تازيون خبرون

Daily Archives: December 1, 2016

وڌيڪ معاوضو وٺڻ تي شردا ڪپور فلم گول مال-4 مان ٻاهر ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪاميڊي فلم گول مال نه صرف باڪس آفيس تي به خوب بزنس ڪيو پر پنهنجي چاهيندڙن کي به خوب محفوظ ڪيو هو جنهن کان پوءِ فلم جو هدايتڪار روهيت پاران صرف هڪ نه پر ٻه سيڪوئل گول مال ريفرنس ۽ گول مال ٿري ٺاهي ويئي ۽ هاڻي هدايتڪار پاران فلم گول مال-4 جون تياريون عروج تي آهن ڀارتي ميڊيا رپورٽ مطابق بالي ووڊ هدايتڪار روهيت پاران جڏهن فلم گول مال-4 ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ان وقت ئي مداح اهو ڄاڻڻ لاءِ بيچين هئا ته هاڻي ان فلم ۾ ڪهڙي اداڪاره نازرين کي محفوظ ڪندي نظر ايندي فلم جي هدايتڪار پاران شردا ڪپور کي مرڪزي ڪردار جي پيش ڪش ڪئي ويئي پر جڏهن ته اداڪاره پاران فلم جي لاءِ وڌيڪ معاوضو گهريو ويو جنهن کان پوءِ روهيت ۽ پروڊيوسر اجي ديوگن شرداڪپور جي جاءِ اداڪاره پرينتي چوپڙا کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪري ورتو.

 

وديا بالن پنهنجي فلم ڪهاڻي ٽو جي مشهوري لاءِ مٺائي کپائڻ شروع ڪري ڇڏي

ڪلڪته (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ڊرٽي گرل جي نالي سان مشهور اداڪاره وڌيا بالن پنهنجي فلم ڪهاڻي ٽو جي مشهوري لاءِ مٺائي کپائڻ شروع ڪئي آهي بالي ووڊ ۾ فلم جي نمائش کان اڳ مشهوري مهم به نهايت اهم سمجهي ويندي آهي جنهن سان فلم جي ڪمائي تي وڏو اثر پوندو اهي اهو ئي سبب آهي جو اداڪار ۽ اداڪارائن فلم جي مشهوري لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪندا آهن پر هاڻي وڌيا بالن به فلم جي نمائش لاءِ نئون پيشو اختيار ڪيو آهي ڀارتي ميڊيا مطابق وڌيا بالن پنهنجي ايندڙ فلم ڪهاڻي ٽو جي مشهوري لاءِ ڪلڪته ۾ مٺائي جي دڪان تي پهچي ويئي جتي هن نه صرف عام ملازمن وانگر مٺائي جي سجاوٽ ڪئي پر ڪافي دير مٺائي وڪرو ڪندي به نظر آئي.

 

ويمن ٽي-20 ايشيا ڪپ: پاڪستان بنگلاديش کي 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

بينڪاڪ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي 9 وڪيٽن تان مات ڏئي آچر تي کيڏي ويندڙ ويمن ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ جي فائنل لاءِ رستو صاف ڪري ورتو آهي. بينڪاڪ ۾ هلندڙ ويمن ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ بنگلاديش ويمن ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو، پوري  ٽيم 16 هين اوور ۾ صرف 44 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي، صرف 2 رانديگرياڻيون جهان آرا عالم ۽ رومانه احمد ڊبل فگر ۾ پهچي سگهيون. پاڪستان پاران ثنا مير 3 ۽ ايمن انور 2 رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو. جوابي بيٽنگ ۾ پاڪستاني ويمن ٽيم مليل حدف 10 هين اوور ۾ صرف هڪ وڪيٽ وڃائي پورو ڪري ورتو، جوريه خان 26 ۽ ارم جاويد 17 رنسون ٺاهيون.

