تازيون خبرون

Daily Archives: December 29, 2016

”ارٿ ٽو“ بهترين فلم ثابت ٿيندي: حمائما ملڪ

لاهور (شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا حمائما ملڪ جي فلم ”ارٿ ٽو“ جي ڊبنگ لاهور جي مقامي اسٽوڊيو ۾ مڪمل ٿي وئي آهي، ان حوالي سان حمائما ملڪ جو چوڻ هو ته ”ارٿ ٽو“ مڪمل طور تفريحي فلم آهي، جنهن جي شان وڏي محنت سان هدايتڪاري ڏني آهي. هن چيو ته فلم جي پوسٽ پروڊڪشن جو سلسلو جاري آهي، نئين سال جي شروعات ۾ ئي مشهوري مهم شروع ڪنداسين. حمائما ملڪ دعويٰ ڪئي ته ”ارٿ ٽو“ بهترين فلمن مان هڪ ثابت ٿيندي. واضح رهي ته فلم ۾ شان شاهد ۽ حمائما ملڪ مک ڪردار نڀائي رهيا آهن.

 

بيمار ٻارن سان گهاريل وقت ڪڏهن نه وسرندو: جينيفر لارنس

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪارا جينيفر لارنس چيو آهي ته بيمار ٻارن سان وقت گذارڻ تي ڏاڍي خوش آهيان. رپورٽن موجب نوجوان اداڪارا ڪرسمس جي موقعي تي شام جو نورٽن اسپتال پهچي نه رڳو اتي موجود ٻارن سان ڪچهري ڪئي پر کين تحفا پڻ ڏنا. ان حوالي سان جينيفر لارنس انسٽاگرام تي اسپتال جي دوري دوران ٻارن سان گڏ نڪتل سيلفيون جاري ڪندي لکيو آهي ته مون کي ڪرسمس جي شام اسپتال ۾ بيمار ٻارن سان گذارڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. اهو ڏينهن منهنجي حياتيءَ جو سڀ کان سٺو ڏينهن آهي، جنهن کي سدائين ياد رکنديس.

هالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪيري فشر لاڏاڻو ڪري وئي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ڪيري فشر 60 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. کيس 23 ڊسمبر تي لنڊن جي هڪ اڏام ۾ سفر دوران دل جو دورو پيو هو، جنهن کانپوءِ کيس لاس اينجلس جي هڪ اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ علاج دوران هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي. ڪيري فشر کي ”اسٽار وارز“ جي فلمن مان شهرت ملي، جڏهن ته سندس ڪتاب ”دي پرنسز ڊائرسٽ“ به ڏاڍو مشهور ٿيو.

 

ميلبورن ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جو پاڪستان کي ڀرپور جواب

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ميلبورن ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن آسٽريليا راند ختم ٿيڻ تائين ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 278 رنسون ٺاهي ورتيون، ميزبانن کي پاڪستان جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ 165 رنسن جي ضرورت آهي. ڪينگروز طرفان عثمان خواجا 95 ۽ ڪپتان اسٽيون سمٿ 10 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهي. آئوٽ ٿيندڙ رانديگرن ۾ ڊيوڊ وارنر جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 144 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته ميٽ رينشا 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان ياسر شاهه ۽ وهاب رياض هڪ- هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ شاهينن پهرين اننگ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 443 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، جنهن جي خاص ڳالهه اظهر علي جي ڊبل سينچري هئي، جيڪو 205 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

 

