تازيون خبرون

Daily Archives: December 30, 2016

هلندڙ سال اسڪارليٽ جوهانسن جون فلمون سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي

لاس ايجنلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ تي هلندڙ سال عورتن جي بادشاهي رهي اداڪاره اسڪارليٽ جوهانسن جون فلمون سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪيون اداڪار ڪرس ايونز ۽ رابرٽ ڊائوني جونيئر ٻئي نمبر تي آيو سال 2016 پورو ٿيڻ تي آهي پر هن سال هالي ووڊ جي حوالي سان ڪجهه مختلف رهيو هن سال سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلمن جي لسٽ ۾ اداڪار نه آهي پر اداڪارائون پهرين نمبر تي رهيون آهن ان لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي ٻه اداڪار آهن ڪئپٽن آمريڪا جو ڪرس ايونز ۽ آئرن ۾ رابرٽ ڊائوني جونيئر.

 

ميرا ۽ ماهرا وچ ۾ سرد جنگ شروع، ميرا ماهره کي آنٽي ڪرپٽ ۽ سازشي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) فلم اسٽار ميرا ۽ ماهره خان ۾ جاري جنگ کلي ڪري ميڊيا جي عدالت ۾ پهچي ويئي ميرا ماهره کي آنٽي ڪرپٽ ۽ سازشي عورت قرار ڏيئي ڇڏيو جڏهن ته مائره خان پاران به سخت جمن جو حملو ڪيو ويو پرنٽ ميڊيا تي ايندڙ خبرون جتي سوشل ميڊيا تي ماڻهن جو ڌيان جو مرڪز بڻجي رهي آهي اتي ماڻهو ٻنهي کي جهيڙي باوجود پنهنجي ڪم کي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏنو آهي. تنهن ميري جي نجي زندگي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ته ڪنهن فلم ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ هڪ طرح جي ايڪٽنگ ڪرڻ تي ماهره جو ڪلاس ورتو آهي. ماهرن خان جي نڪ ۽ ايڪٽنگ دوران روئڻ واري ڪردارن تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ڪنهن مختلف هنڌن تي منصوبابندي سان خبر ٺهڻ تي اداڪاره ميرا جو پول کولي ڇڏيو آهي اداڪاره ميرا چيو ته شوبز اندسٽري سان جڙيل هرهڪ شخص ماهره خان جي سازشن کان تنگ اهي.

 

برسات سبب ميلبورن ٽيسٽ متوقعه طور تي ڊرا جي رستي تي، چوٿين ڏينهن جي راند به برسات سبب صرف 55.5 اوورن تائين محدود

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ ٻي ٽيسٽ مئچ ۾ برسات جو مسلسل سلسلو جاري آهي ۽ چوٿين ڏينهن جي راند به برسات سبب صرف 55.5 اوورن کان پوءِ ختم ٿي ويئي آسٽريليا پاڪستان جي خلاف ميلبورن ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تي پنهنجي پهرين اننگز ۾ 6 رانديگرن جي نقصان تي 465 رنسون ٺاهيون ۽ ميزبان ٽيم تي 52 رنسن جي برتري حاصل ڪئي آسٽريليا چوٿين ڏينهن 278 رنسون ٻه رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي اننگز ٻيهر شروع ڪئي پر عثمان خواجه پنهنجي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ صرف ٻن رنسن جو اضافو ڪري 97 رنسن تي وهاب رياض جي بال تي سرفراز جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

 

هلندڙ سال ۾ پاڪستان مختلف ٽيمن خلاف 15 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏيون، 8 کٽيون، 7 ۾ شڪست

لاهور (اسپورٽس نيوز) سال 2016ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڪارڪردگي سٺي رهي. پاڪستان ٽيم 2016ع ۾ مختلف ٽيمن خلاف 15 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 8 کٽيون ۽ 7 ۾ ان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. ڀارت جي ٽيم 2016ع ۾ 21 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 15 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 5 ۾ ان کي شڪست ملي. انگلينڊ جي ٽيم 10 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 5 ۾ شڪست ۽ 5 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. آسٽريليا جي ٽيم 12 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 6 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 6 ۾ شڪست ملي. نيوزيلينڊ جي ٽيم 10 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 8 ۾ ڪاميابي ۽ 2 ۾ شڪست ملي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 9 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 5 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 4 ۾ ان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. ويسٽ انڊيز جي ٽيم 11 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون جن مان 6 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 4 ۾ ان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

 

ڊسمبر تنهنجون رهجي ويل يادون….!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

جڏهن هن به دسمبر جون سرد هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن ته وپاڻ سان گڏ انيڪ ياد گيريون کڻي اينديون آهن. جن ياد گيرين ۾ ڪٿي درد جون لهرون به هونديون آهن ته ڪٿي خوشي جا احساس به شامل هوندا آهن.

