تازيون خبرون

Daily Archives: May 6, 2016

سنڌي ٻوليءَ سان ٻه اکيائي ۽ لسانياتي سامراجيت!: شوڪت لوهار

واقعي سچي ڳالهه آهي ته ”خواهشون جيڪڏهن گهوڙا هجن ها ته فقير انهن تي سواري ڪن ها“ پر هي ڪا اهڙي خواهش ڪونهي جيڪا پوري نه ٿي سگهندي هجي. لطيف سائين جي ٻولي کي هر جاءِ ٻُرندو ٻُڌان بَس ايتري ته خواهش آهي، ان کان وڌ ٻي ڪانهي. هي ڀروسي واري سڄڻ جون اِهي سٽون ته لطيف جي نالي تي قائم ڪيل درسگاهه ۾ ڪيئن ادارن جا نالا غير سنڌي ٻولي ۾ لکيا ويا آهن ۽ انتظاميا انهن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ٿي ڌري. ان لاءِ فوٽو ڪيپشن اخبار ۾ موجود آهن.

اسان وٽ سنڌي ٻولي سان ٻه اکيائي شروع کان وٺي رهي آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سڄڻن کي ڇڏي باقي سنڌين جي اڪثريت پنهنجي ٻولي کي ناپسند ڪري ٿي، ان جا هيٺيان ڪارڻ آهن:

  1. سنڌي ٻولي پڙهي اسين ڇا ڪنداسين؟
  2. سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪهڙو لاڀ آهي؟
  3. سنڌي ٻولي پڙهڻ واري کي مقامي توڙي ملڪي سطح تي ڪوبه عزت جي نگاهه سان نٿو ڏسي.
  4. وڏن وڏن گڻنگ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏيڻ باوجود نه مائٽ، نه ڪو ٻولي جو ادارو ان لاءِ دانهن ڪوڪ ڪري ٿو.
  5. سنڌي ٻولي اڃا تائين مارڪيٽ جي ٻولي نه بڻجي سگهي آهي وغيره.
  6. بيٺڪيت جي اثر سبب اسين سڀ هڪ غلاماڻه سوچ ۾ مُبتلا آهيون ۽ انگريزي يا غير سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ کي مها ڏاهو يا وڏو ڄاڻو سمجهون ٿا.
  7. آبادياتي مسئلن سبب سنڌ ۾ جيڪا لڏپلاڻ ٿي رهي آهي يا ماضي ۾ ٿي هئي، ان سنڌي ٻولي تي وڏا ناڪاري اثر ڇڏيا آهن.

ٻولي جي لسانياتي سمجهه نج سائنسي مسئلو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي جذباتيت جي ضرورت ڪونه آهي. دنيا ۾ ٻولين تي به ائين ئي عروج ۽ زوال ايندا آهن، جيئن قومن تي عروج ۽ زوال ايندا رهن ٿا، ان ڀونچال ۾ دنيا جون ڪئين سڌريل ۽ فخريه ٻوليون فنا ٿي ويون ۽ ڪيئي اهڙيون ٻوليون اڀري مٿي آيون جن جو وهم گمان به ڪونه هو. ثبوت لاءِ انگريز ليگزيڪو گرافر ڊيوڊ ڪرسٽل جي ڏسو ٻولي جي انسائيڪلو پيڊيا.

اهڙا عروج ۽ زوال ڪجهه ته فطري آهن ۽ ڪجهه هٿ ٺوڪيا، جن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي. اسان وٽ هِن وقت حالت اِها آهي جو جيڪڏهن ڪوبه دوست ٿورو انگريزي يا ٻي غير سنڌي ٻولي پڙهي وڃي ٿو يا ان کي ان مٿان دسترس هُجي ٿي ته اِهو سنڌي پڙهڻ لکڻ، سنڌي ٻولي سان ناروا سلوڪ رکي ٿو، جنهن کي سنڌي ٻولي کانسواءِ ٻي ٻولي نٿي اچي، اهو هِڪ عجيب ويڳاڻپ جو شڪار آهي ۽ انگريزي ڳالهائيندڙ يا لکندڙ کي دنيا جو عظيم ڏاهو نه تڏهن به مها ڏاهو ضرور سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ڪم عقلي ۽ سُستي لڪائڻ جا ڪئين بهانا پيش ڪري ٿو.