زهريلي شراب زيان ٿيندڙ زندگيون…!!!: غلام مصطفي جمالي

پنجاب جي ضلعي ٽوبه ٽيڪ سنگ جي علائقي مبار آباد ۾ رهندڙ عيسائي برادي جون 40 کان وڌيڪ انسان ان وقت موت جو کاڄ بڻيا.جڏهن هو پنهنجي عيسائي برادي جي پنهنجي عيد ڪرسمس جي موقعي تي پيئڻ لاء زهريلو شراب مليو.ڪا خبر ئي نه پئي ۽ جيئرو جاڳيندو انسان موت تي ور چڙهندي ويو.پنج انسان موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ پوء ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.ڪي انسان موقعي تي فوت ٿيا ته ڪي وري اسپتال نئيندي دم ڌڻي حوالي ٿيا ته ڪن اسپتالن اندر موت کي تسليم ڪيو.شراب هڪ مسلمان ملڪ اندر ايترو عام ٿي ويو آهي جو مان سمجهان ٿو ته هر شهر جي هر گلي چوڪ تي بنا ڪنهن ڊپ جي آساني سان ملي ويندو آهي.پاڪستان جي شهر ٽوبه ٽيڪ سنگ اندر زهريلو شراب واپرائڻ جيڪي جانيون زيان ٿيون اهو ڪنهن جي کاتي ۾ لکجن.انهن ماڻهن تي جن اهو ڪچو شراب واپرايو جنهن سبب سندن موت ٿي.يا پاڪستان جي نااهل حڪمرانن جي پوليس جي س رپرستي اندر اهو ڪچو شراب هلي رهيو هو.عيد هجي ڪرسمس.يا هندن جي هولي يا ٻيو ڏهاڙو پر الائي ڇو اها اهڙن انسانن جي فطرت بنجي وئي آهي جو هوُ انهن ڏيهاڙن اندر شراب جو استمال ڪندا.جيڪو به هڪ غلط عمل آهي.جيڪو نه رڳو انساني زندگي جي موت جو سبب بڻجي ٿو پر اهڙن واقعن سان پوري قوم سوڳوار بنجي ويندي آهي.ٽوبه ٽيڪ سنگ اندر عيسائي برادري جي وڏي تعداد ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب ٿيندڙ موت  نه رڳو عيسائي برادري کي ڏکيرو ڪيو پر هن وقت پوري قوم عيسائي برادري سان ان ڏک ۾ شريڪ آهي.جڏهن ته ڪچي ۽ زهريلي شراب پيئڻ سبب مري ويل ماڻهن جو هڪ ملڪ لاء هڪ وڏو الميو آهي.جنهن مان  نڪرندي نڪرندي وقت ته گهڻو لڳندو پر گهاءُ ضرور ڀرجي ويندا.عيسائين برادري 40 ماڻهن موت ڪا معمولي  ڳالهه ناهي.ڇو ته عيسائي برادري سان تعلق رکندڙ جيڪا شراب واپرائڻ وارن ۾ شامل هئي جيڪا پاڻ ته انهي شراب واري واقعي ۾ بچي وئي پر سندس مڙس اهو زهريلو شراب واپرائڻ سبب موت ٿي ويو.ان عورت ان وقت هڪ پاڪستاني ٽي وي چيئنل کي انٽريو ويندي چيو ته هنن جتان شراب پئيڻ لاء ورتو هو  ان شراب جو اڏو پوليس جي سرپرسي ۾ هلي رهيو هوُ.هڍجيڪي هر مهيني پوليس کي منٿي به ڏيندا آهن.انڪري پوليس پاران مليل ڇوٽ سبب انهن ڪچي شراب جو وڪرو ڪيو جيڪو انسان جي برادري جي ماڻهن جي موت جو سبب بڻيو..انڪري سوچڻ گهرجي ڳالهه ته عوام جي حفاظت لاء مقرر ڪيل پوليس خد ويهي ڪري منشات ۽ شراب جا منٿلي تي هلائي ته پوء عوام مرندي يا بنچدي.هن رڳو ڳالهه پنجاب جي ناهي پر پوري ملڪ اندر شراب عام ٿي  ويو آهي.ڪنهن کان وسريو هوندو ضلعي ٽنڊي محمد خان وارو وقعو.ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ڪريم آباد ڪالوني اندر زهريلو شراب پيئڻ سبب45 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. اها به هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان اندر خاص طور سنڌ ۾ پنجاب ۾ ڪچي شراب جو واهپو عام ۽ روز مره جي وڪرو ٿيندڙ شين جيان عام وڪرو ٿي رهيو آهي.جيڪو نه رڳو انساني زندگين جي ذيان ٿيڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي پر سان گڏ ايندڙ نسل تي به ان جا تمام گهڻا خطرناڪ اثر پئجي رهيا آهن.ڪچي شراب جو واهپو ايترو ته عام ٿي ويو آهي. جو انهي کي روڪڻ ۾ حڪومت ۽ چونڊيل نمائيندا مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن.