تازيون خبرون

Daily Archives: December 7, 2016

بالي ووڊ ۾ رنبير ۽ انوشڪا مقبوليت ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي مقبول ترين اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي (ٽي اسڪور) بالي ووڊ جي چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور ۽ اداڪاره انوشڪا شرما مقبوليت ۾ نمبر ون قرار ڏنا ويو ڀارت جي مقبول ترين  اخبار ٽائيمز آف انڊيا اداڪان جي عوام ۾ مقبوليت  کي ڄاڻڻ لاءِ ٽي اسڪور نالي سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن ۾ اليڪترانڪ پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي شهرن جي ذريعي لسٽ ترتيب ڏني ويندي آهي ڀارتي اخبار آڪٽوبر ۾ مقبوليت حاصل ڪندڙ اداڪارن جي لسٽ جاري ڪئي جنهن موجب بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ ادڪاره انوشڪا شرما نمبر ون پوزيشن تي آهن اداڪارنجي لسٽ ۾ رنبير ڪپور 37 پوائنٽن سان گڏ پهرين اجي ديوگن 35 پوائنٽن سان ٻئي ۽ شاهه رخ خان 33.5 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهن.

 

ميڊونا طرفان پنهنجي اڳوڻي مڙس اداڪار شون پن کي ٻيهر شاديءَ جي آڇ

لاس اينجلس(شوبز نيوز) گلوڪاره ۽ اداڪاره ميڊونا پنهنجي اڳوڻي مڙس اداڪار شون پن کي ٻيهر شاديءَ جي آڇ ڪري ڇڏي. گلوڪاره ميڊونا پنهنجي اڳوڻي مڙس کي ٻيهر شاديءَ جي آڇ هڪ نيلامي دوران ڪئي آهي جنهن ۾ اداڪار ليونارڊو ڊي ڪپريو پڻ موجود هو. ذريعن موجب ميڊونا پنهني خيراتي اداري جي مدد لاءِ 1985ع ۾ شون پن سان شاديءَ جون اهڙيون تصويرون نيلام ڪيون آهن جيڪي ان کان اڳ ڪنهن نه ڏٺيون هيون. نيلاميءَ دوران ميڊونا شون پن کي چيو ته جيڪڏهن هو ان نيلامي ۾ خيراتي اداري لاءِ ڏيڍ لک ڊالر ڊونيشن ڏئي ڇڏي ته هو هن سان ٻيهر شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جنهن کي شون پن ڀريل محفل ۾ رڳو مسڪرائي جواب ڏنو.

 

آسٽريليا کي پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات ڪاميابي سان ڪنداسين: يونس خان

سڊني (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور بيٽسمين يونس خان چيو آهي ته آسٽريليا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات ڪاميابي سان ڪنداسين. هن چيو ته ميزبان ٽيم کي شڪست ڏيڻ لاءِ رانديگرن کي راند جي سمورن شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 15 ڊسمبر کان برسبين ۾ شروع ٿيندي. يونس خان چيو ته ڪينگروز کي سندس زمين تي هارائڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي، پر اسان سڄي تياري سان ميدان ۾ لهنداسين. هن چيو ته ٽيم متوازن آهي، پر کٽڻ لاءِ راند جي سمورن شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

 

انگلش پريميئر ليگ: مڊلز برگ بل سٽي فٽبال ٽيم کي سخت مقابلي کان پوءِ هارائي ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) مڊلز برگ فٽبال ٽيم انگلش پريميئر ليگ جي هڪ اهم ميچ ۾ بل سٽي کي سنسني خيز مقابلي کان پوءِ 0-1 تان هارائي ڇڏيو. گاسٽن راميرز واحد گول ڪري پنهنجي ٽيم مڊلز برگ جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ميچ جي هاف تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلو گول کان سواءِ برابر رهيو. گاسٽن راميرز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ميچ جي 60هين منٽ ۾ فيصلي جوڳو گول ڪري پنهنجي ٽيم مڊلز برگ کي ڪاميابي ڏياري.

