تازيون خبرون

Daily Archives: December 25, 2016

دپيڪا ۽ شاهدڪپور جو هڪ فلم ۾ هڪ سين 8 ڪلاڪن ۾ پڪچرآئيز

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري هدايتڪار سنجي ليليٰ بنسالي جي فلم پڌماوتي ۾ دپيڪا پڊڪون ۽ شاهد ڪپور تي گاني جي عڪسبندي دوران هڪ سين فلمائڻ تي 8 ڪلاڪ لڳا هدايتڪار سنجي ليليٰ بنسالي تاريخي فلمون بنائڻ جي حوالي سان ڄاتو وڃي ٿو ۽ گذريل سال ان جي فلم باجي رائو مستاني باڪس آفيس تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هن هڪ ٻي تاريخي فلم پڌماوتي شروع ڪئي آهي جڏهن ته تاريخي فلمن جي شوٽنگ دوران سنجي ليليٰ هڪ هڪ منظر تي ڪافي محنت ڪري ٿو اهو ئي سبب آهي جو نئين فلم جي شوٽنگ ۾ هڪ سين جي عسڪبندي وڏو وقت ورتو آهي.

 

ريٿڪ روشن هلندڙ سال 80 ڪروڙ رپيا ادا ڪري سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ اداڪار بڻجي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ريٿڪ روشن سال 2016 ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ اداڪار بڻجي ويو آهي ميڊيا رپورٽس موجب ريٿڪ روشن گذريل سال 50 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ڏنو هو جڏهن ته هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ 80 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ادا ڪيو آهي. انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙن جي لسٽ ۾ عامر خان آهي. جنهن هلندڙ 72 ڪروڙ ٽئين نمبر تي رنبير ڪپور آهي جنهن 37 ڪروڙ جڏهن ته گذريل سال رنبير پاران 9 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ادا ڪيو ويو آهي لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي سلمان خان آهي جنهن 14 ڪروڙ ٽيڪس ادا ڪيوآهي. پنجين نمبر تي اڪشمي ڪمار آهي جنهن 10 ڪروڙ ٽيڪس ادا ڪيو آهي. جڏهن ته ڇهين نمبر تي اداڪاره دپيڪا پڊون جو نالو اچي ٿو هدايتڪارن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ڪرن جوهر آهي جنهن چئن ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڏنو.

 

پاڪستان، آسٽريليا جي وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ اڄ شروع ٿيندي

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ اڄ سومر کان ميلبورن ۾ شروع ٿيندي، ميچ پاڪستان جي معياري وقت موجب 4 وڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي، ميلبورن ۾ هن وقت تائين ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 9 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ويون آهن، جن مان آسٽريليا 5 ميچون کٽيون، پاڪستان 2 ميچون کٽيون، 2 بنا ڪنهن فيصلي ختم ٿي ويون، ميلبورن ۾ گذريل ڏينهن قومي ٽيم ڀرپور پريڪٽس ڪئي، فاسٽ بالر سهيل خان به پريڪٽس ۾ شامل هو، واضح رهي ته پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ زيرو هڪ تان برتري حاصل ڪري ورتي آهي، پاڪستان کي سيريز برابر ڪرڻ لاءِ ٻي ٽيسٽ کٽڻي پوندي.

 

پاڪ فوج جي ڪوششن سان قبائلي علائقن ۾ حالتون بهتر ٿيون آهن: شاهد آفريدي

پشاور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي چيو آهي ته پاڪ فوج جي ڪوششن سان قبائلي علائقن ۾ حالتون بهتر ٿيون آهن، ڪي پي ڪي ۽ فاٽا دهشتگردي سبب گهڻو متاثر رهيو، پشاور ظلمي فرنچائيز ان لاءِ ورتي آهي ته متاثر صوبي جي ٻارڙن کي راند ذريعي اڳتي وٺي اچون، آرمي چيف جنرل راحيل شريف فاٽا لاءِ هڪ اسپورٽس ڪمپليڪس کوليو جنهن جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان جي آل رائونڊر شاهد آفريدي پي سي بي تي ڪاوڙ ڪڍي آهي، تقريب کي خطاب دوران هن چيو ته هو پي سي بي لاءِ ڪرڪيٽ نه کيڏي رهيو آهي، عوام ۽ ميڊيا ان کي وڏي عزت ڏني آهي، هو الوداعي ميچ لاءِ پي سي بي اڳيان هٿ نه جوڙيندو ۽ نه ئي هو پي سي بي جي هڪ ميچ جو محتاج نه آهي، هن چيو ته پاڪ آرمي سبب قبائلي علائقن ۾ حالتون بهتر ٿيون آهن ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ان کي وڏي عزت ڏني آهي.

