تازيون خبرون

Daily Archives: May 10, 2016

پاناماليڪس جو ٻيو ڌماڪو: عليم خان سوڌو وڌيڪ 400 پاڪستانين جا هٿ ڪارا نڪتا

اسلام آباد (بيورو) سڄي دنيا سان لاڳاپيل شخصيتن جي ڳجهن اڪائونٽن ۽ ڪمپنين بابت دستاويز ڇاپي ٿرٿلو مچائيندڙ پاناماليڪس جو ٻيو ايڊيشن به منظر عام تي اچي ويو آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي فنانسر ۽ عليم خان سوڌو 400 پاڪستانين جا نالا شامل آهن،پاناماليڪس طرفان جيڪي نوان دستاويز ڇاپيا ويا اهن، انهن ۾ 400 پاڪستانين جا هٿ ڪارا نڪتا آهن، آئي سي آئي جي جي جاچ رپورٽ مطابق آف شور ڪمپنين ذريعي 12 کرب ڊالر کان وڌيڪ رقم پرڏيهي ملڪن ڏانهن منتقل ڪئي وئي،جنهن ۾ گهڻي رقم اڀرندڙ معيشت وارن ملڪن ڏانهن اماڻي وئي، پرڏيهه رقم اماڻيندڙ ملڪن ۾ چين، روس، ملائيشيا، ٿائلينڊ، انگولا ۽ نائجيريا به شامل آهن، رپورٽ مطابق عمران خان جو فنانسر ۽ ويجهو دوست ذوالفقار عباس بخاري عرف زلفي 6 آف شور ڪمپنين جو مالڪ آهي،جڏهن ته پي ٽي آئي اڳواڻ عليم خان جو نالو به آف شور ڪمپنيون ٺاهيندڙن جي فهرست ۾ شامل آهي، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي دور ۾ صحت جو وزير رهندڙ نصير خان جي ڀاءُ ظفر الله خان ۽ پٽ محمد جبران جي به آف شور ڪمپني آهي،ان کانسواءِ لاهور سان لاڳاپيل سيٺ عابد جو پٽ ساجد محمود ورجن آئي لينڊ ۾ ڪمپني جو مالڪ آهي،سيٺ عابد جي ڪٽنب جون 30 آف شور ڪمپنيون منظر عام تي آيون آهن، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جو دوست عرفان اقبال به 3 آف شور ڪمپنين جو مالڪ آهي، پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي ايم ڊي عبدالستار ڏيرو جون به پرڏيهي ڪمپنيون آهن،ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر شوڪت احمد جي نالي تي ڪمپني رجسٽرڊ آهي، جڏهن ته سندس پٽ ۽ ننهن شيئر هولڊر آهن،آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ شرمين عبيد چنائي جي امڙ صبا عبيد جون به 3 پرڏيهي ڪمپنيون آهن، ايڊمرل رٽائرڊ مظفر حسين جو پٽ اظهر حسين به هڪ پرڏيهي ڪمپني ۾ شيئر هولڊر آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳُوڻي سينيٽر رخسانا زبير به پرڏيهي ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪئي، جڏهن ته محترما بينظير ڀٽو جي ڪزن طارق اسلام جو نالو به آف شور ڪمپنيون رکندڙن جي فهرست ۾ شامل آهي

