تازيون خبرون

Daily Archives: December 10, 2016

مملڪت اي مملڪت افراتفري ۽ انارڪي- ڪير روڪيندو؟: محمود شام

هوا جو دٻاءُ گهٽ ٿي وڃي يا وڌي وڃي ته طوفان جنم وٺندو آهي.

اسان مان ڪير ڪير طوفان جي مقابلي لاءِ، طوفان جي نتيجي ۾ ايندڙ تباهيءَ کي روڪڻ جي تربيت رکي ٿو. اسان جي بندوبست جو ته اهو حال آهي ته هڪ هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي تباهڪاريءَ کي محدود نٿا ڪري سگهون. ذميدار بحران جي وقت پنهنجي ڊيوٽي ڇڏي هليا وڃن ٿا. اڃا وڌيڪ ذميداري هُجي ته مُلڪ ڇڏي وڃن ٿا. ٽريفڪ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وڃي ته ٽريفڪ سارجنٽ صورتحال سنڀالڻ جي لاءِ متحرڪ ٿيڻ بجاءِ پري پاسي ٿي وڃي بيهندو آهي.

پاڪستان ۾ بحرانن جو مشاهدو ڪرڻ وارا، ڪراچي جي تيزيءَ سان تقسيم در تقسيم ٿيندڙ سياسي صورتحال کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ وارا، سنڌ جي ٻين علائقن جي مسئلن ۾ اڪثريت کي تڙپندو ڏسڻ وارا، پنجاب ۾ هڪ پارٽي ۽ هڪ خاندان جي بادشاهت جو نظارو ڪرڻ وارا، ڪي پي ڪي ۾ حڪمرانيءَ جي خلا محسوس ڪرڻ وارا، بلوچستان ۾ سياسي ناتجربيڪاري، غير سياسي قوتن جي بالادستي، ڀارت ۽ افغانستان جي سازشن جي دائري کي وڌندو ڏسڻ وارا، گلگت ۽ بلتستان ۾ انتظامي نااهلي کان مجروح ٿيڻ وارا، آزاد ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻين وارداتن ۽ اُن جي سامهون آزاد ڪشمير حڪومت جي بيحسي جو تجربو ڪرڻ وارا، جيڪو ڪجهه سوچي رهيا آهن، اُن جو اظهار ميڊيا تي نٿو ٿي سگهي، پر اهو اُنهن مجبور، مظلوم ۽ محڪومن جي اکين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٽي وي چينلن جون ڪيمرائون ته ڪنهن ٻئي سلسلي ۾، منهنجي هم وطنن کي مُلڪ جي مختلف حصن مان ڏيکاري رهيون هونديون آهن. اُنهن جي چهرن تي اُداسي وکريل هوندي آهي. اکيون ڏرا ڏئي ويل، پيشانين تي گهنج نظر ايندا آهن. مون جهڙا درد رکڻ وارا به يقينن اُهي تاثرات ڏسندا هوندا. ڪڏهن توهان اڪثريت جا ڏُک ٻُڌڻ ويهو ته جتي هڪ گهري ڪرڀ کي مُنهن ڏيڻو پوندو آهي، اُتي پنهنجي اُنهن هم وطنن جي همت تي رشڪ به ٿيندو آهي ته ڪيڏين مشڪل حالتن ۾ هي زندگيءَ جو گاڏو گهلي رهيا آهن. پري پري تائين اُميد جو ڪو ڪرڻو نظر ناهي ايندو.