جڏهن ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ٻولي ”مادي شين جي لقائن جي معنيٰ جو نالو آهي“ انهي کان وڌي ڪري، ٻولي اظهار جو هِڪ اهم جز آهي. دنيا ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، اهو ٻولي جي بدولت آهي ۽ هڪ دفعو ٻولي کي ختم ڪري ڇڏيو، اوهان وٽ ڪجهه به ڪين بچندو. هڪڙي دور جو سَچ ٻئي دور جو ڪوڙ ۽ ٺٺولي هوندو آهي. يونان ۾ کوڙ ساريون ڏند ڪٿائون هيون، جيڪي بعد ۾ هَلي مذهب ٿيون ۽ ان کانپوءِ محض حوالو وڃي رهيون، اسان کي خبر آهي ته انگريزي ٻولي ۾ ڏينهن جا نالا مثال طور Monday, Tuesday سنڊي Sunday سڀ يوناني ۽ لاطيني ديوتائن جا نالا ئي آهن، پر هِن وقت اسان جو ڌيان ان طرف/ انهن ڏانهن ڪونه ٿو وڃي، اسين صرف انهن کي ڏينهن جي نالن جي ڳڻپ طور ڪم آڻيون ٿا.

خلاءَ ۾ جيڪي گرهه اُپ گرهه موجود آهن، جهڙوڪ مريخ، مشتري انهن جا انگريزي نالا Jupiter, Mars وغيره يوناني ۽ لاطيني ٻولين ۾ ديوتائن جا نالا ئي هئا.

ٻولين جي ڳوڙهيائپ کي سمجهڻ کانسواءِ اسان کي ڪڏهن به خبر ڪونه پوندي ته اسان جو پنهنجي ٻوليءَ طرف اهڙو رويو ڇو آهي.

يورپ کنڊ جو نالو يورپا Europa هِڪ ديوي جي نالي پٺيان پيل آهي، ثبوت لاءِ ڏسو ڪتاب Mythology يا يوسف شاهين جو ڪتاب يوناني ڏند ڪٿائون.

اسڪاٽ لينڊ جي ماڻهن جي ٻولي انگريزي ڪونه هئي/ آهي، ان مٿان انگريزي هِڪ تسلط جو نتيجو آهي. نتيجي ۾ ٻولي جڏهن طاقت جو روپ وٺي ٿي، مثال طور اوهان جي سياست، اوهان جي رياست، اوهان جو لشڪر، اوهان جو واپار، اوهان جون سٺيون شيون، نوڪريون ان ٻولي ۾ مهارت هجڻ تي اوهان کي آڇيون وڃن ٿيون، تڏهن ماڻهو پنهنجي ضرورتن آهر يعني معاشي ڀونچال کان بچڻ لاءِ اهي ٻوليون سکي ٿو، نه ته ڪهڙي ضرورت آهي ڌاري ٻولي سکڻ جي. نتيجي طور سامراجيت حاوي ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهو پنهنجي شناخت وڃائي ويهي ٿو. هي ثقافتي يلغار ڪو اڄ جو قِصو ناهي، بلڪه صدين کان وٺي ائين ٿيندو آيو آهي. هاڻوڪي ڪئنيڊا ۾ ان جي اصلوڪن رهاڪن جي ٻولي اِها ڪونهي، جيڪا اُتي انگريزي، فرانسيسي ۽ اسپيني ڳالهائي وڃي ٿي. ڪئنيڊا ڇاڪاڻ ته هِڪ تسلسل سان برطانيه جي ڪوٺي رهيو آهي، ان ڪري اُتان جي اصلوڪن آثارن جو ختم ٿيڻ اوس آهي. اهڙي ريت آسٽريليا، نيوزيلينڊ، موجوده آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ ٿيو آهي، جتي جتي انگريز پهتا اُتي انهن پنهنجي ثقافت کي ٻين يعني مقامي ماڻهن جي ثقافت مٿان مڙهيو، نتيجي ۾ مراعتن ۽ نوڪرين جي لالچ ۾ ماڻهن جو هِڪ وڏو انبوهه ان ۾ رڱجي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هِڪ سڄڻ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي لکيو ته ادبي لڏي سان لاڳاپيل ماڻهن کي انگريزي جو هِڪ مضمون به لکڻ نٿو اچي، مون کيس چيو ته اِهو اوهان جو ذاتي خيال ته ٿي سگهي ٿو، پر ان کي اسين ڪا وڏي حقيقت ڪونه ٿا ڪوٺي سگهون، جيستائين ان لاءِ ٺوس ثبوت يعني ڪي مضبوط ۽ مربوط حوالا نٿا پيش ڪري سگهجن.

