تازيون خبرون

Daily Archives: October 28, 2016

عدالت پي ٽي آءِ کي اسلام آباد بند ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، 2 مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت ۽ پي ٽِي آءِ کي 2 نومبر تي اسلام آباد بند ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته ڪنهن به شهري جي بنيادي حقن کي متاثر ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو، رستن تي ڪي به ڪنٽينر نه لڳندا، اسڪول ۽ اسپتالون کليل رهنديون ۽ ڪو به امتحان ري شيڊول نه ٿيندو، سڀني تي واضح هجڻ گهرجي ته ايمائير صرف پاڪستان جون عدالتون آهن، ڪرڪيٽ ۾ اهڙا اصول هلڻ نه ڏينداسين، لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين حڪومتي مشينري جام ڪرڻ چاهي ٿو، عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي 31 آڪٽومبر تي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي پيمرا اختيارن کي هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد بند ڪرڻ بابت عمران خان جون تقريرون چيئرمين تحريڪ انصاف جي موجودگي ۾ ڏيکاريون وڃن، خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 2 نومبر تي اسلام آباد بند ڪرڻ بابت 4 شهرين پاران داخل درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس شوڪت عزيز صديقي تي ٻڌل سنگل بينچ ڪئي. ان موقعي تي گهرو سيڪريٽري، ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد سميت واسطيدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جج ريمارڪس ڏنا ته چيف ڪمشنر خاطري ڪرائي ته 2 نومبر تي ڪو به رستو، اسپتال، اسڪول بند ٿيندو ۽ نه ئي امتحان جو شيڊول تبديل ٿيندو ۽ ڪنٽينر لڳائي رستا بند نه ڪيا ويندا، عدالت چيو ته ضلعي انتظاميا ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته عمران خان کي جلسي لاءِ ڪو مخصوص هنڌ فراهم ڪيو وڃي ۽ ان کي ان تائين محدود رکيو وڃي، عدالت اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا کي حڪم ڏنو آهي ته اها عمران خان جي جلسي لاءِ پريڊ ايونيو ۾ انتطام ڪري ۽ ان کي ان تائين محدود ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.   وفاقي گادي واري شهر ۾ 2 مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪندي جلسن ۽ ڌرڻن تي پابندي مڙهي وئي، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ان کي اطلاع مليا آهن ته ڪجهه خاص ماڻهو اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جي گڏ ٿيڻ سان اسلام آباد جي امن ۾ رڪاوٽ پئجي سگهي ٿي ۽ عوام جي زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو، نوٽيفڪيشن مطابق ملڪ جي تازي صورتحال جي پيش نظر اسلام آباد ۾ 2 مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن تحت وفاقي گادي واري شهر ۾ هٿيارن جي نمائش، لائونڊ اسپيڪر جو استعمال، جلسن ۽ ڌرڻن تي پابندي هوندي، 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهو ڪنهن به عوامي هنڌ تي جمع نٿا ٿي سگهن. ٻئي طرف تحريڪ انصاف اسلام آباد بند ڪرڻ کان روڪڻ جي حوالي سان اسلا آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي جا حڪمرانن سان خانداني لاڳاپا آهن ان ڪري هن کي اهو ڪيس ٻڌڻ ئي نه گهرجي ها. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهو ڪيئن تصور ڪيو ته پي ٽي آءِ اسلام آباد بند ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي؟ اسلام آباد بند ڪرائڻ وارا قدم اسان نه پر حڪومت کنيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته 2 نومبر تي پرامن احتجاج ڪنداسين، حڪومت پنجاب کان پوليس ۽ رٻڙ جون گوليون گهرايون آهن.

 

آرمي چيف جي قطر جي بچاءَ واري وزير سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان قطر جي بچاءَ واري وزير ڊاڪٽر خالد ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قطر جي بچاءَ واري وزير ڊاڪٽر خالد جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو جتي هن يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.  قطر جي بچاءَ واري وزير ڊاڪٽر خالد آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ بچاءَ ۽ سيڪيورٽي ۾ سهڪار واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي قطر جي بچاءَ واري وزير دهشتگردي خلاف پاڪستاني ڪاميابين ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي خدمتن کي ساراهيو.