جنهن جي ڪري هر روز زهريلي شراب جي واهپي سندس مرندڙ ماڻهن جوخبرون اخبارن ۾ پڙهن لاءِ عام ملي رهيون آهن  محمد خان جي ڪريم آباد ڪالوني جو واقعو جنهن اندر ڪچي شراب پيئڻ سبب 45ماڻهو مري چڪا هئا. جڏهن ته شراب جي بٺي هلائيندڙ سنڌ جي ملهه پهلوان اسيوسيشن جو ڪو ميببر ٻڌايو پيو وڃي ويو.ٽنڊي محمد خان جي ڪريم آباد ڪالوني جي هڪ پاڙي مان هڪ ئي وقت 37جنازانڪتا هئا جيڪي هڪ قطار جي شڪل وٺي ڪري قبرستان رواناٿيا.37لاش اهي به هڪ ئي پاڙي مان اهي لفظ صرف پڙهڻ جهڙا ناهن جيڪڏهن انهن تي ويهي غور ڪجي ته اهو انسانيت جي موت جو هڪ وڏو اليمو آهي.ٽنڊي محمد خان جون سمويون بازايون ويران ۽ موئن جي دڙي جيان خاموش نظر اچي رهيون هنيون. 37لاشنجي بار ڪلهن تي کڻي پنهنجا پنهنجن کي دفنائن لاءِ قبرستان جي طرف روانا هئا. سڄو شهر ماٺار جي نند ستل هو.جڏهن ته ان دوران به حيدرآباد جي اسپتالن اندر انهي ڪچي زهريلي شراب پئيڻ سبب مرڻ جو سلسلو بند نه ٿيو هو.قبرستان ڏانهن لاش کڻي ويندڙ ماڻهن جڏهن انهي ايمبولنس جا آواز ٻڌا جيڪا بقايا لاش کڻي ٽنڊي محمد خان جي ڪريم آباد ڪالوني پهتا.ته  ان وقت ٽنڊي محمد خان جي اندر هڪ وڏي قيادت برپا ٿي چڪي هجي.45انساني زندگي جو الميو ڪا ننڍي ڳالهه ناهي.پر حڪومت انهي ڏس ۾ ڇا ڪري رهي آهي اهو هڪ وڏو سوال آهي.جڏهن ته سنڌ اندر هن وقت ٽنڊي محمد خان ۽ پنجاب اندر ٽوبه ثيڪ سنگ جو واقعوجيڪو تازو پيش اچي چڪو آهي ان کان پهرين به ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن.جيڪڏهن حڪومت انهي کي سامهون رکي ڪري ڪي سخت اپاءُ وٺي هان ته شايد هي ايڏو وڏو واقعو ڪنهن حد تائين به نه ٿي ها.ڪچي شراب پيئڻ جي ڪجهه ننڍڙي تاريخ اوهانکي ٻڌايندو هلان ته ڪچي شراب اند خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب  ڪيتريون انساني زندگيون هن وقت تائين زياه ٿي چڪيون آهن.ڪراچي اندر عيد العضيٰ جي موقعي تي شراب جي ڳٿا بند هجڻ ڪري ماڻهن ڪچو شراب واپرائڻ شروع ڪيو. عيدالاضحي جي موڪلن ۾ شراب جا دڪان بندهجڻ سبب  ماڻهن  ڪچو شراب واپرايو، جڏهن ته پنجاب اندر ڪرسمس جي موقعي تي به ساڳي صورتحال ڏسڻ ۾ آئي.جنهن جي ڪري ڪيترائي بي هوش ٿي اسپتال پهتا هئا ، جتي 40 ڄڻا فوت  ٿي ويا ۽ 15 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي.سنڌ ۽  پنجاب  اندر ڪچي شراب جو ٻٺيون عام جام نظراچي رهيون آهن.جيڪي يا ته بااثر جي سرپرستي ۾ هلن ٿيون يا ته وري پوليس انهن کان منٿي وٺي ٿي.ان ڪري مان سمجهان ٿو ته حڪومت کي سڀ کان پهرين پوليس جي خلاف نوٽيس وٺس گهرجي.ڇو ته پوليس اندر به اهڙا آفيسر موجود آهن جيڪي شراب شراب جي وڪري جي منٿلي وٺي ڪري شراب فروسن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي موڪل ڏيندي آهي.شراب هڪ زهر آهي جيڪوانساني زندگي جي ڳڙڪائي رهيو آهي.جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪي اهڙا اپاءٌ وٺڻ ضروري آهن جن سان انهي شراب فروشن جو خاتمو ٿئي سگهي.ان ڪري حڪومت جي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي.۽ جت جت شراب جو بٺِيون قائم آهي اتي سٺا آفيسر مقرر ڪري انهن خلاف سخت ڪاروايون ڪيون وڃن.جئين شراب فروشن جي ٻنجو اچي سگهي.باقي ٺلهو ڪجهه ڏينهن جو ڏيکاءُ واري سياست مان ڪجهه به نه ورندو.جيڪڏهن حڪومت چاهي ٿي ته ملڪ مان شراب فروشي ختم ٿي ته ان لاءِ حڪومت کي شراب فروشن خلاف سخت نوٽيس وٺڻ گهرجن

