تازيون خبرون

Daily Archives: November 24, 2016

دپيڪا پڊوڪون فلم جي ڪاميابي لاءِ اجمير شريف پهچي وئي

اجمير شريف (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون پنهنجي نئين فلم جي ڪاميابي لاءِ دعا گهرڻ لاءِ مزار تي حاضري ڏيڻ اجمير شريف پهچي وئي. راجسٿان ۾ واقع درگاهه اجمير شريف تي ڀارتي اداڪارن جي حاضري ڏيڻ جو سلسلو نئين ڳالهه ناهي، بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون به پنهنجي مصروفيتن باوجود خواجا معين الدين چشتي جي مزار تي حاضري ڏيڻ پهتي ۽ چادر چاڙهي دعائون گهريون. ڀارتي ميڊيا موجب ان موقعي تي درگاهه جي انتظاميا پاران سخت حفاظتي انتظامن باوجود  چاهيندڙن جو وڏو انگ مزار جي ٻاهران گڏ ٿي ويو.

 

شاهد ڪپور جو ڪرينا سان ٻار جي پيدائش جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور جو چوڻ آهي ته هو ڪرينا ڪپور جي ٻار جي پيدائش جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو. بالي ووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور ۽ شاهد ڪپور وچ ۾ ڪيترن سالن تائين هلندڙ طوفاني عشق جي داستان کان هرڪو واقف آهي، جنهن سبب هڪ ڊگهي وقت تائين خبرن جي زينت بڻيل رهيا، پر هاڻ ٻئي اداڪار ئي الڳ الڳ خوشگوار زندگي گذاري رهيا آهن، جتي شاهد ڪپور ته ڌيءَ جو پيءُ به ٿي ويو آهي، جڏهن ته اداڪارا ڪرينا ڪپور به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان لسٽ ۾ شامل ٿي ويندي. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور ۽ اداڪارا ڪرينا ڪپور جي هڪ پروگرام ۾ ملاقات ٿي، جتي هنن ڳالهه ٻولهه به ڪئي، هن ڪرينا کان ننڍي مهمان جي آمد بابت پڇا ڪئي، جنهن تي ڪرينا شاهد کي ڊاڪٽرن پاران ڏنل تاريخ بابت ٻڌايو. جنهن کانپوءِ شاهد ڪپور پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪرينا کي ڏسي سٺو لڳو، ان ملاقات ۾ ڪرينا مون سان منهنجي ٻارڙي ميشا جي خيريت پڇا ڪئي، مان ڪرينا ۽ ان جي ٻارڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

 

سري لنڪن فاسٽ بالر سرگا ليڪمال مٿان خطرناڪ بال اڇلائڻ تي ميچ جو 50 فيصد ڏنڊ

بلاويو (اسپورٽس نيوز) سري لنڪن فاسٽ بالر سرگا ليڪمال مٿان ٽي ملڪي ڪرڪيٽ سيريز جي ميچ ۾ زمبابوي جي اوپنر چاموچڀاڀا طرف خطرناڪ انداز سان بال اڇلائڻ جي الزام ۾ فيس جو پنجاهه سيڪڙو ڏنڍ مڙهيو ويو آهي ۽کيس ٻه ڊي ميرٽ پوائنٽس پڻ ڏنا ويا آهن. سرگا ليڪمال پنهنجي غلطي کي ۽سزا کي تسليم ڪري ورتو آهي. هي واقعو سومر ڏينهن بلاويو ۾ ميچ جي ٻين اوور ۾ پيش آيو، جڏهن ليڪمال چڀاڀا طرف خطرناڪ انداز سان بال اڇلايو،جيڪو وڪيٽ ڪيپر وٽ ويو. آءِ سي سي مطابق ڪنهن به بالر يا فيلڊر پاران بال اهڙي انداز سان اڇلائڻ راند جي قائدن خلاف آهي. واضح رهي ته ٻن سالن جي عرصي ۾ ڪنهن به ڪرڪيٽر جا چار کان ست ڪاٽو پوائنٽس ٿي وڃن ته کيس پاپندي کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

