تازيون خبرون

Daily Archives: December 2, 2016

سلمان خان سنيل سيٺي جي ڌيءَ کانپوءِ پٽ جي ڀرپور انٽري لاءِ سرگرم

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان هڪ پاسي ته اداڪار سنيل سيٺي جي ڌيءَ آٿيا سيٺي جي بالي ووڊ ۾ انٽري ڪرائي هئي ۽ هاڻ هو ان جي پٽ آهان کي به بالي ووڊ ۾ پير رکڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بالي ووڊ اداڪار سلمان خان ڪيترن ئي اداڪارن کي بالي ووڊ جي ڏاڪڻ چاڙهڻ ۾ اڳيان اڳيان رهيو، جتي هن سنيل سيٺي جي ڌيءَ کي پنهنجي پروڊڪشن هائوس جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ”هيرو“ ۾ آندو هو، پر هو اداڪار جي پٽ 21 سالن جي آهان کي به بالي ووڊ ۾ پير رکڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سلمان خان سماجي رابطي جي ويٽ سائيٽ ٽوئيٽر تي آهان جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو آهي ته آهان تصوير ۾ تمام سهڻو لڳي رهيو آهي. آهان جي بالي ووڊ ۾ ساجد ناڊيه والا جي فلم کان انٽري ڪرڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان، جڏهن ته سلمان خان آهان کي بالي ووڊ ۾ ڀليڪار چيو آهي. واضح رهي ته اداڪار سنيل سيٺي  پٽ کي فلم نگري ۾ اچڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۽ حوصلو وڌائڻ تي دبنگ سلمان خان جا ٿورا مڃيا هئا.

 

ڀارتي فلمن تي پابندي: پاڪستاني فلم انڊسٽري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي

لاهور (شوبز نيوز) ڀارتي فلمن جي پاڪستان ۾ نمائش بند ٿيڻ ڪري پاڪستاني فلم انڊسٽري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ پاسي سينيما مالڪن جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڀارتي فلمن جي نمائش ٻيهر شروع نه ٿي ته سينيمائن تي ڪيل ڪروڙين رپين جي سيڙپڪاري ۽ سينيمائن ۾ موجود اسٽاف بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي لاهور ۽ ڪراچيءَ جي اڪثريتي فلمسازن ۽ هدايتڪارن جو مؤقف آهي ته ڀارتي فلمن تي لاڳو پابندي برقرار رکي وڃي.

 

يوراج سنگهه ۽ بالي ووڊ اداڪارا هيزل ڪيچ شادي جي ٻنڌڙن ۾ ٻڌجي ويا

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي آل رائونڊر ڪرڪيٽ رانديگر يوراج سنگهه پنهنجي مڱيندي بالي ووڊ اداڪارا هيزل ڪيچ سان شادي ڪري ڇڏي. شادي جون باقاعدا رسمون چندي ڳڙهه ويجهو گردواره فتح صاحب ۾ ٿيون. جنهن ۾ و

يجهي مائٽن، دوستن ۽ گهر ڀاتين شرڪت ڪئي. شادي جي تاريخ ۽ پروگرام يوراج جي ماءُ شبنم پاڻ ڪيو. يوراج سنگهه جي ڪنوار هيزل برطانيه جي شهري مراٺڻ ماڊل آهي ۽ مشهور پروگرام بگ بوس 7 جو حصو به رهي چڪي آهي. يووراج سنگهه ۽ هيزل گذريل سال انڊونيشنل جزيري تي مڱڻي ڪئي هئي.