راولپنڊي  (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف قطر جي بچاءَ واري وزير ڊاڪٽر خالد بن محمد عطيا خميس تي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران بچاءَ ۽ سيڪيورٽي شعبي ۾ تعاون سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب قطر جي بچاءَ واري وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن کي سارهيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو اچڻ تي قطر جي وزير يادگار شهدا تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي پاڪستان آرمي جي ڦڙت جٿي قطر جي وزير کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.

 

مراد علي شاهه سان خورشيد شاهه جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسلام آباد جي سياسي صورتحال، پارٽي معاملن، ڪوئٽا سانحي ۽ صوبي ۾ سڪيورٽي مسئلن سميت گڏيل دلچسپي وارن مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيد خورشيد شاهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي محنت ۽ سٺي حڪمرانيءَ جي ساراهه ڪئي.

 

پ پ جي پي ٽي آءِ جي ڪنوينشن تي هلان جي مذمت، جمهوري عمل کي روڪڻ جي سخت مذمت ڪريان ٿو: بلاول ڀُٽو زرداري

ڪراچي (م.ڊ) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداريءَ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ڪنوينشن تي هلان ڪري ڪارڪنن مٿان لٺبازي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي آهي، بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب بلاول ڀُٽي زرداريءَ جو چوڻ هو ته حڪومتي پارٽيءَ کي برداشت کان ڪم وٺڻ گھرجي، پ پ سربراهه موجب پوليس جوڪارڪنن تي تشدد مذمت جوڳو آهي، عورت ڪارڪنن تي تشدد پوليس ۽ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي، عورتن ۽ ڪارڪنن تي لٺيون وسائڻ مان لڳي رهيو آهي ته حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي. حڪومت کي سهپ ۽ برداشت کان ڪم وٺڻو هو.

 

احتجاج سڀني جو جمهوري ۽ سياسي حق، لٺبازي حڪومت جي ڊپ ۾ ورتل هجڻ جو ثبوت آهي: چانڊيو

ڪراچي (م.ڊ) وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ مخالف ڌُر جو جمهوري ۽ سياسي حق آهي، پي ٽي آءِ جي يوٿ ڪنوينشن تي لٺبازيءَ جي مذمت ڪريان ٿو، حڪومت مخالف ڌر جي پرامن احتجاج کي برداشت ڪري، يوٿ ڪنوينشن ڪرڻ ڪو غلط عمل ناهي، هڪ سياسي ايونٽ هيو، مولا بخش چانڊئي چيو ته پوليس عورتن سان هٿين نه پوي ها، پوليس جو ڪم امن ۽ امان بحال ڪرڻ آهي سياسي پروگرام خراب ڪرڻ نه، لٺبازي سان لڳي ٿو ته حڪومت ڊپ ۾ ورتل آهي.

 

قلم 144 ۽ 44 جا ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان، ماءُ جو جنازو ڇڏي توهان جي لاءِ قيد ڪاٽيم: شيخ رشيد