انگلينڊ خلاف ٻئين ٽيسٽ مئچ ۾ ويرات ڪوهلي بال ٽيمپرنگ ڪندي پڪڙجي پيو

راجڪوٽ (اسپورٽس نيوز)سائوٿ آفريڪا جي ڪپتان کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي بال کي ٽيمپرنگ ڪرڻ واري وڊيو سامهون اچي وئي آهي، ترجمان آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته راجڪوٽ ٽيسٽ جي وڊيو پراڻي آهي، ان لاءِ ڪوهلي خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهندي، وڊيو ۾ انگلينڊ خلاف ٻئين ٽيسٽ مئچ ۾ ويرات ڪوهلي کي وات ۾ موجود چيگم يا ٽافي سان ٿيندڙ مواد کي آڱر جي مدد سان بال تي لڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو، اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجا جو چوڻ آهي ته ويرات ڪوهلي کي هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته راند ۾ به ڪجهه حد هوندي آهي، جن جو خيال رکڻو پوندو آهي.

 

هڪ ٻار تي تشدد جا تفصيل ڪهڙي تحرڪ جا تمنائو آهن؟: نسيم بخاري

ڪجهه ڏينهن کان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي باقاعده تسلسل سان لاڙڪاڻي جي درگاهه مشوري شريف سان تعلق رکندڙ ۽ اٺين ڪلاس جي تيرهن سالا ذهين شاگرد محمد احمد حسين مشوري جون ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تشدد واريون خبرون اچي رهيون آهن. اهو معاملو نه رڳو سنڌي ميڊيا پر اردو ميڊيا ۽ انگريزي ميڊيا جي به ڌيان جو مرڪز رهيو آهي. اهڙن خبرن اچڻ کانپوءِ اهو معاملو سنڌ ۽ پاڪستان جي سمورن والدين لاءِ ڪيتريون ئي ڳڻتيون کڻي آيو آهي. ان ڪري اهو واقعو فقط الزام هيٺ آيل ڌر ۽ متاثر ڪٽنب جو نه رهيو آهي پر اهو سڄي ڀونءِ جو معاملو بڻجي چڪو آهي. سمورن تعليمي ادارن جي لاءِ سنجيدگيءَ جا جواز پيدا ڪري ويو آهي ۽ ڪيترن ئي شاگردن جي دلين جي دانهن بڻجي اڀريو آهي. ان واقعي کانپوءِ اهو بحث تيزيءَ سان وڌي ويو آهي ته علمي درسگاهن ۾ ٻار جي مار ان جي سَنوار آهي يا سندس لاءِ هاڃو آهي.

ٻار کي مار سنواري ٿي يا بگاڙي ٿي؟ اها فائدي ۾ آهي يا نقصان ۾؟ اهي اهڙا موضوع آهن، جن تي سڌريل، ترقي يافته ۽ خوشحال رياستن ۾ سوين سال اڳ انتهائي سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار کانپوءِ ڏاڍا زبردست نتيجا نروار ٿيا هئا، جن جي روشنيءَ ۾ اهڙيون عاليشان حڪمت عمليون جڙيون هيون جو اڃا تائين ته هن کي اتان انيڪ واٽون ۽ ڏس ملن ٿا پر اسان جي پاڪستان ۽ سنڌ ۾ اڄ به مدي خارج نصاب پڙهايو وڃي ٿو ۽ ٻار کي سڌارڻ وارا طور طريقا به صديون اڳ وارا ۽ انتهائي هاڃيڪار آهن. دنيا چنڊ کان به اڳتي الائي ڪيتريون ڪهڪشائون لتاڙي آئي آهي. اسان اڃان تائين ”واهه ڙي تارا گول تارا“ وارين ڳالهين ۾ پورا آهيون.

لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج جي ذهين شاگرد تي تشدد وارين خبرن جو تيز رفتاري ۽ تسلسل سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين جي او سي پنوعاقل پاران ڌار ڌار جوڙيل جاچ ڪاميٽين پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، پر اهي ڪهڙو نتيجو ڏينديون، ان بابت اڃا ڪجهه ڏينهن جو انتظار باقي آهي.