شهر هُجن يا واهڻ وسنديون، زندگي جي آسانيءَ جي لاءِ سڀ کان پهريان ته سُٺي ٽرانسپورٽ لازمي آهي. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، سيالڪوٽ، سکر، گوجرانواله، پشاور، ڪوئٽه ڪٿي به ڏسي وٺو، اڪثريت جي لاءِ سفر ڪيڏو مشڪل آهي. ڪنهن به شهر ۾ 70 سالن دوران اسان زير زمين ريلوي ناهيون ڏئي سگهيا، جيڪا پوري دنيا ۾ عام آهي. اسان جي پاڙيسري ڀارت ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ اها سهولت دستياب آهي. دلي جي زير زمين ٽرين ۾ ته مون به سفر ڪيو آهي. لنڊن، پيرس، نيويارڪ، استنبول، ٽورنٽو، سڀني هنڌن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ترجيح ڏني ويندي آهي، غريبن جي اڪثريت سڄي مُلڪ ۾ گهر کان آفيس يا ڪارخاني وڃڻ ۾ خوار ٿيندي آهي. پبلڪ بسون گهٽ ٿي رهيون آهن، جن ۾ هزارين مسافر ويهي سگهندا آهن. پرائيويٽ ڪارون هر سال لکن جي تعداد ۾ وڌي رهيون آهن، جن ۾ سراسري هڪ ئي ماڻهو ويهندو آهي. هاڻي رستن تان گهڻي ڀاڱي  اُنهن جو ئي گذر رهندو آهي. ڇا ڪنهن غور ڪيو آهي ته اُهي سڀ ماڻهو جيڪي مُلڪ هلائڻ جي لاءِ ضروري آهن، مزدور، پلمبر، ٽيچر، اليڪٽريشن، ڪلرڪ، اُهي روزانو ڪهڙين مشڪلن مان گذرندا آهن. اُنهن جي ذهنن ۾ ڪهڙو لاوو پچي رهيو آهي. هو انٽرنيٽ تي ڏسن ٿا ته اُنهن جا ٻاهرين مُلڪ ۾ رشتيدار، پُٽ، نُهرون، پبلڪ بسن، اليڪٽرڪ بسن، زيرِ زمين ريلوي جا قصا ٻُڌائيندا آهن ته زندگي ڪيتري آسان ٿي وئي آهي. هو ڪيترو جلدي ۽ آرام سان پنهنجي آفيس يا ڪارخاني پهچندا آهن. اها اڪثريت جتي پنهنجي بيوسي تي ماتم ڪندي آهي، اُتي اُها پنهنجي بااثر ۽ وسيلن تي قابض ڪجهه خاندانن جي لاءِ بددُعائون به ڪندا آهن ۽ ڪجهه نه ڪجهه سوچيندا به آهن ته اُنهن کان نجات ڪيئن ملندي. اها ناانصافي ڪيئن ختم ٿيندي؟

ميڊيا جڏهن اهو ٻڌائيندي آهي ته هيترا لک درهم پيءَ پنهنجي پُٽ کي ڏنا، هڪ مل جدي ۾ لڳائي، هڪ مل دُبئي ۾، لنڊن ۾ فليٽ ورتا ته اڪثريت جي پُٽن تي ڇا گُذرندي هوندي؟ والدين ڪيتري مايوسيءَ ۾ ٻُڏندا هوندا. اُهي رات ڏينهن آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ ڪيتريون ئي نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ به ٻن وقتن جي ماني سُٺي ڍنگ سان نٿا کائي سگهن. ٻارن کي تعليم نٿا ڏياري سگهن، ڪير بيمار ٿي وڃي ته علاج نٿا ڪرائي سگهن.

ڇا ڪو سوچيندو آهي ته حڪمرانيءَ جو مطلب ته اهو هوندو آهي ته محڪومن جا ڏينهن بدلجن، اُنهن کي سهولتون ڏنيون وڃن، اُنهن کي مفت تعليم ملي، مفت علاج ٿئي، اهي آسانيون جيڪڏهن اُنهن کي ملي رهيون هُجن ته اُهي شايد ٻاهرين مُلڪ ويندڙ ڪروڙين ڊالرن تي غمزده نه ٿين. پر جڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون نه ملن، هڪ هڪ بستري تي ڪيترائي مريض پيا هُجن، اهڙي وقت ۾ ڪو وزيراعظم ۽ صوبائي وزيراعليٰ، وزير، چيف سيڪريٽري، معمولي بيماريءَ جي لاءِ سرڪاري خرچ تي امريڪا، برطانيا وڃي ته علاج لاءِ ترسندڙ بيمارن جي دلين مان ڪهڙا لفظ نڪرندا هوندا!

’ولايت پلٽ‘ صاحبزادي اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته هو 2018 ۾ وزيراعظم ٿيندو، هُن جو والد صدرِ مملڪت، چئني صوبن ۾ هُن جا وڏا وزير. اهڙا خواب ته ڏسي سگهجن ٿا، پر برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري کان اها توقع ڪئي ويندي آهي ته هو ايڪيهين صديءَ جون سهولتون اڪثريت جي لاءِ فراهم ڪرڻ جو فارمولو ٻُڌائيندو، هو اهو عزم ظاهر ڪري ته 2018ع ۾ هر پاڪستاني جي في ڪس آمدني هيتري ٿي ويندي، تيل ۽ گيس ۾ اسان خودڪفيل ٿي وينداسين. ريڪوڊڪ کان سون ۽ ٽامو ڪڍي سڄو قرض لاٿو ويندو. ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي ٻيهر شروع ڪئي ويندي. لاهور ۾ زير زمين ريلوي شروع ڪنداسين. بلوچستان ۾ هاڻي ڪو عبدالرحمان لاپتا نه ٿيندو. پشتونن جي زندگي آسان بڻائينداسين. افغانستان ۽ ڀارت جي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. پوليس جي پگهار ۽ تربيت ۾ اضافو ڪري انهن کي فرض شناس بڻائينداسين. ميٽرڪ تائين تعليم لازمي ۽ مفت هوندي. سڄي مُلڪ ۾ هڪ ئي تعليمي نظام هوندو. ميٽرڪ کان پوءِ ووڪيشنل ٽريننگ جو انتظام ڪنداسين. اسان جا خاندان جيترا ڊالر ٻاهر کڻي ويا آهن، اُهي واپس آڻينداسين. لنڊن، آمريڪا، دبئي ۾ پنهنجون سڀ جائيدادون وڪڻي پيسا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائينداسين. ميان محمد نواز شريف ۽ اُن جي خاندان، جيترا ڊالر ٻاهر موڪليا آهن، اُهي واپس آڻينداسين.

