تازيون خبرون

Daily Archives: December 5, 2016

صبا قمر مستقبل جي سپر اسٽار آهي: ماهره خان

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ماهره خان صبا قمر کي مستقبل جي فلمي سپر اسٽار قرار ڏنو آهي، هن آمريڪا ۾ ٿيندڙ پهرين پاڪستاني فلم فيسٽيول ۾ فلم ”لاهور سي آگي“ ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ صبا قمر جي اداڪاري جي تعريف ڪندي چيو ته هو ايندڙ وقت جي سپر اسٽار آهي. اداڪارا جو چوڻ هو ته صبا قمر لاجواب اداڪاري سان منهنجو دل کٽي  ورتو آهي، ماهره خان چيو ته اسان کي هڪ ٻئي جي سٺي ڪم جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته آمريڪا جي رياست نيويارڪ ۾ پاڪستاني فلمن تي ٻڌل فلمي ميلو شروع ٿي چڪو آهي.

 

سونم ڪپور هدايتڪار راج ڪمار هيراني جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا سونم ڪپور منا ڀائي ايم بي بي ايس، ٿري ايڊيٽس ۽ پي ڪي جهڙين فلمن جو خالق هدايتڪار راج ڪمار هيراني سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ويٺل آهي ۽ هن جو چوڻ آهي ته هو ان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بالي ووڊ اداڪار سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ اداڪاره سونم ڪپور جو نالو ورتو پيو وڃي، پر ان حوالي سان جڏهن اداڪارا سان رابطو ڪيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته هن وقت تائين ان ڳالهه جي هن کي خبر ناهي ته راج ڪمار هيراني پاران ان جي چونڊ ڪئي وئي آهي يا نه، ان لاءِ بهتر آهي ته ان کان پڇيو وڃي. اداڪارا جو چوڻ هو ته هو راج ڪمار هيراني جهڙي هدايتڪار سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، هو هن کي جنهن به ڪردار جي پيشڪش ڪندو ان کي قبول هوندو.

 

هندستان جي عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي هارائي راند کٽي ورتي

بينڪاڪ (اسپورٽس نيوز)  هندستان مٿيالي راج جي شاندار بيٽنگ جي عيوض پاڪستان کي 17 رنسن تان هارائي ويمنز ٽي -20 ايشيا ڪپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو، فاتح ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 121 رنسون ٺاهيون، ميٿال راج 73 رنسن جي ناقابل اننگز کيڏي، 122 رنسون حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 104 رنسون ٺاهي سگهي، بسما معروف 25 رنسون ٺاهي سڀ کان اڳيان رهي، هندستان ان حوالي سان عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم ايونٽ ۾ ناقابل شڪست اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو، جڏهن ته مٿيالي راج کي ميچ سيريز جي بهترين رانديگر جي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو.

 

پاڪستاني باڪسر محمد وسيم لاءِ 3 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني باڪسر  محمد وسيم جي به ٻڌي وئي، وفاقي حڪومت ورلڊ سلور فلائي ويٽ چيمپيئن لاءِ 3 ڪروڙ رپين جي گرانٽ مقرر ڪري ڇڏي، جنهن جي خصوصي منظوري وزير اعظم نواز شريف ڏني. ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ اختر گنجيرا چيو آهي ته گرانٽ پاڪستاني باڪسر  جي ٽريننگ پلان تي خرچ ٿيندي، پاڪستان اسپورٽس بورڊ باڪسر محمد  وسيم سان ملي ڪري ٽريننگ ۽ ٽور جو پروگرام تيار ڪندا. اختر گنجيرا چيو ته محمد وسيم کي هرممڪن سهولتون ڏينداسين، اميد آهي ته پاڪستاني باڪسر مستقبل ۾ به ملڪ جو نالو روشن ڪندو.