چوندا آهن ته ايندڙ سال ڪنهن جي لاءِ ڪي نيون خوشيون ناهن آڻيندا ۽ نه وري ويندڙ سال ڪنهن جا غم ۽ تڪليفون پاڻ سان کڻي ويندا آهن مگر اهي سڀ اسان جي سوچ جا ڪمزور پاسا آهن جو اسان سڀ ڏوھ گذريل سال تي ڏيندا آهيون ۽ ايندڙ سال ۾ نيون ۽ اجريون اميدون رکندا آهيون.

اتر جي سرد ۽ ٿڌڙن جھونڪن کي گڏ کڻي ايندڙ پن ڇڻ طور مشهور سال جو هي آخري مهينو جڏهن به ايندو آهي ته اسان يادن جا پراڻا پهراڻ لاهي انهن کي زندگي جي صندوقن ۾ رکي ايندڙ نئين سال لاءِ اميدن جا نوان لباس پائيندا آهيون.

مگر ڇا ڪجي جو ڊسمبر جو اِهو مهينو جتي اميدن ۽ احساسن جا نوان روپ کڻي ايندو آهي اتي انهي مهيني سان وابسته ڪجھ تلخ يادن جو سلسلو اهڙو به آهي جن کي هزار ڪوششن باوجود ذهن جي مندر تان ميساري نٿو سگھجي. دل جا درد ته هميشه ساوا رهيا آهن. اهي ته ٻٻر جي وڻ وانگي ٻارنهن ئي مهينا ٻوريل رهندا آهن. مگر جڏهن به ڊسمبر جي سرد هو لڳندي آهي ته هر سال وانگر سور ڄڻ ته سوا يا ڪري ويندي آهي ۽ زخمن تي لوڻ ٻر ڪيندي آهي. هونئن به سياري جي موسم هوندي ئي اهڙي آهي جو ٿورو به ڌڪ لڳي ته جيئن ٺري تيئن ٻري! پوءِ اهڙي موسم ۾ جيڪڏهن روح رهڙ جي وڃي ته انهي زخم کي ڀلا ڪهڙي مرهم سان ڀر جي!! انهي ئي مهيني ۾ ڪجھ اهڙين هستين جو وڇوڙو ٿيو آهي جيڪي تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مٽجندڙ نقش ڇڏي ويا. جن جي عمل ۽ ڪردار سبب تاريخ کين ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

اهڙي طرح اوڀر پاڪستان جو الڳ ٿيڻ جو ڏينهن به پاڪستانين لاءِ ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونه هو جڏهن محب وطن پاڪستانين پنهنجي اکين اڳيان پنهنجي وطن کي ٻه اڌ ٿيندي ڏٺو هو ۽ آزاد بنگله ديش وجود ۾ آيو هو اهو سڀ ڪجھ به ته هن ئي مهيني جي سورنهن تاريخ تي ٿيو هو. اهي ته ماضي جون ڳالهيون هيون مگر جيڪڏهن ويجهڙائي واري وقت تي نظر وجهجي ته اردو ادب جي خوشبو جي روح جهڙي شاعره پروين شاڪر جنهن اردو ادب کي خوشبو، صدائي برگ، ماھ تمام وغيره جهڙا خوبصورت ڪتاب ڏنا ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري سبب هزارين دلين تي راڄ ڪيو جنهن سبب کيس پاڪستان جو وڏو اعزاز پرائيڊ آف پرفارمنس به ڏنو ويو مگر هوء به ڇويهه ڊسمبر اوڻيهه سو چورانوي تي انهيء منزل طرف رواني ٿي جتان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه واپس ناهي آيو.

