تازيون خبرون

Daily Archives: November 16, 2016

ٽوئنڪل کنا فواد خان جو نالو بالي ووڊ خانن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي وو اداڪارا ٽوئنڪل کنا پهريون ڀيرو ڀارت جي مشهور ٽاڪ شو ”ڪافي وٿ ڪرن“ جو حصو بڻي، جتي هن شو جي ميزبان ڪرن جوهر جون به وايون بتال ڪيون. ٽوئنڪل ان شو ۾ پنهنجي مڙس 49 سالا اداڪار اڪشي ڪمار سان شريڪ ٿي، ان دوران ريپڊ فائر رائونڊ ۾ ڪرن جوهر ٽوئنڪل کان سوال ڪيو ته ٽِن خانن عامر، شاهه رخ ۽ سلمان مان اوهان کي ڪهڙو وڻندو آهي؟ ان سوال تي ٽوئنڪل کنا ڪرن کي چٿر ڪندي چيو ته ان سوال ۾ هڪ ٻيو خان، فواد خان جو نالو شامل ڪر ۽ پوءِ جواب ڏينديس.

 

چاڪليٽ هيرو وحيد مراد جي 33 هين ورسي 23 نومبر تي ملهائي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار، هدايتڪار، اسڪرين رائيٽر ۽ فلمساز وحيد مراد مرحوم جي 33 هين ورسي 23 نومبر تي ملهائي ويندي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق وحيد مراد 2 آڪٽوبر 1938ع تي سيالڪوٽ ۾ نثار مراد جي گهر ۾ اک کولي جيڪو هڪ مشهور فلم ڊسٽريبيوٽر هو، وحيد مراد فني ڪيريئر جي شروعات 1959ع ۾ فلم ”ساٿي” ذريعي ڪئي، ان وقت سندس عمر 21سال هئي. فلمي گانن جي فلمائڻ وقت وحيد مراد جي چهري جي شرارتي بيهڪ، رومانٽڪ چر پر ۽ بهترين پرفارمنس کيس تمام گهڻو مشهور ڪيو هو. وحيدمراد 23 نومبر 1983ع تي صرف 45 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. سندس مشهور فلمن ۾ هير اور پٿر، ارمان، ڪنيز، دل ميرا ڌڙڪن تيري، نيند هماري خواب تمهاري، وقت، حقيقت، پرکهه، واعده، جيئو اور جيني دو، آدمي، خريدار ۽ آهٽ شامل آهن.

 

ڏکڻ آفريقا آسٽريليا کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ هڪ اننگز ۽ 80 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

هوبارٽ (اسپورٽس نيوزِ) ڏکڻ آفريقا آسٽريليا کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ هڪ اننگز ۽ 80 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ڇڏي. پروٽيز بالرز جي شاندار بالنگ سبب ڪينگروز پنهنجي پهرين اننگز ۾ 85 رنسن تي آل آئوت ٿي ويا. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ميچ جي ٽئين ڏينهن پنهنجي پهرين اننگز ۾ 326 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ميزبان ٽيم تي 241 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي. ميچ جي چوٿين ڏينهن آسٽريليا کي پروٽيز جي پهرين اننگز جي 326 رنسن کي برابر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 120 رنسون گهربل هيون پر پروٽيز بالرز آڏو ميزبان ٽيم جي بيتنگ لائن هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي وئي ۽ ان جي سموري ٽيم 161 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڪائل ايبٽ انتهائي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ميچ ۾ 9 وڪيٽون حاصل ڪيون، کيس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ مئچن جي سيريز جو پهريون مئچ سڀاڻي کان کيڏيو ويندو

لاهور (اسپورٽس نيوزِ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ مئچن جي سيريز جو پهريون مئچ سڀاڻي خميس 17 نومبر کان ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيو ويندو ٻنهي تيمن ۾ ٻن سالن کان پوءِ ٽيسٽ مئچ کيڏيو پيو وڃي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ 1985 کان پوءِ نيوزيلينڊ ۾ ٽيسٽ سيريز ۾ ڪڏهن به شڪست جو منهن ڏسڻو ناهي پيو نيوزيلينڊ پنهنجي هوم گرائونڊ ۾ پاڪستان جي خلاف واحد ٽيسٽ سيريز 1985 ۾ کٽيو گذريل 15 سالن ۾ نيوزيلينڊ پنهنجي ميدانن تي پاڪستان جي خلاف صرف ٻن ٽيسٽ مئچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ 1955 کان 26 نومبر 2014 تي 53 ٽيسٽ مئچ کيڏيا ويا جن مان 24 مئچ پاڪستان کٽيا 8 مئچ نيوزيلينڊ کٽيا ۽ 21 مئچ ڊرا ٿيا.