 

 

پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جو قلعو مضبوط ٿيندو؟: صاحب خان ڀٽي

پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڏيهه واپس پهچڻ بعد 27 ڊسمبر تي خوشخبري ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ تجزيه نگارن ۽  سياسي مبصرن ۾ بحث ڇڙي ويا هئا ته آخر اها خوشخبري ڪهڙي هوندي؟ ۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجو  پنهنجو تجزيو پيش ڪري رهيو  پر  جڏهن 27 ڊسمبر  وارو ڏينهن آيو ته ان وقت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڏي آواز سان خطاب ڪندي خوشبري بابت ٻڌائندي چيو ته هو ۽ سندس فرزند بلاول ڀٽو زرداري چونڊن ۾ حصو وٺي پارليامينٽ جي سياست ڪندا، اهڙي اعلان کانپوءِ ڪجهه اڳواڻن ۾ مايوسي ڇائنجي وئي ته  ڪجهه وري خوش به ٿيا، ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن جي قبرن تي گلن جو چادرون به چاڙهيون ويون. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجاب خطاب ۾ چيو ته بلاول ڀٽي زرداري جمهوري مطالبا ڪيا آهن ۽ احتجاج انهن جو جمهوري حق آهي. شهيد بينظير ڀٽو جي نائين ورسي جي موقعي تي  پيپلزپارٽي جي مختلف اڳواڻن به خطاب ڪيو،

بهرحال خوشبري ٻڌڻ کان پوءِ لڳي رهيو آهي ته آصف علي زرداري هن ڀيري پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي شايد کيس هاڻ خبر پئجي چڪي آهي ته پنجاب ۾ سندس پارٽي ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ ان جو اندازو کيس خالي تڪن تي ٻيهر ٿيل چونڊن مان ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه عرصي کان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ سياسي اثر رسوخ وڃائيندي پئي وڃي پر پي ٽي آءِ پنجاب ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته عمران خان پاناما معاملي تي پنهنجو موقف واضع رکيو آهي ۽ سندس احتجاجن ۽ ڌرڻن کيس عوام ۾ وڌيڪ مقبوليت ڏياري آهي، اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم نوازشريف کان ويندي سعد رفيق تائين سمورا  نواز ليگ اڳواڻ عمران خان جي احتجاجي ڌرڻن کان خوفزده نظر ايندا آهن، بهرحال  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاناما معاملي تي وزيراعظم نوازشريف خلاف ته ڳالهايو آهي ۽ سندسن خاندان بابت بيان به ڏنا آهن، ايتري قدر جو عمران خان شايد ئي ڪو اهڙو نواز ليگ اڳواڻ ڇڏو هجي جنهن کي  پنهنجن تير جهڙن لفظن سان وار نه ڪيو هجي، صرف هڪ  اڳواڻ نواز ليگ جو اهڙو به آهي جنهن بابت هن وقت تائين عمران خان ڪو خاص بيان نه ڏنو آهي ۽ نه وري ان خلاف پنهنجن جلوسن ۽ احتجاجن ۾ ڳالهايو آهي، اهو ٻيو  ڪو نه پر صرف چوڌري نثار ئي آهي،