 

نااهل اسان جو مالهي آ معصوم گلن جو ڇا ٿيندو: مسافر محبوب ڪلهوڙو  

هونءَ ته سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ انتظامي نااهلي سبب گندو پاڻي روڊن رستن بيٺل نظر ايندو آهي ۽ سنڌ جو ڪوبه اهڙو شهر نه آهي جنهن جي لاءِ قسم کڻي چئجي ته اسان جو شهر صاف سٿرو بڻيل آهي سنڌ جي گادي جي هنڌ سميت سنڌ جا شهر گندگي جو ڍير ۽ گٽرن جو پاڻي روڊن رستن تي روز جو معمول بڻيل رهي ٿو ٽي ايم اوز ،ايڊمنسٽيٽرن جي دور جي پڄاڻي ٿيڻ مهل ذهن ۾ خيال ٿيو ته هاڻي چونڊيل چيئرمين پنهنجي پنهنجي شهر جي صفائي ڪرائي شهرن کي صاف سٿرو بڻائي پنهنجي عوام جي خدمت ڪندا اهڙي اميد رکيل هئي اسان جي من ۾ ته شايد هاڻي گٽر ۾ معصوم ٻارڙن جو ڪرڻ گهٽجي ويندو ۽ اسان کي صاف سٿرو ماحول مهيا ڪيو ويندو پر ائين ٿي نه سگهيو افسوس جو عرفات راند کيڏندي کليل گٽر ۾ ڪري پيو .

ساهتي جي هن شهر نوشهروفيروز جيڪو ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو شهر هوندي به انيڪ مسئلن جي ورچڙهيل آهي اڪثر ڪري ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي هن شهر ۾ گندگي جو آزار اڃان تائين برقرار آهي شهر جا اڪثر علائقا گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ ۽ گهٽين ۾ گندگي جا هر پل ڍير لڳل رهن ٿا عباسي ٽائون جي ته اهڙي ڪرٽيڪل پوزيشن آهي جو گندو پاڻي نالين بجاءِ گهرن اندر ابتو وهڻ شروع ڪري ٿو پر اتي ٽائون انتظاميه حد پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڄاڻائي صفائي عملو موڪلڻ جي لاءِ تيار نه آهي جنهن جي نااهلي سبب شهر جي رياض ڪالوني ۾ راند کيڏندڙ گلڙن جهڙو پيارو ٻارڙو عرفات علي لنجار گٽر ۾ ڪري پيو جنهن جي گهڻي ڳولا ڪرڻ کان پوءِ سندس لاش گٽر مان هٿ ڪيو ويو ٻارڙي جو لاش ملڻ کان پوءِ سندس گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو نينگر عرفات جا وارث ٽائون آفيس پهتا جتي عملي اڳيان سخت احتجاج ڪيو جن جو چوڻ هو ته اسان ان گٽر جي حوالي سان چيئرمين سميت ٻين عملدارن کي شڪايتون ته ڪيو پر اسان جي هڪ به نه ٻڌي وئي جنهن سبب هي واقعو پيش آيو آهي ائين هڪ واقعو ڪجهه مهينا اڳ انتظاميه جي نااهلي ڪرپش سبب جهولي ۾ جهلندڙ هڪ ٻار جعفر لاکو  چلڊرين پارڪ ۾ جهولي سميت ڪري فوت ٿي ويوجنهن جي امڙ اڃان تائين سوڳوار بڻيل آهي ان پاتل ڪارو وڳو اڃان تائين لاٿو نه آهي ان جي معصوم جي موت جي انڪوائري اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهي ته وري هي ٻيو واقعو جنهن انتظاميه جي نااهلي ڪرپشن ۽ رشوت خوري ۽ بيحسي جو چٽو ثبوت آهي ۽ ضلعي توڙي ٽائون انتظاميه جي منهن تي چماٽ آهي معصوم عرفات ماءُ ۽ پي ءُ کي هڪڙو ئي پٽ هيو جنهن جي عمر پنج سال هئي جنهن جي ماءُ پي ءُ  پٽ جي لاءِ ايڪتا جي ڏينهن جي حوالي سان ٽوپي ۽ اجرڪ خريد ڪيو هو جيڪي ماءُ ۽ پيءُ جا خواب ۽ خيال هڪ ئي ڌچڪي ۾ چڪنا چور ٿي ويا جنهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ٽائون چيئرمين هجي يا ضلعي چيئرمين يا وري ڊي سي انهن جي لاءِ هي واقعو هڪ وڏو چيئليج آهي جن کي واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف انڪوائري ويهاري انهن خلاف قدم کڻي معصوم عرفات جي والدين کي انصاف فراهم ڪن ۽ شهر کي صاف سٿرو بڻائي کليل گٽرن جو خاتمو آڻين ته جيئن عرفات جهڙا معصوم گلڙن جهڙا پيارڙا ٻار انهن گندن گٽر جي ور چڙهي پنهنجون زندگيون نه وڃائين واقعي تي عرفات جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون دعا آهي ته عرفات جي وارثن کي مالڪ سائين صبر ۽ تحمل ڏئي.