ائين لڳي ٿو ته پاڪستان صرف زرداري- نواز شريف- عمران خان جي لاءِ ٺهيو آهي، باقي 20 ڪروڙ صرف اُنهن جا غلام آهن. اُهي پاڻ ۾ بندر بانٽ ڪندا رهندا. نه، ائين نه ٿيندو. ماڻهن جي ذهنن ۾ هوا جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، عدالتن ۾ به تيز طوفانن جا امڪان آهن. سوچڻ اِهو گهرجي ته انهن رجحانن سان جيڪا افراتفري ۽ انارڪي پيدا ٿيندي، اُن کي ڪير سنڀاليندو. قومي سياسي پارٽيون ڇا اُن طوفان جي مقابلي جي لاءِ تياري ڪري رهيون آهن.

اوهان جو ڇا خيال آهي؟ ايس ايم ايس ڪجو، 7806800-0331

 

 

ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جو تصور.!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ڪالهه پوري دنيا ۾ ڪرپشن جو ڏينهن ملهايو ويو،جنهن ڪري ڪجهه وقت پهرين جيڪا ٽرانسپيرني رپورٽ ڏني ته پاڪستان ۾ ڪرپشن اڳين سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال گهٽ ٿي آهي.!جنهن جو اعتراف ٽرانسپيرني انٽرنِيشل پنهنجي هڪ تازي جاري ڪيل رپوٽ پيش ڪئي جڏهن ته ٽرانسپيرني رپورٽ ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڪيترن ئي سياسي پارٽين کي ڪرپشن جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ خاصو پريشان حال رکيو آهي.جنهن مان هن وقت پاڪستان جي پيپلز پارٽي انهن پارٽين مان سرفهرست آهي.جڏهن ته پاڪستان اندر هن سال ڪا اهڙي رپورٽ آئي آهي.جنهن اندر اهو بيان ڪيو ويو آهي ته پاڪستان اندر ڪرپشن گهٽ ٿي آهي.جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ جا ورق اٿلائجن ته خبر پوندي ته پاڪستان اندر هر سال ڪيتري ڪرپشن ٿيندي هئي.جڏهن ته هي سال هڪ نئون سال آهي.جنهن اندر عالمي اداري اهڙي رپورٽ پيش ڪئي آهي .جنهن اندر اهو واَضع ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هن سال ڪرپشن ناهي ٿي.جيڪا خوشي ته ڳالهه آهي.ته شڪر ٿيو ته پاڪستان ۾ به ڪو اهڙو سال ته آيو.جنهن سال اندر غريبن جي حقن تي ڪنهن ڌاڙو نه هنيو.جڏهن ته انهي رپورٽ موجب ته پاڪستان اندر ڪرپشن ناهي ٿي.اهو سهرو ڪنهن جي سر تي ٻڌجي.پاڪستان وزيراعظم ميان نواز شريف يا نيب جي..نيب جنهن هن سال اندر پاڪستان ۾ ڪرپشن جي ڪيسن اندر تمام گهڻيون گرفتاريون ڪيون،برحال رپورٽ آئي آهي.پر مان سمجان ٿو ته پاڪستان ۾ اڃان اهڙو ڪو ماحول ڏسڻ ۾ نه پيو جنهن سان انهي ڳالهه تي يقين ڪيو وڃي ته واقعي پاڪستان مان ڪرپشن جو خاتمو ٿي چڪو آهي.ڇو ته سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.ته اگر ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿي وئي آهي.۽ ڪرپشن ڪندڙ کي گرفتار ڪري انهن جي پيٽن مان ڪرپشن جو پيئسو اوڳاڙي ڪري ملڪ جي خزاني ۾ جمع ڪيو ويو آهي.ته پوءِ انهي پئسي مان عوام کي ڇو رليف نه ملي رهيو آهي.ٿر ۾ معصوم هزارين بي گناهه ٻار موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن.جنهن جي هڪ رپئي واري گوري ۽ صاف پاڻي به نه ٿو ملي.بيروگاري ملڪ جي نوجوانن کي خدڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.اهڙو ڪو شهر ناهي جنهن جو ڪو روڊ ٺهيل هجي،ڪا اسپتال اهڙي ناهي جيڪا مريضن کي لاڀ ڏئي سگهي،اسڪولي عمارتون معصوم ٻارن لاءِ موت جو سامان بڻيون ٻيٺون آهن.عوام پنهنجي حقن لاءِ در در ڌرڻا جلوس ڪڍي رهي آهي.جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ته ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿي يا نه ٿي ان سان عوام جي ڪهڙو فائدو…عوام جي ته تڏهن فائدو ٿيندو جنهن مانگر مڇن جي وات مان ڪڍيل  پئسو عوام تي خرچ ٿي. عوام کي انهي پسئي مان رليف ملي پوءِ اسان به چئو ته ها اوقعي ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿي وئي آهي.جڏهن ته پاڪستان اندر ڪرپشن جو هڪ جائزو وٺجي ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۽ بلوچستان اندر ايتري ڪرپشن ناهي جيتري سنڌ ۾.انهي جو ڪارڻ اهو آهي ته اتي جي عوام سجاڳ آهي.جڏهن ته سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي پنهنجا حق وٺڻ نه پيا اچن.۽ جيڪڏهن ڪو پنهنجي حقن لاءِ آواز به اٿاري ٿو ته کيس خاموش ڪيو ٿو وڃي.جڏهن  ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي  ۾ ته اهڙي صورتحال آهي.جو هڪ پاسي عمران خان ۽ ٻئي پاسي شهباز شريف  ٻئي سياستدان گڊ گورنس جو مقابلو هلي رهيو آهي.جڏهن ته انهي مقابلي ۾ نتيجو اهو پيو نڪري ته پنجاب اندر ترقياقي ڪمن جا ڄار وڇايا پيا وڃن ۽ اتي جو نوجوانن توڙي شاگردن ۽ هارين لاءِ مختلف پيڪجن جو علان ڪيو وڃي پيو.جڏهن ته ڪي پي ڪي اندر به عمران خان تمام گهڻو ڪم ڪرائي رهيو آهي.پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته انهي ڀيٽ ۾ اسان سنڌين وٽ ڪاريگهر وارا ڪک آهن،جڏهن ته اسان وٽ گڊگورنس جو تصور ڪرڻ به اجايو آهي.سنڌ جي گورنر جي ڳالهه ڪجي ته سنڌ صوبي جو گورنر ته پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان پهرين اسپتال ڀيڙو ٿي چڪو آهي،جڏهن ته بلوچستان صوبي ۾ به ڪجهه  اهڙي صورحال ئي نظر اچي رهي آهي.جڏهن ته سنڌ حڪومت سنڌ کي حڪومت جي پنهنجي روائتي طور هلائي رهي آهي.جڏهن ته اها الڳ ڳالهه آهي ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي دور حڪومت اندر سنڌ ۽ سنڌ واسين کي تمام گهڻو نوازيو هو ۽  هن وقت سنڌ حڪومت جي سوچ ۽ روايت ۾ تمام گهڻو فرق پئجي ويو آهي.سنڌ حڪومت اها ساڳئي ناهي رهي جنهن جي دل ۾ عوام جو درد هو.جڏهن ته رهي ڳالهه ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جي.. ته اهو ملڪ مان ختم ٿي نه سگهيو آهي. اڄ  به هڪ وڏي اعليٰ سحت جي ڪاموري کان ويندي ٿاڻي جو هڪ سپاهي به ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورو آهي.۽ اهو به چوڻ ۾ ڪجهه غلظ نه ٿيندو ته هر شعبي اندر ڪرپشن جو خاصو ڄار پکڙجي چڪو آهي.۽ اهو ممڪن آهي ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ٿي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي.جڏهن ملڪ اندر هر ڪم مريٽ تي ٿئي،حقدارن کي حق ملي،مظّلومن سان انصاف ٿي،دولت جي تقسيم ٿي ۽ غريب جي چلهه جو ٽانڊو ٻري. ٽرانسپيرنسي رپورٽ حڪومتن لاءِ ڀلي فائيدمند هجي.پر اها رپورٽ غريب عوام لاءِ نقصان ڪار آهي، جنهن وقت عام ماڻهو جي روز مره جي زندگي سان لاڳايل شين مان ڪرپشن جو خاتمو نه ٿو ٿئي ان وقت تائين ملڪ مان ڪرپشن ۽ ڪرپشن جي گهٽتائي جون ڪيتريون رپروٽون ڇو ته اچن عوام انهي رپورٽن کي ڪڏهن به حقيقت ته ٻڌل نه سمجهندي،

 

سنڌ پوليس هٿان ڪوڙن مقابلن ۾ ڪيترا اڃا وقار قتل ٿيندا…!

