوڊيم لاءِ ٻه ارب ڊالر به ڏيندي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تربيلا جي واڌ واري منصوبي لاءِ عالمي بينڪ جي ڪردار جي ساراهه ڪئي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته تربيلا ڊيم پاڪستان لاءِ اهم تاريخي ڊيم آهي. حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. توانائي شعبي ۾ سڌارا حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهن. 37

 

نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪٿي ٿيو؟ جنهن تي ڪرپشن ۽ پاناما جھڙا ڪيس هجن اهو ملڪ ڇا هلائيندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (م.ڊ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم ليڊر هو، سندس خال هِن وقت تائين ڀرجي ناهي سگھيو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي عوامي طاقت ۽ جمهوريت سان ملڪ کي مضبوط ڪيو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ملڪ ۾پوءِ ايندڙ حڪومتن اقتدار حاصل ڪرڻ واري فلسفي کي اپنايو، پرڏيهي قرضن ۽ مفاد جي سياست ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسلامي ملڪن جي صورتحال کي سنڀالڻ جي لاءِ اڄ ڀٽي جھڙي ليڊر جي ضرورت آهي، وزيراعظم ٻڌائي سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو مقصد ڇا هو، هو ٻڌائي ته هو ڪهڙي شيءِ کان ٿو ڊڄي، ڇاجي ڪري ڪمزور نظر ايندو آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي ڪاٿي عمل ٿيو؟ جيڪو حڪمران ڪرپشن ۽ پاناما جھڙن ڪيسن کي منهن ڏيندو هجي اهو ملڪ کي ڇا هلائيندو؟36

 

سرڪاري ڪمن ۾ دير کي عوام خلاف سازش سمجهان ٿو: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دفتري طوالت سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪندي آهي، انڪري ان رويي کي تبديل هئڻ گهرجي نه ته غير ذميوار ملازمن جي ڪابه ضرورت نه آهي ته اهي انهيءَ رينڪ ۾ رهن. هن اها ڳالهه اڄ صحت کاتي جي گذريل ڏينهن واري ڇڏيل اڌوري اجلاس جي سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ترقياتي رٿائن جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز امداد پتافي، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، صحت وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز اعجاز علي ميمڻ، ناڻي کاتي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، چيف انجنيئرز، ڊي جي ڊزائين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن ڇڏيل اڻپوري اجلاس جنهن ۾ جڏهن ڪجهه آفيسرن اجلاس ۾ رٿائن جي تڪميل خاص طور اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ دير جي حوالي سان حيلا بهانا ڪيا ته انڪري مون صبح اٺين وڳي اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ڪم کي پورو ڪرڻ ۽ انهن جي منظوري ۾ دير جي حوالي سان سمورن آفيسرن کي اجلاس ۾ گهرايو. سرڪاري آفسين ۾ دفتري طوالت سبب دير ٿيندڙ رٿائن ۾ 87.953 سرڪاري اسپتال گڏاپ جي بهتري واري اسڪيم، 141.733 ملين رپين جي لاڳت سان گورنمينٽ اسپتال ابراهيم حيدري جي بهتريءَ واري اسڪيم، 80.049 ملين رپين جي لاڳت سان گورنمنيٽ اسپتال ريڙهي جي بهتريءَ واري اسڪيم، 65.617 ملين رپين جي لاڳت سان 36 بسترن جي مشتمل اسپتال دنبا ڳوٺ اسپتال ۽ 87.256 ملين رپين جي لاڳت سان سرڪاري اسپتال 2-اي ڪوريڊور لانڍي واريون رٿائون شامل آهن. اڄوڪو اجلاس ٺيڪ صبح اٺين وڳي شروع ٿيو ۽ سڀئي آفيسر وقت کان اڌ ڪلاڪ اڳ پنهنجين سيٽن تي ويهي چڪا هئا. آفيسرن اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اجلاس ۾ مطمئن ڪري سگهن، جڏهن وڏو وزير اجلاس لاءِ پهتو ته ڪانفرنس روم ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي ۽ سڀئي آفيسر سامهون رکيل فائيلن کي ڏسندي پنهنجيون اکيون چورائڻ شروع ڪيون. وڏي وزير خاموشيءَ کي ٽوريندي چيو ته هُو پرفيشن جي حوالي سان انجنيئر آهي ۽ نه ئي چيف انجنيئر ۽ نه ئي ڊزائين ايڪسپرٽ کيس مس گائيڊ ڪري سگهي ٿو، انڪري ان اجلاس ۾ ويٺل هرهڪ کي گهرجي ته هُو پنهنجو صاف ۽ واضح بيان ڏئي. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته هڪ اسپتال جنهن جو سنگ بنياد گڏاپ ٽائون ۾ سندس مرحوم والد اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه پنهنجي دور ۾ رکيو هو اهو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو، اها اوهان جي ڪارڪردگي آهي ۽ حڪومت سان ڪمٽمنٽ آهي؟ هن چيو ته مان پنهنجي ماڻهن سامهون ذميوار آهيان ۽ اوهان مون سامهون ذميوار آهيو ۽ مان هرهڪ جو روزاني جي حساب سان احتساب ڪندس، اوهان ماڻهن جي رٿائن ۾ دير ڪندا آهيو. هن ڊي جي ڊرائين کي چيو ته هن رٿا جي منظوريءَ ۾ دير ڇو ڪئي؟ ته هن پنهنجي ڌٻيل آواز ۾ چيو ته فائيل ۾ ڪجهه ڪاغذ گهٽ هئا. ان تي وڏي وزير چيو ته اهو بي بنياد بهانو آهي ۽ ڪنهن به قيمت تي قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، جيڪڏهن فائيل ۾ ڪنهن به شئي جي گهٽتائي هئي ته اوهان صحت کاتي جي لاڳاپيل آفيسر کي گهرايو ها ۽ فائيل کي واپس اماڻيو ها، پر ايئن ڪرڻ بدران فائيل کي پنهنجي ٽيبل تي رکڻ کي ترجيح ڏني. ان تي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ ڊي جي ڊرائين جي حق ۾ ڳالهائيندي درخواست ڪئي ته هُو ان معاملي کي حل ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته مون ان ڊرائين جي گذريل رات منظوري وٺي ڇڏي هئي ۽ ان جو جلد ڪم شروع ٿي ويندو. وڏي وزير ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن آفيسر چاهيندو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ رٿا جي منظوري ٿي ويندي آهي ۽ هي اهو ئي ڪيس آهي. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گڏاپ اسپتال جو مرحوم وڏي وزير عبدالله شاهه افتتاح ڪيو هو ۽ اهو 2010ع ۾ مڪمل ٿيو هو پر ٻوڏ متاثرن ان عمارت ۾ پنهنجا گهر بڻائي ڇڏيا انڪري اهو شروع نه ٿي سگهيو هاڻي هن اسپتال کي بڻائي رهيا آهيو ۽ اها اسڪيم ڊسمبر 2018ع ۾ مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي ريت ابراهيم حيدري، ريڙهي، دنبا ڳوٺ، لانڍي جا سرڪاري اسپتال 2018ع تائين فعال ٿي ويندا. سيد مراد علي شاهه سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته هُو ترقياتي اسڪيم جا دورا ڪندو رهي ۽ کين رپورٽ پڻ پيش ڪندو رهي. هن صوبائي صحت واري وزير کي به هدايت ڪئي ته هُو ورڪس اينڊ سروسز کاتي سان ويجهڙائي وارو تعلق رکي ۽ اسپتالن جي ڪمن جي رفتار کي تيز ڪري. جيڪڏهن ورڪس اينڊ سروسز کاتو وارننگ بعد به پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو ته هُو کاتي جي سمورن ڪمن کي قانون ۾ ضروري ترميم ڪندي آئوٽ سورس ڪري ڇڏيندو.

