تازيون خبرون

Monthly Archives: December 2016

دپيڪا پڊڪون جو هالي ووڊ ديبو فلم جي رليز جي تاريخ تبديل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪاره دپيڪا پڊڪون جي پهرين هالي ووڊ فلم ٽرپل ايڪس دي رٽرن آف دي زينڊر ڪيج سڄي دنيا ۾ رليز 20 جنوري 2017 تي ٿيندي جڏهن ته ان کي هندستان ۾ ڪنهن ٻي تاريخ تي رليز ڪيو ويندو ميڊيا رپورٽ موجب فلم جي رليز هندستان ۾ 14 جنوري تي ٿيندي جڏهن ته ڪيترن ئي رپورٽن ۾ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ان فلم جي رليز جي تاريخ تبديل ڪرڻ سبب شاهه رخ خان جي فلم رئيس ۽ ريتڪ روشن جي فلم ڪابل آهي اهي ٻئي فلمون بالي ووڊ فلمون 25 جنوري تي سئنيما گهرن ۾ رليز ڪيون وينديون.

 

نئين سال جو جشن ضرور ملهايو پر ڊرائيونگ ڪندي وقت احتياط ڪيو: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ڪنگ خان جي نالي سان سڃاتو ويندڙ شاهه رخ خان کان بهتر ڪوئي نٿو ڄاڻي ته پنهنجي فلم جي ماڪيٽنگ ڪهڙي انداز ۾ ڪئي وڃي شاهه رخ خان نئين سال جي موقعي تي سدماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي ايندڙ فلم رئيس جي اسٽائل ۾ مداحن کي هڪ پيغام ڏيندي نظر آيو ان وڊيو ۾ شاهه رخ خان تمام سنجيده انداز ۾ مداحن کي سمجهايو ته هو نئين سال جو جشن ضرور ملهائين پر هو ڊرائيونگ ڪندي احتياط ڪن رئيس ايندڙ سال 25 جنوري تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. جن ۾ شاهه رخ خان سان گڏ مائره خان مک ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا.

 

ميلبورن ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي اننگ ۽ 18 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ڇڏي

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي بالرن جي شاندار ڪارڪردگيءَ عيوض آسٽريليا پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ اننگ ۽ 18 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. آسٽريليا پنهنجي پهرين اننگ 181 رنسن جي برتريءَ سان 624 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي. آسٽريليا جي ڪيپٽن اسٽيون سمٿ 165، ڊيوڊ وارنر 144، عثمان خواجه 97 ۽ مچل اسٽارڪ 84 رنسن سان نمايان رهيا. ٻي اننگ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائين بُري طرح ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم 168 رنسن تي ڍير ٿي وئي. اسٽيون سمٿ کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پاڪستان طرفان پهرين اننگ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ اظهر علي 43 ۽ سرفراز احمد به 43 رنسون ٺاهي سگهيا. آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 4، نيٿن ليون 3، هيزل ووڊ 2 ۽ جيڪن برڊ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

 

مڱڻي نه ٿي رهي آهي، منهنجي ۽ انوشڪا شرما جي مڱڻي ٿئي ها ته ان کي ڪڏهن به نه لڪايو وڃي ها: ويرات ڪوهلي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين رانديگر وييرات ڪوهلي اوشڪا شرما سان نئين سال جي شروعات تي مڱڻي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي ويرات ڪوهلي جو سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي چوڻ هو ته اسان جي مڱڻي نه ٿي رهي آهي ۽ سڌي ڳالهه آهي جيڪڏهن اسان جي مڱڻي ٿئي ها ته اسان ان کي ڪڏهن به نه لڪايون ها ويرات ڪوهلي افواهه ڦهلائيندڙ سمورن نيوز چئنلن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جتي سمورا نيوز چينل توهان کي ڪوڙيون افوان کان پريشان ڪري رهيا آهن اتي اسان توهان جي ان پريشاني کي ختم ڪيون ٿا واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ويرات ڪوهي ۽ انوشڪا شرما جي بريڪ آپ جون خبرون به ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيو هيون جنهن سبب انوشڪا شرما جو شادي کان انڪار ڪرڻ هو.

