تازيون خبرون

Daily Archives: December 20, 2016

پورٽوريڪو جي سندري اسٽيفني مس ورلڊ جو ٽائيٽل ماڻي ورتو

واشنگٽن (شوبز نيوز) پوروٽوريڪو جي سندري اسٽيفني مس ورلڊ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. آمريڪا جي شهر ميري لينڊ ۾  ٿيل مس ورلڊ جي مقابلي ۾ سڄي دنيا جي سندرين شرڪت ڪئي. مختلف ملڪن جي 100 سندرين مس ورلڊ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ ريمپ تي واڪ ڪئي، جنهن ۾ پورٽوريڪو جي 19 ورهين جي اسٽيفني سڀني جون دليون کٽي ورتيون ۽ سونهن راڻي جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. مقابلي ۾ ڊومينيڪن ري پبلڪ جي سندري ٻئي ۽ انڊونيشيا جي سندري ٽئين نمبر تي رهي.

 

ڪم سان چاهه جي ڪري مون لاءِ هر فلم اهم هوندي آهي: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار عامر خان چيو آهي ته مون کي پنهنجي ڪم سان چاهه آهي، اهو ئي سبب آهي جو منهنجي هر فلم اهم هوندي آهي. ممبئي ۾ هڪ تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائندي عامر خان جو چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ هر فلم اهميت رکي ٿي. مان ڪيترين ئي فلمن جو حصو رهيو آهيان، اهي فلمون ان لاءِ به هڪ جهڙي اهميت رکن ٿيون، ڇو ته مان جنهن به فلم ۾ ڪم ڪندو آهيان ته مڪمل طور ان سان لاڳاپيل رهندو آهيان ۽ ان جي رليز کان اڳ ٻي ڪا به ڳالهه ناهيان سوچيندو.

 

اسد شفيق جي مزاحمت شاهينن کي شڪست کان نه بچائي سگهي، برسبين ٽيسٽ ميزبانن کٽي ورتي

برسبين (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 39 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. برسبين ٽيسٽ جي آخري ڏينهن قومي ٽيم آسٽريليا طرفان ڏنل 490 رنسن جي هدف پويان ڊڪندي 450 رنسن تي همت هارائي ويٺي. پنجين ڏينهن جي راند شروع ٿي ته پاڪستان کي 108 رنسن جي ضرورت هئي، اسد شفيق 100 ۽ ياسر شاهه 4 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هو. ان موقعي تي ٻنهي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ڪينگروز جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو پر 449 جي مجموعي اسڪور تي ياسر شاهه 33 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ رن آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اسڪور ۾ هڪ رنس جي واڌاري کانپوءِ 137 رنسون ٺاهيندڙ اسد شفيق به آئوٽ ٿي ويو. اهڙي ريت سڄي پاڪستاني ٽيم 450 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ميزبان ٽيم پهرين ميچ 39 رنسن تان کٽي سيريز ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي.

 

اسد شفيق ثابت ڪيو ته هو بهترين رانديگر آهي: اسٽيون سمٿ

برسبين (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اسٽيون سمٿ چيو آهي ته برسبين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي تي خوشي  ٿي آهي. پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 39 رنسن تان ڪاميابي ماڻڻ کان پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيون سمٿ چيو ته ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جهڙي طريقي سان ڪم بيڪ ڪيو، اهو تمام بهترين هيو. اسان تي آخري وقت ۾ دٻاءُ وڌي ويو هو. اسد شفيق ثابت ڪيو ته هو بهترين رانديگر آهي.

 

