تازيون خبرون

Monthly Archives: December 2016

هلندڙ سال ۾ پاڪستان مختلف ٽيمن خلاف 15 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏيون، 8 کٽيون، 7 ۾ شڪست

لاهور (اسپورٽس نيوز) سال 2016ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڪارڪردگي سٺي رهي. پاڪستان ٽيم 2016ع ۾ مختلف ٽيمن خلاف 15 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 8 کٽيون ۽ 7 ۾ ان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. ڀارت جي ٽيم 2016ع ۾ 21 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 15 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 5 ۾ ان کي شڪست ملي. انگلينڊ جي ٽيم 10 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 5 ۾ شڪست ۽ 5 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. آسٽريليا جي ٽيم 12 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 6 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 6 ۾ شڪست ملي. نيوزيلينڊ جي ٽيم 10 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 8 ۾ ڪاميابي ۽ 2 ۾ شڪست ملي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 9 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 5 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 4 ۾ ان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. ويسٽ انڊيز جي ٽيم 11 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 6 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 4 ۾ ان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

 

ڊسمبر تنهنجون رهجي ويل يادون….!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

جڏهن هن به دسمبر جون سرد هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن ته وپاڻ سان گڏ انيڪ ياد گيريون کڻي اينديون آهن. جن ياد گيرين ۾ ڪٿي درد جون لهرون به هونديون آهن ته ڪٿي خوشي جا احساس به شامل هوندا آهن.

چوندا آهن ته ايندڙ سال ڪنهن جي لاءِ ڪي نيون خوشيون ناهن آڻيندا ۽ نه وري ويندڙ سال ڪنهن جا غم ۽ تڪليفون پاڻ سان کڻي ويندا آهن مگر اهي سڀ اسان جي سوچ جا ڪمزور پاسا آهن جو اسان سڀ ڏوھ گذريل سال تي ڏيندا آهيون ۽ ايندڙ سال ۾ نيون ۽ اجريون اميدون رکندا آهيون.

اتر جي سرد ۽ ٿڌڙن جھونڪن کي گڏ کڻي ايندڙ پن ڇڻ طور مشهور سال جو هي آخري مهينو جڏهن به ايندو آهي ته اسان يادن جا پراڻا پهراڻ لاهي انهن کي زندگي جي صندوقن ۾ رکي ايندڙ نئين سال لاءِ اميدن جا نوان لباس پائيندا آهيون.

مگر ڇا ڪجي جو ڊسمبر جو اِهو مهينو جتي اميدن ۽ احساسن جا نوان روپ کڻي ايندو آهي اتي انهي مهيني سان وابسته ڪجھ تلخ يادن جو سلسلو اهڙو به آهي جن کي هزار ڪوششن باوجود ذهن جي مندر تان ميساري نٿو سگھجي. دل جا درد ته هميشه ساوا رهيا آهن. اهي ته ٻٻر جي وڻ وانگي ٻارنهن ئي مهينا ٻوريل رهندا آهن. مگر جڏهن به ڊسمبر جي سرد هو لڳندي آهي ته هر سال وانگر سور ڄڻ ته سوا يا ڪري ويندي آهي ۽ زخمن تي لوڻ ٻر ڪيندي آهي. هونئن به سياري جي موسم هوندي ئي اهڙي آهي جو ٿورو به ڌڪ لڳي ته جيئن ٺري تيئن ٻري! پوءِ اهڙي موسم ۾ جيڪڏهن روح رهڙ جي وڃي ته انهي زخم کي ڀلا ڪهڙي مرهم سان ڀر جي!! انهي ئي مهيني ۾ ڪجھ اهڙين هستين جو وڇوڙو ٿيو آهي جيڪي تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مٽجندڙ نقش ڇڏي ويا. جن جي عمل ۽ ڪردار سبب تاريخ کين ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

اهڙي طرح اوڀر پاڪستان جو الڳ ٿيڻ جو ڏينهن به پاڪستانين لاءِ ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونه هو جڏهن محب وطن پاڪستانين پنهنجي اکين اڳيان پنهنجي وطن کي ٻه اڌ ٿيندي ڏٺو هو ۽ آزاد بنگله ديش وجود ۾ آيو هو اهو سڀ ڪجھ به ته هن ئي مهيني جي سورنهن تاريخ تي ٿيو هو. اهي ته ماضي جون ڳالهيون هيون مگر جيڪڏهن ويجهڙائي واري وقت تي نظر وجهجي ته اردو ادب جي خوشبو جي روح جهڙي شاعره پروين شاڪر جنهن اردو ادب کي خوشبو، صدائي برگ، ماھ تمام وغيره جهڙا خوبصورت ڪتاب ڏنا ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري سبب هزارين دلين تي راڄ ڪيو جنهن سبب کيس پاڪستان جو وڏو اعزاز پرائيڊ آف پرفارمنس به ڏنو ويو مگر هوء به ڇويهه ڊسمبر اوڻيهه سو چورانوي تي انهيء منزل طرف رواني ٿي جتان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه واپس ناهي آيو.