 

پيپلز پارٽيءَ پاران ٽڪراءَ ۾ اچڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟: نسيم بخاري

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس امير مسلم هاني جيڪب آباد ۾ جعلي ڀرتين ۽ صحت کاتي جي گوسڙو ملازمن بابت سندس اڳواڻي ۾ جڙيل ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي آهي. ان موقعي تي هن ايڊووڪيٽ جنرل پاران ڪوڙن ڪاغذن تي ڀرتين جي اعتراف ۽ صحت کاتي جي ضلعي آفيسر جي ڪوڙي صحيح سان ڪيل آرڊرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. هن رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پنهنجا نوازي ۽ بدعنوانيءَ جي به ڪا حد هوندي آهي، پر سنڌ سرڪار سموريون حدون پار ڪري وئي آهي.

صحت کاتي سنڌ ۾ 273 جعلي ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو آهي ته سڌو سنئون نظر اچي پيو ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي وقت گذارڻ لاءِ بهانا ڪري رهي آهي ۽ مهينن جا مهينا انتظار ڪرايو پيو وڃي. وقت ٽاريو پيو وڃي، جيڪب آباد صحت کاتي ۾ بوگس ڀرتيون ڪيون ويون. ڀرتي ٿيل ماڻهو اهل ئي ناهن، ڊسپينسر ئي ناهن، پر ان جي باوجود هو پگهارون مسلسل کڻي رهيا آهن.

ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، جعلي ڀرتين جو ذميوار اي ڊي صحت جيڪب آباد کي قرار ڏنو آهي، جنهن بابت اهو پڻ ٻڌايو آهي ته کيس معطل به ڪيو ويو آهي ۽ سندس سڃاڻپ به شڪي آهي. سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل موجب جيڪڏهن سندس سڃاڻپ شڪي آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان کي مقرر ڪنهن ڪيو؟

سپريم ڪورٽ سڄي سنڌ جي حوالي سان جعلي ۽ نااهل توڙي گوسڙو ملازمن جي حوالي سان تفصيل طلب ڪيا هئا، جيڪي ميسر نه ڪيا ويا، جنهن تي سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار تي ڪاوڙجي پئي آهي. ائين به ناهي ته سنڌ سرڪار تي ڪو پهريون ڀيرو اعليٰ عدليه ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، پر جيترو اعليٰ عدليه سنڌ ۾ ادارن جي توازن جي بحاليءَ جي حوالي سان سنجيده ڏسڻ ۾ آئي آهي، اوترو ئي سنڌ حڪومت سستي، ڪاهلي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي.

ٻه چار ڏينهن اڳ خبرون آيون هيون ته سنڌ سرڪار هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ 2012ع ۽ 2013ع ۾ بلديات کاتي ۾ غير قانوني 13 هزار ڀرتين کي پڪي ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو آهي. پ پ سرڪار جو مؤقف آهي ته شهيدن جي پارٽي ڪنهن کي به بيروزگار نه ڪندي ۽ ڪنهن گهر جي چلهه وسائڻ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. ڪو کڻي ڪهڙا به حڪم ڏئي ۽ خواهشون رکي، پر اسان سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائي ٻڏتر جو شڪار بڻجندڙ ملازمن جي نوڪرين کي مستقل طور پڪو ڪنداسين.

سنڌ سرڪار جي خواهش پنهنجي جاءِ تي پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڏسڻ ۽ جاچڻ گهرجي ته جن کي پڪي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي، اهي ڪردار واقعي به ڪارائتا آهن؟ اهي ڪم به ڪن ٿا يا نه؟ يا سياسي رشوت طور مليل نوڪريءَ ذريعي گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا، ٻي ۽ اهم ڳالهه اها ته اهي اداري جي گهربل ضرورتن تحت ڀرتي ڪيا ويا هئا يا ڪنهن خان ۽ ڪوٽ جي ڪونڌر جي سياسي سَخا جو نتيجو آهن، اهي ڀرتيون اهليت جي آڌار تي ٿيون يا نه!