.mahboob.musafir@gmail.com

 

 

 

 

 

هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس ۽ افغانستان جو ڀڀڪيون….!!: غلام مصطفي جمالي

سنڌ سنڌي ۾ اها چوڻِي تمام گهڻو مشهور آهي ته هڪ ڪوئي کي هيڊ جو ڪو ذرو هٿ آيو،انهي هيڊ تي ذري تي هر ڪنهن کي چوندو پئي وتيو ته هوُ پنسار جو دڪان ٿو کولي،انڪري افغانستان جيڪو پنهنجي ملڪ اندر ته هڪ سولي نموني سان سوئي به ٺاهي نه ٿو سگهي،پر انڊيا جي ڀر ۾ ويهي ڪري پاڪستان تي ڇوهه ڇنڊي رهيو آهي،ڪالهه انڊيا اندر هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس ٿي جنهن اندر پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ افغانستان جيڪو هميشه کان وٺي دهشتگردن جي پناهه ڏيندو پيو اچي ۽ اڄ به انهي افغانستان اندرڪيترائي دهشتگرد موجود آهن،ڀارت اندر ٿيندڙ هارٽ ايشاءُ ڪانفرس اندر ڀارت توڙي افغانستان ٻنهي ملڪن گڏجي ڪري پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو،افتتاحي تقريب اندر ٻنهي ملڪن جي تقرير جو پهرين تقرير ڪندي به رڳو پاڪستان مٿان الزام لڳايا پر ايتري حد تائين افغانستان چئي ويٺو ته پاڪستان دهشتگردن جي پناهه ٿيندڙ ملڪ هي.هڪ طرف پاڪستان ۽ ڀارت نه صرف پاڙيسري ملڪ آهن.پر ٻنهي  ملڪن جي وچ ۾ هميشه گهڻي عرصي کان وٺي پاڻ ۾ تمام گهڻي ڪشيدگي رهي آهي.پاڪستان اندر ڪهڙي به سياسي پارٽي ڇو نه هجي ۽ انڊيا ۾ به ڀلي ڪهڙي به سياسي پارٽي ڇو نه هجي. پر ٻنهي ملڪن جا پاڻ ۾ تعلقات ڪجهه خاص بهتر ناهن رهيا.پراها به حقيقيت آهي ته ٻنهي مڪلن جا پاڻ ۾ ايترا ويڇا پيدا ٿيا آهن. جنهن جو گهڻي ڀاڱي زميوار انڊيا ئي آهي.انڊيا هميشه اڳرائي ڪري پاڪستان جي سرحدن جي ڀڇڪڙي ڪئي آهي.۽ ورڪنگ بائونڊري تي پاڪستاني سرحدن،جتي گهڻي آبادي واراعلائقا آهن.انهن علائقن اندر فائرنگ ڪري ڪيترن ئي بي گناه پاڪستانين جو رت وهايو آهي.پاڪستان ۽ انڊيا جا تعلقات جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ جي ورهاڳي کان وٺي بهتر ناهن رهيا.ان ڪري ٻنهي ملڪن جي معيشت ۾ پڻ ايترو سڌارو نه اچي سگهيو آهي.۽ اهو زنده مثال آهي ته جيڪي ملڪ پاڪستان ۽ انڊيا کان پوءِ آزاد ٿيا اهي ملڪ هن وقت ترقي جي اڏام تي پرواز ڪري رهيا آهن.جن جي نه رڳو معيشت مظبوط آهي. پر سندس قومن به تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي.جڏهن ته انهن ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي پاڻ ۾ ڪيشدگي نه رڳو ملڪن معيشت کي نقصان ڏنو آهي اتي قومن جي ترقي جي راهه ۾ خاصي رنڊڪ پيدا ڪئي آهي.ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تي نظر وجهجي ته سترسال پوئتي وڃڻو پوندو.پر جڏهن کان مودي سرڪار انڊيا جي حڪمراني جون واڳون سنڀاليون آهن.تڏهن کان وٺي انڊِيا جي جارحيت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي.پاڪستاني ورڪنگ بائونڊري تي حملا. ۽ خد انڊيا اندر انتهاپسندي جو وڌي وڃڻ.جنهن جي ڪري انڊيا اندر مسلمان جو قتل عام ٿيڻ ۽ هندو گهٽ ذات وارن کي مارڻ.پاڪستان اندر هڪ اجينڊا طور “را“کي داخل ڪري پاڪستان جو امن تباه ڪرڻ.اهو سڀ ڪجهه مودي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ٿيو آهي.جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڏهن به امن ڳالهيون ناهن ٿيون..مودي سرڪار جي اچڻ کان پوءِ هندوانتهاپسند شوسنا کي ته ڄڻ کلي ڇوٽ ملي وئي آهي.جنهن انڊيا ۽ پاڪستان جي سموري لاڳاپن تي حڪومتي ڌر بنجي ڪري سري عام مخالفت ڪري ڇڏي آهي.جنهن راند جي ميدان کان ويندي.