جيڪڏهن هن وقت پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ پوزيشن ڏٺي وڃي ته ٻين جي ڀيٽ سڀ کان وڌيڪ مضبوط پارٽي پيپلزپارٽي آهي ۽ هتان جا وڏيرا ۽ بااثر شخصيتون به پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي چڪيون آهن، جيڪو سلسلو شايد اڳتي به هلي سگهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي چيئرمين  بلاول ڀٽي زرداري جي قيادت ۾ ڪارڪن تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهن ۽ آصف علي زرداري به ڏيهه واپس اچي ويو آهي. ڪجهه سياسي اڳواڻ  اهو به چئي رهيا آهن ته آصف علي زرداري ڏيهه ته آيو آهي پر  وٽس ريٽرن ٽڪيٽ به موجود آهي. بهرحال پيپلزپارٽي چيئرمين پرڏيهه وڃي يا نه وڃي اهو بعد جو فيصلو آهي پر جهڙي ريت سنڌ ۾ وڏيرا، ڀوتار ۽ اهم شخصيتون پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيون آهن تهڙي ريت هاڻ پيلپلزارٽي جو سمورو ڌيان پنجاب ۽ ڪي پي تي هوندو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جي مخالف هن وقت تائين ڪا ٻي پارٽي پيدا نه ٿي سگهي آهي جيڪا پيپلزپارٽي سان مقابلو ڪري سگهجي. فنڪشنل ليگ جو اهم اڳواڻ امتياز شيخ سميت ٻيا به اهم اڳواڻ پارٽيون ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن.

هڪ طرف سنڌ ۾ مڪاني کاتن واريون چونڊون ڪرايون ويون ته ٻي طرف وري انهن کي اختيار نه پيا ڏنا وڃ پر افسوس جو  پيپلزپارٽي طرفان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو وڃي. 27 ڊسمبر جي جلسي ۾ آصف علي زرداري جي خطاب مان لڳي رهيو  آهي ته آصف علي زرداري هن ڀيري چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هن وقت کان ئي پنهنجيون مصروفيتون تيز ڪري ڇڏيون آهن.هڪ طرف پيپلزپارٽي ۾ اهم شخصيتون شامل ٿي رهيون آهن ته ٻي طرف وري رينجرز به آصف علي زرداري جي ويجهي دوستن خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيو آهن، جڏهن ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروايون شروع ڪيون هيون ته ان وقت جي سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو ۽ هو بيان ڏيندو هو ته کيس خبر ئي نه ٿي پئي ته ڪراچي ۾ جيڪو آپريشن ٿي رهيو آهي ان جو ڪپتان ڪير آهي ۽ پ پ اڳواڻن طرفان رينجرز جي ڪاررواين تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي ويندي هئي. ايتري قدر جو رينجرز جي اختيارن جي مدي ۾ واڌ ۾ تمام گهڻو سوچيو ويندو هو، بهرحال هن وقت به رينجرز جون ڪارروايون جاري آهن، جڏهن آصف علي زرداري ڏيهه واپس پهتو هو تڏهن به رينجرز سندس ويجهي دوست جي آفيس تي ڇاپو هنيو هو ۽ اتان هٿيار به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. جڏهن رينجرز اهڙي ڪارروائي ڪئي ته  پ پ اڳواڻ اهو ئي چئي رهيا هئا ته رينجرز کي ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ وڏي وزير کي ٻڌائڻو پوندو،

