تازيون خبرون

Daily Archives: December 6, 2016

ڪنگ خان دبنگ اسٽار کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته سلمان خان ۽ آئون ڀائر آهيون. رپورٽن موجب فلم ايوارڊ تقريب ۾ جڏهن سلمان ۽ شاهه رخ خان گڏجي ميزبانن طور اسٽيج تي پهتا ته اتي ويٺل سمورا ماڻهو حيران ٿي ويا، رڳو ايترو ئي نه پر ٻنهي اداڪارن پاڻ ۾ غلط فهميون پيدا ڪندڙن کي انهن جو نالو وٺڻ بنا تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو. ان موقعي تي شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته سلمان خان ۽ مان ڀائر آهيون، اسان وچ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو ائين هيو جيئن ٻن ڀائرن وچ ۾ ٿي ويندو آهي.

 

هالي ووڊ اداڪار بريڊلي ڪوپر فلم ”اٽلانٽڪ وال“ ۾ ڪاسٽ

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪار بريڊلي ڪوپر کي نئين ٺهندڙ فلم ”اٽلانٽڪ وال“ ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو، فلم اٽلانٽڪ وال ٻي مهاڀاري جنگ جي پسمنظر ۾ ٺاهي پئي وڃي، اهو موضوع هر دور ۾ هالي ووڊ جي فلمسازن جو پسنديده موضوع رهيو آهي، فلم جو ڊائريڪٽر  گيون اوڪونر آهي، فلم ۾ اداڪار ٽوڊ فلپس به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو، واضح رهي ته بريڊلي ڪپر فلم يج پرڊويسرن ۾ پڻ شامل آهي.

 

آسٽريلوي ٽيم ڪيويز کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 68 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

سڊني (اسپورٽس نيوز) ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ جي پهرين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان اسٽيوِ سمٿ جي شاندار سنچري سبب ڪينگروز جي ٽيم ڪيوي ٽيم کي 68رنز تان شڪست ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ جي پهرين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان اسٽيوِ سمٿ جي شاندار سنچري سبب ڪينگروز جي ٽيم ڪيوي ٽيم کي 68رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. سڊني ۾ کيڏي پهرين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو. آسٽريلوي ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ 8 وڪيٽن  جي نقصان تي 324رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ ڪپتان اسٽيوسمٿ 164رنز جي شاندار اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو،جڏهن ته ٽريوس هيڊ52۽ ميٿو ويڊ 38رنز جي اننگ کيڏي. نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران هينري،ٽرينٽ بولٽ ۽نيشام ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون

 

ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا دَر کلڻ وارا آهن: نجم سيٺي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سربراهه ۽ پي ايس ايل چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته هڪ وڏي عالمي ٽيم جلد پاڪستان جو دورو ڪندي، ٻه طرفي سيريز لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هڪ انٽرويو ۾ نجم سيٺي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا دَر کلڻ وارا آهن، جلد وڏي ٽيم دوري تي ايندي، جنهن لاءِ ميچن جي تاريخن جو فيصلو ڪري رهيا آهيون، جلد عوام کي خوشخبري ڏينداسين. هن چيو ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ کيڏڻ لاءِ 10 عالمي رانديگر تيار آهن، جيڪڏهن فيبروري تائين دهشتگردي جو ڪو واقعو نه ٿيو ته ٻئي ايڊيشن جو فائنل لاهور ۾ ئي ٿيندو.

 

ڪراچي ۾ باهه سبب سڙِي ويل انساني زندگيون ۽ انتظاميه.!!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