پاڪ انڊيا جي سمورن معاملن جي نه رڳو مخالف ڪئي آهي.پر انهن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پڻ حڪومت کي خطرناڪ تنيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهي آهي.تازو انڊيا جي مشهور اداڪار عامر خان جنهن جو ڏوهه هو ته هو هڪ مسلمان آهي جنهن جي ڪري شوسنا پاران نه رڳو موت مار ڌميڪون مليون پر کيس ٿڦڙ هڻڻ واري کي انعام جي لالچ پڻ ڏني وئي هئي.جنهن کان تنگ ٿي عامر ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو هو. ڀارت ۾ وڌندڙ انهاپسندي ۽ پاڪستان اندر امن جو مسئلو وڌي رهيو آهي.جڏهن ته ٻنهي ملڪ جي وچ ۾ جيڪو اهم مسئلو آهي اهو ڪشمير جو آهي.جيڪو ڪنهن به معاملي تي حل ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي.جڏهن ته پاڪستان ڪيترائي دفعا انڊيا سان ڪشمير معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.پر انڊيا پاڪستان سان ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي.جنهن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشمير جو مسئلو هميشه تڪراري رهيو آهي اهڙِي ريت جڏهن ڪالهه ڀارت اندر هارٽ ايشاءُ ڪانفرس جو پهريون مرحلو جيئين شروع ٿيو ته ڀارت جي شهر امرت سر ۾ سکهه برادري جي وڏي انگ هڪ جاءِ تي گڏ تي ڪري ڀارت جي وزيراعظم نيندر مودي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،مظاهرو ڪندڙ جو اهو به چوڻ هو ته ڀارت مظلوم ڪشميرن مٿان ظلمن جا پهاڙ ڪيئرائي رهيو آهي ۽ مظلوم ڪشميرين جي بي گناهه قتل ڪري رهيو آهي،سکهه برادري جي ماڻهن سموري معاملو جو زميوار نيندر مودي کي قرار ڏنو انهن اهو به واضع چيو ته ڪشمير اندر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو پاڪستان نه پر ڀارت ڪري رهيو آهي،انهن نيندر مودي جي باري ۾ چيو ته هندوانهتاپسندن سموري ملڪ اندر سکهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ سکهه برادري سان ڏاڍ ۽ جبر ڪيو پيو وڃِي جيڪو هن حڪومت طرفان هٿ ٺوڪيو ايجنڊا آهي،جنهن ڪري اها ڳالهه ته واضع آهي ته جنهن ملڪ جي عوام انهي انهتاپسندي جي خلاف اٿي بيهي ته انهي ملڪ تي پاڪستان تي اهڙي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، ڪالهه جيڪا ڀارت اندر “هارٽ آف ايشاءُ ڪانفرنس ٿي آهي .جنهن جي صدارت جي ڀارت وزيراعظم نيندر مودي ڪئي.جنهن اندر افغانستان جي صرد اشرف الغني پاڪستان تي دهشتگردي جا الزام لڳايا،جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته افغانستان ڀارت جي ڀر ۾ ويهي ڪري پاڪستان سان هر معاملي تي مهاڏو اٽڪائڻ ٿو چاهي ۽ افغانستان جا پاڪستان مٿان لڳايل الزام به انهي ڳالهه جو ثبوت آهن ته افغانستان کي آمريڪا ۽ ڀارت جي ڀرپور سپورٽ حاصل آهي، ڪجهه مهينن کان ڏسجي ته پاڪ افغان تعلقات به ڪجهه بهترناهن رهيا.