 

ٿرکي ڀائنيون ٿوڪ…..!! : ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو

ٿر جيڪو سنڌ جو خوبصورت ۽ قدرتي نعمتن کان مالا مال علائقو آهي هي سنڌ جو واحد ضلعو آهي جنهن جا ڪيترائي منصوبه سي پيڪ ۾ شامل آهن، انهن منصوبن ۾ گوڙاڻو ڊيم وارو منصوبو به شامل آهي، گوڙاڻي ڊيم واري ايريا ۾ 532 ايڪڙ زمين سروي واري آهي جڏهن ته 968 ايڪڙ زمين سرڪاري آهي، گوڙاڻي ڊيم ۾ ٿر ڪول بلاڪ 2 مان ڪوئلي جي کوٽائي دوران نڪرندڙ زهريلي پاڻي جو ڇوڙ ڪيو ويندو، جڏهن ته باقي 12 بلاڪن جو پاڻي ڪٿي ڇوڙ ڪيو ويندو ان لاءِ مختلف ڪمپنيون ۽ ٿر فائونڊيشن پلان ٺاهن پيون، ٿر جي ترقياتي منصوبن لاءِ حڪومت سنڌ پاران ٿر فائونڊيشن نالي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي ان ڪاميٽي ۾ صرف هڪ مقامي  ميمبر ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي کنيو ويو آهي جو ٿر جو نه بلڪه حڪومت جو نمائيندو آهي، ٿر جي معاملن ۽ منصوبن ۾ انهن ماڻهن کي ترجيح بنيادن تي کنيو ويو آهي جن کي ٿر جي مسئلن ۽ ٿر بابت ڪابه ڄاڻ ناهي، اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جو ٿر جي مسئلن تي اتان جي مقامي ماڻهن کي نظر انداز نه ڪيو ويو هجي، ٿر جي مسئلن تي هميشه حڪومت غير مقامي ماڻهن کي فرنٽ لائين طور کڻندي آهي، جيئن سنڌ جي قومي ايشوز تي قومي ميڊيا جي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ پنجاب ۽ ڪراچي جي غير سنڌين، غير مقامي ۽ انهن مسئلن کان اڻ ڄاڻ سياستدانن، اديبن ۽ دانشورن کي گهرائي انهن کان نه صرف بحث ڪرايا ويندا آهن بلڪه انهن کان انهن مسئلن جي حل بابت تجويزون پڻ ورتيون وينديون آهن، ٿر جنهن جي ترقي تي پاڪستان ۽ ٿر کان ٻاهر ويٺل سنڌ جي ماڻهن کي خوشي ته ضرور آهي پر اتان جا مقامي ٿري پنهنجي ترقي تي خوش ٿيڻ بدران پنهنجي بربادي ۽ تباهي مٿان ماتم ڪرڻ تي مجبور آهن، گوڙاڻي ڊيم جي متاثرين جي بک هڙتال کي جڏهن ٻه مهينا مڪمل ٿيا ٺيڪ ان ڏينهن اسان سنڌ نيشنل تحرڪ ۽ ناري تحريڪ جي مرڪزي وفد سان گڏ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي همدردي خاطر پهتاسين، ٻن مهينن کان ڊيم متاثر سخت سردي ۾ پنهنجي معصوم نياڻين ۽ عورتن سان گڏ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هئا، سندس مطالبا هئا ته ڊيم جو هنڌ تبديل ڪيو وڃي ڇو جو ڪوئلي جي کوٽائي دوران نڪرندڙ زهريلي پاڻي سان اسان جي 12 قديمي ڳوٺن جي 15000 کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿندي، چوپائي مال جون چراگاهون ۽ سوين ايڪڙ زمين سان گڏ مال متا، جنگلي جيوت ۽ جنگلات تباه ٿي ويندا هنن جو چوڻ هو ته جنهن جڳهه تي ڊيم ٺاهيو پيو وڃي ان جڳهه کي به ماحولياتي ۽ سماجي اڀياس جي اداري مقامي ماڻهن لاءِ نقصانده قرار ڏنو هو پر سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن پاران زبردستي ان هنڌ تي ڊيم ٺاهيو پيو وڃي ڇو جو ان هنڌ تي گهٽ لاڳت تي ڊيم تعمير ٿي رهيو آهي صرف مفادن خاطر سوين ٿري خاندانن جي بلي چاڙهي ڊيم تعمير ڪيو پيو وڃي، جيئن جيئن گوڙاڻو ڊيم جي مخالفت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي تيئن تيئن احتجاج ڪندڙ ليڊرن، قلمڪارن، صحافين، اينڪر پرسن، سياستدانن، قومپرستن ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن جا قد ڪاٺ ۽ اگهه وڌنڌا پيا وڃن ۽ کين خريد ڪرڻ جو سلسلو تيزي سان شروع ٿي ويو آهي، جيتري ڊيم جي مخالفت ۾ ڪنهن اخبار ۾ وڏي خبر يا ٽي وي تي وڏي اسٽوري نشر ٿئي ٿي اوترا وڏا پئيسه، جيترا وڏا مظاهرا انهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ اوتري ئي وڏي رقم لڳي ٿي، هاڻي ته ڊيم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اينڪر پرسن، اخبار جي ايڊيٽرن، نيوز ايڊيٽرن اديبن ۽ مڃيل دانشورن کي ٿر اندر ڪم ڪندڙ ڪمپنين وارا پنهنجي خرچ ۽ وڏي پيڪيج تي وٺي وڃي انهن جون شاندار دعوتون ڪري انهن جون عياشيون پوريون ڪري انهن کان حمايتون وٺي رهيا آهن، اهڙو ئي هڪ پروگرام آچر 18 ڊسمبر تي مٺي جي جيم خانه ڪلب ۾ ڪوٺايل سول سوسائيٽي سان رٿيل ملٽي اسٽيڪ هولڊر جي نالي سان گڏجاڻي جي صورت ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي کان ناليوارن صحافين اديبن ۽ دانشورن کي گهرايو ويو جڏهن ته مٺي جي سليڪٽيڊ صحافين کان علاوه اسلام ڪوٽ يا مٺي ضلعي جي ٻين مقامي صحافين يا سول سوسائيٽي جي نمائيندن کي گهرائڻ مناسب نه سمجهيو ويو ڇو جو انهن کي ٿر جي ترقي ۽ تباهي بابت وڌيڪ خبر آهي، مٺي پريس ڪلب جي دوري کان پوءِ اتان جي مقامي صحافين وڏي مايوسي جي عالم ۽ عاجزاڻي انداز ۾ ٻڌايو ته جڏهن به مٺي اندر اهم قومي مسئلن تي ڪا به تحريڪ هلندي آهي ۽ ان تحريڪ کي ڏينهن رات محنت ڪري هتان جا مقامي ماڻهو ۽ صحافي ڪاميابي تائين پهچائيندا آهن ته پوءِ ٿر ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا ڪرتا درتا توڙي حڪومتي وزير ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ حيدرآباد سميت سڄي ملڪ مان صحافين کي آڻي انهن جون شاندار دعوتون رکي انهن کان ٿر جي ڪجه علائقن جا دورا ڪرائي پوءِ من پسند لائيو پروگرام نشر ڪرائي