 

وڌندڙ ڀارتي جنگي جنون ۽ اسرائيلي صدر جو ڀارتي دورو..!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

جڏهن کان ڀارت خلاف ڪشمير اندر آزادي جي لهر گهُلي آهي ۽ تڏهن کان ڀارتي فوج ڪشمير اندر ڪرفيو نافض ڪيو آهي ۽ ان ڏينه کان وٺِي ڪشمير جا سمورا تعليمي ادار بند پيل آهن.نشي ۾ ڌت ڀارت فوجي مظلوم ڪشميرين تي ظلمن جا انبار ڪرائي رهيا  آهن. ڀارت جي ظلمن جي هڪ ڊگهي قطار جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، جڏهن کان اڙي واقعي ٿيو آهي ان ڏينهن کان وٺي ڀارت آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي.  ۽ سندس مت وڃائجي چڪي آهي.پاڪستاني جي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني سرحدن اندر ڳولا باري ڪرڻ سندس روز جو معمول بنجي چڪو آهي.سندس اهڙي رويي ۽ جنگي جنون واري ماحول اندر هڪ سوچ اها کائي رهي آهي ته ڀارت جو وڌندڙ جنگي جنون ڪٿي دنگ ٿيندو.ڇا ڀارت انهي جنگي جنون جي جنگ جي طرف ته نه کڻي ويندو.ڇو ته هڪ طرف اسلامي ملڪ آهن جيڪي پاڪستان جي سپورٽ ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي آمريڪا ۽ اسلائيل جهڙا جن هميشه دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي پناه ڏني آهي اهي انڊيا جي آڙ وٺي ڪري پاڪستان جي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا ڪالهه اسرائيلي صدر ايرون ايونس دنيا جي اٺ ڏينهن واري دوري تي انڊيا پهچي چڪو آهي.ميڊيا جي مطابق اهو چيو ويو آهي ته اسرائيلي صدر انڊيا جي اٺ ڏينهن واري دور تي تجارتي معاملن تي ڳاليهون ڪندو پر انڊيا ۽ اسلائيل جي وچ ۾ جيڪا کچڙِي رڌجي رهي آهي ڇو ته ڀارت جي جنگي ماحول اندر هميشه اسرائيل پناهه ڏنو آهي ۽ اهڙا سندس تعلقات به ڪنهن کان ڳجها ناهن.هن وقت پاڪستاني جي ايل او سي تي انڊيا نجا جواز فائرنگ ڪري ست فوجي جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي ٿو ته ڀارت ماحول جي جنگ جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته پاڪستان انڊيا سان جنگ ڪري.انهي ڪري اسلائيل صدر انڊيا جو دور ڪيو هوندو جنهن اندر هوُ مارجي ويل ڀارتي فوجين جي ڏک ۾ شريڪ ٿي سگهي.پر خير پاڪستان تي انهي جوڪو به اثر پوڻ وارو ناهي پاڪستان پنهنجي ترقي جي راهه جي سفر تي روان دوان آهي.. ڪجهه ڏينهن پهرين انڊيا جي وزير اعظم مودي سرڪار بيان ڏنو  ته هنُ پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي پر ڀارت کي اها خبر هجڻ گهرجي ته اڪيلو اهو هوندو آهي جنهن جو ڪو يار  دوست ناهي هوندو. جڏهن ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن سان هر ملڪ دوستي جو هٿ وڌائڻ ٿو چاهي.ڀارت هن وقت جهڙي ريت بيان ڏئي رهيو آهي انهن کي ڏسي ڪري  دنيا حيرت ۾  آهي ته کيس آخر ڇا ٿي ويو آهي، ڀارت بي گناهه ڪشميرن تي ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي،بي گناهه ڪشميرين کي هر روز ماريو پيو وڃي.جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته ڀارت يقينن چريو پاڳل ٿي چڪو آهي،ڀارت اندر ايتري جنويت ڇو اچي وئي آهي.؟ سندس اندر جي باهه شعلا ٿي ڇو ڀڙڪي رهي آهي،؟ڇا مقبوضه ڪشمير اندر هن وقت آزادي جي تحريڪ زور وٺي وئي آهي انڪري.؟