ڇا چوڌري نثار خان توهين عدالت ناهي ڪئي؟: وينگس

چوڌري نثار خان جي جنهن جنهن پريس ڪانفرنس ٻڌي ۽ ڏٺي، هن جي انداز مان محسوس ٿي رهيو هو ته هن کي پورو جو پورو اختيار حاصل آهي، جيئن چاهي جيئن وڻي ڳالهه ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن ان جي جڳهه تي بلوچ، پختون ۽ سنڌ جو ڪو سياسي اڳواڻ اهڙو لهجو استعمال ڪري ها ته هيل تائين ميڊيا توهين عدالت جي صليب تي چاڙهي ڇڏي ها ۽ شايد عدالت پاڻمرادو نوٽس وٺندي توهين عدالت جو نوٽيس به ڏئي ڇڏي ها. پر ڇا ڪجي چوڌري نثار خان ڳالهائي سگهي ٿو ۽ جي ٻين جائز ڳالهه به ڪئي ته مجرم قرار ڏنا ويندا، گهٽ ۾ گهٽ چوڌري نثار خان پريس ڪانفرنس ۾ جنهن انداز جو لهجو اختيار ڪيو، ان مان هڪ ڀيرو ٻيهر ننڍن صوبن کي ان جي حيثيت ياد ڏياري وئي آهي، خير ان کان ٻه ڏينهن اڳ هڪ تصوير ذريعي وزيراعظم نوازشريف ۽ وزيراعليٰ شهباز شريف خاص صوفي تي ويٺا ته ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ کي هڪ صوفي تي ويهاري پنهنجي بالاتري ڏيکارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي يا وري اهو چوڻ ڏيو ته اميرالمومين جو احساس شريف ڀائر ڏياري رهيا هئا. خير! اهڙي جاري ڪيل تصوير تي خود پنجاب جي ساڃاهه وندن به تنقيد ڪئي آهي ۽ پوري ملڪ جي سلجهيل ذهنن سخت لفظن ۾تصوير تي ڳالهايو آهي.

هڪ پاسي چوڌري نثار خان جي پريس ڪانفرنس ته ٻئي پاسي شريف ڀائرن جي تصوير ٽن صوبن کان پوءِ واضح پيغام ملي رهيو آهي، ملڪ کي ڪهڙن روين ڪري نقصان پهچي پيو؟ ملڪ جو شهري ان قسم جي سوچ نه ٿو رکي پر هڪ طبقو جيڪو پاڻ کي اميرالمومين سمجهي ٿو، ان جو واضح مثال اها تصوير، ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا سمجهجي؟ اسان ڪجهه نه ٿا چئون پر جيڪو ڪجهه رويو اختيار ٿئي پيو، ان کي ڪهڙو ناءُ ڏجي؟ عوام اڄ توهان تي ڇڏي ٿو.

هاڻي واپس اچون ٿا چوڌري نثار خان جي پريس ڪانفرنس تي، جنهن تي چوڌري نثار خان کي ڪاوڙ آئي آهي، ڪوئيٽا رپورٽ جنهن به پڙهي، ان ۾ آخر گهرو وزير چوڌري نثار خان کي ڪهڙي ڳالهه تي چڙ آئي؟ پريس ڪانفرنس ۾ سندس ڪاوڙ رپورٽ يا مخالف ڌر تي هئي، جيڪي مسلسل نعرو هڻي رهيا آهن ته ”گو نثار گو“. جڏهن ته ڪوئيٽا رپورٽ انهن جي نعري کي ڪنهن حدتائين درست قرار ڏئي رهي آهي.

مسلم ليگ (ن) جي وزيرن کي ياد ڪرائيندا هلون ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کان استعفيٰ جي گهر ڪئي وئي هئي، بقول ان وقت مسلم ليگ نواز جي ته وفاقي گهرو وزير عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. هاڻي چوڌري نثار خان جي وفاقي گهرو وزارت جي نڪ هيٺان ڪيترائي دهشتگردي جي ڌماڪا ٿيا آهن، خاص طور تي بلوچستان ۾ مسلسل ڌماڪا ٿيندا رهيا آهن، انهن کي ڪيترو ڪنٽرول ڪيو ويو؟ اسلام آباد ۾ بندش پيل تنظيمن جلسا ڪيا ۽ ٻين بندش پيل تنظيمن ٻين مذهبي فرقن کي ”ڪافر“ قرار ڏنو، نثار خان گهرو وزير ٻڌائي ته ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو؟ اڃان ڇا چئجي ته پريس ڪانفرنس ۾ هن مولانا لڌيانوي کي معزز شخصيت قرار ڏئي ڇڏيو، جيڪڏهن چوڌري نثار خان جي لاءِ مولانا لڌيانوي معزز شخصيت آهي ته پوءِ ملاقات لاءِ اهو ڇو چيو ته ”مون (نثار خان) کي خبر نه هئي ته وفد ۾ مولانا لڌيانوي به هو.“ چوڌري نثار خان عدالت کي ٽارگيٽ بڻائيندي چيو ته ”جج رپورٽ ۾ ذاتي الزام هنيا آهن، سپريم ڪورٽ توهين ڪندڙ ادارو ٿيندو ته آئون به ماٺ نه ويهندس.“