ان ايشوز کي ڪئيش ڪرائي ختم ڪندا آهن ۽ قومي ميڊيا تي عام ماڻهن کي ائين نظر ايندو آهي ته ٿر ۾ ترقي جو دور شروع ٿي ويو آهي ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، ٿر جو عوام ترقي مان خوش آهي، گوڙاڻي ڊيم بابت 18 ڊسمبر تي مٺي جيم خانه ۾ ٿيل سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن واري پروگرام جنهن ۾ اينگرو جي سي اي او شمس الدين شيخ بريفنگ ڏني ۽ ان جي بريفنگ کي ڪجهه سنڌي اخبارن لفظ به لفظ ٻئي ڏينهن واري اخبارن ۾  وڏي ڪوريج ڏني ۽ ڪجهه اخبارن جي ايڊيٽرن ته ان بريفنگ کان پوءِ پنهنجي مقامي نمائيندن کي به سختي سان چيو ته ڊيم واري معاملي تي ڪمپني وارن جي موقف کي اهميت ڏني آهي، اهو سڄو ڪمال ڪمپني طرفان ٻاهران آيل مهمانن کي ملندڙ هڪ ٿهلي ۾ پيڪ ٿيل ڊائري، لنگي، ايپل موبائيل فون ۽ لفافي جو آهي جيڪو سنڌي روايتن ۽ رسمن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد کان ٿر آيل مهمانن کي ڏنو ويو هو، سلام هجي مٺي جي ان صحافين کي جن اهو چئي تحفا نه ورتا ته اسان مقامي يعني ٿر جا رهواسي آهيون هي تحفا ٻاهران آيل مهمانن کي ئي ملڻ گهرجن، بقول اينگرو جي سي اي او شمس الدين شيخ جي ته ٿر ڪول ايريا جي سيڪيورٽي لاءِ فوج پهچي چڪي آهي ڇو جو هي منصوبو سي پيڪ ۾ شامل آهي جيڪڏهن مان چاهيان ته گوڙاڻي ڊيم واري معاملي تي بليڪ ميل ڪندڙ ڳوٺاڻن آڏو فوج بيهاري سگهان ٿو، اينگرو جي سي اي او شمس الدين شيخ جو اهڙو بيان ڌمڪي آهي هن وڌيڪ چيو ته اسان مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون آهي سر تغاري مزدوري آهي ان کي نوڪري نه چيو وڃي، سر تغاري واري مزدوري ڏيئي ٿرين تي مهربانين جي دعويٰ نه ڪئي وڃي ٿر جي وسيلن تي ٿري عوام جي مالڪي سندن قانوني حق آهي، دنيا ۾ جتي به ترقي جا منصونا شروع ڪيا ويندا آهن ان منصوبن جي شروع ٿيڻ کان اڳ مقامي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي پر ٿر ۾ هر منصوبو ٿر کان بي خبر ماڻهن جي رضامندي سان ٺاهيو پيو وڃي ۽ جيڪڏهن ٿر جو عوام ان منصوبي سان اتان جي مقامي ماڻهن کي ٿيندڙ نقصان بابت دانهن ڪري ٿو ته ان کي ترقي جو دشمن قرار ڏئي زبردستي خاموش ڪرايو پيو وڃي، باقي ظاهري طور تي ڊيم جي مخالفت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪوٺائي، لانگ مارچون ڪري يا متاثرين جي احتجاجن جون اڳواڻيون ڪري پنهنجو پنهنجو حساب ورتو پيو وڃي بس ڳالهه صرف ايتري آهي ته گوڙاڻي ڊيم متاثر ٿر جي عوام کي ٿر، سنڌ ۽ ملڪ جي مفاد ۽ ترقي ۾ پنهنجون قربانيون ڏيڻيون پونديون،