جڏهن ڪنهن تي ڪو بهتان لڳي ٿو يا ڪا الزامي آڱر کڄي ٿي ته اهو شڪ جي دائري ۾ اچي ٿو وڃي ۽ جيڪو شڪ جي دائري ۾ اچي ٿو، تنهن کي مڪمل ڇنڊڇاڻ تائين پنهنجو پاڻ کي ڪٽهڙي ۾ بيهڻ لاءِ ۽ امڪاني سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ذهني طور تي تيار رهڻ گهرجي. مون کي خبر ناهي ته الزام هيٺ آيل ڌر ان حوالي سان ذهني طور پاڻ کي تيار ڪيو آهي يا نه، پر اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته جنهن جنهن تي به محمد احمد حسين تي تشدد ڪرڻ يا ان ڏوهه کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ جا الزام لڳا آهن، تن جو وار به ونگو ڪو نه ٿيو آهي، انهن خلاف ڪا ڪارروائي ته پري جي ڳالهه آهي پر کين عارضي طور تي پنهنجي پيشيواراڻين خدمتن کان به پاسي نه ڪيو ويو آهي.

اها به ڏاڍي ڏکائيندڙ خبر آهي ته ايڏو وڏو اهم معاملو مسلسل ٽن مهينن تائين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان اوجهل رهيو ۽ جڏهن منظرِ عام تي آيو ته اهڙي ڦڙتيءَ سان آيو جو دنيا جون دليون ڏڪائي ويو. ڇو ته اهو معاملو هڪ گهر ۽ ڪٽنب جو ناهي، اهو سڄي سنسار جو آهي. هر پاڙي، گهر ۽ هر علائقي جا سوين هزارين ٻار، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڃن ٿا، اتي انهن سان جيڪي ويل ٿين ٿا، اهي ڪلور، اهي ڪيس ۽ اهي جٺيون جيڪڏهن ترتيبوار تحقيقي انداز سان ميڊيا رپورٽ ڪرڻ لڳي ته والدين جو ٻارن کي تعليمي ادارن ڏانهن موڪلڻ تان ارواهه ئي کڄي ويندو. کوڙ سارا اهڙا معاملا آهن، جيڪي رپورٽ ئي نه ٿا ٿين ۽ اڪثر اهڙا واقعا جيڪي مصلحت ۽ مجبوريءَ جي ڪري اظهاريا ئي نه ٿا وڃن.

ان ڪري محمد احمد حسين مشوري واري معاملي سوين هزارين والدين ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جي پراڻن ڦٽن کي وري تازو ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته انهن کي پنهنجا پنهنجا تلخ تجربا ياد آيا آهن ۽ جيڪو جيڪو به تعليمي تشدد جو شڪار ٿيو آهي يا ڪهڙي به حوالي سان متاثر ٿيو آهي، اڄ ان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجون ساروڻيون ساريون آهن ۽ محمد احمد حسين مشوريءَ سان همدرديءَ طور ٻٽ بڻجي بيٺو آهي. ان ڪري اهو نه وسارڻ گهرجي ته، هي معاملو هاڻ سڄي سماج جو آهي ۽ پوري سول سوسائٽي جو آهي.

پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي ان جون سموريون سچايون سامهون اچڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن کي به ڪنهن سان شرمناڪ انياءَ جي جرئت نه ٿئي. محمد احمد حسين مشوريءَ لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته هو جڏهن ستين ڪلاس ۾ هيو ته امتحان ۾ 75 سيڪڙو مارڪون کنيون هئائين. هن جون اهي مارڪون سندس محنت جون ساکي آهن. پيءُ ماءُ کيس جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج موڪليو هوندو ته هنن جي روشن مستقبل جا سوين ارمان سانڍي اماڻيو هوندو، هنن جي اکين انيڪ خواب ڏٺا هوندا. اهي خواب جيڪو هر پيءُ ماءُ پنهنجي ٻچن جي روشن مستقبل جي لاءِ ڏسندو آهي.