ڪشمير اندر جيڪا آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي اها پهرين به هلي رهي هئي. ها اها ڳالهه ضرور آهي ته انهي تحريڪ هاڻي زرو ورتو آهي، جنهن ڀارت جي فوجين کي رُڪ جا چڻا چِٻايا آهن،رهي ڳالهه ڀارت جي فوج مٿان حملي جو سوال.. ته اهي حملا پهرين کان ئي ٿيندا پيا اچن،جنهن ۾ ڀارت جا هزارين فوجي مارجي چڪا آهن،جنهن جا الزام ڀارت پهرين به پاڪستان تي ئي لڳائي چڪو آهي،ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي ته اهڙو ڊارمي باز ماڻهو آهي جيڪو پنهنجي مٿان پوندڙ دٻاءُ جي باري ۾ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو،جڏهن ته اها به ڳالهه سچ آهي ته اها ڊرامو هوُ ڀارت ۾ اڪثر ڪندو رهندو آهي پر جنهن وجهه جي ڪري مٿس وڏي ۾ وڏو اندورني دٻاءُ پئجي رهيو آهي. اهو دٻاءٌ پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو آهي،جنهن ۾ پاڪستان جي ترقي آهي جيڪا ڀارت کان ڏٺي ڪون ٿي ٿئي.ڇو ته جڏهن پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو مڪمل ٿيندو ته ڀارت پاڪستان جي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويندو، ڀارت پاڪستان جي ڀيٽ اندر هڪ وڏو ملڪ ضرور هوندو پر اهيمت جي لحاظ کان هوُ ڀوٽان جي برابر به نه هوندو،جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان پاڪستان، چين ۽ روس طاقت ۽ ترقي جي لحاظ کان سڀني ملڪن کان اڳ ڀرا هوندا.هي اهي ملڪ هوندا جيڪي خطي جي معاملن تي ڳاليهون ڪندا،دنيا جي سموري تجارت پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تحت ڪئي ويندي،انهي سموري معاملن اندر ڀارت هڪ تماشو ٿي ويندو،جيڪو صرف ۽ صرف ڏسندو رهندو جئين تيز هلندڙ ريل کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو اکيون کوڙي ڏسندا آهن ۽ ريل تيز رفتاري تان گذري ويندي آهي ۽ ڏسڻ وارو ڏسندو ئي رهجي ويندو آهي،۽ ڪجهه به ڪري نه سگهندو آهي.ڀارت وقت انهي پاڪستاني جي ترقي جي راهه اقتصادي راهداري منصوبي کي روڪڻ لاءِ هر قسم جو حربو هلائي رهيو آهي ۽ پر هر حربي ۾ ناڪام ئي ويو آهي کيس سندس پلي ۾ ڪجهه به پله نه پيو آهي.ضرب عضب آپريشن جتي پاڪستان اندر دهشتگردن جون ڪوششون ناڪام ڪري کين ختم ڪيو آهي اُتي پاڪستاني فوج ڀارت جي ڪيترن ئي سازشن کي پڻ ناڪام ڪيو آهي،جڏهن ته ڀارت پاڪستان اندر دهشتگردي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دنيا کي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته پاڪستان امن پرست ملڪ ناهي جنهن اندر اقتصادي راهداري منصوبو به ٿو جڙي سگهي، جڏهن ته پاڪستان جي بهادر فوج ڀارت جي هر ڪوشش کي ناڪام ڪيو.جڏهن ته اتر وزيرستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباه ڪري انهن علائقن اندر امن ڪرائي پاڪ چين منصوبي جو رستو آزاد ڪري ڇڏيو.جڏهن ته پاڪ افغانستان گيٽ کي تعمير ڪرائي ۽ ويزا سسٽم کي قائم ڪري دهشتگردن جي اچ وڃ کي به ملڪمل طور بند ڪري ڇڏيو،۽ دهشتگردي جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا .دهشگردن جي اچ وڃ به مڪمل طور بند ٿي ۽ جن جن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته ڀارت پاڪستان سان جنگ ڪندو انهن لاءِ اهو عرض آهي ته انڊيا پاڪستان سان جنگ ته پري جي ڳالهه آهي انهي جو تصور به نه ڪندو،هي سندس خالي ڀڀڪيون آهن ٻيو ڪجهه به نه،پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي ڪاميابي انڊيا کان ڏٺي ڪون پئي ٿي ۽  ڀارت کي صرف ۽ صرف شڪت ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ٻيو ڪجهه به نه،جڏهن ته پاڪ چين  اقتصادي منصوبي کي روڪڻ لاءِ ڀارت ڪوششون ته تمام گهڻيون ڪري رهيو آهي پر سندس هر ڪوشش ناڪام ٿيندي پئي وڃي جنهن جي ڪري کيس پنهنجي ئي ناڪامي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جنهن جي ڪري هوُ پنهنجو مٿو پاڻ پٽي رهيو آهي،