هن وقت پوري ملڪ اندر باهه لڳڻ سبب زيان ٿيندڙ انساني زندگي جي المناڪ واقعن جو خبرون عام ملي رهيو آهن،شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جنهن ڏينهن تي اهڙي ڪنهن واقعي جي خبر پڙهڻ يا ڏسڻ لاءِ نه ملي هجي،پاڪستان ۽ صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي اندر سموري ملڪ مان باهه لڳڻ جا واقعا تمام گهڻي مقدار ۾ ٿيندا آهن،باهه لڳڻ واري واقعن جي  جيڪڏهن پراڻي لسٽ کولينداسين ته ڪيترائي باهه لڳڻ جا افسوسناڪ واقعا نظر ايندا جن ۾ ڪراچي شهر جي ڪيترن معصومن جي زندگي جا زيان ٿيڻ جو سبب اهي باهه لڳڻ جا واقعا ئي رهيا آهن، ڪالهه به ڪراچي اندر شارع فيصل واري علائقي ۾ واقع رينجٽ پلازا هوٽل کي اوچتو باهه وڪوڙِي وئي،جنهن سبب 11ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 72 کان وڌيڪ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا هئا. جن مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وئي،باهه لڳڻ سبب انساني زندگي جي زيان ٿيڻ واري خبر تمام گهڻي دل ڏکاِئيندڙ هئي،شارع فيصل واري رجينٽ پلازا واري هوٽل ۾ باهه گذريل رات جي پوهين پهرن ۾ لڳي هئي،جنهن ڪري اڪثر ماڻهو ننڊ جي آغوش ۾ پهچي چڪا هئا جن کي اها به خبر نه هئي ته اها ننڊ کين هن دنيا مان کڻي ڪري هيمشه واري دنيا ۾ وٺي ويندي،باهه لڳڻ وارو منظر جيئن ٽي وي اسڪرين تي اکين وٺو ته دل برداشت ئي نه پئي ڪري سگهي. هر طرف هٽو بچو هو شور هوُ ۽ هر انساني زندگي رڳو هاءَ گهوڙا ڪرڻ ۾ پوري هئي،پوري ڪراچي  رڙين ۽ ڪوڪن سان گونجي اٿي هئي،هر انسان پنهنجا هوش وڃائي ويٺو هوُ ۽ اهو سوچڻ تي مجبور هوُ ته ڪراچي کي وري ڪهڙِي قهر اچي وڪوڙيو آهي، جنهن وقت باهه مڪمل پلازا کي پنهنجي ليپپ ۾ آندو ان وقت حڪومت طرفان باهه وسائڻ واريون ٽي گاڏيون موڪليون ويون هينون،جن باهه وسائڻ واري آپرِيشن جي شرووعات ڪئي،جڏهن ته ان وقت جڏهن ريسڪو وارا پهتا هئا ان وقت باهه پنهنجو گهڻو ڪم ڪري چڪي هئي. پوري پلازا کي باهه وڪوڙِي وئي وئي،جنهن ڪري سڙندڙ فنيچر ۽ ٻِين شين جي ڪري پوري پلازا اندر دونهو پکڙجي ويو هو،جنهن ڪري ريسڪيو واران کي باهه وسائڻ ۾ به تمام گهڻيون پريشانيون پيش اچي رهيو هينون، باهه وسائڻ واري عملي کي پورا ٽي ڪلاڪ لڳا، باهه وسائڻ واري عملي باهه تي ڪنٽرول ڪيو ان وقت تائين بي رحم باهه 11انساني زندگين کي پنهنجو کاڄ بڻائي چڪي هئي،باهه تمام گهڻي ڀيانڪ هئي ،باهه لڳڻ سان پوري پلازا اندر ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي هئي.جنهن ڪري اڪثر ماڻهن پنهنجي جان بچائڻ خاطر پلازا جي ڊگهين درين مان جان بچائڻ لاءِ ٽپا ڏنا. جنهن جي ڪري به ڪيترائي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا هئا،جن مان اڪثر ماڻهن جو ٻانهو ۽ ڄهنڳون ٽٽي پيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا،زخمين کي جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو هوُ،جتي جناح اسپتال شعبا حادثن جي ڊاڪٽر سيما جمالي ان وقت ميڊيا سان ڳالهيندي فوت ٿيل ويل ماڻهن جي وضاحيت بيان ڪئي جنهن اندر هن ٻڌايو ته فوت ٿي ويل جن ۾ ٽي ڊاڪٽر ۽ پنج عورتن سميت ڏهه ماڻهن جا لاش اسپتال پهچي چڪا آهن ۽ هن وڌيڪ ٻڌايو ته زخمين ۾ 72ڄڻا شامل آهن جن اندر هر عمر جو فرد شامل آهي،جڏهن ته باهه لڳڻ سبب فوت ٿي ويلن مان هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ بلوچستان جي علائقي جنگ مگسي طور ٿي هئي جيڪو هڪ (ڊسٽڪ هيلٿ آفيسر)ڊي ايڇ او)هو جنهن جو نالو ڊاڪٽر حسن لاشاري ٻڌايو پئي ويو،۽  فوت ٿي ويل ڊاڪٽر حسن لاشاري جي وارثن جي جڏهن اطلاع مليا ته هنن ٻڌايو ته ڊاڪٽر حسن لاشاري ميديڪل جي ڪنهن ٽرينگ جي حوالي سان پنهنجي ٻين ٽن ساٿين سان گڏ ڪراچي آيل هوُ،جڏهن ته ڪراچي جي علائقي شارع فيصل اندر جيڪي باهه لڳڻ سبب ماڻهو فوت ٿيا هئا،هنن جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ ساهه گهٽجڻ سبب