عمران خان ناڪام جلسن کي لڪائڻ لاءِ رات جو سهارو پيو وٺي: ن ليگ

اسلام آباد/ڪالا شاهه ڪاڪو (م.ڊ/اين اين آءِ) سُڌ سماءُ بابت وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان هر ڳالهه ۾ خيبرپختونخواهه جو مثال ڏي ٿو پر ٽن سالن ۾ عوام نئون خيبرپختونخواهه نه ڏٺو آهي. وزير اعظم ڪي پي ڪي جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ نڪتوآهي. پي ٽي آءِ جي پشاور واري جلسي ۾ عمران خان جي تقرير تي رد عمل ڏيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عمران خان ناڪام جلسن کي لڪائڻ لاءِ رات جو جلسا ڪري رهيو آهي.پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي هجي ها ته وڏي ميدان بدران ننڍڙين گهٽين ۾ جلسو نه ڪن ها. عمران خان ٽن سالن تائين ڪنٽينر تان نه لٿو، پرويز رشيد چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه مشرف جي ساٿين کي ڳڻيندي پاڻ کي وساري ويٺو آهي. عمران خان ڪي پي ڪي ۾ انصاف جا مثال ٿو ڏي پر اتي جو ڊي جي نيب انصاف لاءِ واجھائي رهيوآهي. هن چيو ته عمران خان جي وڌيڪ اي ٽي ايم مشينن جي پت وائکي ٿي وئي آهي. خيبرپختونخواهه ۾ عوام کي ٽن سالن ۾ نئون صوبو نضر نه آيو.ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پي ٽي آهي جي هٺ ڌرمي ۽ انا جمهوريت لاءِ خطرو آهي. ٻين جي احتساب جا شوقين پنهنجي ڳلي ۾ نهارين. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته  عمران خان جو نئون خيبرپختونخواهه آدم خور ڪوئن جي جنت بڻجي چڪو آهي. خيبر بينڪ صوبائي حڪومت جي ظلم تي ماتم ڪري رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف سان ميچ کيڏڻ لاءِ عمران خان کي صحت ۽ اسٽيمنا تي ڌيان ڏيڻو هوندو. خان صاحب! ليڊر ضدي هجي ته قوم ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندي آهي. ٻئي پاسي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دفاعي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته مسلم ليگ ن جو دامن ڪرپشن کان پاڪ آهي، ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان نجات ملندي، هن چيو ته اجايا الزام هڻي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙ ڪنهن جا خير خواهه نه آهن، جڏهن ته عمران خان جو چور دروازي کان وزيراعظم بڻجڻ وارو خواب پورو نه ٿيندو، هنن چيو ته هاڻ ڌرڻا سياستدانن جو بسترو گول ٿيڻ وارو آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار يوسي ناظم چوڌري ارشد ورڪ جي انتظام هيٺ ڪيل ڪارنر ميٽنگ دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نام نهاد سياستدان پاناما ليڪس جي آڙ ۾ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ تي بضد بڻيل آهن جيڪا سراسر ملڪ سان دشمني جي برابر آهي پر اسان جي پارٽي جو ڪرپشن کان دامن پاڪ آهي، هن چيو ته سال 2018 وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ درپيش بحرانن تي ضابطو اچي ويندو.

 

”وزيراعظم پاناماليڪس بابت وضاحت ڪري“ مخالف ڌر ٻنهي ايوانن جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:گڏيل مخالف ڌر پاناما ليڪس تي وزير اعظم نواز شريف کان پارليامينٽ ۾ اچي وضاحت جو مطالبو ڪندي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان جا ٽي او آرز وزير اعظم تائين پهچڻ کان اڳ ئي رد ڪيا ويا. ملڪ جي بقا جمهوريت ۾ آهي، وزير اعظم کي ايوان ۾ اچڻ گهرجي، وزير اعظم نه آيو ته اجلاس ۾ نه ڳالهائينداسين .قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ٿيو. اجلاس ۾پاناما ليڪس ڪميشن جي ٽي او آر تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته   اسان جھيڙو نٿا چاهيون، وزير اعظم اچي ايوان ۾ موقف پيش ڪري. هن چيو ته اسان جا ٽي او آرز وزير اعظم خلاف ناهن. وزير اعظم وڏي عهدي تي آهي،ان ڪري پهرين ان جو احتساب ٿئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڊيوڊ ڪيمرون ايوان ۾ اچي وضاحت ڪري سگھي ٿو ته نواز شريف ڇو نه؟ وزير اعظم ايوان ۾ اچي ته ٽي او آر تي اتفاق ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته وزير اعظم اسان کي دهشتگردن سان نه ڀيٽي. هن ايوان ۾ دهشتگردن جي ڪا گنجائش ناهي، هوڏانهن پاناما ليڪس  تي وزيراعظم نواز شريف پاران سينيٽ ۾ وضاحت نه پيش ڪرڻ تي مخالف ڌر جي پارٽين بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ، اعتزاز احسن چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف سينيٽ ۾ وضاحت نه ڏئي ايوان جو وقار مجروع ڪيو آهي، ۽ وزيراعظم پاناما ليڪس تي لڪندو ٿو وتي، تفصيل موجب گذريل ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ّدوران اپوزيشن پارٽين وزيراعظم نواز شريف تي لڳايل الزامن تي ايوان کي وضاحت نه ڏيڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ، بائيڪاٽ ڪندڙناپوزيشن پارٽين ۾ پ پ ، ايم ڪيو ايم  ، پي ٽي آءِ، پشقتو ملي پارٽي ۽ اي اين پي شامل آهن، بائيڪاٽ کان پهريان سينيٽر اعتزازا حسن سينيٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف پاناما ليڪس تي لڪندو ٿو وتي  ۽ وضاحت نه ڏئي ڪري ايوان جو وقار مجروع ڪيو آهي، جنهن تي اپوزيشن پارٽين بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جيستائين وزيراعظم وضاحت پيش نه ڪندو تيستائين اپوزيشن پارٽيون بائيڪاٽ ۾ رهنديون،سينيٽر راجا ظفر الحق اپوزيشن پارٽين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اپوزيشن پارٽين اجلاس ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ مسلسل بائيڪٽ تي رهيون، اعلان ڪيو آهي ته پاناما ليڪس جي حوالي سان اپوزيشن پارٽين حڪومت کي هر سطح تي ٽف ٽائم ڏيڻ جي فيصلي تي سينيٽ ۾ هوڪا عالم ڇائنجي ويو آهي، جنهن باعث اپوزيشن پارٽين جي عدم موجودگي تي سينيٽ جي ڪارروائي ۾ شامل سمورين پارٽين طرفان شامل ڪيل تحريڪن ۽ بلز کي ملتوي ڪيو ويو آهي