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ته اهو چيو ته هو اختيار اورنگهائيندڙن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اليڪشن کان اڳ ئي پيپلزپارٽي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي به هٽائي ڇڏيو آهي ۽ ان جي حمايت وفاق به ڪري رهي آهي ته کيس جبري طور هٽايو ويو آهي پر پيپلزپارٽي طرفان بيان ڏنا ويا ته جيڪڏهن اي ڊي خواجا ايڏو ئي ڀلو آهي ته کيس پنجاب جو آءِجي ڇو نه ٿو بڻائي وڃي. جيڪڏهن 27 ڊسمبر تي ٿيل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري جي  خطابن تي نظر ڦيرائينداسين ته خبر پوندي ته ٻنهي پي ءُ پٽن هاڻ موجوده پارلياماني سياست ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري طرفان ڪارڪنن کي سياسي لانگ مارچ ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي،  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي 27 ڊسمبر تي ٿيل خطاب ۾ چيو هو ته چار مطالبا مڃرائڻ لاءِ سڄي ملڪ جو هودورو ڪندو. سندس اهو به چوڻ هو ته عوام تيار رهي، غاصبن جو قبضو ختم ڪرائڻ هو وڃي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو وقت ملڪ ٽٽڻ وارو هو، سنڌ جي راڻي کي کسيو ويو، سنڌي ۽ ٻيا صوبا هڪ ويڙهه لاءِ تيار رهن ۽ هو سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جو پلان وٺڻ لاءِ نڪتو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته ڪابينا هڪ دهشتگرد کي به شامل  ڪيو  ويو آهي. جڏهن ته آصف علي زرداري چيو  ته بلاول جيڪي به مطالبا ڪيا آهن ۽ اهو سندس جمهوري حق آهي.

هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پيپلزپارٽي ڪهڙي ريت پنجاب ۽ ٻين صوبن پنهنجا پير ڄمائيندي ۽ ڪهڙي ريت پنجاب کي پ پ جو قلعو بڻائيندي، اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائندو، ڇاڪاڻ ته ماضي جي ڀيٽ پنجاب جون حالتون وڌيڪ تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ نواز ليگ لاءِ به پنجاب ۾ وڏا چئلنجز موجود آهن، جيتوڻيڪ ڪجهه عرصي کان خالي ٿيل تڪن تي نواز ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿي رهيا آهن پر هن ڀيري جون مختلف هونديون ۽ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ نواز ليگ کڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندي ۽ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ واحد پارٽي هوندي جيڪا ووٽ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته هتان جون اهم شخصيتون ته پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي چيڪون آهن، باقي رهي ڳالهه پنجاب جي ته اتان جا چوڌري صرف پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ ۾ ئي شموليت اختيار ڪري رهيا آهن ۽ پيپلزپارٽي ڏينهون ڏينهن پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ ناڪام ٿيندي پئي وڃي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

پ پ قيادت جو اسيمبلي ۾ وڃڻ جو اعلان…!