پاڪستان ۾ هلندڙ ضرب عضب جن ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا  ۽ ڪيترائي پاڪستان ڇڏي افغان سرحد اندر لڪي ويا آهن.جن جي مارڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان افغانستان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ افغستان  ۾ وڃي ميان نواز شريف ۽ پاڪستاني اڳوڻي جنرل  راحيل شريف پاڪ افعان امن تي ڳالهيون ڪيون هينون پر ان وقت به افغانستان ان معاملي تي پاڪستان سان ڳالهين جو سلسلو رکڻ ۾ سنجيدا نه  هو. جنهن ڪري پاڪساني فوج کي وزيرستان اندر انهن دهشتگردن سان وڙهندي خاصو وقت گذري ويو.۽  ضرب عضب آپريشن اندر هن وقت ڪيترائي پاڪستاني فوجي نواجوان شهيد ٿي چڪا آهن. افغانساني صدر اشرف الغني جو ڀارت اندر  “هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس“ ۾ شامل ٿيڻ ۽ انهي ڪانفرنس پڻ انهي ڳالهه جو اشارو آهي هوُ انڊِيا جي ڀر ۾ ويهي ڪري پاڪستان لاءِ ڪڏهن به سٺو نه ٿو سوچي. ڀارت اندر“هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس ٿي رهي آهي.انهي مان پاڪستان کي ضرور فائدو وٺڻ گهرجي.افغانستان سان پاڪ افغان امن ڳالهيون ڪري ٻنهي ملڪن اندر امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وڃن. جڏهن ته انڊيا سان ڪشمير مسئلي تي پڻ ڳالهيون ڪيون وڃن.ڀارت ۽ پاڪستان لاءِ ڪشمير مسئلو اهم آهي.جنهن تي هن وقت تائين چار جنگون ٿي چڪيون آهن هي وقت آهي جو پاڪستان انڊيا سان انهي ڪمشير مسئلي تي ڳالهيون ڪري سگهي ٿو.جڏهن ته هارٽ ايشاءُ ڪانفرسن اندر پاڪستان پاران سربراهي ڪندڙ پاڪستاني پرڏيهي معاملي جي وزير سرتاج عزير پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته افغانستان پنهنجي الزام بازين کان باز اچي،۽ افغانستان جيڪي پاڪستان مٿان الزام بازيون لڳائي رهيو آهي اهي سڀ بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن جن مان اهِڙي ڪا به صداقت ناهي،انڪري مان سمجهان ٿو ته سرتاج عزيز جي اها ڳالهه به سورهن آنا سچ آهي ته افغانستان جيڪي پاڪستان مٿان الزام بازيون لڳايون آهن اهي سڀ بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهي،ها جيڪڏهن افغانستان انهي الزام بازين ۾ سچو آهي ته وٽس ڪهڙو ثبوت آهي جنهن تحط جو پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي،هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس اندر پاڪستان انهي ڳالهه جي به واضع ڪيو ته پاڪستان ڪنهن به حال ۾ جنگ نه ٿو چاهي پاڪستان هيمشه امن پرست ملڪ رهيو آهي ۽ پاڪستان ايشاءٌ جي خطي سميت پنهنجي ملڪ اندر به امن ئي چاهي ٿو،.