مان جڏهن اهو پڙهان ٿو ته تشدد جو شڪار معصوم نينگر جو والد مولانا محمد راشد حسين مشوري گذريل ٽن مهينن کان ڪراچيءَ جي گزريءَ واري علائقي ۾ مسواڙ جو گهر وٺي ٻچڙي جي علاج لاءِ ترسيل آهي ته لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اوهان پنهنجي دل تي هٿ رکي اهو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته تشدد جي شڪار ٻارڙي جا گهر ڀاتي ڪهڙين ڪيفيتن مان گذرندا هوندا. سندن ڏينهن ۽ راتيون ڪهڙين تڪليفن وارا اطلاع کڻي ايندا هوندا ۽ وقت جي ڪريل وڄ هنن کان ڪيڏا نه واڪا ڪرائيندي هوندي. اهي واڪا اڄ ميڊيا جي معرفت ايوانن تائين پهتا آهن، اقتداري ماڻهن ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي پر رڳو نوٽيس ڪافي ناهي، رڳو جاچ ڪاميٽيون ڪافي ناهن، اها صورتحال هڪ سنجيده قسم جي حڪمت عملين جي تقاضائو آهي. اهي حڪمت عمليون جيڪي سنڌ جي تعليمي ادارن جو سينگار بڻجي سگهن، جتان سنورجڻ جو واءُ سواءُ ملندو هجي ۽ جن جي ساک جي هاڪ هر هنڌ پڄندي هجي.

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگرد تي ٿيل تشدد فقط هڪڙي اداري جي ساک کي سواليه ناهي بڻايو پر ان سمورن تعليمي ادارن جي اندر ٿيندڙ هر قسم جي چرپر ۽ سرگرمين کي به شڪ جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. محمد احمد حسين مشوريءَ واري مامري جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ هاڻ هر ڪو مٽ مائٽ پنهنجن ٻچڙن جو واءُ سواءُ وٺڻ لڳو آهي. هر تعليمي ادارو هاڻ عوامي ڌيان جو مرڪز بڻيو آهي ۽ انهن ادارن جا سنڀاليندڙ پڻ سڪتي ۾ اچي ويا آهن. ڪي ته ننڊ ۾ به ڇرڪ ڀري رهيا آهن ته ڪهڙي خبر ته ڪنهن ايندڙ پل ۾ انهن جي اداري جي ساک پت سواليه نه بڻجي وڃي!؟ انهن کي اهو الڪو ورائي ويو آهي ۽ ان الڪي جي نتيجي ۾ هنن سختيءَ سان پنهنجي استادن ۽ ٻئي تعليمي اسٽاف کي نه رڳو ذاتي طور تي هدايتون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون آهن پر خصوصي طور تي فقط هڪڙي ان معاملي جي حوالي سان گڏجاڻيون به ڪيون آهن، جنهن کانپوءِ نه رڳو استاد ۽ اسڪولي عملو پر هر ڪا ڌر پنهنجي پنهنجي جاءِ تي انتهائي محتاط ٿي وئي آهي. سچ به اهو آهي ته اهو احتياط ئي وقت جي اهم ضرورت آهي.

محمد احمد حسين مشوري وارو معاملو جاچ ڪاميٽين جي رپورٽ ۾ ڪهڙيون به ثابتيون سامهون آڻي پر هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته ان نينگر جو جنهن گهراڻي ۽ درگاهه سان تعلق آهي، اهو سڄي سنڌ لاءِ فيض ۽ فڪر جو گهراڻو رهيو آهي، اتي ماڻهو دنيا جا انيڪ درد کڻي پهچندا آهن ۽ درگاهه تي پهچڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ کي دردن کان آجو ڀائيندا آهن. اتان جيڪو سڪون وٺي ويندا آهن اهو هنن کي ورهين تائين ياد رهندو آهي. ان ڪري اهو ٿي نه ٿو سگهي ته شاگرد تي تشدد واري معاملي کي ميڊيا ۾ ڪنهن کي تنگ ڪرڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ آندو يو هجي ۽ اهو به واضح آهي ته اهو معاملو اڀارڻ يا اٿارڻ جي پويان ڪنهن ڏنڊ چٽي ڀرائڻ وارو تصور نه پر پنهنجي ٻچڙن سميت پوري ڀونءِ جي ٻارڙن جي محفوظ مستقبل وارو خيال سمايل آهي پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته اهو عوامي اشو ۽ هاءِ پروفائيل بڻجي ويل ڪيس عدالتي پاڻ مرادي نوٽيس واري مڃتا نه ماڻي سگهيو آهي. جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل ٻن جاچ ڪاميٽين جي جڙڻ کان به وڌيڪ اهميت پاڻمرادو عدالتي نوٽيس جي آهي. ڇو ته ان سان جيڪو فائدو جڳ جو ٿئي ٿو، اهو لازوال هجي ٿو. عدالتون عوامي اشوز تي جيڪا جرح ڪن ٿيون، اعليٰ انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏينديون آهن. اهڙين ٻڌڻين دوران جيڪي ججز جا رمارڪس سامهون ايندا آهن سي به وڏي سچائي ۽ سبق سانڍيندا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته هنن مان عبرت گهٽ ئي حاصل ڪئي ويندي آهي. هن معاملي بابت اڃا تائين ڪنهن باضابطا طور تي عدالت جو در به نه کڙڪايو آهي، جيڪڏهن اهو معاملو پوري تياري ۽ سنجيدگيءَ سان عدليه ۾ آندو وڃي ته اهو هزارين ۽ لکين ٻارڙن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت ڏياري سگهي ٿو.