عدالت ان نتيجي تي پڪ سان ڪنهن ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ئي پهتي آهي، تڏهن ئي ان اهڙن ملازمن کي گهر ڀيڙو ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، پر سنڌ سرڪار پنهنجي وزير پاران نوڪرين جي ديڳ ورهائڻ واري غلط عمل ۽ غلط فيصلي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ سندرا ٻڌي ميدان مان نڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جن بابت سِڌيون سنيون شاهديون به منظرعام تي اچي چڪيون آهن ته اهي نوڪريون گهڻي ڀاڱي وڪري جو وکرُ بڻايون ويون هيون. اها ته رڳو هڪ وزير جي ڪهاڻي آهي، پر سنڌ جي هر کاتي ۾ ميرٽ جي ڀرپور لتاڙ ٿي آهي.

سنڌ ۾ صلاحڪارن ۽ معاونن کي کاتا الاٽ ڪرڻ ۽ وزير وارو درجو ڏيڻ پڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارو معاملو پڻ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.

اڃا ڪلهه ڪلهوڪو ڏينهن آهي ته سنڌ سرڪار جي هر هڪ اداري بابت اعليٰ عدليه ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ ڪاغذن ۾ اربين روپين جي ڪوڙن ترقياتي منصوبن جي تڪميل جون اصل حقيقتون عيان ڪيون هيون. اڄ به عدليه عوام دوستيءَ جي احساس سان سنڌ سرڪار سان سينو ساهي رهي آهي، جيڪا ڳالهه پ پ سرڪار کي نه پئي وڻي.

وقت تبديل ٿي ويو آهي، هاڻ عوام باخبر آهي، ميڊيا تيز آهي، جهرجهنگ ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ آهي، هاڻي خلق کي بيوقوف بڻائڻ آسان نه آهي. ان ڪري حڪمرانن کي اِنهيءَ گمان مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي ته هاڻ به هنن لاءِ اڳ جيان سازگار وقت هوندو ۽ کين هر ڳالهه ڦٻي ويندي.

هاڻ ته ليکي چوکي جو وقت آهي، حساب ڪتاب ڏيڻ جو وقت آهي، ان ڪري ضرورت ته ان ڳالهه جي آهي ته سرڪار کي پنهنجي دامن تي لڳل داغ ڌوئڻ لاءِ ڪنهن بهتر حڪمت عملي سان آڏو اچي، پر ٿي سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ رهيو آهي. سنڌ سرڪار جي اها پاليسي ڀل ته قيادت جي ذاتي مرضي ۽ خواهش هجي، پر پارٽيءَ ۾ ويٺل اڳواڻن کي خاموش نه رهڻ گهرجي، انهن کي ڀرپور ڳالهائڻ گهرجي، ڇو ته احتساب ۽ اصلاح کانسواءِ هاڻ وٽن ٻيو ڪو دڳ بچو ئي ناهي. اڄ هنن وٽ وقت آهي، اقتدار آهي، وسيلا آهن، ماڻهن جا ڪَٽڪ ساڻ آهن، ان ڪري گذريل وقت ۾ ڪيل تاريخي غلطين جو ازالو آرام سان ڪري سگهن ٿا، پر جڏهن سندن وقت نه هوندو ۽ حالتون هنن جي خلاف ٿي چڪيون هونديون تڏهن ڪابه وضاحت عوام جي نظرن ۾ قابل قبول نه هوندي. هنن تي ڪوبه اعتبار نه ڪندا.

پ پ جو ڀٽوز جي دور ۾ جيڪو تصور هوندو هو ۽ خلق کي جيڪا خوشحالي ۽ تبديلي نظر ايندي هئي، سا اڄ خواب بڻجي وئي آهي. حقيقت اها آهي ته هاڻ رڳو ڪاريءَ وارا ڪک نظر اچي رهيا آهن. هر هنڌ هر شيءِ جو اگهه طئه ٿيل آهي، سڀ ڪجهه وڪامجي ٿو، اهڙي صورتحال اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي وئي، پر هاڻ هنن پنهنجي ساک پَت وڃائي تاريخ جي تري ۾ جاءِ والاري آهي.