******

 

فيصل بينڪ جي فيصل بزنس فرسٽ ڪرنٽ اڪائونٽ جي مهم جي شروعات، سوچ اڳتي ويندي ته ڪاروبار اڳتي ويندو: محمد صالح بلوچ

پنهنجي متحرڪ ڪاروباري صارفين کي سهولت ۽ انهن جي منفرد ضرورتن جي پورائي جي ڪوششن جي لاءِ فيصل بينڪ لميٽيڊ (FBL) بهترفائدن سان گڏ بزنس فرسٽ ڪرنٽ اڪائونٽ متعارف ڪرايو آهي. فيصل بينڪ Business First Current Account خاص طور تي روزانو جي بنياد تي ڪاروباري سرگرميون انجام ڏيڻ وارن ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. هيءَ پراڊڪٽ ٽرانزيڪشن ۾ آساني ۽ ٽيڪنيڪي سپورٽ جي پهچ سان گڏوگڏ انشورنس ۾ رعايتون ۽ مالي سيڪيورٽيءَ جهڙيون سهولتون به فراهم ڪري ٿي. اهي سڀ شيون جن جي هڪ موثر ڪاروبار هلائڻ جي لاءِ جديد دور جي بزنس ۾ ضرورت آهي.

فيصل بزنس فرسٽ ڪرنٽ اڪائونٽ جي اجراءَ جي موقعي تي فيصل بينڪ لميٽيڊ جي ريٽيل بينڪنگ ڪي سربراهه فواد فرخ  موجب ته فيصل بزنس فرسٽ ڪرنٽ اڪائونٽ اسان جو سڀ کان وڌيڪ ڪسٽمرز ۾ مقبول اڪائونٽ آهي جنهن جي تمام گهڻي گهر آهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته هي اسان جي ڪاروباري صارفين کي بيش بها سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ هاڻي هن ۾ هي رول مينيجمنٽ جي لاءِ Faysal PayCheq Plus جي  سهولت به شامل آهي جتي ڪلائينٽس “CashLink” ويب پورٽل جي ذريعي ملازمن جون پگهارون هڪ ئي وقت آسانيءَ سان منظم طريقي سان هلائي سگهون ٿا. ان عاکن علاوه هي ڪاروباري ماڻهن جي ملازمن جي فائدي جي لاءِ consumer finance پراڊڪٽ به پيش ڪري ٿو. هي on-site  اڪائونٽ اوپننگ سان گڏوگڏ employer کي پنهنجي ڪمپويٽر تي ملازمن جي پگهارن جي ماهرانه طريقي سان پراسيسنگ جي سهولت به فراهم ڪري ٿو. 95 کان وڌيڪ شهرن ۾ قائم 320 کان وڌيڪ شاخن جي ذريعي ۽ channels تائين رسائي فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ free cash, SMS alerts, account statements, pay orders, debit card, Cheque books withdraw insurance ۽ بزنس فرسٽ جي صارفين جي لاءِ ٻيا فائده شامل آهن.

فيصل بينڪ لميٽڊ پنهنجي ڪلائينٽس سان گڏ انتهائي باريڪ بيني سان ڪم ڪري رهي اهي ته جيئن انهن جي ضرورتن کي سمجهي سگهي ۽ انهن کي بهترين سرورسز فراهم ڪرڻ جي لاءِ مصنوعات ٺاهي رهي آهي ته جيئن انهن جي روز مرهه جي ڪاروباري ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. وڌيڪ ته صارفين کي پيش ايندڙ سروسز جي فراهمي يقيني بنائڻ جي لاءِ اسان جي رليشن شپ مينيجرز رهنمائي جي لاءِ هر وقت موجود آهن.