بنيادي ڳالهه تعليمي ادارن مان ذهني مريض استادن ۽ عملي مان جند ڇڏائڻ جي آهي. ٻارن تي تشدد جي حوالي سان جيڪي ماڻهو انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙن ٿا. اهي خود ڌيان طلب آهن، نه رڳو ڌيان طلب آهن پر انهن جي بهترين علاج جي به ضرورت آهي. اهي ماڻهو جيڪي احساسِ محروميءَ جا ماريل آهن، جن کي استاد ٿيڻ جو شوق صرف ان ڪري هوندو آهي ته ننڍپڻ ۾ مليل مار جو پلاند پاڙڻ لاءِ استاد ٿجي، انهن کي خود اهڙن استادن جي تربيت جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي سندن هڪ هڪ چرپر ۽ عمل جي روشنيءَ ۾ رهنما ثابت ٿين. اسان وٽ بدقسمتي اها آهي ته استادن جي ڀرتين واري معاملي ۾ يا تعليمي اسٽاف جي تقرري واري معاملي ۾ تمام گهڻي لاپرواهي ۽ بي پرواهي ڪئي ويندي آهي. اهو ڏٺو ۽ جاچيو ئي نه ويندو آهي ته جنهن ماڻهوءَ کي جهڙي ذميواري ڏني پئي وڃي، ڇا اهو ماڻهو ان کي پوري ر يت نڀائڻ جي لائق آهي يا نه!

سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سمورن تعليمي ادارن جي ملازمن جي جائزي ۽ نفسياتي توڙي علمي ۽ ذهني سطح جي پرک لاءِ ڪي بنيادي قدم کڻي ۽ جيڪي ماڻهو گهربل معيار تي پورا نه لهن، انهن کي گولڊ هينڊ شيڪ ڏئي گهر موڪلي. سنڌ سرڪار سمورن تعليمي ادارن جي حوالي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اشتهارن ذريعي آگاهي جي مهم به شروع ڪري سگهي ٿي. انهن اشتهارن ۾ تعليمي ادارن جي تقدس ۽ ان سان ٿيندڙ ويڌن يا ان کي پهچندڙ ڪنهن به هاڃي ۽ امڪاني خطرن بابت ڪي انعامي سلسلا به شروع ڪري سگهجن ٿا. اطلاع ڏيندڙ جو نالو ڳجهو رکڻ جي ضمانت سان گڏوگڏ سامهون آيل سچاين کي به چٽيءَ ريت دنيا جهان آڏو آڻڻ جا اهتمام ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن به اداري ۾ ڪا به ڏاڍائي ۽ بدمعاشي نه ٿي سگهي.