عکس خوشبو ہوں بکھرنے سے نہ روکے کوئی

اور بکھر جاؤں تو مجھ کو نہ سمیٹے کوئی

جس طرح خواب میرے ہو گئے ریزہ

اس طرح سے نہ کبھی ٹوٹ کے بکھرے کوئی

…… ۽ اهو سنڌ جو ٻيجل ۽ قومي فنڪار سرمد سنڌي جنهن جهر جهنگ ۾ سنڌ جا قومي گيت ڳائي پنهنجي قوم کي شعور ڏيڻ وارو پنهنجي حصي جو فرض پورو ڪيو، ستاويهين ڊسمبر اوڻيھ سو ڇانوي تي بدين کان آخري پروگرام ڪري واپس وڃي رهيو هو ته ٺٽي جي ويجهو هڪ خوفناڪ حادثي سبب هميشه لاءِ موت جي آغوش ۾ هليو ويو!

“آهي تنهنجي ياد جي ائين گذريء ۾ گونج

آکيري مان جيئن، وڃي اڏري ڪائي ڪونج”

اڄ سرمد اسان وٽ موجود نه آهي مگر سندس سر، ساز ۽ آلاپ هميشه سنڌ کي سندس ياد ڏياريندا رهندا.

سرمد جي وڇوڙي کي اڃان هڪ سال ئي مس گذريو هو ته اڀاڳي موت جي پاڇي باغ ادب جي هڪ اهڙي گل بي مثال جي چونڊ ڪئي جنهن جي وڇڙڻ سان سمورو چمن ئي ويران ٿي ويو. ها اهو سنڌ جو مهان ڪوي ۽ هماليه جيڏي اوچي شخصيت شيخ اياز جيڪو اٺاويهين ڊسمبر اوڻيهه سو ستانوي تي سنڌ کي ۽ پنهنجي ڏات جي پرڀات کي هميشه جدائي جو داغ ڏيئي ويو.

“ساز هستي جي جيت آهيان مان

هڪ محبت جو گيت آهيان مان

ناهه آڪاش جو ڌڻي مون لئه

پوءِ به ڌرتي جو مِيت آهيان مان”

شيخ اياز جنهن جي وڇوڙي تي روپا ماڙي کان ريڻي ڪوٽ تائين ۽ ڪشمور کان ڪاسبي تائين سموري سنڌ جون ڪمهليون هوائون سوڳوار بنجي پيون هيون. جنهن جي ڏک ۾ ڪارونجھر به ڪوجهو لڳو ٿي ته مهراڻ جي موجن تي به خاموشي طاري ٿي وئي هئي.

شيخ اياز جي وڇوڙي تي جتي ڪينجھر جي لهرن مڪلي جي منارن سان پنهنجو درد ونڊي روئي ڏنو هو اتي انهيء ڏات جو ڏيئو به هميشه لاءِ وسامي چڪو هو. جنهن ڏات ڀٽائي جي تند ذريعي تلوارن سان جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو هو.

مون آزاديء جي سين هنئي، مون لاٿا طوق غلامن جا

هي گيت هئا يا جادو هئا، زنجير ٽٽا يامن جا

اهو اياز به اسان کان اهو چوندي وڇڙي ويو ته

“سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي

سنڌ اڃان انهن شخصيتن جي صدمي کي وساري نه سگهي هئي جو انڌيري رات جي رهزنن سنڌ جي آسن ۽ اميدن تي راتا هو هڻندي کانئن.

سندن محبوب ليڊر شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي کسي ورتو هو. اها به ستاويهين ڊسمبر جي هڪ شام هئي جيڪا سنڌ لاءِ قيامت صغرى جهڙا منظر کڻي آئي هئي جڏهن پنڊي جي لياقت باغ ۾ ڀٽو جي پنڪي ۽ سنڌ جي مارئي کي گولين جو کاڄ بڻائي جمهوريت جي آواز ۽ اهڃاڻ کي هميشه لاءِ دفن ڪيو ويو هو. سنڌ تڏهن به رني هئي ۽ ايترو رني هئي جو شايد هاڻي ڪنهن لاءِ ايترو نه روئيندي ۽ سنڌ جا روڊ رستا واهڻ گليون ويراني جي ڏيک ڏيڻ لڳا هئا.

“نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪا تياريون

پيسو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي” “شاھ”

محترمه بينظير ڀٽو جنهن کي آمريڪي عملدار Bhutto is unpredictable چئي مٿس اعتبار نه ڪندا هئا، مگر هُوءَ پنهنجي عوام جو اعتبار هئي.

هُوءَ سندن پهرين ۽ آخري اميد هئي. هن پنهنجي عوام لاءِ پنهنجي جلاوطني جي دور ۾ “مارئي آف ملير” جي عنوان سان هڪ ڊگهو نظم ۾ لکيو هو ته.

جڏهن دنيا کي اڃان جنم وٺڻو هو،

جڏهن آدم کي اڃان صورت وٺڻي هئي

تڏهن کان توهان سان منهنجو تعلق جڙيو هو

محترمه جتي سڄي ملڪ جي رهنما ۽ جمهوريت جي علامت هئي اتي هوء سنڌ لاءِ خصوصي طور هڪ سهارو ۽ ڀرجهلو هئي هوء خود به سنڌ ڌرتي سان گھري محبت رکندي هئي. پنهنجي جلاوطني ۾ هڪ نظم ۾ سنڌ لاءِ لکيو هئائين ته.

“هاڻي جڏهن جلاوطني منهنجو نصيب بڻي آهي تڏهن مان پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتي کي ويجهي آهيان.