 

آمريڪا، روس ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ڪندي؟: صاحب خان ڀٽي

8 نومبر 2016 ۾ ٿيل صدارتي چونڊن کان پوءِ آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ڪڏهن شام تڪرار تي ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف وڌي رهيا آهن ته ڪڏهن وري روس تي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ هيڪنگ جا الزام لڳايا پيا وڃن، جنهن کي روس هر ڀيري رد ڪندو رهيو آهي، روسي صدر ولادي ميرپيوٽن ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته روس جي آمريڪي صدارتي چونڊن  ۾ ڪا به مداخلت نه هئي، اهڙن الزامن کي لڳائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پر ان باوجود ٻنهي ملڪن طرفان هڪ ٻئي خلاف بيان بازي بند نه ٿي سگهي  آهي، جنهن جو سلسلو اڄ به جاري آهي پر انهن ۾ هاڻ تيزي اچي چڪي آهي ۽ اها ڇڪتاڻ وڃي ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن تائين پهچي چڪي آهي، آمريڪا به روس جي 35 سفارتڪارن کي ناپسنديده قرار ڏئي جلد کان جلد ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي روس طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته آمريڪا طرفان روسي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ بعد روس به ڪو نه ڪو سخت قدم ضرور کڻندو، پر ان سان گڏ روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اهو بيان به جاري ڪيو آهي ته هو 20 جنوري تائين نئين چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو انتظار ڪندا ۽ پنهنجو معاملو ان اڳيان رکندا، روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان اهو به چيو ويو آهي ته اوباما انتظاميا آمريڪا ۽ روس جي لاڳاپن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن سبب اهڙا قدم کنيا پيا وڃن، آمريڪي ميڊيا تي به روس بابت بحث تيز ٿي ويو آهي. آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي حڪم بعد روسي سفارتڪارن کي نيڪالي ڏني وئي، جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي حڪم بعد روسي سفارتڪارن کي ناپسنديده قرار ڏئي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي پر ان باوجود ڊونالڊ ٽرمپ اهو چئي رهيو آهي ته اوباما انتظاميه صدارتي چونڊن ۾ روسي هيڪنگ جا ثبوت ڏئي عوام آڏو آڻي نه ته خاموش ٿي وڃي.