ان کان وڌي ڪري هِي ٻوليائي مسئلو اسان جي ذهنن ۾ ويٺل آر بي ميڪالوي جي انهي سوچ جو مظهر به ٿي سگهي ٿو، جنهن کي انگريز سرڪار ننڍي کنڊ جي تعليم بابت اهم ذميواري سونپي هئي. هُن همراهه ڇا ڪيو جو پنهنجي رپورٽ جنهن کي ميڪالي جا منٽس چئبو آهي ۾ اِهو چيو ته ننڍي کنڊ ۾ موجود علائقائي ٻوليون ۽ انهن جو ادب اعليٰ ٿي سگهي ٿو، جيڪو مون نه پڙهيو آهي، پر هِن پوري علائقي ۾ موجود سنسڪرتي، هِندي، عربي، سنڌي، بنگالي ۽ ٻين اڻ ڳڻين ٻولين جا بي بها خزانا جيڪي دنيا جي ڪنهن به علم کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونه هئا، کي ميڪالي اِهو چئي لت هڻي ڇڏي ته هِي سڀ ٻولين وارو ادب انگريزي ٻولي ۽ ادب جي هِڪ ڪٻٽ جي هِڪ خاني کان به گهٽ حيثيت رکي ٿو.“

نتيجي ۾ بنا پڙهڻ جي ان جي تعليمي پاليسي کي رائج ڪيو ويو، جيڪا اڄ سوڌو رائج آهي. آفريڪا ۾ به انگريزن وڏا ڪلور ڪيا. آفريڪي ماهر لسانيات نوگي واٿنگو چئي ٿو ته سڄي زندگي انگريزي نظمن جو ورد ڪيوسين، ورڊس ورٿ کي ساريوسين، پر جيڪڏهن ان جي جاءِ تي پنهنجي ڪنهن مقامي ليکڪ کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري پنهنجي نصاب ۾ پڙهون ها ته اڄ هرو ڀرو اسان انگريزي جا ذهني طرح غلام نه هجون ها.“

انهي کان علاوه اوهان کي اِهو ٻڌائيندو هلان ته آفريڪا ۾ جيڪو انگريزي نه ڳالهائي سگهندو هو، ان کي چهبڪ هڻي ۽ ان جي ڳچي ۾ ”مان گڏهه آهيان“ جو اشتهار ٽنگيو ويندو هو.

ٻولين جي سامراجيت لاءِ اوهان جڏهن ٽو اسڪٽ نو ڪنگاس ۽ رابرٽ فلپس جا دستاويز ۽ مقالا پڙهندؤ ته اوهان کي ڏندين آڱريون اچي وينديون، جو انگريز ڪهڙي ريت پنهنجي ٻولي کي هِڪ سامراجي روپ ڏئي پنهنجي بيٺڪيت تائين پهچايو ۽ پوءِ لسانياتي پاليسي ۾ ان کي سڀ کان معتبر هجڻ جو درجو ڏياريو.