شهيد محترمه بي نظير پنهنجي ڪتاب “ڊاٽر آف دي ايسٽ” جي مهاڳ جي پهرين سٽ ئي اها لکي هئي ته “I didn,t choose this life It choose me” يعني مون هن زندگي جي چونڊ نه ڪئي هئي بلڪ هن زندگي خود منهنجي چونڊ ڪئي هئي. هُوءَ جنهن جي زندگي محلن کان شروع ٿي جيلن تي ختم ٿيندي هئي ۽ جلاوطني کان ٿي قبر جي هنج تي ختم ٿي ان جي روح ۾ هن ديس جي عام ماڻهن جي درد جون چيخون جا ڳنديون هيون ۽ هُوء پاڻ هر جاء تي وڃي ديس جو درد بيان ڪندي هئي.

هن جو هر عمل هڪ نئين اميد، هڪ نئين اتساھ هڪ نئين خواب جي ساڀيان جو وچن هوندو هو. هُوء جڏهن به پنهنجي جدوجهد ۾ وقت جي جابرن ۽ ظالمن سان مهاڏو اٽڪائيندي هئي ته وڏا وڏا جابر ۽ آمر سندس همت اڳيان جهڪي پوندا هئا بقول سرويچ سجاولي جي

“اجهوهي ڪوٽ ڪوڙ جا ڀڃي ڀري ڪري پيا

اجهوهي ڏاڍ جا هنيان ڏڪي ڏڪي ڏري پيا

اوهان جي همتن اڳيان وڏا وڏا جهڪي پيا

اوهان کان جابرن سندا جگر جلي ڏڪي پيا”

هُوء سنڌ جي تاريخ جو اهم باب هئي. جڏهن به سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخ جو ذڪر ٿيندو ته سندس نالو عظمتن جي اوچائين تي لکيو ويندو ۽ جڏهن به رهبري جي راهه ۾ رت ۽ قربانين جي تاريخ جو ذڪر ڇڙندو ته عقيدت جا هزارين گل کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پيش ٿيندا.

هُوء جيتري پاڻ عظيم هئي اوتري سندس جدوجهد اڻ کٽ هئي جنهن جو فيصلو ستاويهه ڊسمبر ٻه هزار ست تي به نه ٿي سگهيو.

هُوء ته اڃان به وڙهي رهي هئي مگر ڪنهن جي لاءِ وڙهي رهي هئي؟ سندس جدوجهد ڇاجي لاءِ هئي؟ زندگي جا سڀ سک، سهولتون، ملڪيت، شهرت، تعليم سڀ ڪجھ ته موجود هو ان وٽ ان جي باوجود سندس سڄي زندگي جدوجهد، جيلن، جلاوطني ۽ ويڙهاند ۾ گذري صرف پنهنجي عوام خاطر! جنهن لاءِ آخر کيس پنهنجي جان جي قرباني به ڏيڻي پئي. کيس سندس انجام جي اڳواٽ خبر هئي مگر پوءِ به اهي سازشون کيس سندس جدوجهد جي واٽ تان هٽائي نه سگهيون هيون. اهو سنڌ جو عوام کيس ڪهڙي طرح وساري سگهندو جنهن جا هِن مٽي هاڻا ڪپڙا ڇنڊي اٿاري بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي اهي اڀاڳيون عورتون کيس ڪيئن وسارينديون جن جا ڳوڙها هن پنهنجي رئي جي پلاند سان اگهيا هئا ۽ انهن معصوم ٻارڙن جي دلين تان سندس تصوير ڪيئن لهي سگهندي جن جي مٿي تي هن شفقت ڀريا هٿ ڦيريا هئا؟؟

هي محبتن، اميدن ۽ شفقتن جو اهڙو وڇوڙو هو جنهن کي سنڌ صدين تائين وساري نه سگهندي جڏهن به اتر هوائون گهلنديون ۽ جڏهن به 27 ڊسمبر جي شام ايندي ته سنڌ جا درد وري به تازا ٿي پوندا ۽ سندس ياد جا احساس روح ۾ ڪنڊن جيان چڀندا رهندا.

“ڊسمبر تو بنا ڪهڙو! هجي ڄڻ ٻارجولاشو

وڇڙيل ڪونج لئه ڪاڇو، اکين تي رات اونداهي

گٽر ۾ چنڊ جو پاچو، ڊسمبر تو بنا اهڙو

ڊسمبر تو بنا ڪهڙو

 

 

پ پ پ ۽ ن ليگ مفاهمت ڏانهن پيش قدمي: تحرير. شيرمحمد سولنگي (اچيورس)

