تازيون خبرون

Daily Archives: November 11, 2016

ٽنڊوڄام: زرعي يونيورسٽي ۾ جاري انٽر فيڪلٽي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ڪوارٽر فائنل ۾ داخل

ٽنڊوڄام (اسپورٽس نيوز) زرعي يونيورسٽي ۾ جاري انٽر فيڪلٽي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ داخل ٿي ويو. وائيس چانسلر ڪوارٽر فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪندڙ اٺن ئي ٽيمن جي رانديگرن ۾ شرٽون ورهايون. ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس جي ميزباني هيٺ زرعي يونيورسٽي ۾ جاري انٽر فيڪلٽي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندڙ اٺن ئي ٽيمن جي رانديگرن ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پاران شرٽون ورهايون. شرٽن ورهائڻ جي تقريب زرعي يونيورسٽي جي نيو جيمخانه ۾ ڪئي وئي. انهي موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي خطاب ڪندي چيو هو ته شاگردن ۾ راندين جي سرگرمين جي فروغ لاءِ هر قسم جو سهولتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ شاگرد راندين ڏانهن راغب ٿين. هن چيو ته چيئمپين شپ جي افتتاحي تقريب ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندڙ سڀني ٽيمن جي رانديگرن کي شرٽس جا تحفا ڏنا ويندا. جنهن تحت اڄ سڀني رانديگرن کي شرٽس ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته صحتمند سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ شاگردن سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. تقريب کي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار خانزادي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڊين مقصود انور رستماڻي، نور محمد سومرو، صفر ميرجت، اعجاز کونهارو، اسماعيل ڪنڀر، شوڪت سانگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻئي طرف ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جا ڪوارٽر مقابلا شروع ٿي ويا آهن. چيمپيئن شپ جو پهرين ڪوارٽر فائنل فوڊ ٽيڪنالوجي جي فراز اليون ۽ سي پي ڊي جي لطيف راڄڙ اليون وچ ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ لطيف راڄڙ اليون جي ٽيم پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 56 رنسون ٺاهي سگهي. جواب ۾ فراز اليون 3 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر حدف حاصل ڪري ميچ کٽي ورتو. چيمپيئن شپ جي ٻيو ڪوارٽر فائينل انجنيئرنگ فيڪلٽي جي حسين بلوچ اليون ۽ ڊي وي ايم جي آصف اليون وچ ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ آصف اليون پهرين بيٽنگ ڪندي 79 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ حسين بلوچ حدف جو پيڇو ڪندي 55 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي طرح آصف اليون 24 رنسن تان ميچ کٽي ورتو. چيمپيئن شپ جو ٽيون ڪوارٽر فائنل سي پي ڊي جي رميز ٽانوري اليون ۽ ڊي وي ايم جي صفدر اليون وچ ۾ کيڏيو ويو. صفدر اليون پهرين بيٽنگ ڪندي رڳو 43 رنسون ٺاهي سگهي. جواب ۾ رميز ٽانوري جي ٽيم صفدر اليون جي شاندار بالنگ آڏو بيوس بڻجي وئي ۽ مقرر اوورن ۾ رڳو 42 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي طرح صفدر اليون دلچسپ مقابلي بعد ميچ 1 رنس تان کٽي ورتو. ڪوارٽر فائنل مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽنهي ٽيمن سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

 

ٽرمپ جو سج اُڀري ٿو…!!: جئه پرڪاش موراڻي

اُهو ڏينهن 11/9 جو هو، جڏهن دنيا ۾ تباهي آڻيندڙ تبديلي وارو سج اڀريو هو، جنهن جي لهڻ کان اڳ دنيا ايتري ته تبديل ٿي چُڪي هئي جو اڄ تائين انهن جا اثر ختم ئي نٿا ٿين، اڄ وري 9/11 آهي ۽ لڳي ٿو ته اڄ به تبديلي جو جيڪو طوفان آمريڪي رياستن مان اٿيو آهي اهو ايندڙ 5 سالن تائين شايد اڃا به گهڻي تباهه ڪندڙ تبديلي نه آڻي. 11/9 واري تباهي جي شروعات به نيويارڪ کان ٿي هئي، 9/11 واري تباهي آڻيندڙ طوفان جي شروعات نيويارڪ مان ئي ٿي آهي، تڏهن 3 مسافر بردار هوائي جهاز بم بڻجي آمريڪي عوام تي ڪريا، پر انهن جو اثر سڄي دنيا ۾ محسوس ڪيو ويو، اڄ وري هڪ انساني بم آمريڪا تي آمريڪا جي عوام ئي ڪيرايو آهي، ان جو تئَو ڏسون ته ڪيترن کي ٿو سيڪي.