Druzmajokhio@gmail.com

 

انور مجيد خلاف ٿيندڙ ڪاروايون ۽ آصف جي واپسي وارو سوال..؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

ڪجهه ڏينهن کان وٺِي ڪراچي رينجرس پاران آصف علي زرداري جي ويجهي دوست ۽ سندس بزنس پاٽنر انور مجيد خلاف ڪاروايون ڪيون،جن ڪاروائين جي ڪري انورمجيد جي گهر مان مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪري مٿس مختلف ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن،جڏهن ته انور مجيد خلاف ڪاروايون تڏهن کان شروع ٿيون آهن،جڏهن کان پاڪستان جو پراڻو سابق صدر آصف علي زرداي پاڪستان آيو هوُ،پر اڄ تائين ڪا واضع ڳالهه سامهون نه اچي سگهي آهي ته انور مجيد خلاف ٿيندڙ ڪارواين خلاف ڪهڙو مقصد آهي،ڇا انهي ڪاروائين جي ڪڙي ڪٿي نه ڪٿي آصف علي زرداري سان وڃِي ملي به ٿي يا نه،؟پر خير اهو معاملو اڃان الجهيل ئي آهي،آصف جي پاڪستان اچڻ کان پوءِ آصف مختلف سياسي ڪمن کان ويندي شهيد راڻي جي ٿيندڙ نائين ورسي جي حوالي سان تمام گهڻو مصروف آهي پر ان هوندي به هن پنهنجي پراڻي دوست ڊاڪٽر عاصم سان ملاقات ڪئي،۽ سندس بيمار پرسي پڻ ڪئي،ڊاڪٽر عاصم جيڪو هن وقت ڪنهن اسپتال اندر دل جي بيماري سبب زيراعلاج آهي،ڊاڪٽر عاصم خلاف به پهرين رينجرز ئي ڪاروايون ڪري کيس ڪرپشن ڪيس اندر گرفتار ڪيو هوُ.جنهن کان پوءِ کيس نيب ۽ پوءِ پوليس حوالي ڪيو ويو هوُ،جيڪو اڄ به انهي ڪرپشن ڪيس ۾ پوليس جي ڪسٽڊي ۾ اسپتال اندر دل جي بيماري سبب زيراعلاج آهي،رينجرس ڪراچي اندر ڊاڪٽر عاصم خلاف جيڪي ڪاروايون ڪيون ۽ هن وقت جيڪي انور مجيد خلاف ڪاروايون ڪري رهي آهي،ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان اندر اهو ئي ماحول ٺهي رهيو آهي جيڪو ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري واري دور ۾ ٿي ويو هوُ،پر فرق صرف ايترو آهي ته ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽي ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس جي معاملي تي ڊاڪٽر عاصم کان لاتعقي جو اظهار ڪيو هوُ،پر هن وقت انور مجيد خلاف ٿيندڙ ڪاروائين دوران به آصف رزادي جو اهو بيان سامهون آيو ته هو انور مجيد کان لاتعلق ناهي، آصف اهو واضع چيو آهي ته هن سندس دوست انور مجيد کان ڪا لاتعقي ناهي ڪئي،هو اڄ به کيس پنهنجو دوست ۽ بزنس پاٽنر سمجهي ٿو،۽ انور مجيد جي ڪيس جي باري ۾ آصف علي رزادي چيو ته انور مجيد جي ڪيسن جي باري ۾ وفاق سان ڳالهيو ويندو،

ٻئي پاسي ڪالهه وري به هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي رينجرس انور مجيد کي گهر تي هڪ وڏي نفري ساڻ ڪري ڇانپو هنيو،جنهن ڇاپي مان وڏي تعداد اندر اسحلو هٿ ڪيو ويو،جڏهن ته سڪيورٽِي ادارن پاران اهو به بيان سامهون آيو هوُ ته انور مجيد جي گهر مان جيڪو اسحلو هٿ ڪيو ويو آهي اهو سمورو اسحلو بنا لائيسنس آهي،۽ بنا لائيسنز هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ انورمجيد خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن،اها ڳالهه ته ياد رکڻ گهرجي آصف علي زرداري جي پاڪستان اچڻ کان پهرين آءِ آءِ چنديگر روڊ تي ۽ نيشل هاڪي اسٽيڊيم ويجهو ريجنرس ڇانپو هنيو،جنهن مان به وڏي تعداد اندر بنا لائيسنس وارا هٿيار هٿ ڪيا ويا هئا،آصف جي پاڪستان اچڻ کان پوءِ ٻيوشرجيل انعام ميمڻ به پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪيو هوُ،جڏهن ته ڪراچي اندر هلندڙ رينجرس ڪاروائين کان پوءِ هن پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي،انور مجيد جي گهر تي هنيل ريجنرس جي ڇانپي مان هن وقت تائين ڪيترا خفيه دستاويز 17ڪلاشنڪوف 4پستول9بال بم۽ مختلف قسمن جو3225گوليون هٿ ڪيو ويون آهن،جڏهن ته اهڙي قسم جا غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ مٿس ٻه کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،