نيٺ پ پ پ ۽ ن ليگ جي ڪارڪن کي مفاهمت جي سمجھ اچي وئي . اهڙي قسم اڳڀرائي ٿيڻ واري آهي . اڳوڻي صدر آصف علي زداري کي سرچائڻ جو زمو جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا فضل رحمان کي هڪ خاص ملاقات کان وزير اعظم نواز شريف ڏنو آهي مولانا فضل رحمان مفاهمت واري پاليسي ۾ ن ليگ لاءِ لاڀائتو رهيون . هن عمران ، طاهرالقادري جي ڌرڻ ۾ به ن ليگ جو ڀر پور ساٿ ڏنو جنهن ڪري ن ليگ کيس پر امن ماحول بنائڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي . مولانا فضل رحمان جي ڪري سندس حڪومت پنهنجي معمول مطابق هلي رهي آهي . هن ڀيري به نواز شريف جي مولانا فضل رحمان مهماني کائي آهي آيو . ڏٺو وڃي ماضي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل رحمان پيپلز پارٽي جو ويجھو ساٿي آهي . پ پ پ جي دور ۾ حڪومت سان گڏ رهيو آهي . ۽  وري هاڻي ن ليگ سرڪار جو سچو ساٿاري ٿي پاڻ کي ن ليگ سان الحاق جي وفاداري نڀائي رهيو آهي . جنهنڪري ميان صاحب جو به مٿس پورو پورو يقين آهي . هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن ڀيري نواز پاران ڏنل ٽاسڪ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿئي ٿو . ڇاڪاڻ ته هن ڀيري حالتون مختلف آهن پ پ پ جي مک قيادت تمام گھڻو ناراض آهي جنهن حڪومتي ڌر کان تمام گھڻو پري ٿي ويا آهن جن پاڻ ۾ گڏجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي بحرحال هي سياست آهي . سياست ۾ حرام حلال جي ڪاتي ٿيڻو پوندو . ڇاڪاڻ ته سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ کٽا مٺا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن اهڙن مفاهمتي فيصلن جي ڪري ئي حڪومتون هلنديون آهن .

هي به هڪ قسم جي سياسي رساڪشي جي راند آهي جنهن ۾ سياسي سگھ جي خبر پوندي آهي . ته ڪير ڪيترو پهلوان ۽ عقلمند آهي . اڳوڻي صدر آيف علي زرداري جو خيال آهي نواز شريف اڳتي نڪري ويو آهي هن پنهنجي واپسي لاءِ سوچو ئي ناهي هاڻي کيس واپسي لاءِ رستو ڳولڻو پوندو فل هال ته پ پ پ جي قيادت مفاهمت جي موڊ ۾ نه آهي باقي ڳالهين جي ميز تي اچي سگھن ٿا اگر انهن جا دل گھريا مطالبا مڃا وڃن ته نواز شريف جون مشڪلاقون آسان ٿي سگھن ٿيون . پر ڪي پيپلز پارٽي جا مطالبا اهڙا آهن جن سان ملڪ جي نيشنل ايڪشن پلان ۽ پاليسيون انهن مطالبن تي عمل ڪرڻ سان متاثر ٿي سگھن ٿيون . وزير دفاع چودري نثار کي سندس عهدي تان هٽائڻ ، ڊاڪٽر آصم کي رها ڪرڻ ، ماڊل گرل ايان علي  کي پرڏيھ وڃڻ لاءِ رستو ڏيڻ ، سي پيڪ ۾ عمل دخل ڪرڻ  ن ليگ سرڪار لاءِ عمل ڪرڻ زهر جي ڍڪ ڀرڻ جي برابر آهي  جيڪو هو ڪڏهن به قدم ڪونه کڻندا . منهنجي خيال ۾موجب واحد طاقتور وزير ودري نثار ئي ته آهي جنهن جي ڪري ن ليگ سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪرڻ لاءِ وقت جي روڊ تي گامزن  آهي جنهن  کي پٽڙي تان لاهڻ لاءِ ملڪ جي مقبول ترين شخصيت ادي عمران نهن جو به زور ڏنو آهي پر ساڻو ٿي  بيوس ٿي پيو آهي . کيس عوام به ڀر پور موٽ ڏئي رهيو آهي . پر پوءِ کيس ڪو خاص کڙ تيل نه مليو آهي جنهن سان هو سر بلند ڪري فخر ڪري سگھي هاڻي وري هليا آهن پيپلز پارتي وارا چئن مطالبن جي بهاني نواز سان ناهڏو اٽڪائڻ پر نواز جو پلڙو ڀاري آهي جنهن کي ڪا سياسي جماعت نٿي لوڏي سگھي . ڀلي پيپلز پارٽي وارا به پنهنجو شوق پورو ڪري ڏسن کين  به خبر پئجي ويندي ان جو خاص سبب اهو آهي ته ن ليگ وارا ملڪ جي پاليسين تحت پنهنجا قدم سوچي سمجھي کڻي رهيا آهن . تام گھڻا محتاط ٿي ويا آهن .

سوال آهي ڳالھين جو ته مولا فضل رحمان ٽاسڪ ملي چڪو آهي ته رٺل آصف علي زرداري پرچائي ڏي . ملھ منگانگو سودو آهي . ڳالھين سان گڏ اگر بريڪيس ڏوڪڙن سان ڀريل ويندو ته آصف علي زداري پرچي ويندو ، سنڌ م اهي ٻول گوجندا رهندا آهن ته ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري لڳي ته پيو ته هيئر اهو سرچاء وارو معاملو گھڻو گنجري ويو آهي . جنهنڪري سرچاء جي اميد گھٽ نظر اچي رهي آهي . جيڪڏهن پيپلز پارٽي نواز شريف سان سرچي پرچي وئي ته وقتي فائدو پ پ پ وارن کي پهچندو پر انهن کان وڌيڪ فا.دو ن ليگ وارن کي پهچندو ان ڪري پيپلز پارتي وارا پرچڻ جي پريت ڇڏي رسڻ جي ريت کي ترجيح ڏيندا ۽ پنهنجي لاءِ روڊن رستن تي نڪري هاءِ گھُوڙا ڪري ملڪ جي عوام جي دلين ۾ جاڀِ ٺاهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا  اهو ئي پيپلز پارتي وارن جو پلان هوندي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني نواز شريف جي مقبوليت کي پنجاب گھٽ ڪري سگھن جيئن پنجاب مان کين شڪست ڏئي آئوٽ ڪلاس ڪري ايندڙ چونڊن ۾ مرڪز ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگھن اهو ئي پيپلز پارٽي جو چٽو پلان آهي .اڃا تائين ڳالھين واري ميز خالي پئي آهي جن تي ون ٽو ون ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي . اهو به سٺو سنوڻ آهي سياستدان پنهنجي مفاهمت لاءِ ڳالھين جا در وازا کولي ڇڏيا آهن . انهن جي روين مان عوام کي به هوشياري کان ڪم وٺڻ گھرجي ته اهي وڏا سياستدان پاڻ دوستيون وڌائي رهيا آهن ۽ ملڪي عوام اجايو پاڻ پڙهي رهيا آهن انهنکي به سياستدانن جيان ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي اجايو هڪٻئي سان ڀت ڀاڄيون نه ڇنڻ گھرجن .