 

نيوزيلينڊ خلاف ٽيم غلطيون ڪيون، آسٽريليا ۾ تيز راند کيڏڻ بنا گذارو نه ٿيندو:اڳوڻا ڪرڪيٽر

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻن ٽيسٽ ڪرڪيٽرن مدثر نذر ۽ اعجاز احمد جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٽيم ڪنڊيشنز تحت نه کيڏي رهي آهي، آسٽريليا ۾ تيز راند کيڏڻ بنا گذارو نه ٿيندو. هڪ بيان ۾ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مدثر نذر چيو ته بيٽسمينن ۽ بالرن حالتن موجب راند نه ڏيکاري، سينيئر بيٽسمينن کي ڊگهي اننگز کيڏڻ جي ضرورت هئي. هن چيو ته جڏهن سيريز ۾ هڪ ٻڙي کان پوئتي هئاسين ته پوءِ دفاع واري حڪمت عملي اختيار نه ڪرڻ گهرجي ها، آسٽريليا ۾ دفاعي انداز نه هلندو. اڳوڻي بيٽسمين اعجاز احمد چيو آهي ته بيٽسمينن غلطيون ڪيون، نيوزيلينڊ پاڪستان جي بالنگ اسڪواڊ کي ڏسندي هاڪاري حڪمت عملي اختيار ڪئي.

 

پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌ واسي….: آفتاب ميمڻ

پوين ڏينهن ۾ ڪجهه عجيب بي سُرو راڳ ٻڌو ويو. هڪ پاسي متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن طرفان ’ڪوٽا‘ کي سنڌين لاءِ غير مناسب طور لاڀائتو ٿيڻ جي پروپيگنڊا هلائڻ ۽ اسيمبلي ۾ ڪوٽا کي ختم ڪرڻ لاءِ قرارداد وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ٻئي پاسي ڊي جي رينجرز ڏي منسوب هڪ بيان کي غلط طور مروڙي پيش ڪرڻ جي اردو پريس طرفان ڪوشش ڪئي وئي. اهڙي پروپيگنڊا جي ڪجهه ڏينهن بعد وري هڪ اردو ڪالم نويس جاويد چوڌري پنهنجي ڪالم ۾ سنڌ واسين لاءِ غير مهذب زبان استعمال ڪئي! خدا ڄاڻي ته سنڌ دوست اديبن ۽ پريس انهيءَ تي ڪهڙو ردعمل ڏيکاريو؟ پر پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌ واسين سخت ردعمل جو اظهار ڪيو. سوشل ميڊيا تي ڪينيڊا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ سنڌ واسين ۽ ڪجهه سجاڳ سنڌين انهيءَ ڪڌي عمل کي جيڪا جوابي موٽ ڏني، اُها رڪارڊ مطابق هئي ۽ متحده ۽ اردو پريس جي خالي خولي نعري بازي جي برعڪس زميني حقيقتن تي مبني هئي. ڪجهه متيون منجهيل اردو ڳالهائيندڙ سنڌي به عجيب سوال کڻي اُٿيا. سندن ذهنن ۾ ڪجهه اهڙو تاثر ويٺل ڏساڻو، ڄڻ ته سنڌ اربن جي معنيٰ صرف مهاجر ئي هجن، کين اها به خبر ڪانه هئي ته سنڌ شهري ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر شهر به شامل آهن.