عکس خوشبو ہوں بکھرنے سے نہ روکے کوئی

اور بکھر جاؤں تو مجھ کو نہ سمیٹے کوئی

جس طرح خواب میرے ہو گئے ریزہ

اس طرح سے نہ کبھی ٹوٹ کے بکھرے کوئی

…… ۽ اهو سنڌ جو ٻيجل ۽ قومي فنڪار سرمد سنڌي جنهن جهر جهنگ ۾ سنڌ جا قومي گيت ڳائي پنهنجي قوم کي شعور ڏيڻ وارو پنهنجي حصي جو فرض پورو ڪيو، ستاويهين ڊسمبر اوڻيھ سو ڇانوي تي بدين کان آخري پروگرام ڪري واپس وڃي رهيو هو ته ٺٽي جي ويجهو هڪ خوفناڪ حادثي سبب هميشه لاءِ موت جي آغوش ۾ هليو ويو!

“آهي تنهنجي ياد جي ائين گذريء ۾ گونج

آکيري مان جيئن، وڃي اڏري ڪائي ڪونج”

اڄ سرمد اسان وٽ موجود نه آهي مگر سندس سر، ساز ۽ آلاپ هميشه سنڌ کي سندس ياد ڏياريندا رهندا.

سرمد جي وڇوڙي کي اڃان هڪ سال ئي مس گذريو هو ته اڀاڳي موت جي پاڇي باغ ادب جي هڪ اهڙي گل بي مثال جي چونڊ ڪئي جنهن جي وڇڙڻ سان سمورو چمن ئي ويران ٿي ويو. ها اهو سنڌ جو مهان ڪوي ۽ هماليه جيڏي اوچي شخصيت شيخ اياز جيڪو اٺاويهين ڊسمبر اوڻيهه سو ستانوي تي سنڌ کي ۽ پنهنجي ڏات جي پرڀات کي هميشه جدائي جو داغ ڏيئي ويو.

“ساز هستي جي جيت آهيان مان

هڪ محبت جو گيت آهيان مان

ناهه آڪاش جو ڌڻي مون لئه

پوءِ به ڌرتي جو مِيت آهيان مان”

شيخ اياز جنهن جي وڇوڙي تي روپا ماڙي کان ريڻي ڪوٽ تائين ۽ ڪشمور کان ڪاسبي تائين سموري سنڌ جون ڪمهليون هوائون سوڳوار بنجي پيون هيون. جنهن جي ڏک ۾ ڪارونجھر به ڪوجهو لڳو ٿي ته مهراڻ جي موجن تي به خاموشي طاري ٿي وئي هئي.

شيخ اياز جي وڇوڙي تي جتي ڪينجھر جي لهرن مڪلي جي منارن سان پنهنجو درد ونڊي روئي ڏنو هو اتي انهيء ڏات جو ڏيئو به هميشه لاءِ وسامي چڪو هو. جنهن ڏات ڀٽائي جي تند ذريعي تلوارن سان جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو هو.

مون آزاديء جي سين هنئي، مون لاٿا طوق غلامن جا

هي گيت هئا يا جادو هئا، زنجير ٽٽا يامن جا

اهو اياز به اسان کان اهو چوندي وڇڙي ويو ته

“سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي

سنڌ اڃان انهن شخصيتن جي صدمي کي وساري نه سگهي هئي جو انڌيري رات جي رهزنن سنڌ جي آسن ۽ اميدن تي راتا هو هڻندي کانئن.

سندن محبوب ليڊر شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي کسي ورتو هو. اها به ستاويهين ڊسمبر جي هڪ شام هئي جيڪا سنڌ لاءِ قيامت صغرى جهڙا منظر کڻي آئي هئي جڏهن پنڊي جي لياقت باغ ۾ ڀٽو جي پنڪي ۽ سنڌ جي مارئي کي گولين جو کاڄ بڻائي جمهوريت جي آواز ۽ اهڃاڻ کي هميشه لاءِ دفن ڪيو ويو هو. سنڌ تڏهن به رني هئي ۽ ايترو رني هئي جو شايد هاڻي ڪنهن لاءِ ايترو نه روئيندي ۽ سنڌ جا روڊ رستا واهڻ گليون ويراني جي ڏيک ڏيڻ لڳا هئا.

“نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪا تياريون

پيسو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي” “شاھ”

محترمه بينظير ڀٽو جنهن کي آمريڪي عملدار Bhutto is unpredictable چئي مٿس اعتبار نه ڪندا هئا، مگر هُوءَ پنهنجي عوام جو اعتبار هئي.

