تازيون خبرون

Monthly Archives: October 2016

سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس تي درخواستن جي ٻڌڻي پهرين نومبر تي ڪندي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پاناما ليڪس تي درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي اڱاري پهرين نومبر تي ٿيندي، ان سلسلي ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ لارجر بينچ جوڙي وئي آهي، لارجر بينچ ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي، آصف سعيد کوسو، امير هاني مسلم، عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن شامل آهن، ياد رهي ته سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف سميت سمورين ڌرين کي پهريائين نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، عوامي مسلم ليگ، جمهوري وطن پارٽي ۽ طارق اسد وڪيل پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواستون داخل ڪيون هيون، هلندڙ مهيني 20 آڪٽومبر تي انهن درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف، اسحاق ڊار، مريم نواز، ڪيپٽن صفدر، حسن نواز، حسين نواز، ڊي جي ايف آءِ اي، چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اٽارني جنرل سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪئي هئي، ان کانپوءِ عدالت درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ پهرين نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي هئي.

 

حڪومت اقليتن جي حقن جي لاءِ پر عزم آهي: وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت اقليتن جي حقن جي لاءِ پرعزم آهيون، هندو برادري ۽ ٻين اقليتن جو ملڪي ترقي ۾ فخر جوڳو ڪردار آهي. ڏياري جي موقعي تي وزير اعظم هندو برادري کي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏيارين روشنين ۽ خوشين جو تهوار آهي. ان تهوار تي ضرورتمندن جي مدد ڪيو ۽ پنهنجي حيثيت کان گهٽ وارن ماڻهن کي ياد رکو.  وزير اعظم چيو ته پاڪستان جي سماجي، معاشي ۽ سياسي ميدان ۾ هندو برادري جي ماڻهن جو ڪردار فخر جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قوم جي ابي سمورين اقليتن کي ملڪ ۾ مذهبي آزادي ڏني. دعا آهي ته روشنين جو تهوار سڀني جي زندگين ۾ خوشيون آڻي.

 

پيپلز پارٽي قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نٿي ڪري سگهي: آصف علي زرداري

لنڊن(م.د) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نٿي ڪري سگهي. لنڊن ۾ پ پ سينيٽر رحمان ملڪ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سيڪيورٽي ليڪس واري معاملي کان پوءِ ملڪ ۾ پيد اٿيل سياسي صورتحال تي تفصلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ملاقات ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي ٿيل حملي ۽ ڪراچي ۾ فائرنگ واري واقعي جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.  ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته پ پ قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿي ڪري سگهي، سڄي ملڪ ۾ دهشتگردين خلاف بنا فرق جي ڪارروائين ٿيڻ گهرجن جڏهن ته ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻو پوندو ۽ پ پ پاناما ليڪس جي ذميوارن خلاف ڪارروائي چاهي ٿي.

 

امپائر جي آڱر کڄي وئي ته معاملا خراب ٿي ويندا: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد(بيورو) سُڌ سماءُ بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صلاحڪار مولابخش چانڊيي چيو آهي ته امپائر جي آڱر کڄي وئي ته معاملا خراب ٿي ويندا. حيدر آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو ته 2 نومبر تي ٻه نمبري نه ٿي ته جمهوريت هلندي رهندي. هن چيو ته حڪومت بچائڻي آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جا چار مطالبا مڃيا وڃن. اسان جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن ته حڪومت جو ئي فائدو ٿيندو.

 

سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به ڏياري جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ڪراچي (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به آچر ڏينهن هندو برادري ڏياري جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو. ان سلسلي ۾ مندرن ،گهرن ۽ دڪانن ۾ ڏيئا ٻاري عبادتون ڪيون ويون جن ۾ ملڪ جي خوشحالي ،ترقي ۽ امن امان لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. ڪراچي جي قديم سوامي نارائڻ مندر ۽ ايس ڊي ڌام مندر ۾ ڏياري جي حوالي سان وڏيون تقريبون ٿيون جن ۾ عورتن ۽ ٻارن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي روايتي گربا ناچ ۽ آتشبازي جو مظاهرو به ڪيو ويو. شهر جي ننڍن وڏن مندرن ۾ به هندو برادري عبادتون ۽ تقريبون منعقد ڪيون. ان موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا هئا. شهر جي مختلف سماجي تنظيمن غريب هندو ڀائرن جي ڏياري جي خوشين کي يقيني بنائڻ لاءِ سندن مالي مدد کان علاوه انهن ۾ ڪپڙا ۽ راشن ورهايو