گذريل رات جڏهن اخباري ڪاپي آخري مرحلن ۾ هئي ته ان وقت تائين آمريڪي ميڊيا توڙي عالمي نشرياتي ادارن تي اهو ئي رونشو هو ته اجهو ٿي مائي هليري آمريڪا جي تاريخ بدلائي ۽ اڍائي سؤ سالن جون مستحڪم جمهوري روايتون رکندڙ ملڪ جي پهرين عورت صدر ٿي بڻجي، اتي ته اهي به تبصرا هلي رهيا هئا ته بل ڪلنٽن ڀاڳن وارو آهي جو صدر طور 10 سال پورا ڪندڙ بعد وري صدر جو مڙس بڻجي ”اڇي گهر“ ۾ اچي رهندو ته هليري وري 10 سال ”خاتون اول“ جو تاج سجائڻ بعد ٻيهر 5 سالن لاءِ پاڻ صدر ٿي اچي اوول آفيس ۾ ويهندي، هي اُهائي اوول آفيس آهي، جنهن ۾ سندس مڙس ڪلنٽن ۽ مونيڪا ليونسڪي وچ ۾ پيار جا ڪجهه عهد و پيمان ٿيا هئا.

نتيجن دنيا کي ته حيران ڪيو ئي آهي، پر سڀ کان وڌيڪ حيران آمريڪا جا ميڊيائي ادارا آهن، جن جا سڀئي پول ۽ ٻول ڪوڙا ثابت ٿي ويا، انهن هن چونڊ مهم ۾ شروع کان وٺي ئي هليري کي حاوي ڏيکاريو هو. ٽرمپ جي ٻولي، لهجو، ڪرتوت، اسڪينڊل، شخصيت سڀ اهڙا هرگز نه هئا جو کيس دنيا جي لٺ سردار جي گادي ڏيئي سگهجي. ڪير مڃي يا نه مڃي پر اها حقيقت آهي موجوده دور ۾ آمريڪا جو صدر ئي مُني دنيا جو لٺ سردار هوندو آهي. هليري آمريڪي خاتون اول، سينيٽر ۽ پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ انتهائي گهڻي هاڪ ڪٺي ڪئي هئي، سندس لهجو، شخصيت، پاليسيون ۽ پروگرام سڀ هاڪاري پاسي هئا ان ڪري اصولي طور تي هن اليڪشن ۾ سندس کٽڻ طئه هو پر پوءِ اهو ڇا ٿيو جنهن اها کٽيل بازي بدلائي ڇڏي. جڏهن اسان ڳوڙهي جاچ ڪريون ٿا ته پتو پوي ٿو ته آمريڪا جي پراڻ پسند شهرين، ٻهراڙي وارين رياستن ۽ ڳوٺاڻن ماڻهن ۾ اڃا به اسان واري قبيلائي سماج واري سوچ جو غلبو آهي. هليري کي هارائڻ ۾ ٽرمپ جو ڪو به ڪمال نه آهي، هوءَ صرف ان ڪري هارائي وئي جو هوءَ عورت هئي، اصلوڪا پراڻ پسند ۽ ٻهراڙي سان لاڳاپو رکندڙ آمريڪي نه پيا چاهين ته ڪا عورت سندن ملڪ جي سربراهه ٿئي ۽ انهن گڏهه جي نشان تي ووٽ نه ڏيئي هڪ اهڙي فرد کي ڪامياب ڪرائي ڇڏيو جيڪو برجنس انهيءَ جناور جهڙو آهي. ان صورتحال کي ڏسي مون کي ته اهو محسوس ٿئي ٿو ته سُڌريل آمريڪين کان وڌيڪ سيڪيولر ۽ ترقي پسند اسين ڏکڻ ايشيائي آهيون جن سري مائو بندرا نائيڪي، اندرا گانڌي، حسينه واجد، بينظير ڀٽو، خالده ضياءَ، چندريڪا ڪمارا ٽنگي ۽ آنگ سانگ سوچي کي پنهنجي پنهنجي ملڪ جو سربراهه بڻايو ۽ اسان کي انهن هاڪارين حڪمرانن جي حڪمراني تي اڄ به فخر آهي. انگن اکرن موجب آمريڪي چونڊ ۾ نيرين (ڊيموڪريٽڪ حامي) ۽ ڳاڙهين (ري پبلڪن حامي) رياستن کي ڇڏي 11 سوئنگ رياستن ته هن ڀيري ڪمال ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن ووٽن جي انگ کي ڏسو ته هليري کٽي وئي آهي. هليري ڪلنٽن کي هن اليڪشن (59011452 يعني ڪل ووٽن جو 48 سيڪڙو) ووٽ مليا آهن جڏهن ته ٽرمپ کي (8591300 ووٽ جيڪي به اٽڪل 48 سيڪڙو ئي ٿين ٿا) مليا آهن. ان ريت هليري کي هڪ لک 21 هزار 502 ووٽ ٽرمپ کان وڌيڪ مليا آهن پر آمريڪي چونڊ سرشتي موجب اليڪٽورل ووٽ ٽرمپ کي وڌيڪ مليا آهن ٽرمپ کي ڪل 278 اليڪٽورل ووٽ ۽ هليري کي 218 ووٽ مليا آهن. ڪئليفورنيا، اورلينڊو، وسڪونسن، ڪولمبيا، الينز، نيويارڪ، ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا، نيو جرسي، ورمائونٽ جهڙين رياستن مان هليري ڪامياب ٿي آهي پر پاڪستانين جي سڀ کان وڏي آبادي رکندڙ رياست ٽيڪساس، ڪينٽڪي، يوٽاه، ڪينساس، مونٽانا، الباما، ٽينيسي ۽ ٻين وري ٽرمپ کي پنهنجو ووٽ ڏنو. جڏهن ته فلوريڊا ۽ اوهايو جهڙين سوئنگ رياستن ٽرمپ کي ووٽ ڏيئي کيس فتح مند ڪيو.