آمريڪا ۾ 8 نومبر تي ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ري پبلڪن پارٽي جي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، جنهن بعد آمريڪي صدر بارڪ اوباما شڪست کي قبولي اقتدار جي منتقلي بابت به ڊونالڊ ٽرمپ سان ڳالهيون ڪيون هيون ۽ ڪجهه پاليسين کي برقرار رکڻ جي سفارش  به ڪئي هئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ اها ملاقات تمام گهڻي دير تائين ته نه ٿي هئي پر ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات کان پوءِ اهو محسوس ٿي رهيو هو ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ڪي به اختلاف نه آهن ۽ نه ئي ٻئي اڳواڻ اليڪشن ٿيڻ بعد هڪ ٻئي جي خلاف ڪي بيان ڏيندا، جيتوڻيڪ ڊيموڪريٽڪس جي اميدار هيلري ڪلنٽن واحد آمريڪي عورت  هئي جنهن بابت بارڪ اوباما به چيو هو ته جيڪڏهن هيلري ڪلنٽن صدر بڻجي وئي ته اها آمريڪا جي پهرين عورت صدر هوندي ۽ کيس اهو اعزاز آمريڪي عوام به ڏياري سگهي ٿو پر چونڊ نتيجن جا مختلف آيا جنهن سبب صدارت لاءِ ڊونالڊ ٽرمپ تمام گهڻا ووٽ کڻي هيلري کان اڳڀرو رهيو، ايتري قدر جو چونڊ مهم دوران ڊونالڊ ٽرمپ هيلري ۽ سندس مڙس کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ هن مسلمانن خلاف به زهر اوڳاڇيو هو، جنهن بعد اولهه ملڪن جي اسلامي ملڪن بابت پاليسي واضع  ٿيندي پئي وڃي. بهرحال آمريڪي چونڊون ته خريت سان ٿي ويو پر ڪنهن به شخص اهو نه سوچيو هو ته ڪو آمريڪا ۾ آمريڪي جهنڊن کي ساڙيو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن اهو سوچيو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊن ۾ ڪاميابي بعد هر طرف مايوسي پکڙجي ويندي، ان جا به کوڙ سارا سبب هئا پر اها صورتحال ايتري شدت اختيار ڪري ويندي شايد ان جو ڪنهن اندازو به نه لڳايو هو، جڏهن کان ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي چونڊون کٽيون آهن، ان ڏينهن کان آمريڪي صدر بارڪ اوباما مختلف ملڪن جا دورا ڪري رهيو آهي، ايتري قدر جو هن ڪيوبا سان لاڳاپا بحال ڪرڻ سان گڏ جاپان ڏانهن تمام گهڻو ڌيان ڏنو آهي ۽ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جاپان وڃي ٻي عظيم جنگ ۾ مارجي ويل آمريڪي  فوجين جي يادگار تي گلن جون چادرون به چاڙهيون هيون، هڪ طرف بارڪ اوباما مختلف ملڪن جا دورا ڪري پراڻا اختلاف ويسارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هونءَ ته آمريڪا ۽ روس ۾ لاڳاپا ڪي خاص بهتر نه رهيا آهن، ڊسمبر 2015ع ۾ صدر بشارالاسد جي حمايت ۾ روسي فضائي جهاز ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، مارچ 2011ع جڏهن شام تڪرار شروع ٿيو هو تڏهن کان هن وقت تائي هزارين شامي شهري مارجي چڪا آهن.جنهن تي عالمي طاقتون به آمهون سامهون آهن. ان کان اڳ به ڪيترائي  روسي جهاز شام ڪارروائي ڪري چڪا  آهن، جنهن تي هن وقت تائين روس ڪوبه رد عمل نه ڏيکاريون آهي پر حالتون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ ٻي ملڪ هڪ ٻئي کان ڏور ٿيندا پيا وڃن جنهن مان اهو  اندازو لڳائي سگهي ٿو ٻنهي ملڪن ۾ جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ اختلاف وڌيا ته ان جو سڀ کان نقصان به آمريڪا ۽ روس کي ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن  وقت روس آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي پاڻ طرف ڪري ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ ڊونالڊ ٽرمپ به سڄي دنيا کي 20 جنوري تائين انتظار ڪرڻ جو چئي چڪو آهي ته 20 جنواري تي حالتون تبديل ٿي وينديون، اسرائيل طرفان ڊونالڊ ٽرمپ ۾ وڏيون اميدون رکيون پيون  وڃن، هڪ طرف فلسطين ۾ نين يهودي وسندين جي تعمير کي روڪڻ گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي شڪايت ڪئي وئي آهي ته ٻي طرف وري ڊونالڊ ٽرمپ گڏيل قومن جو ساٿ ڏيڻ بدران انهن جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن سان نه ته ڪا بهتري اچي سگهي ٿي ۽ نه ڪا ڀلائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي،  جيڪڏهن هن وقت به آمريڪي عوام ڪو جلد قدم نه کنيو ته لڳي ٿو ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن وارو معاملو انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري وٺندو ۽ آمريڪا جي ڪيترين رياستن ۾ ڏڦيڙ به پکڙجي سگهجن ٿا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمريڪا ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان جو ذميوار به ڊونالڊ ٽرمپ ۽ بارڪ اوباما ئي هوندا. في الحال ته ٻنهي اڳواڻن طرفان اهڙي عمل جي سخت مخالفت ڪئي وئي آهي، جنهن اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو روس آمريڪا سان لڳاپا خراب نه ٿو ڪرڻ چاهي پر ان باوجود آمريڪا ۾ روسي هيڪنگ جا الزام سمجهه کان ٻاهر نظر اچي رهيا آهن. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾  هيڪنگ وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل نه ٿيو ته شايد اهو تڪرار هٿيار استعمال ڪرڻ تائين به پهچي سگهي ٿو، جنهن لاءِ هر ملڪ کي تيار رهڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڏاندن جي ويڙهه ٿيندي آهي ته ٻوٽا به لتاڙبا آهن.تنهن جي ڪري جيتري احتياط ڪئي وڃي اوترو گهٽ آهي. هونءُ ته جڏهن به ڪنهن بي ملڪ جو جهيڙو ٿيندو آهي ته هر ملڪ انهن کي ڳالهين جو دڳ اختيار ڪرڻ  جو مشورو ڏيندا آهن پر هن ڀيري آمريڪا ۽ روس جي وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڪيترائي ملڪ هن وقت به خاموش آهن.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