 

آرمي چيف سان آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جي ملاقات، خطي جي سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل جوزف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي ۽ افغانستان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر  پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي جنرل جوزف جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سيڪيورٽي ۽ افغانستان بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

وڏي وزير سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي ملاقات، امن مان جي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي وزير اعليٰ هائوس تي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ امن امان جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ملاقات ۾ ڪراچي آپريشن جي رپورٽ جو به جائزو ورتو ويو.

 

آصف زرداري جي هائيڊ پارڪ ون لنڊن ۾ ڪا به ملڪيت ناهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) صوبائي وزير مولابخش چانڊيي چيو آهي ته آصف علي زرداري جي هائيڊ پارڪ ون لنڊن ۾ ڪا به ملڪيت نه آهي، آصف زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪيت ثابت ٿي ته عبدالستار ايڌي کي ڏئي ڇڏيندس، خابرو ادارن موجب مولابخش چانڊيي جو چوڻ هو ته لاهور ويٺل ڪجهه ماڻهو مالڪن جا گناهه لڪائڻ لاءِ سازش ڪري رهيا آهن، آصف زرداري جي هائيڊ پارڪ ون لنڊن ۾ ڪابه ملڪيت نه آهي.

 

 جماعت اسلامي پاناماليڪس معاملي تي ڪراچي کان خيبر تائين ٽرين مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي پاناماليڪس جي معاملي تي ڪراچي کان خيبر تائين ٽرين مارچ جو اعلان ڪيو آهي، سراج الحق جو چوڻ آهي ته پاناما ليڪس وارن لاءِ اڊيالا جيل ۾ جاءِ ئي کٽي ويندي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي صدارت هيٺ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاناما پيپرز ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن جا نالا سامهون اچڻ واري معاملي تي هلندڙ مهيني جي اخري هفتي ۾ ڪراچي کان خيبر تائين ٽرين مارچ شروع ڪيو ويندو،ذريعن مطابق اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٽرين مارچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻين سياسي پارٽين کي به شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، جڏهن ته مارڇ دوران سڀني ننڍين وڏين اسٽيشنن تي عوامي ميڙاڪا ٿيندا، جن ۾ عوام کي متحرڪ ڪيو ويندو، ذريعن ٻڌايو ته ٽرين مارچ جماعت اسلامي جي ڪرپشن فري مهم جو حصو آهي، جنهن جي قيادت پارٽي سربراهه سراج الحق ڪندو، هوڏانهن اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاناماليڪس سڀ ڪجهه کولي رکي ڇڏيو آهي ۽ ايوانن ۾ ويٺل ماڻهو ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر جيل ۾ هوندا، هن چيو ته پاناماليڪس وارن لاءِ اڊيالا جيل ۾ جاءِ کٽي ويندي، تنهن ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جي جيلن کي رنگ روغن ڪري سينگاريو وڃي.

 

امپائر جي آڱر کڄڻ تي پويلين واپس وڃڻو پوي ٿو، پاناما ليڪس کانپوءِ ميان صاحب ويچارو ٿي ويو: عمران خان

