تازيون خبرون

Daily Archives: November 11, 2016

ڪشمير معاملي تي ٽياڪڙي جي آجيان، ٽرمپ انتظاميه سان ويجها لاڳاپا چاهيون ٿا: پاڪستان

اسلام آباد(اي پي پي) پاڪستان آمريڪا جي نئين انتظاميه سان ويجهن لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ- آمريڪا لاڳاپا ستن ڏهاڪن تي مشتمل آهن، نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي واري آڇ جي آجيان ڪريون ٿا. آمريڪا ۾ سياسي تبديلي معمول مطابق آهي ۽ ان سان ٻه طرفه لاڳاپا متاثر نه ٿيندا. برطانوي وزيراعظم جي ڀارت جي دؤري دوران ڪشمير تڪرار نظر انداز ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪيو آهي. اهو معاملو سلامتي ڪائونسل جي سمورن مستقل ميمبرن جي سامهون اُٿارينداسين. پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. پاڪ سعودي لاڳاپن جو بنياد اونهو آهي. سعودي عرب مشاق ۽ جي ايف 17 ٿنڊر جهازن ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. پاڪستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ جو ڪو وجود نه آهي، تخريبي سرگرمين ۾ ملوث 8 مان 6 ڀارتي سفارتڪار پنهنجي ملڪ واپس هليا ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نفيس ذڪريا خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ دوران پاڪ- آمريڪا لاڳاپن بابت صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گذريل ستن ڏهاڪن کان لاڳاپا قائم آهن، پاڪستان آمريڪا جي نئين انتظاميه سان ويجهن ناتن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان معيشت، دفاع، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ اسٽريٽجڪ معاملن سميت گهڻ رُخي اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن، اسان ڪشمير تڪرار تي نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي ٽياڪڙي جي آڇ جي آجيان ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي خوداراديت واري حق لاءِ قربانيون ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز طرفان لاڳيتن ظلمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي آهي. حقاني نيٽ ورڪ بابت سوال تي هن چيو ته هلندڙ سال جولاءِ کان هيستائين حقاني نيٽ ورڪ جا 8 ڪمانڊرز افغانستان ۾ ماريا ويا آهن جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان نيٽ ورڪ جو پاڪستان ۾ ڪو وجود ناهي. افغانستان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، جيڪو نه رڳو ٻنهي ملڪن بلڪ سموري خطي جي مفاد وٽان آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. سعودي آرمي چيف جي پاڪستان واري دؤري بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن جا بنياد گهيرا ۽ مستحڪم آهن، سعودي عرب جي ايف 17 ٿنڊر ۽ مشاق جهازن جي خريداريءَ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن. ڀارت طرفان سنڌ طاس جي ڀڃڪڙيءَ بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان ٽياڪڙي عدالت قائم ڪرڻ لاءِ عالمي بئنڪ سان رجوع ڪيو آهي. ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ جعلي مقابلن ۾ مسلمانن کي مارڻ بابت سوال تي ترجمان چيو ته عالمي برادري پڻ ڀارت ۾ مسلمانن سميت ٻين اقليتن جي صورتحال تي گهيري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

 

وزيراعظم جلال پور ويجهو موٽر وي ايم ٿري تي انٽر چينج بيران والا جو افتتاح اڄ ڪندو، تياريون مڪمل

جلال پور (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف اڄ جمعي تي جلال پور ڀٽيان ويندو، وزيراعظم جلال پور ويجهو موٽر وي ايم ٿري تي انٽر چينج بيران والا جو افتتاح ڪندو، وزيراعظم 3 وڳي اتي پهچندو، ان سان گڏ سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سميت وفاقي وزير خواجه آصف، خواجه سعد رفيق، سائرا تارڙ افضل، رانا ثناءُ الله سميت ٻيا صوبائي وزير به گڏ هوندا، افتتاح کانپوءِ وزيراعظم پاناما ليڪس ۽ خبر ليڪس جي حوالي سان صحافين سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندو، قومي اسيمبلي جو ميمبر شاهد حسين ڀٽي، يوسي چيئرمين قادر بخش ڀٽي جي قيادت ۾ جلال پور ڀٽيان رستو پور تارڙ پنڊي ڀٽيان ۽ ٻين ضلعن مان هڪ وڏو قافلو صبح 11 وڳي جلال پور ڀٽيان کان روانو ٿيندو جيڪو بيران والا انٽر چينج تي پنهنجي اڳواڻن جي آجيان ڪندو.