حڪومت خلاف جوڙيل گرينڊ الائرنس…!!!: غلام مصطفي جمالي

مان سمجهان ٿو ته هي ڪا صدين پراڻي ڳالهه ناهي جيڪا هر ڪوئي وساري چڪو هجي.صرف ساڍا ٽي سال پراڻي ڳالهه آهي.جڏهن آصف علي زرداري جي حڪومت شان ۽ مان سان پاڪستان مٿان حڪمراني ڪري رهي هئي.وک وک تي ڪاروباري طبقو عوام کي صرف ۽ صرف محرومين جا گهاءُ ڏئي رهيو هوُ.سموري ملڪ اندر دهشتگردي جو راڄ جو ۽ اقتدار کان ايوانن تائين ڪرپشن جي بازار ۾ هلندڙ ڪاروبار سري عام هوُ جنهن کي کليل ڇو مليل هئي.تير جي نالي تي ووٽ وٺندڙ حڪمران تير تي ووٽ ڏيندڙ غريب مسڪين عوام کي هڪ لولي لاء سڪائي رهيا هئا.۽ ملڪ جو پئسو ڌڙا ڌڙ ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو هوُ.ان وقت وزير اعظم کي عدالت بيرون ملڪن جي عدالتن کي خط لکڻ لاء چيو ته ملڪي پئسو واپس ڪيو وڃي.پر وزيراعظم استيفي ته قبول ڪئي پر بيرون ملڪ جي عدالتن کي خط لکڻ پسند ئي نه ڪيو.ڇو ته انهي خط لکڻ سان ڪٿي آصف کي پشيماني نه ٿي.بجلي جنهن شيُ کي چئبو آهي انهي جو پوري ملڪ اندر مهينن جا مهينا نالو نشان ئي نه هوُ.بجلي جو حال اهڙو هوُ جو هڪ ڪلاڪ هلندي هئي ته ڏه ڪلاڪ غائب رهندي هئي.جڏهن ته صنعت جي لاء مقرر شيڊول مطابق به بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رهندي هئي.جنهن سان صنعتي ڪاروبار کي به تمام گهڻو نقصان پهتو .عوام رڙيون ڪندي رهي ۽ ڪاروباري طبقو جلسا جلوس ۽ ڌرڻا هنڻندو رهيو.ڌرڻا مايوسي ڏسندي خاموش ٿي ويا.۽ حڪومت ڪوبج بجلي جو منصوبو شروع نه ڪيو.ان وقت نه بجلي سستي ٿي نه گئس ۽ نه پيئڻ لاء ڍڪ پاڻي مليو.ڪراچي جي عوام گرمي جي شدت ۽ بجلي نه هجڻ ڪري پنهنجن سوين پيارن جو موت پنهنجي اکين جي سان ڏنو.لاڙ جون هزارين ايڪڙ آباد زمينون بنجر بنجي ويو ۽ آصف جون ورتل سموريون زمينون بنجر مان آباد بنجي ويون.هي اهو حال هو جڏهن لاڙ پٽ جا مشهور آبادگار پنهنجي زمينن کي پاڻي نه ملڻ ۽ آبادي نه ٿيڻ سبب پنهنجي پيٽ کي ڀرڻ لاء ڪاٺيون وڍي پيٽ گذرڻ ڪرڻو پيو.هي سڀ ڪجهه پ پ جي دور حڪومت ۽ آصف واري صدارت دوران ٿيو.جيڪڏهن پاڪستاني عوام سان اهڙو ظلم نه ڪيو وڃي هان ۽ ترقياتي منصوبن کي سرد لاشن جيان سرد خاني ۾ نه رکيو وڃي ها ته ته ٿرمل ذرائع سان بجلي ٺاهڻ تي خرچ ٿيندڙ عوام تر خرچ ڪيو وڃي ها ته عوام جا اهنج هلڪا ٿي پون هان. .اڄ ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ ۽ اسانجي زمينن کي بجر بنائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.هن ڪري شايد حڪومت پهرين ڪا اهڙي حڪمت عملي ڪري ڏيکاري هان ته انهي ڳالهه مان نجات ملي وڃي هان.پر حڪومت جي سستي ۽ نااهلي پاڪستان کي ترقي بجاء اوڌائين ڏانهن ڪٿي رهي آهي.