 

 

 

 

سنڌ جا وسطي واهڻ ثقافتي رنگن سان رڱجي ويا

سنڌ واسين طرفان قديم سنڌي ثقافت جي بقا لاءِ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ ڀرپور نموني سان ملهائڻ واري اعلان بعد گذريل ڏينهن سنڌ واسي هڪ هنڌ گڏجي ويا ۽ سنڌ جا واهڻ وستيون خوشي مان جهومي اٿيون، سموري سنڌ هڪ هنڌ گڏجي وئي، هر طرف رنگن جو بهارون نظر اچڻ لڳيون ، معصوم ٻالڪن ۽ عورتن سميت سمورا سنڌ واسي خوشين مان جهومندي نظر اچڻ لڳا، سنڌ ڌرتي سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو قومي عيد جيان ڀرپور طريقي سان ملهايو ويو، ڌرتي ڌڻين طرفان ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي شاندار تقريبن ۽ جوش خروش جو مظاهرو ڪيو ويو، سنڌي ثقافت جو ڏهارو ملهائڻ واري اعلان بعد ڌرتي جا وارث ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويا ۽ سنڌ جا شهر توڙي جهر جهنگ ٿقافتي رنگن ۾ رنگجي ويا آهن ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙن سميت سياسي، سماجي، شاگردن، نوجوانن ۽ ساڃاهه وندن طرفان ان ڏهاڙي کي خوشين ۽ محبت جي ڏهاڙي طور ملهايو ويو ۽ سنڌ ۾ ان حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون ويون. ان ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي سمورن پريس ڪلبن اڳيان مختلف سياسي، سماجي ۽ شهري تنظيمن طرفان ريليون ڪڍي سنڌ سان ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ويو. ثقافتي ڏهاڙي تي سمورن  شهرن جي سمورن روڊن رستن تي ان ڏهاڙي جي حوالي سان بينر ۽ پينافليڪس لڳايا ويا هئا ۽ شهر جي سمورن رستن ۽ چوراهن تي سنڌ واسي جهومندي ۽ خوشين وچان نچندي نظر آيا. حيدرآباد پريس ڪلب آڏو ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي ان لڳايل اسٽيج تي پاڪستان پپلز پارٽي حيدرآباد سميت مختلف قومپرست پارٽين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ پهچي اهو ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو جڏهن ته ان موقعي تي سنڌي جي ڀلوڙ راڳين ۽ ناليواري مزاحيه فنڪارن فن جو مظاهرو ڪيو. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومي عيد ملهائيندڙ شاگردن ۽ معصوم ٻارڙن جو چوڻ هو ته ثقافتي ڏهاڙي ۽ تقريب جي حوالي سان شاگردن ۾ وڏو جوش ۽ خروش آهي ۽ اهي ان تقريب کي ملهائڻ لاءِ ڪافي ڏينهن کان محنت ڪري رهيا آهيون ، اسانجي ثقافت امير ترين ثقافت آهي ۽ اسانجو فرض بڻجي ٿو ته ان جي تحفظ ۽ بقا لاءِ جيترو ٿي سگهي ڪوششون وٺون.  سنڌ اسانجي ماءُ آهي جنهن جي ثقافت دنيا جي مڙني ثقافتن کان قديم آهي جنهن جي بقا لاءِ نوجوان نسل کي ئي محنت ڪرڻي آهي،  ثقافتي ڏهاڙي تي سڄي سنڌ ۾ ثقافتي ويس پائي ريليون ڪڍيون ويون، ان سان گڏوگڏ مچ ڪچهريون پڻ ڪوٺايون ويون ۽ ملهه ملاکڙو، ونجهه وٽي ۽ ڪوڏي ڪوڏي سميت سنڌ جي ثقافتي راندين جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو. هزارين سال قديم ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن، وڏن شهرن، ڳوٺن، وستين توڙي واهڻ ۾ ثقافتي پروگرام ڪرايا ويا. هر سال جيان هن سال به هزارين سال قديم تهذيب جي ثقافت جا سمورا رنگ نروار ڪرڻ لاءِ ثقافتي سرگرميون ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيون ويون، تعليمي ادارن ۾ پروگرام منعقد ڪيا ويا. ثقافتي ڏهاڙي  تي سنڌ واسين جو آواز سڄي دنيا ۾ گونجي اٿيو ۽ عالم کي بچائڻ ۽ انتهاپسندي کي شڪست ڏيڻ لاءِ محبتن جي پرچار ڪئي وئي. ڌرتي ڌڻين جو چوڻ آهي ته سنڌي ثقافت ۾ اهڙي طاقت آهي جو اها ٻين ثقافتن سان گڏجي دنيا مان انتها پسندي جي پاڙ پٽي سگهي ٿي.