هڪ سنڌ دوست سجاڳ ذهن علي مراد راهوجو فيس بُڪ تي ڪجهه حقيقتن جو اظهار ڪيو ۽ تاريخي پس منظر ۾ ڪوٽا سسٽم جي پاڪستان ۾ غير منصفانه ونڊ ورڇ جي باني لياقت علي خان طرفان مقرر ڪيل ڪوٽا جي تفصيل سان وضاحت ڪئي. راهوجو صاحب جي اظهارِ حقيقت کي لنڊن ۾ علي گل ميتلو صاحب ۽ ڪينيڊا ۾ احمر نديم ميمڻ، مشهود قاضي ۽ مقصود ميمڻ پنهنجي حلقي ۾ توڙي مقامي ۽ ملڪي سطح تي لاڳاپيل ۽ اڻ لاڳاپيل ڌرين تائين پهچايو ۽ کين سنڌ واسين خلاف ٿيندڙ سازش کان آگاهه ڪيو. اسان جا محترم دوست علي گل ميتلو توڙي ڊاڪٽر علي رضا ميرجت سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جا روح روان آهن ۽ سنڌ واسين جي بهتري لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ماڻهن ۾ شامل آهن. ساڻن سهڪار ڪندڙ دوستن ۾ حال سياسي پناهه گزين ريڊيو وائيس آف سنڌ جو روح روان ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو آڳاٽو صدر امداد اوڍو به سرفهرست آهي. ائين ئي ڪينيڊا جي انڊس ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جو روح روان احمر نديم ميمڻ ۽ مقصود ميمڻ- اسان جو پيارو ڀاءُ ۽ دوست مشهود قاضي جو موجوده ڪمشنر حيدرآباد سائين شاهد قاضي جو ڀاءُ آهي ۽ ڪينيڊا ۾ ڪيلگري شهر ۾ رهندڙ آهي- پڻ انهيءَ لڏي جي سرواڻ سرويچن مان هڪ آهي. مشهود قاضي سگا توڙي سانا جو سرگرم ڪارڪن آهي. هن وقت سانا يعني سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي البرٽا صوبي جي شاخ جو صدر پڻ آهي. هي ڪيلگري ۾ رهندڙ ساٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ ريڊيو اسٽيشن کان وقت خريد ڪري روزانه يا شايد هفتيوار پروگرام سنڌي ٻوليءَ ۾ نشر ڪندا آهن. ڪينيڊا ۾ رهندڙ دوستن جي جٿي سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌ واسين جي شاندار طريقي سان نمائندگي ڪئي آهي. هن جٿي ۾ ٻيا به ڪافي دوست شامل آهن، جن کي آئون نه سڃاڻان نه ئي مون کي نالا ياد آهن، سواءِ هڪ ذوالفقار شيخ سابق انفارميشن آفيسر حڪومتِ سنڌ جي.

اڄ ڪينيڊا ۾ رهندڙ دوستن جي جاکوڙ جي ڪري البرٽا ۾ سنڌي ٻولي کي ٽين سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جي پارليامينٽ ۾ تحريڪ پيش ڪرڻ جي ڳالهه ڪافي اڳڀري ٿي چڪي آهي. ممڪن آهي ته هن وقت تائين سنڌي ٻولي ڪينيڊا جي البرٽا صوبي ۾ ٽين سرڪاري ٻولي ٿي به چڪي هجي. اڄ ڪينيڊا جي قومي ڏينهن تي سنڌ جو فلوٽ به پريڊ ۾ شامل ٿئي ٿو. اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي ڪينيڊا ۾ ۽ خاص طور البرٽا جي صوبائي گادي واري هنڌ ايڊمنٽن ۾ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. احمر نديم ميمڻ، مقصود ميمڻ ۽ قاضي مشهود جو ذڪر خاص طور انهيءَ ڪري به ڪرڻو هيو جو 2014ع ۾ جڏهن ڪينيڊا ويم ته ڪيلگري جا ڏينهن احمر نديم ۽ مشهود قاضي جي قرب جي نذر ٿيا. مشهود قاضي مائٽ به آهي ته ساڻس قرب جو رشتو به آهي. جڏهن سندس گهر ويم ته اُن وقت مون کي ڏاٺ ۾ سخت سُور هيو. مون پاڻ سان احتياطن اينٽي بايوٽڪ ايماڪسل Amoxil ۽ ڏندن جي سور لاءِ اينسڊ کنئي هئي پر شروع ڪانه ڪئي هئم. منهنجي تڪليف کي محسوس ڪندي مشهود قاضي هڪدم ڏندن جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو پر منهنجي چوڻ تي کيس اهو به ٻڌايائين ته آئون پهرين به ڏندن جي تڪليف ۾ اهي دوائون وٺي چڪو آهيان. ڊاڪٽر انهيءَ علاج تي ڪو اعتراض ڪونه ڪيو. ڏندن جي سور لاءِ يا هونئن به آئون نمڪين نيم گرم پاڻيءَ سان غراڙا ڪندو آهيان، اُهي به ڪرڻ لاءِ چيو. مشهود جو قرب، سندس ميزباني ۽ سندس گهرواريءَ جي هٿ جو پڪل ٺيٺ سنڌي کاڌو ڪين وسرندو، پر هتي ذاتي قرب ۽ دوستيءَ جو ذڪر مقصود نه آهي. اصل ڳالهه ته هئي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي سنڌ لاءِ جاکوڙ جي.