ٻڌايو پئي ويو ،چيف فائر آفيسر تحسين صديقي جي مطابق ته هوٽل اندر ايئرڪڊيشن سسٽم هلڻ ۽ دونهون وڌيڪ ٿيڻ ڪري ماڻهن جو ساهه گهڻجي ويو جهن جي ڪري ايتريون فوتگيون ٿيون آهن،  ڪراچي ۾ لڳل باهه ۾ سبب ماڻهو زخمي ٿيا ۽ فوت ٿيا،مان سمجهان ٿو ته اهو واقعو ڪو معمولي واقعو ناهي جنهن کي ائين وساري ويهي رهجي. واقعي کان پوءِ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي ڪراچي هاءِ ڪميشنر کي اهي هدايتون جاري ڪيون آهن ته کين جلد کان جلد باهه لڳڻ جا سبب بيان ڪيا وڃن،جڏهن ته سنڌ جي مخلتف علائقن اندر باهه وسائڻ وارا سلينڊر پڻ لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي، باهه لڳڻ سبب  ڪيترائي سڙي زخمي ٿيا آهن. انهن واقعن کي ڏسندي اسان سمجهون ٿا ته حفاظتي انتظامن بابت اسان جي حڪومت ته پنهنجيون ذميواريون ڄڻ ته وساري ڇڏيون آهن، جڏهن ته عام ماڻهو به ان سلسلي ۾ لاتعلق ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. مثال طور اڳ سئنيمائن، ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن وغيره ۾ باهه وسائڻ وارا آلات موجود هوندا هئا، جيڪو به ماڻهو ڪنهن سئنيما تي ويندو هو ته ان کي ڀت تي ٽنگيل هڪ ڳاڙهي رنگ جو سلينڊر ضرور نظر ايندو هو اهڙي ريت ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن ۾ به اهي سيلينڊر لڳل نظر ايندا هئا. جڏهن ته مٽي سان ڀريل ڪيتريون ئي بالٽيون پڻ ٽنگيل نظر اينديون هيون. جيتوڻيڪ انهن سلينڊرن کي استعمال ڪرڻ جو شايد ئي ڪنهن کي موقعو مليو هجي ڇاڪاڻ ته باهه کان بچڻ لاءِ جن حفاظتي انتظامن جي ضرورت هوندي هئي اهي اڳواٽ ڪرڻ جي ڪري باهه وسائيندڙ آلاتن کي استعمال ڪرڻ جي نوبت ئي نه ايندي هئي. هاڻ جيئن ته اڪثر ميونسپالٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين ۾ فائربرگيڊ جون گاڏيون موجود آهن، ان ڪري عام ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ڪو باهه جو واقعو پيش آيو ته پوءِ فائربرگيڊ کي فون ڪري گهرائي وٺبو. ليڪن ٿيو ائين آهي ته باهه لڳڻ کانپوءِ جيسين فائربرگيڊ اچي ئي اچي تيستائين باهه لڳل دڪان يا گهر يا ڪا هوٽل  سڙي خاڪ ٿي چڪو هوندي آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته باهه وسائيندڙ گاڏي اطلاع ملڻ کانپوءِ واقعي واري هنڌ تي پهچڻ لاءِ جيستائين عملو تيار ٿيئي. گاڏي ۾ باهه وسائڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ ۽ وا قعي واري هنڌ تي پهچي تيستائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ ضرور لڳيو وڃي ۽ هڪ ڪلاڪ اندر باهه ڪيترو ڪجهه ساڙي ڇڏيندو، تنهن جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. ان هوندي به فائربرگيڊ پهچي باهه کي ٻين گهرن يا دڪانن کي باهه لڳڻ کان بچڻ وارو ڪم شروع ڪندي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچي ويندو آهي. ساڳئي ريت اسان وٽ ڳوٺن ۾ ته خاص طرح ڪو به بندوبست نه هوندو آهي، ايتري تائين جو ڪڻڪ جي کرن کي لڳندڙ باهه لکين رپين جو نقصان ڏيئي ڇڏيندي آهي ۽ آبادگارن جي سال جي ڪمائي هڪ منٽ ۾ سڙي رک ٿي ويندي آهي. جڏهن ته فائربرگيڊ کي شهر کان واقعي واري هنڌ پهچڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويندا آهن، اسان ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ عام ماڻهن کي صلاح ڏينداسين ته اهي ان سلسلي ۾ حفاظتي اپائن بابت قدم کڻن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ اهو لازم ڪن ته اهي باهه وسائڻ وارا آلات خريد ڪن ته جيئن باهه جي لڳندڙ واقعن کي فوري طور تي روڪي سگهجي. اهڙي ريت ڳوٺن ۾ به حڪومت کي اهڙا بندوبست ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن.ياد رهي ته انکان پهرين به ڪراچي اندر ڪيترائي باهه لڳڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ 2012ع ۾ لڳندڙ باهه جي حادثي اندر 289انساني زندگيون اجل جو شڪار ٿيون هنيون،