فتح ماڻڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چونڊ مهم واري ٽرمپ کان بلڪل الڳ ٿلڳ محسوس ٿيو. هُن سڀني مذهبن، فرقن ۽ نسلن جي ماڻهن سان محبت جو اظهار ڪيو، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو وچن ڪيو، پاڻ کي سڀني آمريڪين جو صدر سڏيو، هليري جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي.

هي نتيجا دنيا تي وڄ بڻجي ڪڙڪيا آهن، دنيا جون اسٽاڪ ايڪسچينجون انتهائي وڏي کڏ ۾ ڪرڻ لڳيون آهن، وڏيون کڳيون هڻندڙ ڀارت جي ممبئي اسٽاڪ ايڪسچينج ڪاروبار جي پهرين 15 منٽن ۾ 178 لک ڪروڙ روپيا وڃايا. ساڳئي صورتحال ڪراچي، ٽوڪيو، لنڊن ۽ وال اسٽريٽ جي هئي. هي ته اڃا شروعات آهي اڳتي اڳتي ڏسون ڇا ٿو ٿئي.

اڃا ته شروعات آهي پر هڪ ڳالهه هميشه کان چئي رهي آهي ته آمريڪا جو صدر پوءِ ڀلي اهو ري پبلڪن هجي يا ڊيموڪريٽڪ پهرين صرف آمريڪا جو صدر هوندو آهي، ان کانپوءِ ڪجهه ٻيو. ٽرمپ ڀلي هندستان سان حُب جو اظهار ڪندي اب ڪي بار ٽرمپ سرڪار جو نعرو هڻي پر هندستان سان وڏي اڪير ته ڊيموڪريٽڪ صدرن جي به رهي آهي، ڪلنٽن چار ڏينهن جئه پور، جوڌپور، اجمير ۽ آگرا جي گلين ۾ گهمندو رهيو ۽ پاڪستان کي 40 منٽ ڏنا هئا اهو ڪنهن کان وسري ويو ڇا؟ اسان کي آمريڪا ۾ ڪيدر اچي ٿو يا ڪير وڃي ٿو ان بابت پنهنجو مٿو کپائڻ بدران پنهنجون پاليسيون پنهنجي ملڪ جي مفادن ۽ پنهنجي ماڻهن جي مفادن جي حساب سان جوڙڻ گهرجن، اسان جون پاليسيون پاڻ ڀريون هجڻ گهرجن نه ٻين جي اشارن تي هلندڙ، مون کي نٿو لڳي ته ٽرمپ جي اچڻ سان اسان کي ڪو ايترو وڏو فرق پوندو باقي دهشتگردي خلاف ويڙهاند بابت سندس پاليسي ضرور سخت ترين هوندي ۽ اها ئي پاليسي اسان جي پڻ آهي، ان ڪري خراب ۽ سٺن کي ڪنڊائتو ڪري ملڪ کي نفرتن جي ڌٻڻ کان ٻاهر ڪڍي محبتن جي راهه تي هلائڻ گهرجي. پنهنجي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي، عوام جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن اسين پنهنجن پيرن تي بيٺل هونداسين ته آمريڪي ڪهڙو به صدر اچي اسين ان سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جهڙا ٿينداسين باقي جيڪڏهن انهن جي اشاري تي جي حضوري ڪنداسين ته پوءِ ڪير به اچي اسان ٻانهن ٻڌا ٻانها وارو قصو هلندو پيو ايندو.