هُوءَ سندن پهرين ۽ آخري اميد هئي. هن پنهنجي عوام لاءِ پنهنجي جلاوطني جي دور ۾ “مارئي آف ملير” جي عنوان سان هڪ ڊگهو نظم ۾ لکيو هو ته.

جڏهن دنيا کي اڃان جنم وٺڻو هو،

جڏهن آدم کي اڃان صورت وٺڻي هئي

تڏهن کان توهان سان منهنجو تعلق جڙيو هو

محترمه جتي سڄي ملڪ جي رهنما ۽ جمهوريت جي علامت هئي اتي هوء سنڌ لاءِ خصوصي طور هڪ سهارو ۽ ڀرجهلو هئي هوء خود به سنڌ ڌرتي سان گھري محبت رکندي هئي. پنهنجي جلاوطني ۾ هڪ نظم ۾ سنڌ لاءِ لکيو هئائين ته.

“هاڻي جڏهن جلاوطني منهنجو نصيب بڻي آهي تڏهن مان پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتي کي ويجهي آهيان.

شهيد محترمه بي نظير پنهنجي ڪتاب “ڊاٽر آف دي ايسٽ” جي مهاڳ جي پهرين سٽ ئي اها لکي هئي ته “I didn,t choose this life It choose me” يعني مون هن زندگي جي چونڊ نه ڪئي هئي بلڪ هن زندگي خود منهنجي چونڊ ڪئي هئي. هُوءَ جنهن جي زندگي محلن کان شروع ٿي جيلن تي ختم ٿيندي هئي ۽ جلاوطني کان ٿي قبر جي هنج تي ختم ٿي ان جي روح ۾ هن ديس جي عام ماڻهن جي درد جون چيخون جا ڳنديون هيون ۽ هُوء پاڻ هر جاء تي وڃي ديس جو درد بيان ڪندي هئي.

هن جو هر عمل هڪ نئين اميد، هڪ نئين اتساھ هڪ نئين خواب جي ساڀيان جو وچن هوندو هو. هُوء جڏهن به پنهنجي جدوجهد ۾ وقت جي جابرن ۽ ظالمن سان مهاڏو اٽڪائيندي هئي ته وڏا وڏا جابر ۽ آمر سندس همت اڳيان جهڪي پوندا هئا بقول سرويچ سجاولي جي

“اجهوهي ڪوٽ ڪوڙ جا ڀڃي ڀري ڪري پيا

اجهوهي ڏاڍ جا هنيان ڏڪي ڏڪي ڏري پيا

اوهان جي همتن اڳيان وڏا وڏا جهڪي پيا

اوهان کان جابرن سندا جگر جلي ڏڪي پيا”

هُوء سنڌ جي تاريخ جو اهم باب هئي. جڏهن به سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخ جو ذڪر ٿيندو ته سندس نالو عظمتن جي اوچائين تي لکيو ويندو ۽ جڏهن به رهبري جي راهه ۾ رت ۽ قربانين جي تاريخ جو ذڪر ڇڙندو ته عقيدت جا هزارين گل کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پيش ٿيندا.

هُوء جيتري پاڻ عظيم هئي اوتري سندس جدوجهد اڻ کٽ هئي جنهن جو فيصلو ستاويهه ڊسمبر ٻه هزار ست تي به نه ٿي سگهيو.

هُوء ته اڃان به وڙهي رهي هئي مگر ڪنهن جي لاءِ وڙهي رهي هئي؟ سندس جدوجهد ڇاجي لاءِ هئي؟ زندگي جا سڀ سک، سهولتون، ملڪيت، شهرت، تعليم سڀ ڪجھ ته موجود هو ان وٽ ان جي باوجود سندس سڄي زندگي جدوجهد، جيلن، جلاوطني ۽ ويڙهاند ۾ گذري صرف پنهنجي عوام خاطر! جنهن لاءِ آخر کيس پنهنجي جان جي قرباني به ڏيڻي پئي. کيس سندس انجام جي اڳواٽ خبر هئي مگر پوءِ به اهي سازشون کيس سندس جدوجهد جي واٽ تان هٽائي نه سگهيون هيون. اهو سنڌ جو عوام کيس ڪهڙي طرح وساري سگهندو جنهن جا هِن مٽي هاڻا ڪپڙا ڇنڊي اٿاري بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي اهي اڀاڳيون عورتون کيس ڪيئن وسارينديون جن جا ڳوڙها هن پنهنجي رئي جي پلاند سان اگهيا هئا ۽ انهن معصوم ٻارڙن جي دلين تان سندس تصوير ڪيئن لهي سگهندي جن جي مٿي تي هن شفقت ڀريا هٿ ڦيريا هئا؟؟