 

ٽيم کي جيستائين منهنجي ضرورت هوندي کيڏندو رهندس: مصباح الحق

سڊني (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چوي ٿو ته ٽيم کي جيستائين منهنجي ضرورت هوندي کيڏندو رهندس. پاڪستان جي ڪامياب ترين ڪپتان مصباح الحق چوي ٿو ته نيوزيلينڊ جي ڀيٽ ۾ آسٽريليا جون حالتون بهتر آهن. ناڪامي کانپوءِ ٻيهر اٿڻ ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. مصباح الحق چيو ته آسٽريليا جي ٽيم ماضي جهڙي ناهي، ناتجربيڪار آهي، ڪپتان چيو ته هڪ سيريز ۾ ناڪامي کانپوءِ بالرن تي سوال اٿڻ صحيح ناهي.

 

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي: حيات علي شاهه بخاري

گذريل ڪالم ۾ مون ڪراچيءَ جي فلمي صنعت جي تباهي جو پيرائتو ذڪر ڪيو هو ۽ ڪالم جي پڄاڻيءَ ۾ واعدو ڪيو هو ته ايندڙ ڪالم ۾ اهو ٻڌائيندس ته لاهور جي فلم انڊسٽريءَ جو زوال ڪيئن آيو. ڳالهه هيءَ آهي ته لاهور ۾ آغاز کان اردو فلمون ٺهنديون هيون، جن جا ڊائريڪٽر ۽ اداڪار به اهل هوندا آهن، انهن ڏينهن ۾ پنجابي فلمون ايڪڙ ٻيڪڙ ٺهنديون هيون، جهڙوڪ پاٽي خان، دوپٽه، رم جهم، ڪرتار سنگهه ۽ ٻيون، پنجابي فلمن جي کپت وڌي وئي ته اهي اردو فلمن کي اورانگهي ويون، اردو فلمون گهٽ ۽ پنجابي فلمون وڌيڪ ٺهڻ لڳيون.

هي اهو زمانو هو جڏهن اداڪار اڪمل، حبيب، نغمه، شيرين، فردوس ۽ اعجاز پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪندا هئا. انهن اداڪارن ۾ ڪيترا ته پنهنجي مقبوليت کي سهي ويا ۽ پنهنجي فن سان سچا رهيا، ڪي وري ايترا مغرور ٿي ويا جو انسانيت جا سمورا ليڪا لنگهي ويا، انهن ۾ خاص طور پنجابي فلمن جو ولين مظهر شاهه مقبوليت سبب توائي ٿي ويو، شوٽنگ دوران ٻه ٽي ڇاڙتا کيس شراب ۽ چرس پياريندا هئا ۽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ سان دلچسپي گهٽجي وئي ۽ نتيجو اِهو نڪتو جو ڪوبه کيس پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ نه ڪندو هو. پنجابي فلمن جو اهو ڪامياب دور ڪيترن ئي سالن تي محيط آهي، اردو فلمون تمام گهٽ ٺهڻ لڳيون ته ڪراچيءَ جا اُهي اداڪار جيڪي ڪراچيءَ جي اسٽوڊيوز کي ويران ۽ ڀڙڀانگ ڪري لاهور جا وڻ وسايائون، سي موٽي ڪراچيءَ آيا، اِهو ڪو نه چوندس ته ”جٿي دي کوتي اُتي آ کلوتي“.