فيصل بينڪ جو تعارف

فيصل بينڪ لميٽڊ جو پاڪستان ۾ ڪمپنيز آرڊيننس 1984 جي تحت 3 آڪٽوبر 1994 تي پبلڪ لمٽيڊ ڪمپني جي طور تي اندراج ڪيو ويو. بينڪ جي حصص جو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڏنل آهي. بينڪ ڪمرشل، ريٽيل، ڪارپوريٽ ۽ اسلامي بينڪاريءَ جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. پاڪستان ڪريڊت ايجنسي لميٽيڊ ۽ جي سي آر وي آءِ ايس ڪريڊٽ ڪمپني لميٽيڊ بينڪ کي ‘AA’ طويل مدتي ريٽنگ ۽ A1+ قليل مدتي ريٽنگ ڏني آهي.

فيصل بينڪ جون برانچون هاڻي 95 کان وڌيڪ شهرن ۾ 320 کان وڌي ويون آهن. مجموعي سرمايو 380 ارب پاڪستاني روپين کان وڌيڪ آهي جنهن جي ڪري هي پاڪستان جي بينڪنگ صنعت ۾ ممتاز مقام رکي ٿي. فيصل بينڪ جو مقصد صارفين کي مالي ضرورتن کي پورو ڪندي اعليٰ معياري سروسز فراهم ڪرن آهي.

 

 

ايل او سي تي ڀارتي اڳرائي ۾ فوجي جوانن جي شهادت

ڀارت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي فائرنگ، پاڪ فوج جا 7 جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي مارجي ويا، جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر لائين آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪندي فائرنگ ڪري ڏني آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج جا 7 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي پڻ مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب ڪنٽرول لائين جي ڀمبر سيڪٽر تي ڀارتي فوج بنا جواز فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ پاڪ فوج جا 7 جوان شهيد ٿي ويا آهن. ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل فوجي جوانن ۾ لانس نائيڪ محمد شوڪت، لانس نائيڪ محمد حليم، سپاهي پرويز اڪرم، سپاهي محمد الياس، سپاهي محمد تنوير، حوالدار ظفر حسين ۽ حوالدار ابرار احمد شامل آهن، پاڪ فوج پاران دفاع ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ جواب ۾ ڀارتي فوج جي چوڪين کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي مارجي ويا آهن. ڀارتي فوج پاران اهو پهريون ڀيرو نه آهي، ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندي نه صرف لائين آف ڪنٽرول پر ورڪنگ بائونڊري تي به فائرنگ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج جا ڪيترائي جوان ۽ پاڪستاني شهري شهيد ٿي چڪا آهن.

ڀارتي فوج پاران ايل او سي جي سيڪٽر ڀمڀر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 جوان شهيد ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي فوري طور تي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ورتو، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمبانوالا ۾ 20 منٽن تائين ملاقات جاري رهي، جنهن ۾ پرڏيهي کاتي پاران ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به ڏنو ويو. پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري هاءِ ڪمشنر کي چيو ته ڀارت سيز فائر معاهدي جي پاسداري ڪري. ڀمڀر سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي بلا اشتعال فائرنگ جي جاچ ڪرائي وڃي.

پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ڀمبر ۾ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج طرفان فائرنگ جي ڪري پاڪستان جي 7 فوجي جوانن جي شهادت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ڀارت ڄاڻي واڻي اهڙي قسم جون حرڪتون ڪري رهيو آهي، ڀارت 2003ع جي سيز فائر معاهدي ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، ڀارتي جارحيت خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ خطي جي اسٽريٽجڪ توازن جي لاءِ اهو خطرو ٿي سگهي ٿو. ڀارت هيستائين 26 سول شهري جن ۾ ٻار ۽ عورتون شامل آهن انهن کي شهيد ۽ 107 کي زخمي ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستاني فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي آهي. پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڀارتي جارحيت خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ اهو رويو خطي جي اسٽريٽجڪ توازن جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان ڀارتي جارحيت جي باوجود وڏي صبر جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن گڏيل قومن کان پاڪستان ۽ ڀارت جي لاءِ ملٽري آبزرور گروپ تي زور ڏنو آهي ته هو فوري طور تي ڀارت طرفان سيز فائر لائين ۽ لائين آف ڪنٽرول جي سنگين خلاف ورزين جي سلسلي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي رپورٽ موڪلي آگاهه ڪري.