ان قسم جو جملو سنڌي، بلوچ ۽ پختون ڳالهائي ها ته هن وقت تائين توهين عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهي ها. رپورٽ تي ايتري ڪاوڙ ڇو؟ ان ڪري ته سيڪيورٽي جي پت وائکي ٿي آهي، جيڪڏهن رپورٽ نه به هجي ها ته ڇا ڌماڪا شاهدي ڏيندڙ ناهن ته ڌماڪا ڪهڙي سبب ٿيا؟ بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيندا رهيا آهن ۽ بندش پيل تنظيمون آرام سان گهمن ڦِرن پيون، نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ناهي ڪيو ويو، اها وفاقي گهرو وزير جي ناڪامي نه چئبي ته پوءِ ڇا آهي؟

چوڌري نثار خان ڪوئيٽا رپورٽ ۾ ڇا چاهيو پئي ته ”رپورٽ ۾ وفاقي گهرو وزير جي شان ۾ گيت ڳايا وڃن ها، بهترين سيڪيورٽي موجود هئي، صوبي ۾ ڪنهن به قسم جي بندش پيل تنظيم ناهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار خان جي محنت سان صوبي ۾ امن و امان آهي پر الاءِ ڪٿان دهشتگردن اچي حملا ڪيا، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ صوبائي حڪومت جو ڪو به ڏوهه ناهي. ٻئي حڪومتون بهترين ڪم ڪري رهيو آهن.“ چوڌري نثار خان اهڙي ٻولي رپورٽ ۾ چاهي پئي ته لکي وڃي ها! تعجب آهي ته ڪوئيٽا رپورٽ بوگس ڪارڪردگي جي نشاندهي ڪري پئي، ان ۾ ذاتيات ڪٿان اچي وئي؟ ان جو مطلب هاڻي ڪير به مسلم ليگ نواز جي وزيرن کي ڪجهه نه چئي جيڪو چوندو اهو توهين ڪندو. پوءِ مسلم ليگ نواز ملڪ ۾ اعلان ڪري ڇڏي ته اهي سڀئي امير المومينن آهن، انهن جي شان ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو ويندو، جيڪو ڳالهائيندو اهو توهين ڪندو. چوڌري نثار خان کي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته بلوچستان سميت پوري ملڪ ۾ دهشتگرد حملا ڪندا رهيا آهن، مثال وٺو ته احمدين جي عبادت گاهه تي حملو ڪنهن ڪيو؟ بندش پيل تنظيمون ڪنهن جي اجازت سان جلسا ڪري رهيو آهن؟ جيڪڏهن چوڌري نثار خان کي ان جي خبر ناهي ته پوءِ وزارت تي رهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ جڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي عمل به نٿا ڪرائي سگهو؟

اسان کي محسوس ائين پيو ٿئي ته وفاقي گهرو وزير نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ بجاءِ نيشنل پريس ڪانفرنس پلان تي ڀرپور عمل ڪندو آهي، جڏهن به ڪو ڌماڪو ٿئي، ان تي ٻه سيٽون ڳالهائي پوءِ پوري نيشنل پريس ڪانفرنس پلان کي مخالف پارٽين جي خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي. چوڌري نثار خان سپريم ڪورٽ کي توهين ڪندڙ ادارو چيو آهي، عوام جي ذهنن تي سڀ ڪجهه ياد آهي، جڏهن گذريل حڪومت دوران ڪو جائز اکر به ڳالهائيندو هو ته توهين عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهندو هو. هاڻي پورو ملڪ سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي پيو ته اهي جج چوڌري نثار خان جي ان ڪيل پريس ڪانفرنس تي ڪهڙو رويو رکن ٿا؟ هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ٿيندو ته ننڍن صوبن ۽ وڏي صوبي جي وزيرن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پر ان معاملي ۾ سياسي پارٽيون جيڪي گو نثارگو جا نعرا هڻن پيون، انهن کي چوڌري نثار خان جي پريس ڪانفرنس توهين عدالت جي زمري ۾ نه ٿي اچي، اهي پارٽيون ڇو نه ٿيون ڳالهائين؟