رسول حمزه توف پنهنجي ڪتاب ميرا داغستان ۽ لکي ٿو ته ”داغستان جي گهڻن ماڻهن کي پنهنجي قومي لباس بجاءِ روس جو ڪوٽ پاتل آهي ۽ اهي سڀ ائين آهن جيئن هڪ برقعي واري عورت کي بوسو ڏجي. جيڪڏهن داغستان جا ٻارڙا پنهنجي ماءُ ٻولي ۾ تعليم نٿا حاصل ڪن ته پوءِ انهن کي سندن ٿڃ پيئڻ جو ڪهڙو حق آهي.

پاڪستان جي دستور ۾ اِهو لکيل آهي، دستور نافذ ٿيڻ جي پندرنهن سالن تائين انگريزي ٻولي ملڪ جي رابطي جي زبان هوندي ۽ هر علائقي جي ٻولي ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندي، جيستائين اردو کي قومي ٻولي جو درجو وڃي ملي.

اردو جيڪا هندي لکت ۾ سنسڪرت ۽ ڪجهه ٻين ٻولين جو ميلاپ آهي ۽ هندوستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، پر اسان ڏٺو ته ڪيئن نه اردو کي پهرين فارسي ۽ پوءِ عربي جبو پهرائي اسان کي ڏنو ويو. ساڳيو حال پنجابي ٻولي سان آهي. اصلوڪي گرمڪي گرونانڪ صاحب جي ٻولي ۽ ان جي لکت پنجابي موجوده ٻولي جو اصلوڪو روپ آهي، پر پنجابين پاڻ ئي پنهنجي ماءُ ٻولي کي ڌڪي پاڻ کان ڇني ڇڏيو.

اهڙي ريت هِن وقت سرائيڪي زبان جنهن جي لپي سنڌي هئي، ان کي هٿرادو طرح اردو جي لپي ۾ ويڙهي هِڪ ٽين ٻولي ٺاهيو ويو. خواجا غلام فريد رحه جو ڪلام اوهان کي سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏيندو.

هِن وقت ڪنهن ٻئي تي ڪهڙي ميار آهي، سنڌي پاڻ پنهنجي ٻولي جو ڪوبه قدر ڪونه ٿا ڪن. ٻولي نڌڻڪي لڳي پيئي آهي، ٻولي جي سڌاري ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ قائم ڪيل ادارا پنهنجي سار سنڀال ۾ پورا آهن. گوگل ۾ ترجمو شامل ٿيڻ هِڪ سُٺي ڳالهه آهي، پر گوگل جو جهان ايڏو وڏو آهي، ان لاءِ هِڪ اڌ ماڻهو کي سرخاب جا پر هڻڻ جي ضرورت ڪونه آهي.

ادارن ۾ جيستائين سنڌي ٻولي کي واپاري ۽ اقتصادي طرح طاقت ڪونه ملندي، تيستائين انهيءَ سان اِها ڪار جاري رهندي. باقي اسان انهي مغالطي ۾ نه رهون ته هيءَ ٻولي مِٺي آهي، هي ٻولي کٽي آهي، هي ٻولي ڏکي آهي. اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي. دنيا ۾ تقريبن اٺ هزار جي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جيڪي سڀئي هر طرح هِڪ جهڙيون آهن. هڪ ئي طرح موسيقيت سان ڀرپور آهن. فوجي ۽ سياسي نظريو ئي ٻولي کي طاقت بخشيندو آهي. انگريز لسانياتي محقق ڊيوڊ گريڊول جو چوڻ آهي ته انگريزي ٻولي جي غربت ان مان ظاهر آهي ته ان کي پنهنجي لپي به ڪونه آهي، پر تڏهن به هن وقت دنيا جي اهم ترين ٻولي آهي ۽ ايندڙ سؤ سالن ۾ ٿي سگهي ٿو ته اِها پنهنجي عروج جي بلندين تي هجي ۽ بعد ۾ ڪا ٻي ٻولي ان جي جاءِ والاري وڃي.