******

 

 

فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ پوليس سرگرم ٿي ويئي: خليل ڀٽي

ٺل شهر جي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان اڄ کان تقريبن ڏه سال پهريان هڪ معصوم نينگري فضيله سرڪي کي اغواءَ ڪيو ويو هو، جنهن جي ڳولا سندس وارثن وس آهر ايتري ڪئي جيتري سندن سگھ هين پر هنن جي ڪوششن رنگ نه لاتو، فضيله سرڪي جي پيءُ عبدالرزاق سرڪي ۽ سندس والده سڪينه سرڪي پنهنجا لڙڪ لاڙيندي چيو ته اسين فضيله کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيا آهيون ۽ اسان جا اهي ڏه سال روئندي ۽ رڙيون ڪندي گذريا آهن پر هن مهل تائين ڪنهن به شخص فضيله جو ڏس پتو نه ڏنو آهي ۽ ڏهن سالن کان اسين پريس ڪلب ٺل آڏو احتجاج ڪندا رهيا آهيون پر ڪنهن به وڏيري ۽ ڪنهن به سرڪاري ڪاموري اسان جي مدد نه ڪئي ۽ آخر اسين مجبور ٿي پريس ڪلب ٺل آڏو ويهي رهيا سين جتي هزارن جي تعداد ۾ مختلف تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اسان سان همدردي جو اظهار ڪرڻ آيا پر پوءِ به ڏوهاري ماڻهن جي ڪن تي جونءِ به چري.

فضيله سرڪي جي والد عبدالرزاق سرڪي ٻڌايو گذريل سال شڪارپور پوليس ۽ گھوٽڪي پوليس هڪ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي هئي جتي پوليس جو مقابلو ڌاڙيلن سان ٿيو جتان پوليس ٻه نينگريون گرفتار ڪري ورتيون هيون ۽ پوليس جو چوڻ هو ته انهن ڇوڪرين ۾ هڪ فضيله سرڪي آهي پر جڏهن اسين انهن چوڪرين کي ڏٺوسين ته انهن ۾ فضيله نه هئي سو اسين ائين ئي مايوس ٿي موٽي آياسين سو هاڻي اسين پريس ڪلب تي ويٺا ٿا احتجاج ڪريون.