انڪري ڪيترن ئي تجزيڪارن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ملڪ اندر اهڙيون حالتون رهيون ته شايد آصف پاڪستان اندر گهڻو وقت پاستان ۾ نه گذاري،جڏهن ته حالتون به ڪجهه اهڙيون ئي نظر اچي رهيون آهن جن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته آصف گهڻو وقت پاڪستان ۾ نه گذاريندو،آصف ڀلي هن وقت پاڪستان مان واپس هليو وڃِي ته اهو هر ڪنهن کي يقين آهي ته جڏهن پاڪستان اندر الڪيشن وارو ماحول ٿيندو ته آصف وري پاڪستان موٽيندو،هن وقت آصف پاڪستان مان واپس ويو ته سياسي ميدان بلاول لاءِ ڇڏي ويندو ۽ بلاول 2018ع واري ٿيندڙ اليڪشن جي پنهنجي طاقت آهر ڪوششون ڪندو رهندو.ملڪ اندر هن وقت ڪيترائي سياستدان اهو به چئي رهيا آهن ته ايندڙ اليڪشن 2018ع ان پهرين ٿيندي پر اهو سڀ ڪجهه غلط آهي اهڙو به ماحول پيدا ٿيو ئي ناهي جنهن مان اهو ثابت ٿي ته الڪيشن کان پهرين اسيمبليون ٽٽي وينديون،جڏهن ته آصف خد اهڙو بيان ڏنو آهي ته هوُ اهڙو ڪو به قدم نه کڻندو جنهن مان جهموريت کي خطرو پيدا ٿي،انڪري اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته بلاول جيڪو آصف جي اچڻ کان پهرين نواز حڪومت جي استيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو هوُ،اهو پنهنجي والد جي بيان کان پوءِ خاموش ٿي ويندو،ڇو ته پ پ چڱي طرف ڄاڻي ته اها جهوريت ئي آهي جنهن جي ڇپر ڇانوءَ ۾ هن هميشه پناهه ورتي آهي،جيڪڏهن جهموريت نه هجي ها به آصف هرگرز ئي پاڪستان واپس نه اچي هان، هن وقت به آصف جي واپسي جي ڳالهه عام آهي،سنڌاسيمبلي جي ڊپٽي ڊاريڪٽر جي (پ پ پ ) جي رهنما شهلا رضا خد انهي ڳالهه کي واضع ڪيو ته مولابخش چانڊيو پاران آصف جي واپسي وارو بيان ڪراچي اندر ٿيندڙ ريجنرز ڪاروائين جو رد عمل آهي،۽ پ پ اهو به ڄاڻي ته آصف جي پاڪستان اچڻ کان پهرين رينجرس جون ڪاروايون ۽ اوچتو ئي اوچتو چوڌهري نثار جو ٽي وي تي اچڻ يقينن پ پ لاءِ خطري جي گهنٽي آهي،پر خير آصف هن وقت پاڪستان آِيو آهي ته پاڪستان اندر خاصو ماحول به تبديل ٿي چڪو آهي،پاڪستان آرمي چيف جي جاءِ تي ٻيو آرمي چيف اچي ويو آهي،ڪورڪمانڊر ڪراچي،ڊي جي ريجنرز سنڌ،ڊي جي آءِ ايس پي آر سنڌ،اهي سمورا عهدا آصف جي اچڻ کان پهرين ئي تبديل ٿي چڪا آهن،جڏهن ته آصف اچڻ سان ئي هڪ نرم لجهو اختيار ڪيو جنهن اندر هن چيو ته هوُ پراڻو نه پر هڪ نئون پاڪستان جو خواب کڻي آيو آهي،جنهن مان ڳالهه رومال ۾ ويڙهيل ضرورو آهي ته سمجهڻ ايتري ڏکي ناهي،پ پ سمجهي ٿي ته سنڌ مان عهدا تبديل ٿيا آهن ان سان ماحول به تبديل ٿيو هوندو. پر ائين ناهي،انورمجيد خلاف ٿيندڙ ڪاروائين مان پ پ سمجهي سگهي ٿي ته عهدا تبديل ضرور ٿيا آهن پر وقت ساڳيو ئي آهي،جيڪو ڪنهن وقت به تبديل ٿي سگهي.