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي لکين ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ مان ۽ بلاول وينداسين، مان نوابشاهه جي تڪ تان پنهنجي ڀيڻ عذره پيچوهو ۽ بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي شهر جي تڪ جنهن تان اياز سومرو چونڊيل آهي، ان تان اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين. اسان جي سياست جمهوريت ۽ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ آهي جنهن لاءِ اسان قربانيون ڏنيون آهن ۽ هاڻ اسين مغل بادشاهه کي نه ڇڏينداسين. ميان صاحب اسان اوهان کي سياست امانت ۾ ڏني ۽ اوهان چونڊون نه کٽيون اوهان چيو هو ته ملي ڪري گڏيل طور فيصلا ڪيا ويندا پر 18 هين ترميم ۽ ٻين معاملن تي ملي ڪري پاڻ فيصلا ڪيا ويا ۽ اوهان سڀني واعدن کي وساري آئين کي تبديل ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي پارليامينٽ ۾ اچڻو پوندو جيڪو پراڻو چيف جسٽس هو اسان کي مختلف ڪيسن ۾ عدالت گهليندو هو، اسان کي عدالتن مان ڪو به خوف ناهي. اسان سپريم ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن جو ريفرنس به مون موڪليو ان ۾ بابر اعواڻ جو لائسنس رد ڪيو ويو، جنهن کي اڃان تائين ناهي کنيو ويو، جنهن کي کنيو وڃي. آئون چاهيان ٿو ته تاريخ ۾ اوهان پنهنجي ۽ ملڪي عدالتن جي وقار کي بلند ڪيو، ڇاڪاڻ جو هينئر عوام هوشيار ٿي چڪو آهي، پنجاب پڙهيل لکيل پنجاب بڻجي ويو آهي، اوهان نوجوانن سان ڀلي سيلفي ڪڍرايو يا کين ليپ ٽاپ ڏيو پر اهي به سوال ڪندا ته جهاز، پلون ۽ ٻيا منصوبا ڪيئن ٺهيا؟ اسان جي دور ۾ تيل 150 ڊالر في بيرل هو اوهان جي ته دور ۾ تيل سستو آهي عوام کي اوهان جي دور ۾ ٽرين نه پر جهاز جي ضرورت آهي، عوام پي آءِ اي ۾ سفر ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو نه ٿا چاهين ته هو پرڏيهي جهازن ۾ ويهن ۽ سفر ڪن. بلاول جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن ته اهي جمهوري ڳالهيون آهن، هن دفعي ٻيون ڳالهيون نه ڪيون وينديون، اسان جو حق آهي، اسان احتجاج ڪنداسين ۽ پنهنجو جمهوري حق ادا ڪنداسين، عدالتن ۾ وينداسين ۽ بار کي خطاب ڪنداسين جتي آگاهي ڏينداسين ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ۽ ڇا ٿيڻ گهرجي؟.

اڄڪلهه گهڻا سياسي پنڊت ٽي وي تي ويهي پنهنجي عقل جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. قطر ۾ ٻه نمبر ماڻهو ويٺو آهي ته پاڪستان جي معيشت جو ڇا ٿيندو، اوهان اجازت ڏيو ته گهٽ قيمت ۾ اوهان کي تيل ۽ گيس کڻي آڻي ڏينداسين ۽ چين سان معاهدو سموري خطي جو معاهدو آهي. بلوچستان ۾ غير آباد زمينون پيل آهن، اُهي هن معاهدي ذريعي آباد ٿي سگهن ٿيون. اسان چين، ايران، ترڪي ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي ڪرنسي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون هيون اوهان کي ڊالرن ۾ ادائيگيون ناهن ڪرڻيون پر رپئي ۾ ادائگيون ڪرڻيون آهن پر اوهان ائين نه ڪيو، اوهان کي اقتدار ائين ناهي مليو ته اوهان مغل بادشاهه بڻجو ڇاڪاڻ جو شهزادن ۾ به جنگ ٿيندي آهي، اوهان اهڙي قسم جي جمهوريت ۽ پاڪستان ٺاهڻ چاهيو ٿا ته جنگ ٿئي، منهنجي ڳالهه کي سمجهو ۽ مان ڳالهه کي هرگز نه ٿو مڃان ته پنجاب ۾ ميان صاحب مضبوط آهي. ميان صاحب اوهان قطر مان گيس گهرايو اسان گيس ۽ تيل جي پائيپ لائين جو معاهدو ايران سان ڪيو هو، اسان وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪايو پر فوج جي خلاف ڪڏهن به ناهي ڳالهايو ۽ اسان کي خبر آهي ته فوج ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن؟ اسان سڀني شين کي ڏسي اڳتي وڌي ڪري سياست ڪندا آهيون ۽ ميان صاحب اوهان اسان جي جمهوريت جو خانو خراب ڪري ڇڏيو. فيصل آباد سميت پوري ملڪ ۾ ڪيتريون ئي صنعتون بند پيل آهن اوهان کي احساس ئي ناهي ته هاري، مزدور ۽ غريب ڇا چئي رهيو آهي. مان پارليامينٽ ۾ ويهي اوهان کي به سبق ڏئي سمجهائيندس ۽ ٻيا دوست جيڪي اپوزيشن ۾ آهن انهن کي به گڏ کڻي هلندس.