گذريل ڏينهن ٺل شهر جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي ۽ ضلعي جيڪب آباد جو ايس ايس پي جناب ساجد حسين کوکر صاحب به فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ هلندڙ احتجاج جو دورو ڪيو ۽ احتجاج ۾ پڻ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي احتجاج ڪندڙن کي دلجاءِ ڏني ته هن وقت ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ نهايت ئي ايماندار ۽ باصلاحيت ايس ايس پي ساجد حسين کوکر اچي چڪو آهي سو تمام جلد ئي فضيله سرڪي کي بازياب ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو، ان موقعي تي آيل ايس ايس پي جناب ساجد حسين کوکر به متاثرين سان ملاقات ڪري کين فضيله سرڪي کي بازياب ڪرائڻ جي پڪ ڏني، ايس ايس پي ساجد حسين کوکر چيو ته فضيله سرڪي کي اغواءَ ٿئي تمام گھڻو وقت گذري چڪو آهي جڏهن ته هن وقت اهو معلوم ٿيو آهي ته فضيله سرڪي بلوچستان جي ڪنهن علائقي ۾ موجود آهي سو سنڌ پوليس پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪندي ته فضيله سرڪي کي بازياب ڪرايو وڃي، ان کان اڳ ٺل شهر جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي چيو ته فضيله سرڪي اسان جي نياڻي آهي سو اسين به پوليس جي ڀرپور مدد ڪنداسين.

ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر فضيله سرڪي جي والد عبدالرزاق سرڪي ۽ فضيله سرڪي جي امڙ سڪينه سرڪي کي چيو ته هاڻي توهان هي احتجاج ختم ڪريو ۽ آءٌ توهان کي يقين ڌياريان ٿو ته فضيله سرڪي کي ٻن مهينن اندر بازياب ڪرائي .

ڏيندس، ايس ايس پي صاحب جي اها ڳاله فضيله جي والدين لاءِ خوشي جي نويد کڻي اچي رهي آهي، سو انهيءَ خوشي اسين احتجاجي ڪيمپ ختم ڪيون ٿا، فضيله سرڪي جي والد صحافين کي ٻڌايو ته ايس ايس پي صاحب ۽ ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي اسان سان واعدو ڪيو آهي ته ڦصيله سرڪي کي ٻن مهينن اندر بازياب ڪرايو ويندو، سو جيڪڏهن فصيله سرڪي ٻن مهينن اندر بازياب ٿي نه سگھي ته اسين ٻيهر احتجاج شروع ڪنداسين.

سو سائين هاڻي اصل ڳاله آهي پوليس جي جيڪڏهن پوليس سڌي ٿي پوي ته هواغواءَ ٿيلن کي هڪ ڏينهن ۾ بازياب ڪارئي سگھي ٿي پر خدا ڪري ته شال پوليس سڌي هجي، سو هاڻي مقصد جي ڳاله اها آهي ته فضيله سرڪي جي بازيابي هڪ ڳجھو راز بڻجي چڪو آهي ۽ اها به خبر نه ٿي پوي ته فضيله اصل ۾ آهي ڪٿي….. ؟؟ هونئن ته پوليس جا سورسز تمام گھڻا هوندا آهن پر افسوس جو فضيله جي بازيابي لاءِ ڪنهن به سورس کي استعمال نه ڪيو ويو آهي سو هاڻي ايس ايس پي جيڪبآباد ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڪيل واعدن تي ڪيترو اعتبار ڪجي يا نه ڪجي ڇاڪاڻ ته فضيله جي والدين کي ڏهن سالن ۾ فقط آسرا ئي آسرا ملندا رهيا آهن پر فضيله سرڪي بازياب ٿي نه سگھي آهي سو اسين به ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار کي گذارش ڪجي ٿي ته فضيله سرڪي جي گمشدگي کي فضيله سرڪي جي بازيابي بڻائي فضيله جي والدين جي ڀرپور مدد ڪري سندن ٻارڙي فضيله سرڪي کي بازياب ڪرائي ٺل شهر جي عوام ۽ فضيله سرڪي جي والدين مان بي چيني ختم ڪرائي وڃي.