هي محبتن، اميدن ۽ شفقتن جو اهڙو وڇوڙو هو جنهن کي سنڌ صدين تائين وساري نه سگهندي جڏهن به اتر هوائون گهلنديون ۽ جڏهن به 27 ڊسمبر جي شام ايندي ته سنڌ جا درد وري به تازا ٿي پوندا ۽ سندس ياد جا احساس روح ۾ ڪنڊن جيان چڀندا رهندا.

“ڊسمبر تو بنا ڪهڙو! هجي ڄڻ ٻارجولاشو

وڇڙيل ڪونج لئه ڪاڇو، اکين تي رات اونداهي

گٽر ۾ چنڊ جو پاچو، ڊسمبر تو بنا اهڙو

ڊسمبر تو بنا ڪهڙو

 

 

پ پ پ ۽ ن ليگ مفاهمت ڏانهن پيش قدمي: تحرير. شيرمحمد سولنگي (اچيورس)

نيٺ پ پ پ ۽ ن ليگ جي ڪارڪن کي مفاهمت جي سمجھ اچي وئي . اهڙي قسم اڳڀرائي ٿيڻ واري آهي . اڳوڻي صدر آصف علي زداري کي سرچائڻ جو زمو جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا فضل رحمان کي هڪ خاص ملاقات کان وزير اعظم نواز شريف ڏنو آهي مولانا فضل رحمان مفاهمت واري پاليسي ۾ ن ليگ لاءِ لاڀائتو رهيون . هن عمران ، طاهرالقادري جي ڌرڻ ۾ به ن ليگ جو ڀر پور ساٿ ڏنو جنهن ڪري ن ليگ کيس پر امن ماحول بنائڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي . مولانا فضل رحمان جي ڪري سندس حڪومت پنهنجي معمول مطابق هلي رهي آهي . هن ڀيري به نواز شريف جي مولانا فضل رحمان مهماني کائي آهي آيو . ڏٺو وڃي ماضي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل رحمان پيپلز پارٽي جو ويجھو ساٿي آهي . پ پ پ جي دور ۾ حڪومت سان گڏ رهيو آهي . ۽  وري هاڻي ن ليگ سرڪار جو سچو ساٿاري ٿي پاڻ کي ن ليگ سان الحاق جي وفاداري نڀائي رهيو آهي . جنهنڪري ميان صاحب جو به مٿس پورو پورو يقين آهي . هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن ڀيري نواز پاران ڏنل ٽاسڪ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿئي ٿو . ڇاڪاڻ ته هن ڀيري حالتون مختلف آهن پ پ پ جي مک قيادت تمام گھڻو ناراض آهي جنهن حڪومتي ڌر کان تمام گھڻو پري ٿي ويا آهن جن پاڻ ۾ گڏجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي بحرحال هي سياست آهي . سياست ۾ حرام حلال جي ڪاتي ٿيڻو پوندو . ڇاڪاڻ ته سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ کٽا مٺا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن اهڙن مفاهمتي فيصلن جي ڪري ئي حڪومتون هلنديون آهن .