سياست هڪ عبادت جو گھر آهي . اگر ان جي روح مطابق عوام جي خدمت ڪئي وڃي ته عاليشان موقعو آهي جنهن سان رب پاڪ جي ريجھائي سگھجي ٿو . پر هاڻوڪا سياستدان تمام گھڻا مختلف ٿي ويا آهن جو عوام ڏانهن ڪو به ڏيان نه فقط ڪرپشن ذريعي دولت گڏ ڪرڻ آهي جنهن ڪري سند مقبوليت به عوام جي دلين مان نڪري وئي آهي دنيا اهڙي مٺي آهي جنهن ڪري ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي پوندو آهي . هي سياستدان آهن انهن جو جھيڙو به دولت تي آهي ته تون حڻو کائي ويو آهين مان بک مري ويو آهيان لاچ جي لوڀ پويان اسان جي ملڪ جي پارٽي جا اڳواڻ پيل آهن جنهن ڪري پاڻ ويڙهاند واري راند ڪري رهيا آهن . پر سندن مفاهمت ايتري ته آهي جو رسڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي ڳالھين جي ميز تي ويهي عوام جي مفادن کي هيٺ ڪري  ذاتي مفادن کي اوليت ڏئي سرچاءُ ڪري وٺندا آهن اهڙو ٽاسڪ مولکانا فضل رحمان کي پڻ ڏنو ويو آهي ته ڪنهن به حال ۾ زرداري صاحب پرچائي ڏيو پر خبر ناهي ته سندس ڳالھ زرداري صاحب ٻڌندو الائي نه انجو انتظار رهندو هوندو نواز شريف کي به کيس ان الجھن ۾ ننڊ به ايندي هوني الا ئي نه بس کيس ٿوري  گھڻي  آٿت ته ملي آهي .

Email: smssindh@gmail.com

 

 

اي ڊي خواجه کي نه هٽائڻ جو عدالتي فيصلو….!!

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجادعلي شاهه ۽ جسٽس ذوالفقار احمد خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ حڪومت کي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ کان روڪي ڇڏيو.جڏهن ته 12 جنوري جا وفاقي سرڪار ،سنڌ سرڪار ،اي ڊي خواجا،ڊي جي رينجرز ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ۾آءِ جي سنڌ الله ڏنو خواجا کي عهدي تان هٽائڻ ۽ جبري موڪل خلاف  پائلر جي ڪرامت علي ۽ مشهور گلوڪار شهزاد راءِ سميت ست درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ حڪومت کي هدايت ڪئي ته هن کي عهدي تي برقرار رکيو وڃي ۽ 12 جنوري تائين نه هٽايو وڃي.

داخل ڪيل درخواستن ۾ درخواست گذارن موقف اختيار ڪيو ته اي ڊي خواجا کي ميرٽ تي ڪم ڪرڻ سبب هٽايو پيو وڃي، هو سٺي شهرت ماڻيندڙ آفيسر آهي .جنهن پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ۽ عوام جي لاءِ موثر قدم کنيا تنهن هوندي حڪومت کي کيس عهدي تان هٽائڻ کان روڪيو وڃي. عدالت وفاق، سنڌ حڪومت ۽ اي ڊي خواجا سميت ٻين کي12 جنوري جا نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ٻڌڻي کان پوءِ سماجي اڳواڻ ڪرامت علي جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سينيٽر سعيد غني نجي ٽي وي چينل جي ٽاڪ شو ۾ چئي چڪو آهي ته اي ڊي خواجه کي اهڙين حالتن ۾ واپس نه اچڻ گهرجي جنهن جو مطلب آهي ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي ان جي عهدي تان هٽايو پيو وڃي، عدالت اي ڊي خواجه کي عهدي تي رهڻ جو حڪم جاري  ڪيو آهي اميد آهي ته ايماندار آفيسر جي واپسي ٿيندي،

گلوڪار شهزاد راءِ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اي ڊي خواجا جي مقرري کان پوءِ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ انتهائي بهتري آئي آهي ۽ هن سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندي ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون جنهن ڪري ڪرپٽ ڪامورا سندس مقرري برداشت نه ڪري سگهيا، اهوئي سبب آهي ته ايڊي خواجا کي جبري موڪل تي روانو ڪري کيس هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