پشاور(م.ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف ويچارو ٿي ويو آهي، مولانا فضل الرحمان جي هوندي يهودين کي ايجنٽ جي ضرورت ناهي.  پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي  عمران خان چيو ته ميان صاحب جواب ڏي ته سندس ٻارن وٽ ايترو پيسو ڪٿان آيو جو لنڊن ۾ اربين پائونڊ جي جاءِ خريد ڪئي. عمران خان چيو ته اسلام جي نالي تي سياست ڪندڙن کي شرم اچڻ گھرجي. اسان کي اهڙا ماڻهو نه گھرجن جن جي قيمت لڳائي وڃي. مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي، آئون چوان ٿو ته مولانا جي هوندي يهودين کي ايجنٽ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي نئون پاڪستان نظر نٿو اچي، ڇو جو هو غلط جاءِ تي نئون پاڪستان ڳولي رهيو آهي. عمران خان موجب نواز شريف سمجھي ٿو ته هڪ روڊ ٺاهڻ سان نئون پاڪستان ٺهي ويندو، ميان صاحب قومون روڊ ٺاهڻ سان نه ٺهنديون آهن، قومون تڏهن ٺهنديون آهن، جڏهن انهن کي سهولتون ڏيو، روزگار ڏيو، تعليم ڏيو، انهن جي مدد ڪريو. عمران خان چيو ته مولانا فضل الرحمان هر حڪومت سان ملي ويندو آهي. هن چيو ته يهودي به ايتري سازش نه ڪندو آهي جيتري هي ڪندا آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته ميان صاحب جلسا ڪرڻ نڪتوآهي، اڪرم دراني چوي ٿو ته نواز شريف چوي ته ڪي پي ڪي حڪومت ختم ڪري ڇڏيان، کيس چوان ٿو ته بني گالا پري آهي، آئون پرينهه بنون اچي رهيو آهيان. اڪرم دراني الله کان ڊڄي. عمران خان چيو ته نواز شريف ويچارو ٿي ويو آهي. وِيهن سالن کان چوان پيو ته نواز شريف ڪرپشن مان پيسو ٺاهيو آهي، پر ڪنهن نه ٻڌو، هاڻي الله پاڻ مرادو نوٽيس ورتو آهي، پاناما ليڪس ۾ 8 ملڪن جي سربراهن جا نالا آيا آهن. هن چيو ته جڏهن امپائر جي آڱر کڄي وڃي ته پويلين ڏانهن واپس وڃڻو پوندو آهي، اهو امپائر الله آهي. نواز شريف اليڪشن ڪميشن، نيب، ايف آءِ اي کي ڪنٽرول ڪري سمجھيو ته سڀ شيون سندس ڪنٽرول ۾ اچي ويون آهن، پر الله پاناما پيپر ڪڍي کيس عوام ۾ وائکو ڪري ڇڏيو.

 

پاناما ليڪس ۾ وڌيڪ 4 سئو ماڻهن جا نالا آهن، اهم قومي معاملي سبب جمهوريت کي سخت خطرو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پاناما ليڪس معاملي تي تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي آهي، قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته معمول جي ڪارروائي روڪي اهم معاملي تي بحث ڪرايو وڃي، ميڊيا رپورٽس مطابق پاناما ليڪس جي ٻي قسط سان پاناما اسڪينڊل وڌيڪ اهميت جو حامل ٿي ويو آهي، پاناما ليڪس ۾ اهم سياسي شخصيتن ۽ سندن دوستن جا نالا سامهون آيا آهن جنهن سان هڪ طوفان برپا ٿيو آهي، هن چيو ته پاناما ليڪس ۾ وڌيڪ 4 سئو ماڻهن جا نالا آهن ۽ هي هڪ اهم قومي معاملو آهي جنهن سان جمهوريت کي سخت خطرو آهي، شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن جمهوريت کي بچائڻو آهي ته پاناما ليڪس جو غير جانبدار احتساب ڪرايو وڃي، هن چيو ته جن جا نالا پاناما ۾ آيا آهن اهي قومي ڏوهاري آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پيسو موڪليندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

 

نيب بلوچستان ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون: بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمين ۽ 2 ڊپٽي ڊائريڪٽرز سوگها

ڪوئيٽه(اي پي پي) نيب بلوچستان ڪارروائي ڪري اڳوڻي پبلڪ سروس ڪميشن بلوچستان جي چيئرمين اشرف مگسيءَ کي 2 ڊپٽي ڊائريڪٽرز سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. سرڪاري ذريعن موجب سومر ڏينهن نيب بلوچستان ڪارروائي ڪندي اڳوڻي چيئرمين بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن اشرف مگسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر نياز محمد ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالوحيد کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جوابدارن مٿان اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ، ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ 2 پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سميت ڪيترن ئي نااهل ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جو الزام هو. جوابدارن ان عرصي دوران ڪروڙين رپين جا غبن پڻ ڪيا، نيب بلوچستان ڪرپٽ عنصرن خلاف ڪارروايون تيز شروع ڪري ڇڏيون آهن.