هن وقت به اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته هيل سال به بارشون گهٽ ٿيڻ جا امڪان آهن.جنهن ڪري ملڪ اندر خشڪ سالي ٿي ويندي ۽ ملڪي معيشت کي به وڏو نقصان ٿيندو.پر ان وقت حڪومت جون سستون هن وقت عوام کي نقصان ڏئي رهيون آهن.سنڌي قوم کي ڪالاباغ ڊيم ۽ باشا ڊيم جو ڊرامو ڏيکاري سندس سمورو ڌيان ان پاسي ڪري حڪومت آرام سان ويهي ڪري تماشو ڏسندي رهي.ڇو ته سنڌين کي اها پڪ هئي ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ لاء نقصان ڪار آهي انڪري حڪومت عوام کي ڪوڙو آئينو ڏيکاري ڪري پاڻ آئيني جي ٻئي پاسي واري سنڌ جي سادي عوام جا ڌرڻا.ڪوڪون ٻڌندي رهي رهي.جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم ۽ باشا ڊيم حقيقت ۾ ڪجهه به نه هو ڇوته وفاق توري سنڌ جون واڳون پ پ وٽ هنيون.انڪري سنڌ عوام کي ڪالاباغ ڊيم جو ڊپ ڏئي ڪري حڪومت ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهيو.ان کان بهتر هو ته هن وقت عوا  کي حقن کي سامهو رکي ڪري عوام جي مدد ڪئي وڃي ها ۽ عوام جي مسئلن کي سامهون رکي ڪري انهي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ عوام کي رليف ملي ها ته هن وقت هرڪوئي آصف جا ڳُڻ ڳائيندو هجي هان.پر افسوس جو آصف جي دور حڪومت اندر اهڙو ڪو به ڪم نه ٿيو جنهن سان عوام کي رليف مليو هجي.آصف جي دور حڪومت ڪرپشن اندر ٻڏيل رهي.امن امان جي صورتحال به خراب رهي.ايتري حد تائين امن امان جي صورتحال خراب جو.مسجد .مندر. امام بارگاهون ۽ ٻيو عبادتي گاهون به دهشتگردي کان بچي نه سگهيو. اسڪوک کان ويندي ڪاليج به دهشتگردن جي نشاني تر رهيا.ايتري حد تائين جو پوليس اسٽيشون به ۽ پبلڪ پارڪ به دهشتگردن جي نشاني تي رهيا.خدڪش حملن اندر اضافو ٿيندو رهيو.سموري عوام خوب ۽ ڊپ واري ماحول اندر زندگي گذاريندي رهي.ڪراچي جي عوا ڀتاخورن ٽارگيٽ ڪلرن جي نشاني تي رهي جن جي بدماشي سري عام ڏسڻ ۾ آئي.سمورو ڪراچي خوب ۾ ورتل رهيو.هر اک لالي نظر آئي جن پنهنجن جا لاشا ميڙيا.نه روڊ ٺهيا ۽ نه ئي ڪو ترقياتي ڪم ڏسڻ ۾ آيو حڪومر پنهنجي کاٽائون ۽ من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا جن ڪم هڪ رپئي جو به نه ڪرايو باقي افتتاحي بورڊ وڏا وڏا لڳرايا.غيرملڪي ڪاروبار ڪندڙ پاڪستان جو رخ ڪرڻ کان ائين لهرائيندا هئا جئين ڪانگ گلول کان.خراب گورننس جي پس منظر قومي اليڪشن ڪرائي وئي.جنهن مان پ پ صرف سنڌ تائين محدود ٿي وئي ۽ پوري پنجاب ۽ ملڪ اندر نواز حڪومت پنهنجي اليڪشن اندر ڪاميابي ماڻي ۽ پاڪستاني حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ پ پ صرف سنڌ تائين محدود ٿي وئي.