خوشحالي ايندي ته دهشتگردي ۽ غربت ختم ٿي ويندي: نواز شريف

چشما (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته معيشت جي حالت خراب هئي توانائي جي کوٽ به هئي 18، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل هو هاڻي ملڪ ڏکيائين مان نڪري رهيو آهي مسئلا هڪ هڪ ڪري حل ٿي رهيا آهن ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن. ملڪ ۽ عوام تي رحم سياست جي خاطر ملڪ جو مفاد قربان نه ڪيو وڃي ڌرڻا ۽ احتجاج ملڪ لاءِ نقصانڪار آهن. دهشتگردي ختم ٿي چڪي ۽ رهيل به ختم ٿي ويندي. لوڊشيڊنگ جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي واعدي موجب 2018 تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي اقتصادي راهداري بابت منصوبن جا فائدا سامهون اچي رهيا آهن قوم کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جنهن سفر جي شروعات ڪئي هئي الله جو شڪر آهي ته ان سلسلي ۾ اڄ وڌيڪ سنگ ميل پار ڪيو آهي چشما ٿري منصوبو نيوڪليئر سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ميدان ۾ پاڪ چين تعاون جو چٽو ثبوت آهي چشمو 4 نيوڪليئر پلانٽ به مقرر ڪيل وقت کان اڳ پيداوار شروع ڪري ڏيندو. چيني ڪمپني نيو ڪيليئر پاور پلانٽس جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪن وزيراعظم اها ڳالهه اربع تي 340 ميگاواٽ جي چمشمي ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جي افتتاح تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ وفاقي پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه محمد آصف عابد شيرعلي سرتاج عزيز ۽ محمد نعيم به ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته اسان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته معيشت جي حالت خراب هئي هن چيو ته اسان قوم کي مسئلن مان ڪڍڻ جو عزم ڪيو ان سلسلي ۾ عملي قدم کنيا چشمو ٿري نيو ڪليئر پاور پلانٽ جي پڄاڻي ۽ ان منصوبي سان 340 ميگاواٽ بجلي گرڊ ۾ شامل ٿيڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته هي منصوبو نيوڪليئر سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ميدان ۾ پاڪ چين جي تعاون جو چٽو ثبوت آهي ٻنهي ملڪن ۾ مصبت ۽ تعميري تعاون ڀائيواري ۽ اخوت نه صرف ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي پر خطي ۾ نئين دور جي شروعات به آهي. هن چيو ته مون کي پوري اميد آهي ته چسمه 4 نيوڪليئر پلانٽ به مقرر وقت کان اڳ يعني 2017 کان پهريان بجلي جي پيداوار شروع ڪري ڏيندا ان کان سواءِ ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري پاور پلانٽ جي اڏاوت سان جتي توانائي کي حاصل ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم هوندو اتي اهو گڏيل لاڳاپن کي به وڌيڪ مضبوط ڪندو. هن چيو ته منهنجي خوشگوار يادن ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته چيني ساخته پهريان پاور پلانٽ چمشه يونٽ ون جي اڏاوت جي معاهدو اسان کي پهرين حڪومت جي دور ۾ طئي ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ ڏينهن ۾ ملڪ ۾ نيوڪيلئر توانائي جي شعبي ۾ تعاون جو بنياد فراهم ڪيو هن چيو ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿئي ٿي ته چشمه ۾ هلندڙ جوهري پاور پلانٽ چشمو ون ۽ ٽو ملڪ ۾ سڀ کان بهتر پاور پلانٽ آهي جيڪو ملڪ کي سستي اگهن ۾ 600 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بين الاقوامي مدد کان سواءِ چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ڪئمپ جي پيداواري صلاحيت هڪ اهم ڪاميابي آهي. ان منصوبن عمل جوڳو نيوڪليئر پاور پلانٽ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته چشمه ۽ مظفرڳڙهه ۾ 11 ميگاواٽ جي پيدواار جا وڌيڪ منصوبا به بڻجي چڪا آهن اها ڳالهه قوم جي لاءِ خوشي جهڙي آهي ته پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جوهري ايندهن ۾ پاڻ تي دارومدار لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. موجوده حڪومت توانائي جي شعبي ۾ هر ضرورت کي پورو ڪندي. ان منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي اتي ڪم ڪندڙ ۽ چين مان ايندڙ مهمانن کي ڀليڪار ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست آهن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن اسان سي پيڪ ۾ به ڀائيوار آهيون هن چيو ته سي پيڪ جو منصوبو اسان جي ڀائيواري کي پهريان کان وڌيڪ مضبوط بڻائيندو موٽر ويز هاءِ ويز گوادر جي بندرگاهه ايئرپورٽ پاڪستان ريلويز کي اپ گريڊ ڪرڻ سميت ڪيترن ئي منصوبن تي چين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون ملڪ جي چئني صوبن ۾ توانائي جا منصوبا عمل هيٺ آهن مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ چين ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن اسان گڏيل مفادن ۾ انهن منصوبن تي ڪم ڪري سگهون ٿا چين سان اسان جي دوستي جو مضبوط رشتو موجود آهي وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي نيوڪليئر پاور پروگرام کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي موجوده ۽ ايندڙ منصوبن ۾ حفاظتن ۽ احتياط جي پهلوئن تي به ڀرپور نظر رکڻي پوندي. هن چيو ته هو انهن منصوبن لاءِ ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ ان جي خاندان جي لاءِ دعاگو آهي الله تعاليٰ اسان سڀني کي ملڪ جي خدمت جي توفيق عطا فرمائي وزيراعظم چيو ته چين سان اقتصادي راهداري تحت ڪيترائي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن ۽ انهن جو فائدو جلد ئي سامهون اچي ويندو. ڪراچي پنجاب بلوچستان ۾ عمل هيٺ منصوبا ۽ ڪي پي ڪي ۾ به هائڊرو پاور پراجيڪٽس تي جيتري تيز رفتاري سان ڪم ٿي رهيو آهي ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. ان منصوبن جي مان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان چين به منصوبن تي ڪم جي تيز رفتاري کي ساراهيو آهي هن چيو ته مان ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ چاهيان ٿو ته 2018 ۾ بجلي جي کوٽ جو خاتمو ٿي وڃي ۽ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيان انشاءالله 2018 ۾ صرف بجلي جي کوٽ ختم نه ٿيندي پر بجلي سستي به ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ختم ٿي ويئي آهي ڪراچي ۾ امن بحال ٿيندو ۽ دهشتگردي ختم ٿيندي جهالت جو خاتمو ٿيندو هن چيو ته پاڪستان اهي ڪاميابيون حاصل ڪندو جيڪي گذريل 70 سالن ۾ حاصل نه ٿي سگهيون. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ جن ماڻهن ملڪ مان اونداهيون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم نه ڪيو ان کان پڇڻ گهرجي ته انهن ملڪ ۽ عوام سان اهڙو سلوڪ ڇو ڪيو ۽ پنهنجون ذميواريون پوريون ڇو نه ڪيون ڇو ته ماضي ۾ بجلي سستي ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا هئا. وزيراعظم چيو ته هاڻي پاڪستان ڏکيائين مان نڪري رهيو آهي هن چيو ته چشمه ملڪ ۾ جوهري توانائي پيدا ڪرڻ جو مرڪز بڻجي چڪو آهي چشمه جا منصوبا عالمي معيار مطابق بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم چشمه ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو دورو ڪيو ۽ ان جا مختلف حصا ڏٺا ڪنٽرول روم ۾ وزيراعظم کي پلانٽ مئنيجر رياض خالد انصاري منصوبي بابت بريفنگ به ڏني وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هي جديد ڪنٽرول روم آهي منصوبو چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن ۽ پاڪستان اٽانڪ انرجي ڪميشن جي گڏيل تعاون سان مڪمل ڪيو ويو آهي جيڪو ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ۾مدد ڏيندو.