******

 

 

 

پلي بارگيننگ محفوظ رستي برابر…

صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته مون تي وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش جو الزام غلط آهي، جڏهن ته وزارت عظميٰ جو اميدوار ناهيان، نه ته مون کي ڪيترائي ڀيرا آڇون آيون هيون، پر مون ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف سازش ناهي ڪئي، آئون ڪڏهن به پٺتي وار ناهيان ڪندو ۽ نه ئي وري مون کي چور دروازي وسيلي عهدو حاصل ڪرڻ جي خواهش آهي، ڇوته عزت عهدن ۾ نه ڪردار ۾ هوندي آهي. پ پ مون کا ايف آءِ اي جي جاچ جاري رکڻ ڪري ناراض آهي، پر اها جاچ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايف آءِ اي ڪري رهي آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي نيب جو چيئرمين مقرر ڪندا ته احتساب ڪيئن ممڪن بڻبو، ان ڪري چيئرمين نيب جي مقرري سپريم ڪورٽ وٽان ٿيڻ گهرجي، ڇوته احتساب جو عمل ان وقت ئي شفاف ٿي سگهي ٿو، جڏهن نيب جي سربراهه جي مقرري عدليا ڪري ۽ نيب کي مڪمل خودمختياري ملي، اداري ۾ ڪنهن جي مداخلت به نه هجڻ گهرجي، پلي بارگيننگ چورن کي رستو ڏيڻ برابر آهي،

ڪراچي ۾ رينجرز جي ڇاپي جو پ پ ڪوچيئرمين آصف زرداري جي ڏيهه واپسي سان ڪو تعلق ناهي، ڇوته آصف زرداري جي خلاف نه ته ڪا ايف آءِ آر داخل آهي ۽ نه ئي وري هو ڪنهن ڪيس ۾ گهربل آهي، ڇاپن بابت رينجرز جو بيان به اچي چڪو آهي، موجوده حالتن ۾ آصف زرداري کي ڊيل جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي هو ڪنهن مفاهمت تحت واپس آيو آهي، آصف زرداري جي حڪومت سان نه ڪا ڊيل ٿي آهي ۽ نه وري ڪا ضمانت ڏني آهي، وزيراعظم سان ڪراچي آپريشن بابت ملاقات ناهي ڪئي، ڪوئيٽا ڪميشن جو جواب سپريم ڪورٽ ۾ ڏيندس، جڏهن ته پرويز مشرف کي ٻاهرين ملڪ اماڻڻ لاءِ دٻاءُ ته پري جي ڳالهه آهي، ڪنهن سفارش به نه ڪئي هئي.

هڪ ٻئي تي الزامن جي سياست اسان جي ملڪ ۾ تمام پراڻي آهي، جڏهن ڪو ڪم نه ڪرڻو هجي ته حڪمران ۽ مخالف پارٽيون هڪ ٻئي تي الزامن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر حڪومت کي ڳچي ۾ پئجي وڃي ته کڻي ڪاميٽي جوڙبي آهي مطلب ته هل ته پڄا وارو ڪم، سرڪار سڳوري کي اپيل آهي ته هڪ ٻئي جا پي ڪڍڻ واري ٽائيم ٽارڻ واري سياست بجاءِ اهي قدم کنيا وڃن جيڪي ملڪ ۽ عوام جي مفادن ۾ هجن.