لاهور جي فلمي صنعت ۾ هڪ فائٽر هوندو هو، جيڪو اردو توڙي پنجابي فلمن ۾ ننڍا ڪردار ادا ڪندو هو، نالو هئس سلطان راهي. جي ها، اوهان ٺيڪ سمجهيا. اُهو ساڳيو سلطان راهي، هُو راولپنڊيءَ جو رهواسي هو. لاهور جي بادشاهي مسجد ڀرسان هڪ ڪمري جي گهر ۾ رهندو هو، جتي سندس زال ۽ سندس ماءُ ساڻس رهنديون هيون، روزانو اسٽوڊيوز جا چڪر هڻندو هو، سندس گهر اسٽوڊيوز کان ايترو پري هو، جيئن حيدرآباد شهر کان ڄامشوري واري مهراڻ يونيورسٽي، سلطان راهيءَ جي چواڻيءَ ته ”جڏهن ڀاڙي جا پئسا نه هوندا هئا ته پنڌ اسٽوڊيو ويندو هئس، ڪنهن فلم ۾ ڪم ملندو هو ته پئسا وٺي ويگن يا بس ۾ گهر ايندو هئس، پر پئسا نه هوندا هئا ته پنڌ اسٽوڊيوز ويندو هئس ۽ ڪم نه مليو ته پنڌ ئي گهر موٽندو هئس“. پنجابي فلمن جي ڪامياب دور ۾ اتان جا اسٽوڊيوز مالڪ ڍاپجي پيا. اداڪار، اداڪارائون ۽ ٽيڪنيشن سکيا ستابا ٿي ويا، وري پشتو فلمون به جڏهن لاهور ۾ ٺهڻ لڳيون ته لاهور جي فلمي صنعت عروج تي پهچي وئي، سلطان راهي ”وحشي جٽ“ فلم ۾ ڪم ڪري ايڪشن فلمن جو آغاز ڪيو ته سلطان راهي هر پنجابي فلم جي ضرورت بڻجي ويو، وحشي جٽ کان مولا جٽ تائين ايڪشن فلمن جو هڪ ڊگهو سفر آهي، جنهن فلم جي ڪاسٽ ۾ سلطان راهي هوندو هو اُها ڪامياب ٿيندي هئي، وري مٿان حزين قادري جي قلم مان سرجيل ڪهاڻيون ۽ گيت ته سون تي سهاڳو بڻجي ويو. فلمسازن ۽ هدايتڪارن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ فقط سلطان راهي کي اهميت ڏنائون، ان دوران ڪيترائي اسٽوڊيوز: سينيٽل اسٽوڊيو، شباب اسٽوڊيو، اي ايم اسٽوڊيو بند ٿي ويا، صرف شاهنور اسٽوڊيو، باري اسٽوڊيو ۽ ايورنيو اسٽوڊيو کليل رهيا، جڏهن سلطان راهي قتل ٿيو ته پنجابي فلمن ٺاهڻ وارن ڄڻ ته ڍينگو ڍيري ٿي ويو، سندن پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، پنهنجي پاڻ تي افسوس ڪرڻ لڳا ته سلطان راهي جي حياتيءَ ۾ اسان اک ڇو نه پٽي، سلطان راهيءَ جو نعم البدل ڇو نه آندوسين، سلطان راهي جو قتل لاهور جي فلمي صنعت لاءِ تمام هاڃيڪار ثابت ٿيو، اسٽوڊيوز ويران ٿي ويا، لڪشمي چوڪ ڀرسان قائم رائل پارڪ علائقي ۾ فلم ڊسٽري بيوٽرن جون ننڊون ڦٽي ويون، فلمسازن ٻين اداڪارن کي گنڊاسو هٿ ۾ ڏئي فلمون ٺاهيون، پر اهي سلطان راهيءَ جي جاءِ والاري نه سگهيا، پنجابي فلمون ڌڙا ڌڙ فلاپ ٿيڻ لڳيون، جنهن جي نتيجي ۾ باري اسٽوڊيو ۽ شاهنور اسٽوڊيو هڪ ته فلمون نه ٺهڻ ڪري ۽ اسٽوڊيو مالڪ شوڪت حسين رضوي جي ٻن زالن نور جهان ۽ ياسمين جي اولاد جي ملڪيت تان اختلاف جي ڪري بند ٿي ويو. هن وقت لاهور ۾ صرف هڪ ايورنيو اسٽوڊيو کليل آهي، جتي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ اردو پنجابي فلم ٺهي ٿي ۽ پشتو فلمن جي ڪري اسٽوڊيو قائم آهي. جيڪڏهن پشتو فلمن جي سپورٽ نه هجي ته ايورنيو اسٽوڊيو به بند ٿي وڃي. ڳالهه صرف اِها ناهي ته فلم اسٽوڊيوز بند ٿي ويا، پر فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار ۽ اداڪارائون به بيروزگار ٿي ويون، ٽيڪنيشن به پريشان ٿي ويا، صرف اهي اداڪار ۽ اداڪارائون ڌڪ پچائي ويا، جن پنهنجي مقبوليت دوران ڪجهه پئسا پاڇي ڪيا يا سيڙائي ڇڏيا، تن جو گذر سفر ٿئي پيو.