ڪراچيءَ ۾ بنگالين جي 115 ڪچين آبادين کي پڪي ڪرڻ لاءِ خبرون ان وقت آڏو آيون آهن، جڏهن 2010ع ۾ ٻوڏ ستايلن کان ڪراچيءَ مان فليٽ خالي ڪرائي جبري طور سندن علائقن ڏانهن موڪليو ويو آهي. هتي پاڻ غلط طريقي سان فليٽ قبضي ڪندڙن جي وڪالت نه پيا ڪيون، پر سوال اهو آهي ته کين اتي رهايو ئي ڇو ويو؟ ڇهه سال ڪو معمولي وقت ناهي هوندو، ايڏو عرصو ڪنهن کي ڍِل ۽ ڍر ڏئي ڪي واعدا ۽ اقرار ڪري ۽ مالڪاڻا حق ڏيڻ جا حوال ڪٽي پوءِ کين ٻچن ٻارن سميت ڌڪا ڏئي لوڌي ڪڍڻ ڪهڙو انصاف آهي؟

هڪ طرف وقت جي ماريل ڌرتي ڌڻين کي زندگيءَ جي ذليل گهٽين جي ڌٻڻ ۾ اڇلايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ڌارين ماڻهن جي ڪچين آبادين کي پڪي ڪرڻ وارا سانباهه ڪيا پيا وڃن، ان معاملي تي اخبارن ايڊيٽوريل لکيا آهن، ڪالم ڇپيا آهن، معاملو پرنٽ ميڊيا تائين پڻ پهتو آهي، پر ان جي باوجود نه ته سنڌ سرڪار ڪا تسلي جوڳي وضاحت ڪري سگهي آهي نه ئي وري سنڌ جون سڄاڻ ڌريون ان سڄي پسمنظر ۾ ڪنهن بهتر حڪمت عمليءَ سان آڏو اچي آواز اٿاري سگهيون آهن. الميو ته اهو آهي ته هر پاسي اوندهه انڌوڪار آهي، وڃجي ته آخر ڪاڏي وڃجي، چئجي ته آخر ڪنهن کي چئجي.

سنڌ جو ڪو حقيقي سهارو نه آهي، ڪو ٻڌڻ سمجهڻ وارو ناهي، ڪنهن مان ڪنهن دلداري جي ۽ دلجاءِ جي پڪ ئي ناهي ته ڪنهن جو ڪڙو کڙڪائجي ۽ ڪهڙي در ٻاڏائجي؟

سنڌ سرڪار کي نه وسارڻ گهرجي ته ذوالفقار مرزا سان ٽڪراءَ کانپوءِ هن پوليس کان جيڪا ونگار ورتي هئي، تنهن تي عدالت کين ڪيترو سوڙهو ڪيو هو. اهو ته هڪڙو معاملو هو، پر هاڻ ته گهڻ رخا معاملا سندن ڳچيءَ ۾ آهن. عدالت جي اسرار تي مقرر ٿيل آءِ جي سنڌ پوليس کي بنا ڪنهن ڏوهه ۽ جواز جي هٽائڻ وارا سانباهه سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل، بئريسٽر ضمير گهمرو مان جان ڇڏائڻ وارا جتن ۽ اي آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واريون ڪوششون اهي سڀ جو سڀ عمل ڪري يا اهڙا ارادا رکي، سنڌ سرڪار پنهنجي پير مٿان خود پاڻ ڪهاڙي هڻي رهي آهي، ٻرنديءَ تي تيل هاري رهي آهي. عدليه کي ڪاوڙائي رهي آهي. ڇا سنڌ سرڪار اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪري رهي آهي ته جيئن ان جي نتيجي ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان کيس اقتدار تان هٿ کڻڻو پئجي وڃي ۽ پنهنجي مظلوميت جا پار ڪڍي، هو پنهنجن عيبن ۽ گناهن کي ڍڪرائي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو اڄ ڀل ته بحث جو موضوع نه هجي، پر سچ اهو آهي ته حالتون ان جون چغليون ضرور هڻي رهيون آهن، اهو ته پ پ وارن کي به علم ناهي ته سندن مٿان وقت جي وڄ ڪيئن ڪرندي؟ پر اها حقيقت آهي ته اهڙي ماحول تيار ڪرڻ ۾ هنن وسان ناهي گهٽايو.