حالتون ٻڌائين پيون ته چوڌري نثار خان کي مسلم ليگ (ن) وڌيڪ وزارت ۾ نه کڻي، ان ڪري ئي اهڙو انداز بيان سپريم ڪورٽ خلاف رکيو ويو ته جيئن سڀاڻي عذربڻائي چوڌري نثار خان کي گهر موڪلجي يا وري هڪ پريشر وجهي ادارن کي دٻايو پيو وڃي ته اهي تنقيد نه ڪن ۽ نه ئي سچائي سان ڪجهه ٻڌائين جيئن ڪوئيٽا رپورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. اهڙي رپورٽ اچڻ کان پوءِ اخلاقي طور تي وفاقي ۽ صوبائي ٻنهي گهرو وزيرن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي پر چوڌري نثار خان پنهنجي بوگس ڪارڪردگي جو ڀرپور دفاع ڪندو. ڪڏهن ڪنهن عوام جي لاءِ تحفظ ڪيو آهي جو عوام چوڌري نثار خان مان اُميد رکي ته هو انهن جو تحفظ ڪندو، جنهن کي بندش پيل تنظيمن جون سرگرميون نظر نه ٿيون اچن اهو ملڪ جو تحفظ ڪندو؟ پر چوڌري نثار خان جي پريس ڪانفرنس سپريم ڪورٽ جي توهين ڪئي آهي، ڏسون ته سپريم ڪورٽ ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿي؟ ڇا توهين عدالت جو نوٽيس به ايندو؟ هڪ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضاگيلاني کي خط نه لکڻ تي گهر واپس موڪليو ويو، پر هتي سپريم ڪورٽ کي ڳالهايو ويو آهي، اتي ڇا ٿو رويو اختيار ٿئي، عوام ڏسي رهيو آهي ته وڏي صوبي جي وزير جي لاءِ ڪهڙو اسٽينڊ آهي؟

******

 

ٺل مان اغواءَ ٿيل اسلم سومرو بازياب ٿي ويو …..!!: رپورٽ: خليل ڀٽي ٺل

هونئن ته سنڌ سموري ڪڏهن دهشتگردن جي هٿان رتو رت ٿيندي رهي آهي ته ڪڏهن ڌاڙيلن هٿان يرغمال ٿيندي رهي آهي ڪڏهن سنڌ جي ماروئڙن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن سنڌي ماڻهن کي ڪمزور ڪري حق ڦريا ٿا وڃن، سو سنڌ ڌرتي هميشه سورن ۾ رهي آهي هتي جيڪو آيو اهو ڪانبو خان بڻجي ويو باقي سنڌ جا وارث اڃ به بکي پيٽ سمهندا آهن، سندن ٻچا اسڪول وڃن بدران ياته ٻنين تي ڪم ڪندا آهن يا وڏيرن جا نوڪر ٿي گذاريندا آهن، پر سنڌي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ويندو آهي مطلب ته سنڌ ڌرتي کي سنڌي ماڻهن لاءِ جهنم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. سو اهڙي قسم جي صورتحال گذريل ٻه مهينا اڳ ۾ ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل مان هڪ نينگر اسلم سومرو کي ڌايلن عمرو چولياڻي گينگ پاران اغواءَ ڪيو ويو هو جنهن تي اسلم سومري جا والدين پوليس ۽ وڏيرن جي درن تي گھڻا ڌڪا ٿاٻا کائيندا رهيا پر سندن ڪجھ به پلهءَ نه پين، سو اسلم سومري جي والد صاحب ضلعي جيڪب آباد جي ايس ايس پي جناب ساجد کوکر سان رابطو ڪيو جنهن تي ايس ايس پي صاحب اسلم جي والدين کي آٿٿ ڏني ته مان جلد ئي اسلم سومري کي بازياب ڪرائي اوهان جي حوالي ڪندس.