لاهور جي فلمي صنعت جي تباهيءَ تي مون کي ڪا خوشي نه ٿي ٿئي، پر ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته ڪيترا سال مان به لاهور جي فلمي صنعت ۾ ڪم ڪري چڪو آهيان، پر اُتان جي تباهيءَ کي ان نظر سان ڏسان ٿو ته لاهور جي دوستن هڪ سازش سان ڪراچيءَ جي فلمي صنعت کي تباهه ۽ برباد ڪيو، خدا جي قدرت اڄ اهي ساڳيا دوست ٿاٻن ۾ آهن، ڪراچيءَ جي اداڪار غلام محي الدين کان پڇان ٿو ته ڪراچيءَ جي فلمي صنعت کي نڌڻڪو ڪري لاهور وڃي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ کانپوءِ اڄ جڏهن لاهور جي فلمي صنعت جي تباهيءَ کانپوءِ ڪراچي موٽڻ تي کيس ڪجهه ته احساس ٿيو هوندو ته هنن لاهور وڃي سٺو نه ڪيو. کيس کپي ته ڪنهن ڏينهن ڪراچيءَ جي ايسٽرن اسٽوڊيو وڃي اتان جي ويراني ڏسي، کيس اتي ڪيترين ئي شخصيتن جا سڏڪا ٻڌڻ ۾ ايندا.

 