naseembukhari44@gmail.com

 

 

 

 

سياسي اڳڪٿيون ۽ سوال 2018ع جي وزيراعظم جو.؟؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

دنيا اندر ڪيترن ئي  حڪومتن جو راج آهي.ڪٿي جهموريتي نظام،صدارتي نظام،پارليامينٽي نظام،ته ڪٿي ڊڪٽيئرشپ،يا بادشاهت،ته ڪٿي حزب اختلاف،پر مان سمجان ٿو ته جهموريت معاشري جو لازمي جز آهي.انساني زندگي لاءِ جمهوريت شهه رڳ آهي.شايد هن وقت انهي جمهوريت مان ترڪي جي عوام کي عوام تمام گهڻو فائدو ٿيو تڏهن ته انهي جمهوريت کان اقتدار ڦريندڙ آمريت خلاف گڏجي ڪري آواز اٿاريو ۽ آمرييت کي ختم ڪري وري ترڪي اندر هڪ نئي جمهوريت کي کي جنم ڏنو هو، پر اها واضع حقيقت آهي ته جمهوريت مان فائدو ئي آهي جي فائدو نه هجي هان ته ترڪي جي عوام مرڻ مارائڻ جي حد تائيئن نه وڃي ها ،ڇو ته ڏٺو ويو آهي  جتي جمهوريت ناهي اتي جي معيشت توڙي عوام وڏي مسئلن جي وڙ چڙهيل هوندي آهي، پر سوال اتي اهو به آهي ته اها جهموريت صوبن کي برابري جي اک سان ڏسي  ٿي يا نه.؟ جيڪا جهموريت صوبن ۽ عوام جي جذبات ۽ احساس ۽ مشڪلاتن،۽ مسئلن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ ملڪ جي حڪومت کي به سڌي رستي تي هلڻ ۾ مدد ڪري .انهي کي ئي اصل جمهوريت چئبو آهي. پاڪستان اندر2008ع ۾ شروع ٿيڻ واري جهموريت جي ٻيو دور هو. جڏهن ته 1999ع کان وٺي 2007ع تائين مشرف جي ڊڪٽيئرشپ قائم هئي. ضياالحق جي مارشلا ۾ 1985ع  اندر غيرجماعتي اليڪشن سان هڪ نئي سياسي سفر جي شروعات ٿي.ته 1999ع تائين ڪا به سياسي پارٽي پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري نه سگهي.سڀ کان پهرين محمد خان جويڻيجو صاحب کي جرنل ضياالحق گهر ڀيڙو ڪيو .پوءِ محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف ٻه ٻه دفعا رخصت ٿيا.جون 2013ع جي موقعي تي اهو پهريون هو جڏهن سياسي حڪومت پنهنجي آئيني مدو پورو ڪيو ۽ هڪ ٻئي سياسي پارٽي پنهنجو آئيني حق سنڀاليو.پر اهي به ڳاليهون عام آهن ته آصف علي زرداري جي صدر ٿيڻ ۽ يوسف رضا گيلاني جي وزيراعظم واري دور اندر پاڪستان ۾ ميگاڪرپشن ٿي هئي.