جڏهن ڌرتي ڌڻي چنيسر ٿيندا آهن، جڏهن مظفر شاهه جهڙا سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ڪرڻ جي قرارداد جي مخالفت ڪندا آهن ته اُتي اهڙا سنڌ واسي دودا به پيدا ٿيندا آهن، جي ڏيهه ته ٺهيو پر پرڏيهه ۾ به پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جو مانُ مٿانهون ڪندا آهن. آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي قومپرستن جي جاکوڙ ائين ته رنگ لاتو آهي، جو اڄ آمريڪي ڪانگريس به اِهو چوڻ تي مجبور آهي ته ”اسان پاڪستان سان سهڪار ته ڪريون ٿا. پاڪستان جي تعليمي ميدان ۾ به مدد ڪريون ٿا پر اسان سمجهون ٿا ته صرف اردو ئي پاڪستاني ٻولي نه آهي ۽ نه ئي سڄو پاڪستان، خاص طور ڏاکڻيون حصو اردو زبان سان سهمت آهي، تنهن ڪري اسان کي پاڪستان جي عوام ڏي پهچڻ لاءِ سائوٿ (ڏکڻ) پاڪستان ۾ ڳالهائيندڙ ۽ سمجهي ويندڙ ٻولي سان گڏ هلڻو پوندو، جو سنڌي ٻولي هڪ قديم ۽ مانائتي ٻولي آهي.“ انهيءَ سهڪاري پروگرام جي مد ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جي گهر ڪئي ويئي هئي پر شروعاتي طور صرف وائيس آف آمريڪا جي سنڌي پروگرام لاءِ ڏيڍ ملين ڊالر يعني پندرهن ڪروڙ پاڪستاني روپيا رکيا ويا. اڄ ڪينيڊا ۾ رهندڙ سنڌي اهڙا به آهن جي اسڪول ۾ ٻارن لاءِ سنڌي پڙهائڻ جي گهر ڪن ٿا ۽ اسڪول اُنهن جي ٻارن کي سنڌي استاد به رکي ڏين ٿا.

******

 

انساني روپ ۽ زندگي ..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

انسان ڪيترا ئي روپ رنگ وٺِي دنيا جي تختي آيو انهي  انسان کي الله صرف انسان جو لقب ڏئي دنيا ۾ موڪليو نه رنگ ڏٺو به روپ نه سهڻو نه بدصورت نه ڪارو نه گورو صرف انسان…پر انسان وقت حالات سان گڏ بدلجي ويو پٿرن جي دور کان ويندي سحرائن جي سفرن تائين انسان جي جو دور رهيو پر وقت ڪنهن جو انتظار نه ڪيو ۽ پنهنجي طرف جي آخري پڄاڻي تائين هلندو رهيو ۽ انسان به وس ٿي سندس پٺيان ڊوڙندو رهيو ان ڊوڙ ۾ جتي جتي وقت ڪلاٽيون کاڌيون اتي انسان نت نوان تجربا ڪيا وقت ڇا آهي، آخر اها ڪهڙي بلا آهي جيڪا مسلسل وهڪري ۾ آهي؟ اهو وهڪرو ڪڏهن به بند ناهي ٿيو.ڪروڙين سالن کان اهو وهڪرو هلندو آيو آهي ۽ خبر ناهي مستقبل ۾ الائي ڪيستائين هلندو رهندو؟ ڪلهه جڏهن مان هيس ئي ڪو نه پوء به هي هيو، اڄ مان آهيان پوء به هلي ٿو پيو ۽ سڀاڻي وري جڏهن مان نه هوندس ته پوء به هي ساڳي رفتار سان پيو هلندو رهندو. اڳي ڪٿي هيو ۽ هاڻي خبر ناهي ڪٿي آهي؟ اگر گذري چڪو آهي ته پوء هاڻي ڪٿي آهي پر جيڪڏهن اڃا ناهي آيو ته پوء آخر ڪٿي ترسيل آهي؟ ضرور ڪٿي نه ڪٿي ته هوندو. اهو ڪهڙي هنڌان شروع ٿئي ٿو ۽ وري ڪيڏانهن هليو وڃي ٿو ۽ هميشه لئه الائي ڪاڏي گم ٿي وڃي ٿو؟ اهو آخر ڪڏهن کان ڪيستائين هلڻو آهي، انجو منڍ ۽ پڇڙي ڪٿي اٿس؟ اهو آخر ڪهڙو وهڪرو آهي جيڪو بنا ڪنهن طاقت جي ساهي پٽڻ کان سوا ڪئي صدين کان هلي رهيو آهي؟