جتي به هن وقت ضلعي بدين ۽ ٿرپارڪر اندر پ پ لاء ايندڙ اليڪشن اندر وڏا چئلنج آهن.شريف ڀائرن اقتدار سنڀاليو ته پوري ملڪ اندر اها ڳالهه عام هئي ت شريف ڀائر ملڪ ۽ عوام کي رليف  ڏيندا ڇو ته شريف ڀائرن جو پهريون منشور هوُ ته هو ملڪ مان لوڊشينگ ختم ڪندا انڪري هن وقت جيڪو بجلي جو حال آهي ان مان اهوئي لڳي رهيو آهي ته 2018ع ۾ به بجلي جو آسرو ڪونهي.جڏهن ته نواز حڪومت صرف پنجاب کي نوازش واري روايت کي برقرار رکيو.شريف ڀائرن پنجاب اندر بجلي جي لوڊشينگ ۽ ڪمي آئيندي.پنجاب جي تعليم کي مظبوط ڪيو.شاگرن ۽ شاگردياڻين کي وضيفا اسڪالرشپ ۽ ليپ ٽاپ ڏنا.پنجاب جي صعنت کي مظبوط ڪيوَ.ميٽروبس کان ويندي پنجاب جي سموري روڊن ۽شهرائن جا ڪم ڪرايا.پنجاب جي هارين جي سستا قرض ۽ آبادگارن کي وڏيون اسڪيمون ڏنيون.پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هنن کي ته ايڏو بخشو پر سنڌ صوبي لاء هڪ دعفو نه نيهاري نه ڏٺو.پر ملڪ تي ترقي لاء پ پ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر ئي ڪيو.وزيراعظم ميان نواز شريف مسلسل چين.ترڪي ۽ ايران سان رابطي ۾ رهيو.جنهن ۾ سابق جنرل راحيل  جو پڻ اهم ڪردار روس به انهي وقت پاڪستان سان تعاون ۾ رهيو.رهيو.گوادر بندر گاه تي تعمير ڪرايل سي پيڪ منصوبو به پاڪستاني جي خوشحالي جو دور هوندو.پاڪ آرمي جي هلندڙ ضرب عضب آپريشن سان دهشتگرن جو خاتمو آيو.۽ پاڪ فوج وڏي بهادري ۽ دليري سان انهن دهشگرن خلاف ڪاوايون ڪيون. ڪراچي اندر ٽارگيٽ ڪلر ۽ ڀتا خورن خلاف رينجرز جو هڪ عظيم اليشان ڪارنامو جيڪو هميشه ياد رکڻ جهڙو آهي. هن وقت نواز حڪومت خلاف گرينڊ الائينس جڙي رهيو آهي.جيڪو شايد پاڪستاني جي اڀري سڀري ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻبو.هر اها به حقيقت آهي ته انکان پهرين به حڪومتن لاء گرينڊ الائنس جڙي چڪو آهي..پر هن جيڪو حڪومت خلاف گرينڊالائيننس جڙي رهيو آهي ڇا اهو حڪومت لاء پريشانيون پيدا ڪندو يا عوام جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻبو.جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته عوام گرينڊالائينس جوڙيندڙ سياسدانن جي چهرن کي چڱي طرح سڃاڻي چڪي آهي.دلفريب  نعرن سان ووٽ وٺڻ واري سياست مان سمجهان ٿو ته ختم ٿي چڪي آهي.هاڻ عوام انهي جو ساٿ ڏيندي ۽ انهي جو نعرو هڻندي جيڪا سياست عوام کي رليف ڏيندي.عوام جي پئسي تي ٿيندڙ لوٽ مار جو وقت هاڻي گذري چڪو آهي جئين جئين وقت ڪلاٽيون کائيندو گذرندو پيو وڃي.تئين تئين عوام ۾ سجاڳي ايندي پئي اچي.عوام گرنيڊالائنيس نه پر پنهنجي ترقي ٿي چاهي جيڪا کيس.ڪهڙي به صورت ۾ ملي.