جنهن جي هن وقت جاچ هلي رهي آهي پاڪستان جي سياست جيتري پراڻي آهي انهي سياست اندر مفادي سياست تمام گهڻي ڏٺي وئي آهي. سواءِ ڪنهن هڪ ٻه ليڊرن جي ڇڏي ڪري،باقي ميان صاحب جيڪي پنهنجا ڪيل وعده پاريا هئي ته اسان ڏٺا ۽ آصف جيڪو ملڪ سنواري وڃي ٻاهر ٿڪ ڀڳو اهو به سڀني ڏٺو،انڪري سوال اهو آهي ته آخر اهڙو وزيراعظم ڪٿان آڻجي جيڪو پنهنجو نه پر عوام جو ڀلو سوچي،ڇو ته مفادي سياست پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي،پاڪستان ايترو ته خوشحال ملڪ آهي،جيڪڏهن انهي ملڪ جون واڳون ڪنهن اهڙِي حڪمران وٽ هجن جيڪو ملڪ سنواري ته مان سمجهان ٿو ته اهڙِي ڪا به ترقي نه رهي جيڪا هن ملڪ ۾ عوام کي حاصل نه هجي،پر افسوس اهڙو ڪو ملي نه پيو جيڪڏهن آهي ته عوام ان کي سڃاڻي نه سگهي آهي.هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي سياست اندر ايندڙ وزيراعظم ٿيڻ واري ڊوڙ شروع ٿي چڪي آهي ۽ هن وقت پورو ملڪ شايد اهو ئي سوچيندو هوندو ته 2018ع  ۾ ٿيڻ واري اليڪشن ۾ ايندڙ  پاڪستان جو وزيراعظم ڪير هوندو. جئين جئين وقتي سياست پاڪستان اندر ڦيريون پاتون ۽ سياسي ماحول بدليو تئين تئين پاڪستان جي ايندڙ سال ۾ ٿيڻ واري وزيراعظم واري سوچ ۾ تبديل ٿيندي وئي،پهرين ته سڀني اهو ئي پئي چيو ته پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان صاحب ٿيندو،پر مٿان وري ميان نواز شريف جا بيان اچڻ لڳا ته ايندڙ اليڪشن اسين ئي کٽينداسين ۽ ڌرڻن وارا ڏسندا ئي رهجي ويندا انڪري ان وقت سوچ وري به تبديل ٿي ته پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم ميان نواز شريف ئي ٿيندو ڀلي ڪير ڪجهه به چوي ڇو ته ان مان اها به ڳالهه ظاهر آهي ته جيڪڏهن ميان نواز شريف جي پارٽي اليڪشن کٽي ٿي اچي ته ايندڙ وزيراعظم ميان نواز شريف ئي ٿيندو ڇو ته وزيراعظم اهو هوندو آهي جيڪو وزيراعظم جي اهل هجي جڏهن ته ن ليگ ۾ ميان صاحب کان سواءِ ڪو اهڙو چهرو ته نظر ئي نه پيو اچي جيڪو وزيراعظم واري ڪرسي سنڀالي سگهي،پر ن ليگ جو الڪيشن ۾ کٽي اچڻ کان پوءِ مريم نواز ۽ حمزا شهباز جو وزيراعظم واري لسٽ ۾ به نالو شامل آهي،جيڪي حڪومت سان گڏ هلندي هلندي اڳين وزيراعظم ٿيڻ واري واري ريهسل ڪري رهيا آهن،پر اليڪشن ٿيڻ کانپوءِ سليڪشن ٿيڻ اڃان باقي آهي،هن وقت 2018ع ۾ ٿيڻ واري اليڪشن اندر جنهن حد تائين مطعمين ۾ هياسين ته وزيراعظم ميان نواز شريف يا عمران خان ئي ٿيندوپر جڏهن کان وري پاڪستان جي سياست اندر بلاول ڀٽي زرداري اچي انٽري ڏني آهي انهي ڏينهن کان وٺي وري ٽيون نالو به پاڪستان جو وزيراعظم  ٿيڻ واري لسٽ ۾ اچي ويو آهي،بلاول ڀٽي صاحب خد  لاهور اندر اهو اعلانيل چيو ته هوُ ته 2018ع ۾ ٿيڻ وارو وزيراعظم هو پاڻ  آهي.