هي واقعا، حادثا، ڏکن جا انبار توڙي مرڪن جا مٽ، اکين مان ٽمندڙ ڳوڙها توڙي چپڙن تان ورتل چميون، پيار مان پاتل ڀاڪر ۽ جهپيون توڙي نفرت مان ڏنل ڌڪا ۽ ٿاٻا، مائن جا آسمان ڏانهن دعا لئه کنيل هٿڙا، ڪنهن يتيم جي زبان مان نڪتل پاراتا، فقير جي خيرات لئه جهليل ڦاٽل جهولي، سرتي کي اوڍيل اجرڪ، ڪوڙي تعريف ۾ چيل خوشامدي لفظ يا وري  ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ڏنل گاريون ۽ بجا، هي ڏک ۽ ڏوجهڙا، خوشين جا شادمانا، مقتل ۾ رت ۾ ٿڦيل پيارن جا لاشا، ميڪ اپ جي تهن ۾ ٻڏل ڪا سهڻي ڪنوار، قبرستان ۾ پوري آيل محبوب جو سرد جسم، گهر ۾ ڄاول نئون ابهم ٻار، هي سڀ ساز ۽ آواز، موتي جي مرثيا، ڪاڄ جا سهرا، جنگيون، جهيڙا، دهشتگردي ڦرون، ميلا ملاکڙا، محفلون توڙي تقريبون، گولين، بمن ۽ بارود جاڌماڪا ۽ ٺڪاء، جهرڪين جو چهچٽو، بلبل جو گنگنائڻ، ڪويل توڙي چڪور جون ڪوڪون، بک بدحالي، ڏڪار، غربت توڙي دعوتون، افطارون ۽ وليما، ڪٿي مئلن کي غسل لئه پاڻيء لپ نه لڀي ته ڪٿي مئخاني ۾ جام پيو ڇلڪي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا انيڪ واقعا پل پل ۾ رونما ٿي رهيا آهن ۽ ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ اهي ڪک پن بڻجي ڪنهن اڻ ڏٺي درياء ۾ لڙهندا پيا وڃن. اهي لمحا ڪنهن پل هِتي آهن ته اڳلي پل پري ٿي آخر ڪار اکين کان اوجهل ٿيندا هميشه لئه غائب ٿيندا وڃن ٿا. بظاهر نظر ته ڪجهه به نه ٿو اچي پر اهڙو ڪجهه ته آهي جيڪو وهي رهيو آهي، ۽ سڀني رونما ٿيندڙ واقعن کي پاڻ سان گڏ لوڙهيندو وڃي رهيو آهي. اهو آخر ڪهڙي قسم جو درياء آهي، جيڪو الائي ڪهڙن جبلن کان شروع ٿئي ٿو ۽ نه ڄاڻ الائي ڪهڙي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. تلوار ڀالا تير کان وٺي انسان ايٽم تائين وڃِي پهتو پر انسان رڳو