a

 

سنڌ جا منصوبا سي پي ۾ شامل….!!

بيجنگ ۾ سي پيڪ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ لاءِ توانائي جا 3 منصوبا منظور، چئني صوبن ۾ ماس ٽرانزٽ ۽ 8 صنعتي زون پڻ سي پيڪ ۾ شامل، پاڪ-چين گڏيل رابطا ڪاميٽي جي اجلاس جو اعلان جاري ڪيو ويو جنهن موجب اقتصادي راهداري رٿا ۾ هر صوبي لاءِ هڪ هڪ صنعتي زون منظور ڪيو ويو آهي، فاٽا، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ گوادر ۾ صنعتي زون بڻايا ويندا، گڏيل رابطا ڪاميٽي لاهور کان مٽياري ٽرانسميشن لائين، پشاور کان ڊيرا اسماعيل خان تائين روڊ ۽ ريلوي لائين جي اپ گريڊيشن سان گڏوگڏ ڪراڪرم هاءِ وي جي واڌ جو منصوبو به منظور ڪيو ويو، ماس ٽرانزٽ جا چارئي منصوبا به منظور ڪيا ويا آهن، پنجاب ۽ ڪوئيٽا ماس ٽرانزٽ منصوبو به اقتصادي راهداري رٿا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪميٽي اورينج ٽرين رٿا ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو به اقتصادي راهداري ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي،

پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي جو ڇهون اجلاس گذريل خميس تي چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ٿيو. پاڪستان پاران اجلاس جي صدارت رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جڏهن ته چين پاران صدارت اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين وانگ زيائو تاو ڪري رهيو هو. پاڪستاني وفد ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار طارق فاطمي پڻ شامل آهن. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير حفيظ الرحمان پڻ موجود هئا. پنجاب جي نمائندگي انڊسٽري جو صوبائي وزير شيخ علاءُ الدين ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ مختلف وفاقي ۽ صوبائي وزارتن ۽ ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. جي سي سي اجلاس ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سي پيڪ دنيا جو وڏو منصوبو آهي، صوبن پاران تجويز ڪيل منصوبن جي به ساراهه ڪيون ٿا. سي پيڪ پاڪ-چين دوستي جي مثال بڻجي چُڪو آهي. گوادر پورٽ اپگريڊيشن هڪ سال ۾ مڪمل ٿي ويندي، پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري تي چين جا ٿورائتا آهيون. گوادر ۾ سي پيڪ منصوبي سان اُتان جي عوام کي وڏيون سهولتون ملنديون. يورپ جا ڪيترا ئي ملڪ سي پيڪ ۾ شموليت جي خواهش ظاهر ڪري چڪا آهن. طارق فاطمي چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان خطي جي امن ۾ واڌ ٿيندي،  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ترجمان موجب سنڌ ۾ توانائي جا ٽي منصوبا گڏيل رابطا ڪميٽي جي ڇهين اجلاس ۾ منظور ٿيا. انهن منصوبن ۾ حب 330 ميگا واٽ، ٿل نووا 330 ميگا واٽ ۽ 1320 ميگا واٽ ڪوئلي جو منصوبو به شامل آهي. منصوبن تي ڪم نئين سال کان شروع ٿيندو. ڪراچي سرڪلر ريلوي سي پيڪ جي ايجندا ۾ اچي ويو آهي، سنڌ حڪومت کي ٽن مهينن ۾ منصوبي جي فزيبلٽي جمع ڪرائڻ جو وقت ڏنو ويو آهي.