لاڙڪاڻي جي هڪ انجنيئر وقار ڀٽو جنهن کي پوليس ڪار ڦرڻ جي الزم هيٺ ٻه مهينا اڳ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو هو، تنهن جي قتل خلاف سکر جي سيشن جج پاران ايس ايس پي سکر  سميت 9 اهلڪارن سميت 14 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. انهن اهلڪارن  جن ۾ آباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او به شامل آهي سندن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ملڻ کان پوءِ انهن جوابدارن خلاف آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ٿاڻي تي مقرر اهلڪار اتان  فرار ٿي ويا آهن جيتوڻيڪ اڳ پوليس اها دعويٰ ڪندي رهي هئي ته اسان وقار ڀٽو کي هڪ ڪار ڦرڻ دوران مقابلو ڪري ماريو آهي پر واقعي جي جاچ ٿيڻ کان پوءِ اها ڳالهه نيٺ ثابت ٿي  وئي آهي ته اهو ڪوڙو مقابلو هو ۽ انجنيئر وقار ڀٽو  کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو. اسان هنن ئي ڪالمن ۾ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ واري هٿ ٺوڪئي انڌي قانون جي سخت لفظن ۾ مذمت ان حوالي سان ڪندا رهيا آهيون ته پوليس کي  اهڙو ڪوبه اختيار حاصل ناهي جو اها پاڻ ئي فريادي به ٿئي ۽ پاڻ ئي جج بڻجي سيشن جج وارا اختيار استعمال ڪندي ڪنهن جوابدار جي موت جا پروانا جاري ڪندي رهي. اهڙي ريت اسان اهو به خدشو ڏيکاريندا رهيا آهيون ته پوليس کي ايترو ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ سان ائين به ٿي سگهي ٿو ته پوليس ڪوڙي مقابلي يا هاف فراءِ يا فل فراءِ جي چڪر ۾ ڪنهن بي گناهه کي به موت جي ننڊ سمهاري سگهي ٿي ۽ نيٺ اهو ئي ٿيو آهي پوليس هڪ بي گناهه شخص کي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري قتل ڪري ڇڏيو. جيئن ته هاڻ ايس ايس پي سميت 9 اهلڪارن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي. پر افسوس اهو آهي ته ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به اهلڪار پاڻ کي رضاڪارانه طور تي قانون حوالي  نه ڪيو آهي ۽ سڀئي جوابدار اتان فرار ٿي ويا آهن. اهڙي ريت ٿاڻي تي  موجود ٻين اهلڪارن به پٽي ڀائين جو ساٿ ڏيئي انهن کي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو يعني اهي سهولتڪار بڻيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته پوليس جي اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ هاڻ انهن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ هر حالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ته جيئن قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري سگهي. اسان هتي هڪ ڳالهه ضرور سامهون رکڻ چاهينداسين ته ماضي ۾ ڪيترائي ڪوڙا مقابلا ۽ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ واريون قهري ڪارروايون پوليس کي ڦٻنديون رهيون آهن. پر انهن مان ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته عدالت جي حڪم تي پوليس اهلڪارن کي جوابدار قرار ڏيندي انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويندو رهيو آهي. پر ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اهلڪار کي سزا ملي نه سگهي آهي.  ان ڪري وقار ڀٽو جي قتل جي ايف آءِ آر ته داخل ٿي وئي آهي پر جيڪڏهن اهو ڪيس به ٻين ڪيسن وانگر لوڙهيو ويو ته پوءِ اها هڪ وڏي بدقسمتي هوندي ان ڪري اسان جو مطالبو آهي ته هن ڪيس ۾ ڪنهن به جوابدار سان ڪابه رعايت نه ٿيڻ گهرجي ۽ قانون جي لتاڙ ڪندڙ انهن اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ضرور ملڻ گهرجي ته جيئن بيگناهن جي خون سان پوليس پارنا هٿ رڱڻ وارو سلسلوبند ٿي سگهي.