 

ڪرپٽ قيادت سبب پاڪستان قرضي بڻجي ويو آهي: سراج الحق

لاهور(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪرپٽ قيادت سبب پاڪستان قرضي بڻجي ويو آهي، ڪرپٽ قيادت سبب نوجوان ڊگريون حاصل ڪري به بيروزگار آهن. لاهور ۾ عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستانين پنهنجي طاقت سان وڏين طاقتن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، قوم پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز کي ڪيترائي ڀيرا اقتدار نوازيو، پر غريبن جا مسئلا حل نه ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ غريبن وٽ وسيلا ناهن، بلوچ عوام جي ڦٽن تي مرهم رکڻ وارو ڪير به ناهي. سنڌ جيان پنجاب غريب آهي. محب وطن بلوچن کي سيني سان لڳائڻ جي ضرورت آهي.

 

نواز شريف صدقو ڏنو آهي، هاڻ قرباني به ڏيڻي پوندي: شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف پرويز رشيد جي صورت ۾ صدقو ڪڍيو آهي اڃا وڏي قرباني رهيل آهي، وڊيو پيغام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته  ڪو ٻيو نه پر خود حڪمران نظام لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن، جيڪڏهن چوري نه ڪئي آهي ته تلاشي ڏيڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي پر حڪمران خاندان جي مزاحمت سان ثابت ٿئي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي پر دال سڄي ڪاري آهي، هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف پرويز رشيد جو صدقو ڪڍيو آهي ان کي وڏي قرباني ڏيڻي پوندي، عدم استحڪام هجي يا استعيفيٰ حڪمرانن جو جلد صفايو ٿيندو، هن چيو ته قومي سلامتي جا راز فاش ڪرڻ وارو پنهنجي انجام تي پهچندو ۽ ان ۾ هڪ نه پر 5 ماڻهو شامل آهن، هن چيو ته 2 نومبر تي هر صورت ۾ احتجاج ٿيندو.

 

ڏسندڙن جي پسند موجب ڪم ڪندي آهيان: مٿيرا

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا مٿيرا چيو آهي ته مون کي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ فحاشي پسند ناهي، مان رڳو ڏسندڙن جي پسند موجب ڪم ڪندي آهيان. هڪ انٽرويو ۾ مٿيرا جو چوڻ هو ته مان شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به فحاشي جو سهارو ناهي ورتو، اڄ جنهن مقام تي پهتي آهيان، اهو محنت جو نتيجو آهي. ڪجهه ماڻهو مون کي ڄاڻي واڻي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

 

جوليا رابرٽس پنهنجي سالگرهه تي منفرد تحفو گهري ورتو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) ناليواري هالي ووڊ اداڪارا جوليا رابرٽس پنهنجي سالگرهه تي منفرد تحفي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن موجب خوبصورت اداڪارا تازو پنهنجي 49 سالگرهه ملهائي آهي. ان حوالي سان ٿيل تقريب دوران جوليا رابرٽس پنهنجي گروپ لاءِ 49 ڊالرن جي عطيي جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته جوليا هم جنس پرستن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ هڪ گروپ ۾ ڪم ڪري رهي آهي.

سريلنڪن بيٽسمين ڪوشل پريرا ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري ٺاهي ورتي

هراري (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن بيٽسمين ڪوشل پريرا زمبابوي خلاف پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ شاندار سينچري ٺاهي ورتي. اها سندس ڪيريئر جي پهرين سينچري آهي. تفصيل موجب زمبابوي خلاف شروع ٿيلپهرين ٽيست ميچ جي پهرين اننگز ۾ ڪوشل پريرا ڄمي مخالف بالرن جو مقابلو ڪيو ۽ شاندار سينچري ٺاهي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪئي. پريرا 7 ميچن جي انتظار کان پوءِ پهرين ٽيسٽ سينچري ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.