۽ بلاول اهو به چيو ته هڪ ٻه نه پر چئين صوبن اندر پپيلز پارٽي جو حڪومت هوندي.انڪري هڪ ته بلاول پنهنجي تقريرن ۾ غلطيون تمام گهڻيون ڪندو آهي شايد اهو قصور انهي جو آهي يا انهي جي جيڪو تقرير لکي ٿو ڏي..! بلاول کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جا چار نه پر پنج صوبا آهن ۽ انڪري جيڪڏهن بلاول انهي صوبي ڏانهن توجهه نه ڏني ته انهي صوبي اندر پيپلز پارٽي کان سواءِ ڪنهن ٻئي پارٽي جي حڪومت ٿي ويندي،ٻئي پاسي هڪ سوال جيڪو بلاول جي عمر جو هيو اهو به عبدالطيف کوسي صاحب حل ڪري ڇڏيو جنهن وٽ زرادي خاندان جو پورو شجرو آهي. انهي چيو آهي ته بلاول ايندڙ 25سالن جو ٿي چڪو آهي انڪري پاڪستان جي آئين مطابق پنجويهه سالن جو نوجوان پاڪستان جو وزيراعظم ٿي سگهي ٿو،جهڙي ريت انڊيا جي قانون ۽ آئين مطابق ته ڪو چريو به ملڪ جو وزيراعظم ٿي سگهي ٿو،پر عمران خان صاحب ۽ ميان نواز شريف ۽ تنهن کانپوءِ آيل بلاول جو نالوجنهن جي ڪري اهو به صاف ظاهر آهي ته بلاول جي وزيراعظم ٿيڻ وقت سندس والد آصف زرداري صاحب سندس وزيراعظم ٿيڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهندو. ڇو ته هوُ پاڻ وزيراعظم نه پر صدر ٿيڻ جو خواهشمند آهي،جڏهن ته ڪجهه ڳالهيون اهڙيون به منظر عام تي آيون آهن جن ۾ پيپلز پارٽي جو پراڻو جيالو ۽ اڳوڻو جهونو وزيراعليٰ سنڌ سائين قائم علي شاهه پنهنجي پوٽِي دائم علي شاهه کي وزيراعظم ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿوجڏهن ته اهو به چيو پيو وڃي ته دائم ذهين ۽ عمر جي لحاظ کان به بلاول کان سرسي صاحل آهي ۽ هو بلاول کان عمر جا لحاظ کان ٻه سال وڏو آهي،پر مان سمجهان ٿو ته سائين قائم علي شاهه صاحب کي ايڏي وڏي ڇهلانگ نه ڏيڻ گهرجي ها،ڇو ته جيڪڏهن هوُ وزيراعظم تي پري جي ڳالهه آهي شايد سنڌ صوبي جو وزيراعلي گهري ته شل انهي تي نه بلاول راضي ٿي. انکان اعليٰ به جيڪڏهن پاڪستان اندر پيپلز پارٽي اليڪشن کٽي ٿي اچي ته سنڌ صوبي جي وزيراعلي واري عهدي تي فڏو ئي فڏو آهي خاص ڪري رحمان ملڪ جنهن پ پ جي مرڪز اندر تمام گهڻي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي.انڪري بلاول جي گهرجي ته رحمان ملڪ جي وزير داخلا تائين محدود رکيو وڃي.،