انهي ڳالهه ۾ اڳيان رهيو پر سندس وهشت سندس سوچ ۾ تبديلي ته آئي پر انهي وحشت انهي سوچ انهن انسان کي سوچ تي گهري سمونڊ ۾ غوطا کائڻ تي مجبور ڪيو. رات  مون لفظن کي ڳلاٺڙيون پائي پرچائڻ جو ڪوشش ڪئي پر لفظ پرين واري پر تي پير پڪا ڪري بيهي رهيا منهنجي منٿن جو  ٺڪاءُ پر رات لفظ ۽ پرين بلڪل هڪ جهڙا لڳا  مان مجبور ته گهڻي هيس پر نه پرين پرتو نه ئي لفظن ساڀ ڏنو پر همت ۽ حوصلو ساڻ هنيا جنهن هٿن ۾ هٿ مظبوتي سان  جهليا هئا  جنهن ساٿ نه ڇڏڻ جو قول قرار وعده وچن  ڪيا هئا  پر دل تمام پري هئي ۽ جڏهن صدين جي  غلامي جي پاڇن ۾ پلجندڙ قوم جي ذهني ۽ فڪري بيهڪ ڏسڻي ۽ ماپڻي هجي ته پوءِ پري وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اسان کي پنهنجي ئي هلت چلت ۽ قول فعل کي ڏسڻ گهرجي. اسان اها ئي قوم آهيون، جنهن غلامانه سوچ ۽ جاگيردارانه فڪر کي مصر جي مميز وانگر پنهنجي ذهنن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري رکيو آهي . غلط فهمين، محرومين، ۽ پيڙائن جي دز اسان جي اکين ۾ اهڙي ريت ته گهر ڪري ويٺي آهي ، جو اسان سونهن، سچ ۽ حق کي به ڏسي ۽ پرکي نٿا سگهون. اسان جيڪو پاڻ سوچيون ٿا، ان کي ئي صحيح ڄاڻون ٿا ۽ لٺ کڻي ٻين کي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪريون ٿا. اسان جيڪو پاڻ ڪيون ٿا ، ان کي درست ڄاڻون ٿا ۽ ٻين کي پنهنجي پوئلڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيون ٿا. اسان سوچن ۾ بنهه ٻاراڻي اوستا وارا انسان بڻجي پيا آهيون . جيئن ٻار چاهيندو آهي ته سندس ماءُ ڪو به ڪم نه ڪري ۽ فقط کيس ريجهائي پرچائي ، تيئن اسان به هر ڪنهن ڏاهي، مدبر سوچ ڌڻي ۽ دانشور ۾ اهڙي ئي اميد رکون ٿا ته هو اسان کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي ، ڳالهائي ، سوچي ۽ لوچي .