پاناما ليڪس معاملو ۽ سوڙهي ٿيندڙ نواز حڪومت..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ملڪ اندر بدلجندڙ حالتن ۽ سياسي ڪلاٽين بازيين تي اڪثر بحث مباحثا ٿيندا رهندا آهن،جڏهن ته هر بحث جو ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندو آهي ۽ هر بحث ڪنهن نه ڪنهن موضع يا مقصد يا مسئلي تي ڪيو ويندو آهي،پر پاڪستان اندر ڪرپشن جيتري حد تائين وڌي آهي ۽ پاڪستان مان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي خاتمي لاءِ ،نيب عدالتن توڙِي ٻين داران جيتري به ڪوشش ڪئي آهي اها سڀ جا سڀ بي مقصد آهي،بي مقصد انهي ڪري جو اڄ تائين پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪيس اندر ڪو به وڏو ڪامورو يا سياستدان به ڦاسي سگهيو آهي،بس اهين ننڍا ننڍا آفيسر ڪرپشن ڪيس اندر گرفتار ٿيندي اخبارن توڙي رسالن جي مين سرخين جي هيڊ لائين ٿيندا رهندا آهن،مان سمجهان ٿو ته پاڪستان مان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي خامتي جو ڪو تصور نه ناهي رهيو ،اهو انهي ڪري جو پاڪستان اندر هر سياستدان پنهنجي ٻولي ڳالهائيندو آهي،هر ڪو پنهنجي مٿان لڳايل الزامن کي رد ڪرڻ ۽ پنهنجو پلاند آجو ڪرائڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي،ڪنهن به سياستدان کي قوم ۽ عوام جو درد ناهي. هر ڪوئي پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندي نظر اچي رهيو آهي،ڪجهه وقت پهرين  پاڪستان جي سياست اندر نيب پنهنجون ڪاروايون شروع ڪيون،پاڪستان اندر هر سياست سان لاڳاپيل توڙِي عام رواجي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي پويان اچي وٺ پڪڙ ڪئي،جنهن کي ڏسي ڪري ڪجهه وقت لاءِ ائين لڳي رهيو هوُ ته ملڪ مان ڄاڻ تي ڪرپشن ختم ٿي. ڄاڻ ٿو ملڪ شانداز مستقبل تي پهچي،نيب پنهنجي ڪاروائي اندر ڪيترا ڇانپا هنيا پاڪستان پيپلز پارٽي کان ويندي ن ليگ توڙي ِٻين سياسي جماعتن جي ماڻهن جون گرفتاريون ٿيون بلوچستان اندر نيب رئساڻِي جو گهر تي ڇانپو هڻي گهر جي هر گهنڊ مان پئسا ڪڍيا ايتري حد تائين جو مٺائي جي دٻن ۾ به پئسا پيل نظر آيا،جن پئيسن کي ڏسي ڪري قوم اهو ئي چئي رهي هئي ته اسان شاندار مستقبل ڌوڙ ڏسون اسانجو سمورو پسئو ته رئساڻي جي گهر ۾ پيل آهي،پر ان وقت عوام کي اها به پڪ هئي ته پاڪستان اندر رڳو اهو هڪ رئساڻي ناهي جنهن جي گهر مان ايترا پئسا نڪتا پر ايترا ته الائي ڪيترا رئساڻي آهن جن عوام جو پسئو ڪرپشن ڪري پنهنجي تجوڙين ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهي پسئي تي ڪاري نانگ وانگر ڦونگارو هڻي ويٺا آهن. ته جيئن ڪو چورائي نه وڃي، نيب جي ڪاروائين کي ڏسي ڪري ائين لڳو پئي ته نيب پاڪستان اندر جيڪي به ڪاروايون ڪري رهي آهي اهي صرف ۽ صرف هڪ نشاني طور آهن ٻيو ڪجهه به نه.! ڇو ته نيب انهن ماڻهن جي خلاف ڪاروايون ڪري رهي هئي جيڪي ڪنهن وقت سياسي پارٽين سان لاڳاپيل هئا ۽ پوءِ انهي سياسي پارٽين کان ڪنارا ڪشي ڪري ويا هئا،۽ نيب رڳو اهڙن ئي ماڻهن جي پويان پيل هئي جنهن جو مثال ڊاڪثر جي صورت ۾ اسانجي جي سامهون آهي ڇو ته ڊاڪٽر عاصم پ پ سان لاڳاپيل هو ۽ جنهن وقت کيس نيب گرفتار ڪيو ته پ پ کائونس ڪنارا ڪشي ڪري وئي ۽ ڊاڪٽر عاصم ڪيس اهڙو الجهيو جنهن جو نتيجو اڄ تائين نه اچي سگهيو آهي .