ڇو ته اهي بدمعاشيون ۽ ڏاڍايون اسان وٽ ڦٻي وينديون آهن، ان ڪري انهن مان ڇوٽڪارو اڄ تائين هڪ خواب بڻيل آهي. تعليمي ادارن ۾ رڳو ڪلاس هلڻ وارا معاملا ئي نه پر اهو ڏسڻ ۽ جاچڻ جي به ضرورت آهي ته اتان جي ڪينٽين ۾ ڇا ٿو ٿئي. هاسٽلن جو واءُ سواءُ ڪهڙو آهي، ٽرانسپورٽ جو سسٽم ڪيئن آهي، سيڪيورٽي جا انتظام ڪيئن آهن، تعليمي ادارن جي چؤديوارين اندر ڇا ۽ ڪهڙيون غلط ڪاريون ٿي رهيون آهن؟ ڪير آهي جيڪو منشيات کي ڳجهه ڳوهه ۾ پکيڙي رهيو آهي؟ ڪير آهي جيڪو ٻارن جي معصوميت جو فائدو وٺي رهيو آهي؟ ڪير آهي جيڪو ٻارن کي لالچائي غلط ڪارين واريون غليظ گهٽيون گهمائڻ جي چڪرن ۾ آهي. ٿيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، جيڪو بدقسمتيءَ سان اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو شايد احمد محمد مشوري واري معاملي کانپوءِ حقيقي بڻجي پوي. ڪاش ائين ٿي سگهي.

naseembukhari44@gmail.com

 

 

دفاعي نمائش آئيڊياز 2016ع

وزيراعظم نواز شريف دفاعي نمائش جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۽ سيمينار ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، دفاعي وزير خواجا آصف، دفاعي پيداوار جي وزير راڻا تنوير، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. نمائش ۾ 43 ملڪن جا 90 وفد شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ انهن مان 30 نمائندا اعليٰ سطح جا آهن جن جي سربراهي انهن ملڪن جا دفاعي وزير، ڊفينس سيڪريٽريز، چيف ڊفيس اسٽاف ۽ حاضر سروس چيفس پاڻ ڪندا. مجموعي طور تي 261 پرڏيهي ۽ 157 پاڪستاني ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن جڏهن ته 34 ملڪن جون 418 ڪمپنين نمائش ۾ پنهنجيون شيون رکيون آهن. عالمي دفاعي نمائش لاءِ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهي. سڪيورٽي پلان موجب 2 ايس پيز، 4 ڊي ايس پيز سميت 2 هزار پوليس اهلڪار سڪيورٽي تي مقرر آهن،سوڪ سينٽر جي چوڌاري روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا پيا وڃن جڏهن ته شهرين کي متبادل رستا اختيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

دفاعي نمائش آئيڊياز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته آئيڊياز 2016ع افتتاح ڪرڻ تي هـُو الله تعاليٰ جو ٿورائتو آهي ۽ نمائش ۾ شرڪت تي خوشي آهي. پاڪستان خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ خلاف آهي ۽ سندن دفاعي اوزار امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آهن، پاڪستان جون دفاعي شيون جديد ترين آهن ۽ ان جو مقابلو عالمي سطح تي ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ دفاعي صنعت تيزي سان ترقي جي مرحلا عبور ڪري رهي آهي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن ۽ وياج جي شرح به ملڪي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي آهي هلندڙ سال جـِي ڊي پي 5کان وڌيڪ جو امڪان آهي. پاڪستان جي معاشي ترقي جو ذڪر عالمي سطح تي ڪيو پيو وڃي جنهن سبب اسٽينڊرڊ اينڊ پورز سميت موڊيز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪئي آهي. حڪومت مستحڪم ۽ مضبوط معيشت لاءِ پـُرعزم آهي ۽ ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي ڀليڪار چيو ويندو. ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ صنعتن ۾ لوڊشيڊنگ به ختم ڪئي وئي آهي 2018ع تائين توانائي جي بحران تي ڪنٽرول ڪيو ويندو. ملڪ اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽائي ٿي آهي.34 ملڪن جي 418 ڪمپنين پاران پنهنجيون شيون رکيون ويون آهن، الخالد ٽينڪ، جـَي ايف سيونٽين ٿـَنڊر ۽ ٻيا جديد هٿيار به نمائش جو حصو آهن. ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ دفاعي نمائش آئيڊياز 2016ع جي شروعات ٿي چڪي آهي،جيڪا 4 ڏينهن تائين جاري رهندي.