 

عشرت العباد پاران استعيفيٰ صدر کي پيش، 14 سالا گورنري تي ڪتاب لکڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجي استعيفيٰ صدر ممنون حسين کي پيش ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عشرت العباد استعيفيٰ صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪري پيش ڪئي، هوڏانهن عشرت العباد ڪراچيءَ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪتاب لکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن دوران سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي 14 سالن جي گورنريءَ واري دور تي ڪتاب لکندو ۽ ان ڪتان جو نالو ”۽ اهو جيڪو مان چئي نه سگھيس“ هوندو. عشرت العباد گورنر هائوس جي آفيسرن ۽ اسٽاف سان الوداعي ملاقات به ڪئي، ڊاڪٽر عشرت العباد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان به الوداعي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته اوهان جي قيادت ۾ صوبو ترقي ۽ خوشحاليءَ جون منزلون طئه ڪندو ۽ ترقياتي منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ  سان صوبو وڌيڪ ترقي ڪندو.

 

شيخ رشيد جو چوڌري نثار کي خط، خبر ليڪ ٿيڻ جي ماملي تي ٺهندڙ ڪميٽيءَ تي بي اطمينانيءَ جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار کي خط لکيو آهي، شيخ رشيد خط ۾ خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي ٺهندڙ ڪميٽيءَ تي بي اطمينانيءَ جو اظهار ڪيو آهي، شيخ رشيد احمد پاران لکيل خط ۾ چيو آهي ته ڪميٽيءَ جي سربراهه جسٽس رٽائر عامر رضا جي حڪمران خاندان سان رابطا آهن، جسٽس رٽائرڊ عامر رضا جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽيءَ مان انصاف جي اميد ناهي.

 

سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي پارٽي ۽ حڪومت جو اختيار آهي، عشرت العباد جون سياست ۾ اچڻ جون ڳالهيون وقت کان اڳ هونديون: نثار کهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي ٿيندي رهندي آهي ۽ ڪابينا ۾ تبديلي پارٽي ۽ حڪومت جو اختيار آهي. آئيني طورعشرت العباد گورنر جي عهدي تان هٽڻ کان پوءِ ٻن سالن تائين سياست ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي ان لاءِ في الحال سندس سياست ۾ اچڻ جون ڳالهيون وقت کان اڳ جون آهن، ٻن سالن جي پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ عشرت العباد سياست ۾حصو وٺندو يا نه اها پوءِ ئي خبر پئجي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ ڪنزيومر فوڊ سيفٽي اينڊ ڪوالٽي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته گورنر کي مقرر ڪرڻ ۽ هٽائڻ وفاقي حڪومت جو اختيار آهي پر عشرت العباد کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ بابت وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي ها ته ان ۾ ڪا به قباهت نه هئي پر وفاق پاران اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ اوچتو گورنر کي هٽائڻ جو عمل ڪجهه ماڻهن کي عجيب پڻ لڳو آهي.هن چيو ته عشرت العباد تي ڪو به نئون ڪيس داخل نه ٿيو آهي ان لاءِ سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جون ڳالهيون مناسب نه آهن. تقريب کي خطاب ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ ڪابينا سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي بل جي منظوري ڌئي ڇڏي آهي ۽ ان بل کي سومر کان شروع ٿيندڙ سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڪنهن به ڏينهن منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته بل جي منظوريءَ کان پوءِ اهو قانون بڻجي ويندو ۽ اٿارٽي صوبي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي چڪاس ۽ ڪنٽرول ڪندي ۽ ڪنزيومر کي پڻ تحفظ ملندو.

 

حڪومت ڀارتي اڳراين جو اثرائتو جواب ڏئي، دشمن کي دوست سمجھڻ وڏي غلطي آهي: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت ڀارت پاران سرحدي حدن تي گولا وسائڻ جو اثرائتو جواب ڏئي، دشمن کي دوست سمجھڻ سڀ کان وڏي غلطي آهي، لاهور ۾ جميعت طلبه عربيه جي تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ڪشمير مان ڀارتي فوج نڪرڻ تائين ڀارت سان دوستي نٿي ٿي سگھي، سازش تحت عالم ۽ ديني مدرسن کي بدنام ڪيو پيو وڃي، قوم کي قرضي ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ظالم حڪمرانن جو آهي.