هي به هڪ قسم جي سياسي رساڪشي جي راند آهي جنهن ۾ سياسي سگھ جي خبر پوندي آهي . ته ڪير ڪيترو پهلوان ۽ عقلمند آهي . اڳوڻي صدر آيف علي زرداري جو خيال آهي نواز شريف اڳتي نڪري ويو آهي هن پنهنجي واپسي لاءِ سوچو ئي ناهي هاڻي کيس واپسي لاءِ رستو ڳولڻو پوندو فل هال ته پ پ پ جي قيادت مفاهمت جي موڊ ۾ نه آهي باقي ڳالهين جي ميز تي اچي سگھن ٿا اگر انهن جا دل گھريا مطالبا مڃا وڃن ته نواز شريف جون مشڪلاقون آسان ٿي سگھن ٿيون . پر ڪي پيپلز پارٽي جا مطالبا اهڙا آهن جن سان ملڪ جي نيشنل ايڪشن پلان ۽ پاليسيون انهن مطالبن تي عمل ڪرڻ سان متاثر ٿي سگھن ٿيون . وزير دفاع چودري نثار کي سندس عهدي تان هٽائڻ ، ڊاڪٽر آصم کي رها ڪرڻ ، ماڊل گرل ايان علي  کي پرڏيھ وڃڻ لاءِ رستو ڏيڻ ، سي پيڪ ۾ عمل دخل ڪرڻ  ن ليگ سرڪار لاءِ عمل ڪرڻ زهر جي ڍڪ ڀرڻ جي برابر آهي  جيڪو هو ڪڏهن به قدم ڪونه کڻندا . منهنجي خيال ۾موجب واحد طاقتور وزير ودري نثار ئي ته آهي جنهن جي ڪري ن ليگ سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪرڻ لاءِ وقت جي روڊ تي گامزن  آهي جنهن  کي پٽڙي تان لاهڻ لاءِ ملڪ جي مقبول ترين شخصيت ادي عمران نهن جو به زور ڏنو آهي پر ساڻو ٿي  بيوس ٿي پيو آهي . کيس عوام به ڀر پور موٽ ڏئي رهيو آهي . پر پوءِ کيس ڪو خاص کڙ تيل نه مليو آهي جنهن سان هو سر بلند ڪري فخر ڪري سگھي هاڻي وري هليا آهن پيپلز پارتي وارا چئن مطالبن جي بهاني نواز سان ناهڏو اٽڪائڻ پر نواز جو پلڙو ڀاري آهي جنهن کي ڪا سياسي جماعت نٿي لوڏي سگھي . ڀلي پيپلز پارٽي وارا به پنهنجو شوق پورو ڪري ڏسن کين  به خبر پئجي ويندي ان جو خاص سبب اهو آهي ته ن ليگ وارا ملڪ جي پاليسين تحت پنهنجا قدم سوچي سمجھي کڻي رهيا آهن . تام گھڻا محتاط ٿي ويا آهن .

سوال آهي ڳالھين جو ته مولا فضل رحمان ٽاسڪ ملي چڪو آهي ته رٺل آصف علي زرداري پرچائي ڏي . ملھ منگانگو سودو آهي . ڳالھين سان گڏ اگر بريڪيس ڏوڪڙن سان ڀريل ويندو ته آصف علي زداري پرچي ويندو ، سنڌ م اهي ٻول گوجندا رهندا آهن ته ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري لڳي ته پيو ته هيئر اهو سرچاء وارو معاملو گھڻو گنجري ويو آهي . جنهنڪري سرچاء جي اميد گھٽ نظر اچي رهي آهي . جيڪڏهن پيپلز پارٽي نواز شريف سان سرچي پرچي وئي ته وقتي فائدو پ پ پ وارن کي پهچندو پر انهن کان وڌيڪ فا.دو ن ليگ وارن کي پهچندو ان ڪري پيپلز پارتي وارا پرچڻ جي پريت ڇڏي رسڻ جي ريت کي ترجيح ڏيندا ۽ پنهنجي لاءِ روڊن رستن تي نڪري هاءِ گھُوڙا ڪري ملڪ جي عوام جي دلين ۾ جاڀِ ٺاهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا  اهو ئي پيپلز پارتي وارن جو پلان هوندي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني نواز شريف جي مقبوليت کي پنجاب گھٽ ڪري سگھن جيئن پنجاب مان کين شڪست ڏئي آئوٽ ڪلاس ڪري ايندڙ چونڊن ۾ مرڪز ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگھن اهو ئي پيپلز پارٽي جو چٽو پلان آهي .اڃا تائين ڳالھين واري ميز خالي پئي آهي جن تي ون ٽو ون ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي . اهو به سٺو سنوڻ آهي سياستدان پنهنجي مفاهمت لاءِ ڳالھين جا در وازا کولي ڇڏيا آهن . انهن جي روين مان عوام کي به هوشياري کان ڪم وٺڻ گھرجي ته اهي وڏا سياستدان پاڻ دوستيون وڌائي رهيا آهن ۽ ملڪي عوام اجايو پاڻ پڙهي رهيا آهن انهنکي به سياستدانن جيان ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي اجايو هڪٻئي سان ڀت ڀاڄيون نه ڇنڻ گھرجن .