jaimoorani@hotmail.com

 

 

سنڌ جي عوام جهوني گورنر تي گذارو ڪري..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستاني صدر ممنون حسين ۽ پاڪستاني وزير اعظم ميان نواز شريف جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ اهو طعه ڪيو ويو هو ته سنڌ جي گورنر عشرت العباد کي هٽائي ڪري انهي جي جڳهه جي چيف جسٽس سعيدالزمان کي نئون سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو وڃي.جيڪو فيصلو طعه ٿيو ۽ سنڌ جي گورنر عشرت العباد کي هٽائي ڪري سندس جاءِ تي رٽائرڊ چيف جسٽس سعيد الزمان صديقي کي سنڌ صوبي جي 31گورنر  مقرر ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته ميان نوز شريف پنهنجي جلاوطني واري دور اندر ايتري حد تائين اها ڳالهه چئي ڇڏي هئي ته چيف جسٽس سعيدالزمان سون ۾ تورڻ جهڙو انسان آهي.اهو انهي ڪري جو هُن پرويز مشرف جي دور اندر پي سي او جي تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هوُ.شايد انهي سون ۾ توڙڻ واري ڳالهه تي هن وقت عمل ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ  تي طويل عرصي کان گورنر راج ڪندڙ عشرت العباد جو وقت پڄاڻي تي پهتو آهي.وفاق جو سنڌ مٿان نئون گورنر مقرر ڪرڻ خلاف پ پ قيادت ۽ ايم ڪيو ايم قيادت وفاق کان ناراض نظر اچي رهيون آهن.جنهن مان اهو ثابت تي ٿو ته ايم ڪيو ايم وٽ ناراض هجڻ جو جواز آهي ته گورنر سندس پارٽِي جو هوُ پر پ پ جو ناراض ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي شايد جنهن جي وجهه اها آهي ته پ پ هيمشه ايم ڪيو ايم جي اتحادي رهي آهي ۽ ايم ڪيو ايم به هيمشه پي پي پي جي اتحادي رهي آهي ۽ ٻنهي پارٽي جو سوچ ساڳي آهي.نئي گورنر جي مقرري تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت وفاق تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ٻنهي پارٽين پاران اهي موقف به سامهون آيا آهن ته وفاق سنڌ حڪومت جي گورنر کي هٽائڻ ۽ نئي گورنر جي مقرري تي ٻنهي جعاعتن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هوُ.۽ ايم ڪيو ايم پاران اهو به بيان آيو هُو ته جيڪڏهن وفاق کي اهڙو فيصلو ڪرڻو هوُ ته انهي کي ايم ڪيو ايم کي ضرور اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها. وفاق جي اهڙي فيصلي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي  هڪ بيان ۾ چيو ته وفاق کي ايم ڪيو ايم سميت پ پ ۽ سنڌ جي ٻين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها پر وفاق ائين نه ڪيو.انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته گورنر سنڌ عشعرت البعاد سنڌ حڪومت اندر طويل عرصي تائين گورنر رهيو ۽ سندس دور گورنر سنڌ جي خلاف سواءِ پاڪ سرزمين پارٽِي کانسواءِ ڪنهن به پارٽِي يا اڳواڻڻ سندس مخالفت ڪئي هجي.سابق گورنر عشرت العباد پرويز مشرف جي دور اندر 27 ڊسمبر 2002ع ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو هوُ.جڏهن ته انهي وقت کان وٺِي هن وقت تائين عشرت العباد پنهنجي گورنري جا 14سال مڪمل ڪيا آهن، 2مارچ1963اندر ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ عشرت العباد سڀ کان ننڍي عمر وارو گورنر مقرر ٿيڻ جو پڻ عزاز حاصل ڪيو آهي.جيڪو اڄ تائين پاڪستان جي ٻئي ڪنهن به گورنر کي ناهي ملي سگهيو.