 

ريٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن جا فيصلا درست نه ايندا: عمران خان

اسلام آباد(م.د) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان قومي سلامتي جي خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪندي چيو آهي ته ريٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن جا فيصلا درست نه ايندا، حاضر سروس جج کان ئي جاچ ڪرائي وڃي. اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف قومي سلامتي واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ريٽائرڊ جج تي ٻڌل انڪوائري ڪميشن درست فيصلا نه ڪري سگهندي، معاملي جي شفاف جاچ لاءِ حاضر سروس جج تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي.

 

ٽرمپ جي صدر چونڊجڻ واري رات آمريڪا لاءِ شرمساري واري رات آهي: هاليووڊ اداڪار

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪا ۾ صدارتي جنگ آخرڪار ختم ٿي وئي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي سرسي ثابت ٿي وئي، جنهن سبب ڪيترن ئي کي حيرت ٿي ۽ آمريڪا جي چونڊن بابت سوال ڪرڻ لڳا آهن. ان بابت هالي ووڊ اسٽارز سوشل ميڊيا تي پنهنجن جذبن جو اظهار مختلف لفظن سان ڪيو، ميڊيا رپورٽن موجب هالي ووڊ جي ڪيترن ئي سپر اسٽارز پنهنجن چاهيندڙن تي زور ڏنو هو ته هو ٽرمپ کي ووٽ نه ڏين ۽ هاڻ هنن لاءِ نتيجو هضم ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هالي ووڊ اداڪار ڪرس ايوانز ڪافي مايوسي نظر آيو، هن موجب هيءَ آمريڪا لاءِ شرمساري واري رات آهي، اداڪار مارڪ چيو آهي ته سڄي آمريڪا جي عوام کي مضبوطي سان ڪم  وٺڻو پوندو. ليڊي گاگا چيو آهي ته آمريڪا لاءِ دعا جي ضرورت آهي، ڪيٽي پيري، ميڊونا ۽ ٻين هالي ووڊ ستارن به اهڙن جذبن جو اظهار ڪيو.

 

وينا ملڪ مڙس اسد خٽڪ کي تحريڪ انصاف لاءِ نئون ڪلام ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) فلم اسٽار وينا ملڪ پنهنجي مڙس اسد خٽڪ کي تحريڪ انصاف لاءِ نئون ڪلام ٺاهڻ کان روڪيندي چيو آهي ته جيستائين پي ٽي آءِ ۾ ڪلچرل ونگ نه ٺهندي، اسد ڪوبه نئون گانو نه ٺاهيندو ، وينا ملڪ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عمران خان پارٽي ۾ ڪلچرل ونگ ٺاهي ٿو ته هو پنهنجون خدمتون مفت ۾ ڏيندا ۽ پارٽي لاءِ فري لانس ڪم ڪندا ، سندس چوڻ هو ته ڪلچرل ونگ جي ذميواري کيس ڏني وڃي ته جئين هوءِ ان بابت معاملن کي سرانجام ڏئي سگهي ، وينا ملڪ عمران خان کي مشورو ڌنو ته هوءَ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي ، ابرارالحق ، ملڪو ۽ حمزه علي عباسي  کي به ڪلچرل  ونگ جو حصو بڻائيندي.

 

قومي ٽيم نيوزيلينڊ ۾ رٿيل ايشيا  ۽ اوشنا پاور لفٽنگ چيمپئن شپ ۾ حصو وٺندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان پاور لفٽنگ فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل محمد راشد ملڪ چيو آهي ته قومي ٽيم ايشيا اوشنا پاور لفٽنگ چيمپئن شپ ۾ حصو وٺندي. اِها چيمپئن پهرين کان 11 ڊسمبر تائين نيوزيلينڊ ۾ کيڏي ويندي، قومي ٽيم 9 رانديگرن تي ٻَڌل هوندي جنهن ۾ 6 مرد ۽ 4 عورتون شامل آهن.