ان ڪري نيب ڇاپن جو رزلٽ به زيرو آهي نيتجو اهو نڪتو ته عدالت خد اهو بيان ڏنو ته نيب خلاف به احتساب ٿيڻ گهرجي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جو سموري نيب الائي ته ڪيڏانهن گم ٿي وئي .جيڪا اڄ ڏينهن تائين ظاهر نه ٿي سگهي آهي،پاڪستان اندر ڪرپشن ايتري حد وڌي آهي جو پاڪستان جي پاڪستان جي پراڻي آرمي چيف خد اهو بيان ڏئي الوداعي ڪئي ته پاڪستان اندر سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، هن وقت پاڪستان اندر پاناما لڪيس معاملي تي تمام گهڻو شور آهي آف شوز ڪمپين کي وٺِي ڪري وڏا  وڏا  سياستدان عدالتن اندر لٿل آهن ۽ پاڻ بچائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ،جنهن مان ٻه اهڙيون سياسي پارٽيون آهن جيڪي ميان نواز جو احستاب گهرڻ ۾ سڀ کان اڳريون آهن انهن پارٽِي ۾ هڪ پارٽي ته پيپلز پارٽي آهي جنهن جون تازيون واڳون پيپلزپارٽي جي نوجوان قيادت آصف علي زرداري جي پٽ بلاول زرداري سنڀاليون آهن، جنهن نواز حڪومت اڳيان پنهنجا ڪجهه سوال رکيا آهن جنهن جو جواب نه ڏيڻ تي بلاول پاران 27ڊسمبر تي ڌماڌم مست قلندر ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي،۽ بلاول ڀٽو اهو به چئي رهيو آهي ته نواز حڪومت جهموريت به پر آمريت آهي ان ڪري 27ڊسمبر تي آمريت جو تخت اونڌهو ڪيو ويندو،ياد رهي ته پاڪستان جي واحد پيپلز پارٽي آهي جيڪا اڪثر سياسي جهڳڙي کانپوءِ سامهون سياسي پارٽي سان ٺاهه به جلدي ڪري وٺندي آهي،هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي ڀلي نواز حڪومت جو ڄنهگون ڇڪي يا سندس احستاب گهري پر وقت حالتون اهو سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏينديون،انڪري 27ڊسمبر به پري ناهي. ڏسون ته ڌما ڌم مست قلندر ڪئين ٿو ٿي،جڏهن ته  نواز حڪومت جو احستاب گهرندڙ ٻئي جيڪا سياسي پارٽي آهي اها پنهنجي مقصد تان ناهي هٽي،ڀلي انهي پارٽِي پنهنجو فيصلن ۾ يوٽرن ڪيو پر سندس مقصد صرف ۽ صرف ميان نواز شريف جا خاندان جو احتساب آهي،پاڪستان جي اها سياسي پارٽي تحريڪ انصاف آهي،مان سمجهان ٿو ته پاناما ليڪس کي وٺي ڪري ايترو شور نه ٿي ها جي تحريڪ انصاف پاڪستان اندر شور نه ڪري ها،ڇو ته جئين نواز حڪومت اليڪشن کٽي ڪري پاڪستان جي اقتدار جي ڪرسي سنڀالي آهي ان ڏينهن کان وٺي تحريڪ انصاف به سندس پويان پئجي وئي آهي، پهرين تحريڪ انصاف پاڪستان اندر ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا جن اندر اهو مطالبو ڪيو ويو ته نواز حڪومت جيڪا اقتدار جي ڪرسي حاصل ڪئي آهي اها ڪرسي هنُ ڌاندليون ڪري حاصل ڪئي آهي،جنهن ڪري تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان ڪيترائي ڏينهن اسلام آباد اندر ڌرڻا هنيا جلوس ڪڍيا پر تحريڪ انصاف کي انصاف جو ملڻ تمام مشڪل نظر اچي رهيو هو،پر عمران خان پوءِ به ن ليگ جي ڌانڌلين جا الزام لڳائيندو آيو ۽ پنهنجي ڌرڻن کي به جاري رکيو آهي،پر جئين پاناما ليڪس جو معاملو ته تحريڪ انصاف اندر