 

 

 

 

 

هوٽل ريجنٽ پلازه ۾ باهه جو واقعو اتفاقي يا هٿرادو ….؟

آچر ۽ سومر جي وچ واري رات  شاهراهه فيصل تي جناح اسپتال ڀرسان واقع خانگي هوٽل ريجنٽ پلازه  جي ڇهين ماڙ  کي  باهه لڳي وئي، باهه ڏسندي ڏسندي عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، باهه جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا، دونهين سبب سڄو علائقو لپيٽ ۾ اچي ويو، هوٽل اندر دونهين ساهه ٻوساٽجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو بيهوش ٿي ويا، ننڊ مان اوچتو اٿي پيا، پنهنجي جان بچائڻ لاءِ دانهون ڪوڪون شروع ڪري ڏنيون، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 6 ڊاڪٽرن ۽ چئن عورتن سميت 12 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا،  70 کان وڌيڪ ماڻهو پڻ سڙي زخمي ٿي پيا، باهه ۾ سڙي فوت ٿيلن ۾ عمرڪوٽ جو ڊي ايڇ او ڊاڪٽر موهن ٽلواڻي،  سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻو  اڳواڻ ڊاڪٽر رحيم سولنگي، ڊاڪٽر شير خواجه، وقاص، حامد، محمد حسين هوٽل مئنيجر الياس بابر به شامل آهن. باهه لڳڻ سبب 4 عورتون به فوت ٿي ويون، جن مان ٻن جي سڃاڻپ  نورين ۽ عرفانه جي نالن سان ٿي. جڏهن ته هوٽل ريجنٽ پلازه جي ڪمري نمبر 218 مان ڊاڪٽر محمد اسلم جمالي جو لاش هٿ آيو، لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو،  اطلاع ملندي واقعي واري هنڌ باهه کي وسائڻ لاءِ فوري طور تي فائر برگيڊ جي عملي کي طلب ڪيو ويو،

هوٽل جي ڇهين ماڙ تي هڪ ڪمري کي لڳل باهه ڏسندي ڏسندي سڄي فلور کي وڪوڙي وئي. فائر برگيڊ جي 3 گاڏين باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو. هوٽل کي باهه لڳڻ جي اطلاع تي ايس ايس پي سائوٿ ثاقب اسماعيل ميمڻ حادثي واري هنڌ پهچي ويو، جنهن جي موجودگيءَ ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون. ريسڪيو جي ٽيمن طرفان ڪرين ذريعي ڇهين ماڙ تي ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 4 ڪلاڪن جي محنت ۽ ڪوششن کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو. باهه سبب هوٽل جي ڪمرن ۾ دونهون پکڙجي ويو، جنهن سبب هوٽل ۾ موجود ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي،جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ 70 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش ٿي ويا، جن مان 30 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي هوٽل مان دونهون ڪڍڻ لاءِ هوٽل جي ڪمرن جا شيشا ٽوڙي ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو،

بقول  چيف فائر آفيسر فيصل صديقي 15 کان وڌيڪ فائر برگيڊ جون گاڏيون ۽ ٻه سنارڪل گاڏين چئن ڪلاڪن جي لاڳتي ڪوشش کان پوءِ باهه تي قابو ڪري ورتو ۽ هوٽل ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ورتو آهي، هوٽل ۾ سيفٽي الارم ۽ سموڪ الارم جي سهولت موجود هئي پر انهن وڄايو نه ويو، جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا چوڻ باوجود ايئرڪنڊيشننگ سسٽم کي بند نه ڪيو ويو، جنهن سبب دونهون ڊڪ ذريعي سڄي هوٽل ۾ پکڙجي ويو، ان کان علاوه هوٽل جي داخل ٿيندڙ مکيه دروازي تي بيريئر لڳل هجڻ جي ڪري فائر برگيڊ جي گاڏين کي ايگزٽ گيٽ مان داخل ٿيڻو پيو، جنهن جي ڪري ريسڪيو اهلڪارن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

هوٽل ۾ باهه واقعي بعد اهي افواهه به گردش ڪري رهيا هئا ته ڪٿي اها باهه لڳائي ته نه وئي آهي، فائيواسٽار هوٽل ۾ باهه هڪ ڪمري کان شروع ٿي پوري هوٽل ۾ لپيٽ ۾ آڻي ورتو جنهن شڪ شعبا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، جئين ته سنڌ سرڪار جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ۽ ان ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي اميد ته اصل سبب وائکا ٿي ويندا.