اسلام آباد(م.ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سڀاڻي منجهند قلم 144 ۽ 44 جا ٽڪرا  ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڌرڻو روڪڻ لاءِ حڪومت گرفتارين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جيڪو وڻي ڪريو، 2 نومبر تي راولپنڊي به بند ٿيندو.  هن چيو ته آئون عدالت نه ويندس، گرفتارين ذريعي حڪومت راند شروع ڪري ڇڏي آهي، جيل ويس روزاني رات جو 8 کان 10 وڳي تائين پروگرام ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته هتي حالتون خراب ٿي ويون ته هي لنڊن هليا ويندا، جيل ڀيڙو ٿيس ته پاناما ليڪس تي ڪتاب لکندس.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ماءُ جو جنازو ڇڏي توهان جي لاءِ قيد ڪاٽيم، اوها کي شرم اچڻ گهرجي. عمران خان جيڪو به فيصلو ڪندو ان تي پورو لهنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 3 نومبر تي ڌرڻي لاءِ اڄ راولپنڊي ۾ وارم اپ ميچ ٿيندو. اسلام آباد سان گڏ راولپنڊي به بند ٿيندو. پي ٽي اي جا ڪارڪن به 2 نومبر تي اسان سان گڏ هوندا، حڪومت ڪارڪنن جون گرفتايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪنهن سان به ڪو به مسئلو ٿي پوي ته لال حويلي حاضر آهي، اسان جي ڀاڻجن جي گهرن تي به ڇاپا هنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته لال حويلي کي وويمن يونيورسٽي بڻائڻ جي وصيت ڪري ڇڏي آهي. لال حويلي ڪالهه به اسان جي هئي ۽ اڄ به اسان جي آهي. عمران خان جي هر فيصلي تي عمل ڪنداسين.

 

عمران، پارٽي ڪارڪنن کي ان پوائنٽ تائين نه وٺي وڃي جتان واپس موٽن ڏکيو ٿي وڃي: خورشيد شاهه

چڪوال  (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي ان پوائنٽ تائين نه وٺي وڃي جتان واپس موٽن ڏکيو ٿي وڃي، ملڪ جون حالتون ان ڳالهه جو تقاضا ڪن ٿيون ته 2 نومبر تي اسلام آباد بند ڪرڻ جو احتجاج پوئتي ڪيو وڃي، هو فيڊريشن آف چيمبرس ڪامرس جي نائب صدر ظفر بختاوري ۽ چڪوال چيمبر آف ڪامرس جي باني قاضي محمد اڪبر سان ڳالهائي رهيو هو جنهن اسلام آباد ۾ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي فيڊريشن جي اڳواڻن سيد خورشيد شاهه کي سڄي ملڪ جي چيمبرس جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو،  سيد خورشيد شاهه چيو ته بيشڪ احتجاج هر پارٽي جو حق آهي پر اهڙو احتجاج جنهن سان ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچڻ جو خدشو هجي اهو احتجاج غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به غيرآئيني ۽ سازش ذريعي ڪنهن قسم جي تبديلي تي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين.

 

پاڪ ڀارت چڪتاڻ باوجود ڀارتي اداڪارا پوجا ڀٽ پاڪستان جي دوري تي ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي(شوبز نيوز) نالي واري ڀارتي اداڪارا پوجا ڀٽ پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي دوري تي پهچي وئي آهي. ناليواري اداڪارا ڪراچي ايئرپورٽ پهتي. ان موقعي تي سندس پاڪستاني مداحن آجيان ڪئي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا پوجا ڀٽ چيو ته  پهريان به پاڪستان اچي چڪي آهيان، ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪيو آهي. هن چيو ته جڏهن رستا کليا آهن ته اداڪار به ايندا. هن چيو ته ڀارت مان اڏامون پاڪستان اچي رهيون آهن. ٻين اداڪارن کي به موقعو آهي ته اهي پاڪستان اچن.

 

بالي ووڊ جي نئين فلم ”ڪهاني ٽو“ جو ٽريلر جاري

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين فلم ”ڪهاني ٽو“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جيڪا ڪامياب فلم ”ڪهاني“ جو سيڪوئل آهي. فلم ۾ وديا بالن ۽ ارجن رام پال مک ڪردار نڀائي رهيا آهن، جنهن جي ڪهاڻي هڪ اهڙي عورت جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا قتل ۽ اغوا جي ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هوندي آهي. فلم 2 ڊسمبر تي رليز ٿيندي.27

 

بنگلاديش ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ (اڄ) شروع ٿيندي

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ (اڄ) جمعي تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ شروع ٿيندي. مهمان ٽيم انگلينڊ کي سيريز ۾ 0-1 ج سرسي حاصل آهي. چٽاگانگ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ 22 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.