 

وفاقي حڪومت جو جولاءِ ۾ اسٽيل مل کي خانگائڻ وارو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م.ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته چيني ڪمپنيون اسٽيل مل جي خريداري ۾ دلچسپي نٿيون رکن البت ٻه ڪمپنيون اسٽيل مل کي پيز تي وٺڻ تي راضي آهن. هن چيو ته اسٽيل مل کي خانگائڻ وارو عمل جولاءِ ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمل جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن خانگائڻ واري ڪميشڻ جي چيئرمين محمد زبير پاڪستان اسٽيل مل بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي هن چيو ته چاليهه سالن کان اسٽيل مل جي مشينري ۾ ڪا به بهتري ناهي آئي، اسٽيل مل کي ٻڙي کان پنجاهه سيڪڙو پيداوار تائين آڻڻ ضروري هو. هن چيو ته اسٽيل مل جي زمين سنڌ حڪومت جي منظوري کان سواءِ وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اسٽيل مل جي 14 هزار ايڪڙ زمين خالي پيل آهي. هن چيو ته جولاءِ ۾ اسٽيل مل کي ٻيهر خانگائڻ وارو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چيني ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪئي هئي تنهن هوندي اڳڀرائي نه ٿي ۽ هاڻ هو دلچسپي نٿيون رکن.

 

اسلام آباد جو موسم مٽجي ويو اميد ته سپريم ڪورٽ جو به مٽجي ويندو: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد جو موسم بدلجي رهيو آهي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جو موسم به بدلجي ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه ڪيس جي ٻڌڻي ٻڌڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ پهتو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته اسلام آباد جو موسم بدلجي رهيو آهي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جو موسم به مٽجي ويندو.