جيڪب آباد پوليس جنهن جي ڪمانڊ ايس ايس پي ساجد حسين کوکر صاحب ڪندو آهي تنهن پنهنجي ايمانداري سان نه فقط پوري ضلعي جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرايو آهي پر ڪيترن ئي اغواءَ ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي سندن گھرن ۾ خوشيون ڏنيون آهن سو گذريل ڏينهن ٺل شهر مان اغواٿيل محمد اسلم سومرو جنهن جي عمر اٽڪل 15 يا 16 سال ٿيندي ان کي عمرو چولياڻي گينگ جي ماڻهن اغوا ڪري سندن وارثن کان 10 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو هو پر اسلم سومري جا والدين غريب هجڻ ڪري پئسا نه ڏيئي سگھيا ۽ خاموش ٿي گھر ۾ قرآن پاڪ جو ورد ڪرڻ لڳا پر ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر ڌاڙيلن جي اهڙي ڪڌي حرڪت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ محمد اسلم سومري جي بازيابي کي چيلينج سمجھي ڌاڙيلن جي پٺيان پئجي ويو.

ايس ايس پي ساجد حسين کوکر ڏينهن رات هڪ ڪري اسلم سومري جي بازيابي لاءِ تر جي وڏيرن ۽ چڱن مڙسن سان رابطو ڪيو پر سندس ڪنهن به قسم جو مطمئن ڪندڙ جواب نه مليو پر پوءِ به ايس ايس پي صاحب آرام سان ويهي نه رهيو ۽ ڌاڙيلن جي ڳولا جاري رکيائين هڪ ڏينهن اچانڪ هڪ خفيه اطلاع مليو ته ڌاڙيلن جي گينگ اسلم سومرو کي هڪ جڳه کان ٻئي جڳه منتقل ڪري رهيا هئا سو پوليس کي اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي صاحب پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري ٺل ۽ جيڪب آباد جي وچ واري علاقي انڙ ڦاٽڪ ويجھو ڌاڙيلن جي ٽولي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن تي ڌاڙيلن به جوابي ڪاروائي ڪندي پوليس سان مقابلو ڪيو پر ايس ايس پي ساجد کوکر پنهنجون ذهني صلاحيتن کي استعمال ڪندي ڌاڙيلن مٿان حاوي ٿي ويو ۽ ڌاڙيلن هٿ مٿي ڪيا جنهن تي ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر مغوي اسلم سومرو کي بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته ڌاڙيلن مان ارصلاح ولد محمد ابراهيم گھنڃو، ڪفايت الله ولد امان الله گھنڃو ۽ عبدالحليم ولد حبيب الله ڊول کي هٿيارن سميت جنهن ۾ هڪ عدد ڪلاشنڪوف، هڪ عدد بندوق ۽ هڪ عدد پسٽل ۽ کوڙ سارين سميت پڪڙِي ورتو.

ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر جي اسلم سومرو جي بازيابي واري خبر پوري ضلعي ۾ باه جيان پکڙجي ويئي جنهن تي اسلم سومري جا والدين ۽ سندس مٽ مائٽ گلن جا هار کڻي اچي ايس ايس پي صاحب کي پارايائون.

اسلم سومري جي بازيابي کان پوءِ پوري ضلعي جيڪب آٻاد ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي آهي ۽ ايس ايس پي صاحب کي دعائون ڪري رهيا آهن سو اسلم سومري جي بازيابي کان پوءِ اها به اميد وڌي ويئي آهي ته ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر اڄ کان تقريبن ڏه سال اڳ ۾ ڳڙهي حسن سرڪي تعلقه ٺل مان اغواءَ ٿيل فضيله سرڪي کي به جلد کان جلد ڪرائيندو ڇاڪاڻ ته اڄ کان پندرنهن ڏينهن اڳ ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ٺل جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي ٺل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ فضيله سرڪي جي والدين کي اهو چئي احتجاج ختم ڪرايو هو ته جيڪب آباد پوليس کي فقط ٻن مهينن جي مهلت ڏني وڃي ۽ ٻن مهينن اندر فضيله سرڪي کي بازياب ڪرايو ويندو سو تر جي ايم پي اي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد پاران ڪيل اهڙي واعدي کان پوءِ فضيله سرڪي جي والدين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو آهي سو فضيله سرڪي جي والدين جو چوڻ آهي ته اسان کي يقن آهي ته ايس ايس پي ساجد حسين کوکر هڪ بهادر ايس ايس پي آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته فضيله سرڪي کي به جلد کان جلد بازياب ڪرائي ڏيندو.