 

 

هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ مودي ۽ غني جا الزام…!!

ڀارتي شهر امرتسر ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز افغان صدر اشرف غني کي پاڪستان تي الزام هڻڻ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته امن لاءِ گڏيل ڪوششون ئي ڪنهن مثبت نتيجي تائين پهچائي سگهن ٿيون، سرتاج عزيز ڀارتي دوري دوران افغان صدر اشرف غني سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ استحڪام جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار چيو ته پاڪستان افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ خلوصِ دل سان ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغان ڌڙن ۾ سياسي مفاهمت جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو، هن اها به يقين دهائي ڪرائي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار اد اڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان دهشتگردي جي معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اسلام آباد امن چاهي ٿو، جنهن لاءِ ڳالهين جي ضرورت هوندي آهي، ڪانفرنس جي موقعي تي سرتاج عزيز ۽ ڀارتي قومي سلامتي جي مشير اجيت دوول وچ ۾ پڻ ملاقات ٿي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندو رهيو آهي، نه رڳو دهشتگردن خلاف جنگ وڙهي افغانستان کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، بلڪه پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان افغانستان ۾ سياسي سطح تي به امن ڳالهين کي ترجيح ڏني آهي، ايشيائي ملڪن ۾ بدامني ۽ دهشتگردي سميت تمام وڏا چئلينجز آهن، جيڪي نه رڳو پاڪستان، افغانستان پر خود ڀارت لاءِ به خطرو بڻيل آهن، ان ڪري خطي ۾ امن، استحڪام لاءِ ضروري آهي ته سمورن پاڙيسري ملڪن کي دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ ۽ علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ اها ڳالهه لازمي آهي ته خطي جي ملڪن کي هڪٻئي سان رابطا وڌائڻ سميت لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻي پوندي، جيستائين مودي ۽ اشرف غني پاران پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇڻ جو تعلق آهي ته سندن اهڙو عمل تڪرارن لاءِ ٻارڻ ثابت ٿيندو ۽ خطي جي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ بجاءِ اڃا وڌندي، گڏوگڏ سندن اهو ورتاءُ ڪنهن به پليٽ فارم تي ٿيندڙ ڳالهين واري عمل کي نقصان پهچائڻ برابر آهي.ڀارت چاهي ٿو ته افغانستان سان واپار جي حوالي سان پاڪستان واگها بارڊر پار ڪرڻ ۽ سندس مال بردار ٽرڪن کي ڪابل طرف وڃڻ جو رستو ڏئي، پر پاڪستان ڀارت کي ان صورتحال ۾ ڪيئن ٿو اجازت ڏئي سگهي، جڏهن ڪنٽرول لائين تي روزانو پاڪستاني حدن جي خلاف ورزي ۽ جنگبندي جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿيندي هجي، ان ڪري جيڪڏهن ڀارت ڪنٽرول لائين تي صورتحال کي پرامن رکي ته ان سان ٻئي ملڪ لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا. هن وقت آمريڪا، برطانيا ۽ چين سميت دنيا جي ڪيئي ملڪن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ملڪ پنهنجا تڪرار ڳالهين وسيلي حل ڪن، ايران ته ڪشمير مسئلي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، ان تي به سنجيدگي سان سوچڻ جي گهرج آهي، ڇوته ايران نه رڳو مسلم ملڪ ۽ پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي، بلڪه ان جا ڀارت سان به ويجها ناتا آهن، جن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، بهرحال، هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جنهن مقصد لاءِ سڏائي وئي آهي، ان جي ايجنڊا افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ آهي ۽ پاڪستان ان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ دنيا کي به اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته پاڪ ڀارت تڪرار هجن يا پاڪ افغان مسئلا، انهن جو حل صرف ۽ صرف ڳالهين ۾ ئي تلاش ڪرڻ گهرجي.