سياست هڪ عبادت جو گھر آهي . اگر ان جي روح مطابق عوام جي خدمت ڪئي وڃي ته عاليشان موقعو آهي جنهن سان رب پاڪ جي ريجھائي سگھجي ٿو . پر هاڻوڪا سياستدان تمام گھڻا مختلف ٿي ويا آهن جو عوام ڏانهن ڪو به ڏيان نه فقط ڪرپشن ذريعي دولت گڏ ڪرڻ آهي جنهن ڪري سند مقبوليت به عوام جي دلين مان نڪري وئي آهي دنيا اهڙي مٺي آهي جنهن ڪري ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي پوندو آهي . هي سياستدان آهن انهن جو جھيڙو به دولت تي آهي ته تون حڻو کائي ويو آهين مان بک مري ويو آهيان لاچ جي لوڀ پويان اسان جي ملڪ جي پارٽي جا اڳواڻ پيل آهن جنهن ڪري پاڻ ويڙهاند واري راند ڪري رهيا آهن . پر سندن مفاهمت ايتري ته آهي جو رسڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي ڳالھين جي ميز تي ويهي عوام جي مفادن کي هيٺ ڪري  ذاتي مفادن کي اوليت ڏئي سرچاءُ ڪري وٺندا آهن اهڙو ٽاسڪ مولکانا فضل رحمان کي پڻ ڏنو ويو آهي ته ڪنهن به حال ۾ زرداري صاحب پرچائي ڏيو پر خبر ناهي ته سندس ڳالھ زرداري صاحب ٻڌندو الائي نه انجو انتظار رهندو هوندو نواز شريف کي به کيس ان الجھن ۾ ننڊ به ايندي هوني الا ئي نه بس کيس ٿوري  گھڻي  آٿت ته ملي آهي .

Email: smssindh@gmail.com

 

 

اي ڊي خواجه کي نه هٽائڻ جو عدالتي فيصلو….!!

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجادعلي شاهه ۽ جسٽس ذوالفقار احمد خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ حڪومت کي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ کان روڪي ڇڏيو.جڏهن ته 12 جنوري جا وفاقي سرڪار ،سنڌ سرڪار ،اي ڊي خواجا،ڊي جي رينجرز ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ۾آءِ جي سنڌ الله ڏنو خواجا کي عهدي تان هٽائڻ ۽ جبري موڪل خلاف  پائلر جي ڪرامت علي ۽ مشهور گلوڪار شهزاد راءِ سميت ست درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ حڪومت کي هدايت ڪئي ته هن کي عهدي تي برقرار رکيو وڃي ۽ 12 جنوري تائين نه هٽايو وڃي.

داخل ڪيل درخواستن ۾ درخواست گذارن موقف اختيار ڪيو ته اي ڊي خواجا کي ميرٽ تي ڪم ڪرڻ سبب هٽايو پيو وڃي، هو سٺي شهرت ماڻيندڙ آفيسر آهي .جنهن پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ۽ عوام جي لاءِ موثر قدم کنيا تنهن هوندي حڪومت کي کيس عهدي تان هٽائڻ کان روڪيو وڃي. عدالت وفاق، سنڌ حڪومت ۽ اي ڊي خواجا سميت ٻين کي12 جنوري جا نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ٻڌڻي کان پوءِ سماجي اڳواڻ ڪرامت علي جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سينيٽر سعيد غني نجي ٽي وي چينل جي ٽاڪ شو ۾ چئي چڪو آهي ته اي ڊي خواجه کي اهڙين حالتن ۾ واپس نه اچڻ گهرجي جنهن جو مطلب آهي ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي ان جي عهدي تان هٽايو پيو وڃي، عدالت اي ڊي خواجه کي عهدي تي رهڻ جو حڪم جاري  ڪيو آهي اميد آهي ته ايماندار آفيسر جي واپسي ٿيندي،

گلوڪار شهزاد راءِ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اي ڊي خواجا جي مقرري کان پوءِ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ انتهائي بهتري آئي آهي ۽ هن سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندي ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون جنهن ڪري ڪرپٽ ڪامورا سندس مقرري برداشت نه ڪري سگهيا، اهوئي سبب آهي ته ايڊي خواجا کي جبري موڪل تي روانو ڪري کيس هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.