 

 

 

آصف علي زرداري جي واپسي جو اعلان..!!!

پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 23 ڊسمبر تي ڪراچي پهچندو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد جي ڏيهه واپسي جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي ڀرپور استقبال لاءِ تيارين جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. بلاول هائوس تي پارٽي اڳواڻن جي اجلاس بعد پ پ ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته آصف زرداري اسان سان گڏ هوندو ته حڪومت کان 4 مطالبا جلد مڃرائي وٺنداسين، ڊاڪٽرن آصف علي زرداري کي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، هو 23 ڊسمبر تي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندو، پيپلزپارٽي ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ آصف علي زرداري جي آجيان جون تياريون ڪندي. آصف زرداري جي استقبال لاءِ رڳو 3 ڏينهن جو وقت مليو آهي پر ان مختصر وقت ۾ به زبردست تياري ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته  اهي ٽن ڏينهن جي نوٽيس تي آصف زرداري جي آجيان جي تياريون ڪن. اسين ملڪ ۾ جمهوري احتساب چاهيون ٿا، جيتسائين پاناما بل تي عملدرآمد نه ٿيندو تيستائين جمهوري احتساب مڪمل نه ٿيندو. پيپلز پارٽي عدليا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، اسان رڳو اهو چاهيون ٿا ته اسان جا ادارا قانون جي پاسداري ڪن ۽ غير جانبداراڻي طريقي سان ڪم ڪن .

پاناما ليڪس ۾ ملڪ جي وزير اعظم جو نالو آيو آهي، اسان پاناما اسڪينڊل جي شفاف جاچ چاهيون ٿا. وزير اعظم خلاف حقيقي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، اسان ئي پاڪستان ۾ اصل مخالف ڌر آهيون. پاناما ليڪس تي اسان جي ٺهراءُ تي عملدرآمد کان بنا ملڪ ۾ جمهوريت نٿي اچي سگھي. پاناما ليڪس ۾ منهنجي ماءُ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو نالو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اهو آءِ سي آءِ جي جي ويب سائيٽ تي وڃي پنهنجي تسلي ڪري وٺي. منهنجي خاندان جي ڪنهن به ڀاتي جو نالو پاناما ليڪس ۾ ناهي، پر ملڪ جي وزير اعظم جو نالو ان ۾ آيو آهي. جيڪڏهن منهنجو نالو به شامل هجي ته مونکان به جاچ ڪئي وڃي. ڊاڪٽر عاصم جي حوالي سان بلاول ڀُٽي زرداري چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، پيپلز پارٽي ڪراچي جو صدر عاصم هن وقت وزير اعظم ۽ گهرو وزير جو سياسي قيدي آهي ۽ اهي اسان کي انڪري نشانو بڻائي رهيا آهن ته جيئن اپوزيشن جو ڪردار درست طريقي سان ادا نه ڪري سگهون، اسان جا شهزادي جا ڊراما نٿا پڙهون، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا، آصف زرداري صحت بهتر هجڻ تي واپس اچي رهيو آهي، ان کانسواءِ ڪو مسئلو ناهي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي وطن واپسي تي ڪراچي ايئرپورڙٽ تي شاندار استقبال جي تيارين ۽ انتظامن جي سلسلي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جي سربراهي ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جي ميمبرن ۾ سينيٽر سعيد غني، وقار مهدي، عاجز ڌامراهه، شهلا رضا، راشد رباني ۽ نجمي عالم شامل آهن.

ياد رهي ته پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اٽڪل ڏيڍ سال کان پرڏيهه ۾ رهي ٿو، مليل ڄاڻ موجب آصف زرداري 17 جون 2015ع تي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ تقرير دوران ظاهري طور اسٽبلشمينٽ کي للڪاريندي چيو هو ته ”همين پريشان نه ڪيا جائي، ورنه اينٽ سي اينٽ بجادي جائيگي“. ان بيان کانپوءِ هو هڪ هفتي اندر ملڪ ڇڏي پرڏيهه هليو ويو هو، اڳوڻو صدر 25 جون 2015ع کان دبئي ۾ رهي ٿو.