2003ع اندر ڪراچي ۾ رينجرس آپريشن کانپوءِ ايم ڪيو ايم گورنر عشرت العباد کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم کان الڳ ٿي پنهنجي پاڪ سر زمين پارٽي ٺاهيندڙ ۽ ڪراچي جو اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال سابق گورنر عشرت العباد تي سنگين الزام لڳايا هئا ۽ سندس گرفتاري جو مطالبو پڻ ڪيو ۽ سندس نالو اي  سي ايل  ۾  داخل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.

مصطفي ڪمال جي اهڙي رويي خلاف ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجي جوابي بيان ۾ چيو هوُ ته مصطفي ڪمال پاران لڳايل الزام سمورا بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن جن ۾ اهڙي ڪا به سچائي ناهي ۽ نه ئي وٺس اهڙن الزام جا ڪي ثبوت موجود آهي. جڏهن ته هن وقت گورنر سنڌ جي جنهن کي هٽايو ويو آهي  انهي متعلق به ڪيترائي سوال اڀري ڪري سامهون آيا آهن.گورنر سنڌ جي هٽائڻ جي متعلق جيڪي بيان سامهون آيا آهن انهن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم تي جيڪي بدعنواين جا ثبوت ظاهر ٿيا آهن انهي ڪري کيس عهدي تائين تان هٽايو ويو آهي .مڃون ٿا ته ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم بدعنوانين جون سموريون سرحدون پار ڪري ڇڏيون آهن ۽ معصوم ڪراچي واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.ٽارگيٽ ڪلنگ کان ويندي بنا لائينسنس هٿيار رکڻ ،پتا خوري ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ ايم ڪيو ايم جو ئي آهي .پر اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو انهي کي هٽائي ڪري اهڙي شخص کي گورنر مقرر ڪري ڇڏڻ جيڪو پيري واري پڇاڙڪي دور مان گذري رهيو آهي. افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي اها وفاق سنڌ صوبي سان سراسر ناانصافي ڪري رهي آهي جو وفاق سنڌ حڪومت مٿان اهڙي شخص کي گورنر مقرر ڪيو آهي جيڪو پنهنجي زندگي جون 79 بهارون ڏسي چڪو آهي.جنهن انسان کي هلڻ لاءِ به ٻئي جو سهارو وٺڻو ٿو پوي. ۽ هاڻ ته سندس ڪمزور اکين جي نظر به سندس جسم وانگر ڪمزور ٿي چڪي هوندي.

وفاق جو سنڌ سان اهڙي رويو جنهن تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ هڪ اهم سوال اهو به ذهن ۾ اڀري ٿو ته ڇا سنڌ جا نوجوان انهي عهدي جا اهل نه هئا ڇا يا سنڌ ۾ ٽئلينٽ جي کوٽ آهي جو وفاق سنڌ ۾ نوجوان گورنر مقرر ڪرڻ بجاءِ هڪ بزرگ ۽ پوڙهي عمر جي انسان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو.وفاق جو اهڙو فيصلو سنڌ ۽ سنڌي عوام کي بلڪل به قبول ناهي..سنڌ جي نئي گورنر جسٽس سعيد الزمان صديقي کي مقرر ڪيو ويو آهي.جنهن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي اندر امن امان کي بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ سندس عزم هوندو ته هوُ ڪراچي ۾ دهشتتگردي کي ختم ڪري.اها سٺِي ڳالهه آهي ته نئي گورنر جي سوچ سنڌ صوبي جي گادي واري شهر ڪراچي اندر امن ڪرائڻ جو عزم رکي ٿي. پر اتي سوال اهو به اٿي ٿو ته ڪراچي اندر پاڪستاني حڪومت ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ لاءِ ريجنرس ، پوليس ۽  ٻين سڪيورٽي اهلڪارن کي هيڊ ورر ڏئي ڇڏيو آهي جيڪڏهن اهي ڪراچي ۾ امن نه ڪرائي سگهيا آهن ته هڪ ضعيف ۽ ڪمزور انسان مان ڪهڙيون اميدون رکجن. پاڪستان جي نئي گورنر جي مقرري  سنڌ جي عوام کي ڪهڙو رليف ڏئي سگهندي اهو هڪ اهم سوال آهي.سنڌ جي سابق گورنر عشرت العباد پنهنجي هڪ بيان ۾ اهو به چيو آهي ته هوُ پاڪستان جي سياست هزگز نه ڪندو ۽ هوُ هميشه لاءِ سياست جي ميدان کان ٻاهر رهندو،اتي نئي گورنر سنڌ مان اميدون واسبته  آهن.سنڌ جي نئي گورنر چيف جسٽس سعيدالزمان ڪالهه پنهنجي عهدي جو حلف کڻي پنهنجو عهدو  سنڀالي ورتو آهي.۽ ميان نواز شريف جو موڪليل سمري تي پڻ سهي ڪري ڇڏي آهي.جنهن کانپوءِ ايوان صدر کان نئي گورنر جي تقرير جو باقيده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هوُ.پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا نئي گورنر سان ڪراچي جا دهشتگردي واريون هوائون بهارن ۾ تبديل ٿينديون