 

” هڪ ملڪ ٻه قانون“ مان جان ڇڏائڻ ايندڙ نسلن لاءِ وڏو تحفو هوندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پنجاب جي ضلعي ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب ۴۲ ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته پنجاب پوليس پاران ڪرسمس تي اهو زهريلو شراب وڪڻڻ واريون رپورٽون انتهائي ڇرڪائيندڙ آهن، بلاول ڀٽو زرداري فوت ٿيلن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته ان سانحي جي ذميوارن خلاف سخت قدم کنيو وڃي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته انهيءَ سانحي ۾ ۴۲ ڄڻن جي ڏکوئيندڙ موت نواز ليگ جي ان ” بهتر حڪمراني“ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت نوازليگ پروپيگنڊه ڪندي مٿاڇرو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري پئي، شريفن پنجاب جي عوام کي اميرن جي ٽولي هٿان يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ساڻن غلامن وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي حڪومت تي ئي ”پاڻمرادو نوٽيس“ جي ڪڪرن ۽ متحرڪ عدليا جي رحمت رهي آهي پر ”تخت جاتي امرائو“ کي ڪن سببن جي ڪري انهن نعمتن کان محروم رکيو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته عوام سندن رٽائرمينٽ کانپوءِ به گُڻ ڳائي ته پوءِ ” هڪ ملڪ، ٻه قانون“ مان جان ڇڏائڻ ايندڙ نسلن لاءِ وڏو تحفو هوندو. ٻئي پاسي بلاول هائوس جي ترجمان ان خبر جي سختي سان ترديد ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خورشيد شاهه جي جاءِ تي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ بڻجندو، ترجمان وضاحت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر تبديل ڪرڻ جي ڪابه رٿابندي نه ڪري رهي آهي.

 