اسان جا جيڪڏهن افعال ايستائين غير جمهوري هجن ته به ڪڏهن نه  ڪڏهن فڪري ۽ علمي آزاديءَ جي تازي هوا اسان جي سوچن ۾ ڦيرو آڻي سگهي ٿي . ليڪن پاڻ وٽ ته ڳالهه اڃا اَور آهي. هتي ته مامرو ئي ٻيو آهي. اسان جن حالتن مان گذرون ٿا ، انهن جي تقاضا اها آهي ته ڪجهه وقت اجتماعي جياپي ۽ وجود لاءِ پاڻ گڏ ٿيون. ليڪن پاڻ ائين نٿا ڪيون. اسان کي جڏهن متحد ٿيڻ گهرجي ته ان وقت باهمي اختلافن جو شڪار ٿي وڃون ٿا.اسان کي جتي محبت ڪرڻ گهرجي، اتي نفرتن جا واهڙ وهائي ڇڏيون ٿا. اسان کي جتي عفو ۽ درگذر ڪرڻ گهرجي، اتي ڪڏهن به معاف ڪرڻ نٿا گهرون. پر ڳالهه اڃا اَور آهي! اسان الائي ڪهڙي عينڪ پاتي جو پنهنجن جون چڱايون به اسان کي عيب لڳن ٿيون. اسان جي اندر وارين اکين مان بصيرت جي قوت اهڙيءَ ريت ته ختم ٿي وئي آهي، جو پاڻ کي ڪنهن جو ڳڻ ڪنهن جي صلاحيت ۽ ڪنهن جي خوبي به نظر نه ٿي اچي . ان جي برعڪس جنهن ۾ ڪا چڱائي يا صلاحيت ڏسون ٿا ته چڙي پئون ٿا.. اڻي ڪو انهيءَ بدنصيب، دانشور ۽ قلمي پورهيت کان  پڇي ته تون ته خلوص مان خلاص ٿي رهيو آهين ۽ پنهنجي سوچن جي رت کي مس بڻائي ڌرتيءَ خواهه ڌرتيءَ ڌڻي جي مسئلن، ماضي، حال، مستقبل تي لکي رهيو آهين، پر ڪن ماڻهن وٽ ته تنهنجو دڪو به داخل نٿو ٿئي . ويتر ان جي برعڪس اهي ته توکي پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي گهر کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويٺا آهن . اهو حشر فقط  ۽ فقط اديب جو نه آهي . سماجي   ڪارڪن هجي، صحافي يا فنڪار هجي قوم جو خير خواهه پر جيڪڏهن هو واقعي خير خواهه ، پر خلوص ۽ بي لوث آهي ته دشمنن کان اڳ پنهنجا هن جا تختا ڪڍندا۽ پراون کان اڳ هن تي اهي ناراض ٿيندا، جن لاءِ هو سوچي يا لوچي رهيو هوندو. رسڻ جي اها ريت عام ۽ عوام کي ڪانه ٿي اچي. جيڪڏهن انهيءَ جا ماهر آهن ته اهي جيڪي پاڻ کي لکيل پڙهيل ۽ عقل جا اڪابر ڄاڻن ٿا. هنن ويچارن جي اها مجبوري آهي ته هو پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري نٿا سگهن. هو لال جا آرسي آهن ۽ عمل جي دنيا ۾ گڙنگ موالي آهن. ان ڪري ذهن جو فتور هنن لاءِ انوکي قسم جا الهام کڻي ايندو آهي. هو اهڙين ئي سوچن کي عام ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو اهڙن لولن لنگڙن انسانن برابر آهن ، جيڪي راهه وٺي ويندڙ هر ڪنهن مسافر کي پنهنجي بيساکيءَ سان ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن . ڇو ته هو پاڻ اڳتي وڌي ۽ منزل طرف وڃي نه سگهندا آهن.اهڙا لولا لنگڙا انڌا۽ منڊا انسان به ته پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جا آهن. اڪثر ڪري ڪو به لولي لنگڙي ۽ انڌي منڊي گهر ڀاتي کي پنهنجي گهر مان ڪڍي ڪونه ڇڏيندو آهي. اوهان ۽ اسان به ائين ڪرڻ تي مجبور آهيون. انڪري انهن کي لوڌي ڪڍڻ بدران کين ڳراٽڙيون پائي ، هٿ ٻڌي ليلاٽيون ڪري اهو سمجهائڻو پوندو ته اهي اجايو رسڻ ڇڏي ڏين۽ ائين ناراض نه ٿين. پنهنجي قوم جي انهيءَ طبقي کي سمجهائڻ لاءِ پاڻ کي کليو ڪتاب بنائڻو پوندو ۽ وڏي صبر خواهه تحمل سان انهن حالتن جو انتظار ڪرڻو پوندو، جن جي روشنيءَ ۾ هو حق، سچ ۽ سونهن کي ڏسي ۽ پرکي سگهن.