هڪ نئون جذبو پيدا ٿيو،پاناما ليڪس معاملي تي گهڻو ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته مقصد جي ڳالهه ڪجي،پاناما لڪيس معاملو پاڪستان اندر تمام گهڻو هاءِ پروفائيل اشوز بڻجي چڪو آهي،جنهن اندر حڪومتي ڌر ن ليگ ائين ڦاسي رهي آهي جئين ڪو ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو هجي ۽ زور لڳائي ڪري نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي ۽ نڪرڻ بجاءِ ويتر ڦاسيندو پيو وڃي،انڪري نواز حڪومت پنهنجي احستاب کان بچڻ لاءِ آف شوز ڪئپمنين ۽ پاناما لڪيس معاملي تي ڪورٽ اندر قطر جي هڪ شهزادي جو خط ثبوت طور پيش ڪيو هو ته انهن وقت جيڪا لنڊن اندر ملڪيت آهي اها ان پئسي مان خريد ڪئي وئي هئي جنهن رقم ۾ قطر جي شهزادي جو شيئر هو. پر نواز حڪومت شايد اهو وساري چڪي هئي ته اهوئي قطر جو شهزادو خد پاناما لڪيس معاملي جي آيل نالن جي لسٽ ۾ شامل آهي،،انڪري جيڪا ڪالهه ڪورٽ سڳوري پاناما لڪيس معاملي جي ٻڌڻي ڪئي ان اندر انهي خط جو مطالو ڪرڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو،عدالت اهو به بيان ڏنو ته جيڪڏهن نواز شريف خاندان پنهنجي احستاب کان بچڻ چاهي ٿو ته کيس عدالت اندر مظبوط ثبوت آڻڻا پوندا،انڪري سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته مظبوط ثبوت جيڪڏهن نواز حڪومت وٽ هجن ها ته هوُ ڇو قطر جي شهزادي جو خط  کڻي ڪري عدالت ۾ پيش ٿين ٿا،پوءِ ته هوُ اهي ئي مظبوط ثبوت کڻي عدالت ۾ پيش ٿين ها پر ائين نه ٿيو،جنهن ڳالهه مان اهو صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته نواز حڪومت وٽ لنڊن ۾ آف شوز ڪئمپنين ۽ فليٽ جي ملڪيت جا کيس مظبوط ثبوت آهن ئي نه جن مان اها ڳالهه ظاهر ٿي سگهي ته اهي انهن پنهنجي ڪنهن ذاتي ڪاروبار مان حاصل ڪيا هجن،ڪالهه جڏهن  عدالت سڳوري جو اهڙو بيان آيو آهي،جنهن کانپوءِ عمران خان ۾ وڌيڪ حوصلو پيدا ٿيو آهي،ميان نواز شريف آمريڪا جي نئي صرد ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي صدارتي الڪيشن کٽڻ ۽ پاڪستان اچڻ جي مبارڪ ڏني آهي انهي بيان کي سامهون رکي ڪري عمران خان صاحب پنهنجي هڪ ٽوئٽر پيغام ۾ چيو آهي ته اها سٺِي خبر آهي ته ميان نواز شريف جي ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهه ٻول ٿي آهي پر ميان نواز شريف لاءِ اها ڳالهه خراب آهي ته کيس پاناما ليڪس معاملي تي ڊونلڊ ٽرمپ به بچائي نه سگهندو،انڪري هاڻي ائين لڳي رهيو آهي ته عدالتي ڪيس گهڻو هلي نه سگهندو پر ائين به آهي ته شايد نواز حڪومت لنڊن پراپٽي لاءِ ڪي مظبوط ثبوت کڻي به عدالت ۾ پيش ٿين،پر عدالت ثبوت طور پرنٽ توڙي اليڪٽرونڪ ثبوتن کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ جوڊيشل ڪميشن نيب،ايف آءِ اي،ايف بي آر،ايس اي سي پي، ۽ اسٽيس بنيڪ کي هڻ هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي سموري معاملي جي تحقيات ڪن برحال ٻئي جماعتون هن وقت ڪورٽ ۾ آهن پر نواز حڪومت انهي پاناما لڪيس معاملي تي ڪي مظبوط ثبوت پيش نه ڪري سگهي آهي انڪري تحريڪ انصاف جو ن ليگ مٿان پلڙو وزني صاف ۽ چٽو نظر اچي رهيو آهي.