ڪجھه وقت لاءِ ئي سَهي حڪومت لوڊشيڊنگ زيرو ڪري ڏيکاري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ سال چشمه 4 پاور پلانٽ جو افتتاح به ٿي ويندو ڪجهه مهينن لاءِ هي صحيح پر اسان زيرو لوڊشيڊنگ ڪري ڏيکارينداسين ايوان صنعت ۽ تجارت ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته صنعتي ۽ ڪاروباري شعبن ۾ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي هن چيو ته سيڙپڪارن کي فلم پروڊڪشن ڏانهن مائل ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته دهشتگردي پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ معيشت کي تباهه ڪيو آهي هن چيو ته ايندڙ سال چشمه 4 پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويندو. مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي ترقياتي ڪمن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي ڇو ته دنيا ۾ اهو ماڊل ڪافي ڪامياب ثابت ٿيو آهي نجي شعبي ان ڪوششن ۾ حڪومت جو پارٽنر بڻجي فلم انڊسٽري ۾ ڪاروبار سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن بزنس ڪميونٽي اطلاعات واري وزارت جي تعاون سان پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري جا موقعا تلاش ڪري جنهن سان فلمي صنعت کي وڏي هٿي ملندي، هن چيو ته واپاري ۽ صنعتڪار معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ موجوده حڪومت امن جي بهتري سميت ڪاروبار لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي هن چيو ته حڪومت جي مسبت ڪوششن سان ملڪ ۾ صنعتن لاءِ هن وقت زيرو لوڊشينگ آهي جڏهن ته ٻين صنعتن لاءِ لوڊشيڊنگ 16 ڪلاڪنک ان گهٽ ٿي ٽن ڪلاڪن تائين ڪئي آهي هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف ميانوالي ۾ 340 ميگاواٽ تي مشتمل چشمه ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو آهي جيڪو واپاري برادري لاءِ سٺي خبر آهي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته حڪومت ان جي بهتري لاءِ وڌيڪ مثبت قدم کڻندي. هن چيو ته چيمبر جنوري جي آخري هفتي ۾ هينڊي ڪرافٽ ۽ عورتن جي مصنوعات جي هڪ نمائش منعقد ڪري رهيو آهي ان ڪري مملڪتي وزير ان نمائش ۾ بطور مهمان خاص شرڪت ڪري جنهن جي مريم اورنگزيب تصديق ڪئي ان کان اڳ چيمبر جي سينيئر نائب صدر خالق ملڪ مملڪتي وزير جو تفصيلي تعارف ڪرايو. مريم اورنگزيب چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي جلسي ۾ ناچ ڪيو ويو ۽ دهل وڄايا ويا جيڪو انتهائي غير مناسب عمل هئو جڏهن ته پيپلز پارٽي محترمه جي ورسي تي عوام کي پنهنجي سياسي مقصد جي لاءِ گڏ ڪيو. مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري پاناما تي سياست ڪري رهيا آهن، پيپلز پارٽي محترم جي ورسي تي عوام کي پنهنجي سياسي مقصد جي لاءِ گڏ ڪيو. هن چيو ته بينظير ڀٽو هڪ ويزن واري ليڊر هئي، اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه ماضي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پنج سالن تائين سندن حڪومت رهي، ان دوران محترمه جي قتل جي ڪا به جاچ نٿي.

 

سن ۽ پنو عاقل ۾ روڊ حادثا، 8 عورتن سميت 10 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي

سن/پنو عاقل(م.ڊ) سن ويجهو لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ اوور ٽيڪ دوران ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 عورتون فوت ۽ 10 مسافر زخمي ٿي پيا، سن ويجهو لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ اوور ٽيڪ دوران ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 عورتون فوت ۽ 10 مسافر زخمي ٿي پيا، پنوعاقل ڀرسان  به قومي شاهراهه تي تيز رفتاريءَ سبب هڪ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾چئن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. سن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ اوور ٽيڪ دوران ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ حاديه، صفيه ۽ بشريٰ سميت 4 عورتون فوت ٿي ويون. حادثي جي نتيجي ۾ صابر، دمساز، عبدالنبي، وقار ۽ سليم سميت 10 مسافر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مانجهند اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي. لڪي شاهه صدر وٽ به انڊس هاءِ وي تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تان موٽندڙ جيالن جي بس ۽ وين ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. پني عاقل ويجهو هڱورو ڳوٺ اسٽاپ وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاريءَ سبب قومي شاهراهه تي حادثي جو شڪار ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي سبب  ٻن عورتن ٿڏي تي دم ڏنو جڏهن ته 2 عورتون ۽ هڪ مرد اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي ويا. پوليس موجب  10 کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سکر ۽ پنوعاقل جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب فوتين مان هڪ عورت جي مسمات شميم بيبي طور سڃاڻپ ٿي آهي جڏهن ته ٻين فوتين جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي

 

صدر ممنون حسين سان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين سان ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ملاقات ڪئي، جاري بيان موجب صدر ممنون حسين ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار کي بطور ڊي جي آءِ ايس آءِ ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجو ذميواريون سٺي نموني ادا ڪندو، صدر دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي خاتمي لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته آءِ ايس آءِ ملڪ جي تحفظ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

 

آرمي چيف 8 خطرناڪ دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه صفوران واقعو ۽ سبين محمود جي قتل سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث وڌيڪ 8 دهشتگردن جي موت جي سزا، جڏهن ته 3 دهشتگردن جي عمر قيد واري سزا جي توثيق ڪري ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف فوجي عدالتن مان موت جي سزا ملندڙ 8 دهشتگردن جي سزا، جڏهن ته 3 دهشتگردن جي عمر قيد واري سزا ۾ توثيق ڪئي آهي، سزا ملندڙ دهشتگرد سماجي ڪارڪن سبين محمود جي قتل ۾ ملوث هجڻ سان گڏ صفوران واقعو، چيني انجنيئر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهڪارن جي قتلن ۾ ملوث آهن. سزا حاصل ڪيل دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد به شامل آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته فوجي عدالتن مان سزا ملندڙ دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد به شامل آهن، ترجمان پاڪ فوج موجب سزا ملندڙن ۾ طالبان جو ترجمان مسلم خان به شامل آهي. ان مئجسٽريٽ جي اڳيان پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو. واضح رهي ته اي پي سي واقعي کانپوءِ آئين ۾ ترميم ڪري فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون هيون جن ۾ 3 سئو ڪيس موڪليا ويا آهن انهن مان 120 ٻڌڻي هيٺ آهن.