 

 

 

اين ايف سي ايوارڊ تي سنڌ کي ٿيندڙ نقصان

سنڌين سان بيحد ويساهه گهاتيون ٿي رهيون آهن، هتي جا هزارين نوجوان پنهنجون تعليمي ڊگريون کڻي موجوده جهموري حڪومت جي چونڊيل نمائندن جي آفيسن ۽ اوطاقن جا چڪر ڪاٽيندي نظر اچي رهيا آهن، ڪٿي سنڌ جا نوجوان بي روزگاري سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن ته ڪٿي وري ڪيئي خاندان غربت ۽ بدحالي سبب هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن، سنڌ وٽ ايترا وسيلا موجود آهن جو هتي هر ماڻهوءَ کي روزگارڏنو وڃي ته به سنڌ جي وسيلن تي ڪو فرق نه پوندو، پر بدقسمتي سان اهڙي ڪابه حڪمت عملي جُڙي نه سگهي آهي، جنهن تحت سنڌ پنهنجي پيداوار مان فائدو حاصل ڪري سگهي. ٻيو ته بدقسمتي سان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي مليل مالياتي اختيارن جو ڪوبه استعمال ناهي ڪيو ويو، جيڪا سنڌ سان ويساهه گهاتي آهي، جيڪڏهن ٻين صوبن کي آئين ۽ اين ايف سي ۾ ڏنل فائدا ملي رهيا آهن ته سنڌ کي ڇو نٿو ان جو جائز حق ڏنو وڃي؟ هڪ پاسي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري هِتي جون زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن ته ٻئي پاسي اين ايف سي ايوارڊ کان به محروم رکيو پيو وڃي.ملڪ ۾ لاڳو ڪيل اين ايف سي ايوارڊ مطابق صوبن لاءِ مجموعي طور تي تقريبن 83 سيڪڙو مالي گرانٽس جي منظوري ڏنل آهي، جن مان پنجاب 51.74، سنڌ 24.55، ڪي پي ڪي 14.62 ۽  بلوچستان 9.9 سيڪڙو روينيو مان ملندڙ فنڊ حاصل ڪرڻ جا حقدار آهن، انهيءَ ايوارڊ جو مدو گذريل سال 30 جون تي ختم ٿي چڪو آهي، جنهن بعد نئون ايوارڊ جاري ٿيڻ کپي ها، پر ڪوتاهين جي ڪري ائين ممڪن نه ٿي سگهيو. آئين ۾ ڏنل يقين دهانين جي باوجود وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ تي ڪنهن نه ڪنهن طرح سدائين اختلاف هلندا رهيا آهن، جنهن سبب صوبن خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي وقت کان بي چيني پکڙيل آهي، ڪٿي ڪو صوبو آبادي، ڪو ايراضي، ڪو آمدني ۽ ڪو صوبو وري پٺتي پيل هجڻ جي بنياد تي اين ايف سي ايوارڊ مان حصو طلب ڪندو رهيو آهي، هن وقت چئني صوبن مان سنڌ ۽ بلوچستان اهي ٻئي اهڙا صوبا آهن، جتي جي زمين سون، ٽامي، تيل ۽ گئس سميت قدرتي معدنيات سان مالامال آهي، پر ان هوندي به اتي جي آبادي ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب جي ڀيٽ ۾ صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻين ڪيترن ئي بنيادي ضرورتن کان محروم آهي. اسين مڃون ٿا ته ملڪ کي سلامتي، امن ۽ استحڪام طرف وٺي وڃڻ ۾ چئني صوبن جو اهم ڪردار شامل آهي، پر هن وقت تيل، گئس ۽ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيڻ ۾ سنڌ سڀ کان اڳيان آهي، ان ڪري سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ به ان حساب سان ملڻ گهرجي، اميد آهي ته قومي مالياتي ڪميشن جي گڏجاڻين ۾ نئين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ راهه هموار ڪئي ويندي. اسين سمجهون ٿا ته صحت ۽ تعليم سميت ٻين ڪيترن ئي بنيادي معاملن سان واڳيل وزارتون 18هين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن حوالي ڪيون ويون آهن، ان هوندي به جي وفاق اين ايف سي ايوارڊ مان وڏي حد تائين ڪٽوتي ڪري ننڍن صوبن کي نظرانداز ڪرڻ جي روايت برقرار رکي ته اڳتي هلي سندس اهو عمل وفاق ۽ عوام جي حق ۾ نه هوندو.