 

 

 

ڇا صرف هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ئي بچي ويو آهي…؟

آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا چيو آهي ته ”فل فراءِ ۽ هاف فراءِ“ غلط آهي پر سماج ۾ خرابي ايتري وڌي وئي آهي جو ان کانسواءِ ٻي ڪا به واهه ناهي. هن اها ڳالهه حيدرآباد ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. اي ڊي خواجا جنهن کي سنڌ ۾ نهايت ئي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. پر هن جي واتان جڏهن اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي ته هاف فراءِ ۽ فل فراءِ کانسواءِ ٻي ڪا به واهه ناهي ته پوءِ ماتم کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي. اسان جڏهن قانون جي عملداري جي ڳالهه ڪريون ٿا تڏهن اسان سميت هر ڪنهن جي اها راءِ آهي ته انتظاميا ۽ عدليا جا ڌار ڌار فرض ۽ ذميواريون آهن پر جيڪڏهن انتظاميا عدليا وارا اختيار يا عدليا انتظاميا وارا اختيار استعمال ڪري ته ان سان وقتي طور تي ته کڻي ڪجهه فائدا ٿي سگهن  ٿا پر اختيارن جي غلط استعمال سان جيڪڏهن ڊگهي مدي وارا نقصان ٿيڻ جو انديشو هجي يا ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان هجن يا ملڪ ۾ انارڪي پکڙجڻ يا مايوسي کي هٿي ملڻ وارا خدشا پيدا ٿين ته يقينن هر ساڃاهه وند اها ڳالهه سوچڻ تي ضرور مجبور ٿئي ٿو ته ڇا هاف فراءِ ۽ فل فراءِ کان سواءِ واقعي ڪا ”ٻي واهه“ هاڻ نه بچي آهي؟. اسان سمجهون ٿا ته هاف فراءِ فل فراءِ کان ڳچ عرصي تائين ته پوليس جا اعليٰ عملدار لاعلمي جو اظهار ڪندا رهيا هئا پر هاڻ ته آءِ جي سنڌ پڻ اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا به واهه نه بچي آهي. اسان سمجهون ٿا ته آءِ جي پوليس اها ڳالهه ڪري پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل انساني حقن جي پوليس پاران ڀڃڪڙي ڪرڻ جو سنئون سڌو اظهار ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پوليس جي نظر ۾ ان کانسواءِ ٻي ڪا به واهه نه بچي آهي ته پوءِ آءِ جي پوليس کي پاڻ اعليٰ عدالت ۾ پيش ٿي سنڌ ۾ ٿيندڙ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ٿيل جوابدارن سان ٿيل ڪارروائي نه رڳو قبولڻ گهرجي پر اعليٰ عدالت کي ٻڌائڻ گهرجي ته هاڻ عدالتن کي ڪجهه به ڪرڻ جي ضرورت ناهي هاڻ اعليٰ عدالتن ڏانهن  ڪنهن به ڏوهاري کي مليل سزا جي اپيل نه ايندي ۽ نه ئي ڪنهن عدالت ۾ ڪنهن ڏوهاري کي پيش ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته پوليس هاڻ پاڻ ئي فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته  ڏهاڪو سال اڳ تائين جيستائين روينيو عملدارن کي مئجسٽريٽ وارا اختيار حاصل هئا تيستائين اهي روينيو عملدار پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پوليس جي ملي ڀڳت سان ويهي فيصلا ڪندا هئا. يعني مختيارڪار جڏهن عدالت لڳائيندو هو ته پوليس ڪنهن جوابدار کي سندس عدالت ۾ پيش ڪندي هئي ته مختيارڪار سان گڏ ايس ايڇ او به عدالت ۾ ساڻس گڏ کيس ويهي بريف ڪندو هو ته پيش ڪيل جوابدار ڪيڏو وڏو ڏوهاري آهي ۽ هن کي ڪيتري سزا ملڻ گهرجي يا هن کي آزاد ڪرڻ گهرجي. عدليا ۽ انتظاميا کي ڌار ڪرڻ کانپوءِ هاڻ روينيو عملدارن کان اهي اختيار کسجي چڪا آهن ۽ پوليس هاڻ ڏوهارين کي مئجسٽريٽن آڏو پيش ڪرڻ لاءِ پابند آهي. اسان جي خيال ۾ جڏهن پوليس کي عدالتن ۾ جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم مليو آهي تڏهن کانپوءِ پوليس به ڄڻ ته بي وس بڻجي وئي آهي.