 

ميثاقِ جمهوريت تي اڄ به قائم آهيون، نه مڃيندڙ لا علاج آهي: نواز شريف

مظفرآباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته اسان ٻين پارٽين جي مينديٽ جو احترام ڪيو ۽ اڄ به ميثاق جمهوريت تي عمل پيرا آهيون ڏيڊ سر جي مسجد ٺاهڻ ۽ مان نه مڃڻ جي پاليسي تي هلندڙ لاعلاج آهن انهن کي اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون حڪومت ترقي جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي آزاد ڪشمير ۾ بجلي منصوبا لڳائڻ جا وسيع موقعن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي سي پيڪ جا بهترين نتيجا نڪرندا آزاد ڪشمير به منصوبن مان فائدو وٺندو 2018 تائين ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي خميس تي آزاد ڪائونس ڪشمير جي بجيٽ اجلاس جي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قوم کي جيڪڏهن خبر هجي ته ان جي حڪومت ان لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري رهي آهي ته عوام مطمئن ٿي ويندي ۽ ان جو حڪومت تي اعتماد قائم ٿي ويندو هن چيو تها سان دل سان عوام جي خدمت ڪئي آهي آزاد ڪشمير جي عوام مسلم ليگ کي مثالي مينڊيٽ ڏنو آهي اهڙو مينديٽ قسمت سان ڪنهن پارٽي کي ملندو آهي هن چيو ته اسان قوم جي هر طبقي جي بنا فرق خدمت ڪيون ٿا وزيراعظم چيو ته جمهوريت جو مطلب برداشت جو مادو رکڻ ۽ مثبت تنقيد سان منهن ڏيڻ آهي هن چيو ته اسان ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪارخانا لڳائي رهيا آهن وزيراعظم چيو ته سي پيڪ مثالي ترقي جو منصوبو آهي هن تحت ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي ان کان اڳ وزيراعظم نوازشريف مختصر دوري تي مظفرآباد پهتو جتان هن آزاد ۽ ڄمون ڪشمير ڪائونسل جي بجيٽ اجلاس جي صدارت ڪئي ان موقعي تي آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان وزيراعظم راجا فاروق حيدر وفاقي وزير اسحاق ڊار خرم دستگير چوڌري محمد برجيس طاهر ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران والاريل ڪشمير ۾ شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ويئي جڏهن ته ٻن نون ميمبرن به حلف کنيو ٻنهي کان وزيراعظم نوازشريف حلف ورتو.

 

پاڪستان دهشتگردن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني، فوج هر خطري سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: باجوه

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر طرح جي خطري جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنگ جي نوعيت ۽ انداز تبديل ٿي چڪو آهي، سڌو سنئون تڪرار کي ترجيح نٿي ڏئي سگهجي، گڏيل مشقون، دهشتگردي خاتمي آپريشن لاءِ پيشور مهارت وڌائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف اٽڪ ويجهو بهادر رينجرز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۽ اردن جون گڏيل فوجي مشقون ڏٺيون، اهي 2 هفتا جاري رهندڙ دهشتگردي جي خاتمي جون تربيتي مشقون هيون جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي فوج تجربن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف مشقن جي ڪامياب پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪ ڏني ۽ فوجين پاران پيشور صلاحيتن جي اعليٰ معيار جي ساراهه ڪئي، دهشتگردي خاتمي جي آپريشن ۾ اسان جي ڪاميابين کي مڃيو وڃي ٿو، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي کي ڪاميابي سان شڪست ڏني آهي ۽ هاڻ ان ڪاميابين کي مضبوط ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهيون، هن چيو ته اهڙي طرح جي فوجي مشقن سان گڏيل طور تي تجربا سکڻ جا موقعا ملندا آهن.

 

شوڪت خانم تي سياست مايوس ڪندڙ آهي، عمران احسان فراموش نه ٿئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران جي شوڪت خانم تي سياست مايوس ڪندڙ آهي، عمران جيڪڏهن احسان مند نٿو ٿئي ته احسان فراموش نه ٿئي، خميس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته 1990 ۾ محمد نواز شريف جڏهن وڏو وزير هو ته عمران خان کي شوڪت خانم لاءِ زمين ڏني ۽ سڄي مشينري کي ڊيوٽي فري ڪرايو، جڏهن ته اتفاق اسپتال جي سڄي مشينري تي ڊيوٽي ڏني، هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي حقيقت ۽ تاريخ کي تبديل نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته عمران خان جي والده هڪ سٺي عورت هئي جنهن جي نالي تي شوڪت خانم جو نالو رکيو ويو، عمران خان پنهنجي والده سان گڏ وڌيڪ وقت گذاري ها ته اڄ بهتر انسان هجي ها.