 

 

بي خبري ۾14 سالا مدي جي پڄاڻي….!!

جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ڊاڪٽر عشرت العباد جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو. رپورٽن موجب ايوان صدر سنڌ جي نئين گورنر جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي سنڌ جي نئين گورنر طور ذميواريون سنڀاليندو. ان حوالي سان ايوان صدر جي ترجمان موجب صدر ممنون حسين وزيراعظم جي سفارش تي سعيد الزمان صديقي کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي گورنر کي تبديل ڪرڻ واري فيصلي کان عشرت العباد به لاعلم نڪتو،  سنڌ جي گورنر جي تبديلي جي حوالي سان اسلام آباد هن وقت تائين آگاهه ناهي ڪيو.  گورنر جي تبديلي وفاقي حڪومت جو استحقاق آهي، هن جي مرضي هو جيڪو فيصلو ڪري مون کي منظور هوندو. گورنر سنڌ جي عهدي تي رهندي هميشه ڪراچي جي امن ۽ سنڌ جي مفاد جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪراچي جو گورنر نه رهيس تڏهن به ڪراچي جي امن جي لاءِ ڪم ڪندو رهندس. وفاقي حڪومت سنڌ ۾ نئين گورنر جي مقرري جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر عشرت العباد عهدو ڇڏڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. وفاق سنڌ حڪومت کي نئين گورنر جي مقرري جي فيصلي بابت آگاهه ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ نئين گورنر جي حلف برداري جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ عشرت العباد پنهنجا ڪم اُڪلائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. وفاق طرفان نئين گورنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ عشرت العباد پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته گورنر جي تبديلي تي سنڌ حڪومت کان صلاح مشورو ناهي ورتو ويو. پنهنجي بيان ۾ سندس جو چوڻ هو ته نواز ليگ جو سنڌ حڪومت سان لهجو سٺو ناهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ تي صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو. هن گورنر عشرت العباد کي بهترين گورنر قرار ڏيندي چيو ته هن ڪيترن ئي حڪومت کي بحرانن مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي تنهن هوندي هن جي ان ڪردار کي انتهائي قدر واري نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ هميشه ياد رکيو ويندو.  عشرت العباد جو بطور گورنر  وارو ڪردار انتهائي مثبت رهيو آهي.

مولابخش چانڊيو پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي وفاقي حڪومت ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائڻ ۽ جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي مقرري جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورت نه ئي مشاورت ڪئي وئي آهي، جنهن جي جواب ۾ وزير اعظم جي ترجمان مصديق ملڪ  جو چوڻ آهي ته سعيد الزمان صديقي جي مقرري آئين ۽ قانون موجب  ڪئي وئي اهي، جن ماڻهن سان مشاورت ڪرڻ گهربي هئي انهن سان مشاورتي ڪري ڇڏي آهي، پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻ رضا هارون به عشرت العباد کي هٽائڻ بابت وزير اعظم ۽ مصدق ملڪ کان کيس هٽائڻ جو سبب پڇو آهي.