مقامي يا اباڻين ٻولين سان چهٽيو رهڻ به ڪو سُٺو عمل ڪونه آهي، ان سان اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته ٻين ٻولين ۽ ثقافتن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. ها البته پنهنجي نوجوان نسل کي پنهنجي ادب سان غير شناسائي ان کي پنهنجي ماضي، ان ماضي جي عظيم مظهرن کان محروم ڪري ڇڏيندي.

مثال طور اڄوڪي سنڌ جي ڪنهن خانگي اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار کان پڇجي ته بوڙينڊو ڇا آهي؟ چنگ ڇا ٿيندو آهي؟ ڳئون جي ڦر کي ڇا چئبو آهي؟ ان کي ته ڇڏيو پر اسان جون ماسيون، اسان جون ڦڦيون به هاڻي ٻي ٻولي جي کل پائي آنٽي ۽ خاله بڻجي ويون آهن.

سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ جيترو ٿي سگهي، ان لاءِ آواز اُٿارجي. ادارن جي اهڙي مڪروهه سوچ کي سوڙهو ڪجي، اِهو ڪو پهريون دفعو ناهي جو ائين ٿيو هجي، پر هاڻ اسان وٽ اِهو وهنوار بڻجي ويو آهي. ٻوليون سکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڪابه پابندي ڪونهي، اِها هِڪ لسانياتي سوچ آهي، پر جتي پنهنجي اباڻي ٻولي جي ڳالهه اچي، اُتي سمجهوتو ڪرڻ ماءُ جي ٿڃ سان ويساهه گهاتي برابر هوندو.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

 

ماضيء جو آئينو؛ ” تاريخ، عورت ۽ موسيقي“: شفيق شاڪر

مشهور انگريز شاعر ”لانگ فيلو“ مطابق؛ موسيقي سموري انسانذات جو گڏيل ورثو آهي. موسيقي ۽ عورت جو پاڻ ۾ سدائين گهاٽو لاڳاپو رهيو آهي.جن منزلن مان عورت گذري آهي انهن ئي منزلن مان موسيقي به گذري آهي.روايتن موجب ڪنهن زماني ۾ ڳائڻ وڄائڻ صرف عبادت جو حصو هوپر هاڻي اهو هڪ پيشو بڻجي چڪاو آهي.آواز ۽ جسم ٻئي وڪجن ٿا.هرڪو ڳائڻ جي فن جو شوقين آهي پر ڪنهن ڳائڻي يا ڳائڻيء کي معاشري ۾ جيڪا عزت ملڻ گھرجي اها اڄ به ڪانهي.ماڻهو راڳ کي جنس ۽ ڳائڻي کي دوڪاندارسمجھن ٿا.اهو ٻڌائڻ ته مشڪل آهي ته ڪنهن ڪوٺي يا اڏي تي پهرين عورت آئي يا موسيقي يا وري ٻئي گڏ آيون هجن تڏهن به اهو مڃيل آهي ته ٻنهي ۾ قافيي ۽ رديف وارو تعلق رهيو آهي.عبادت گاهن ۾ به عورت،رقص ۽ ڳائڻ وڄائڻ گڏ رهيو ۽ بالاخانن ۾ به اهي گڏ آهن.جيستائين موسيقيء جو تعلق ڌرم يا مذهب سان رهيو،”ديوداسيون“ باقائدي موسيقيء جي تربيت حاصل ڪنديون هيون ۽ اهي بهترين ڳائڻيون ۽ ناچڻيون هيون.اهڙيء طرح موسيقيء جي ڄاڻ پراڻي وقت جي ٻانهين ۽ خادمائن جي لاء هڪ سٺي قابليت سمجھي ويندي هئي.اهو ئي سبب آهي جو ڪنيزن ۽ ٻانهين ۾ ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون ڳائڻيون پيدا ٿيون.هڪ خاص دور ۾ ته بادشاهن جون ڪجھ راڻيون به موسيقيء جي فن جون ماهر هيون.جهانگير جي زال ۽ شاهجهان جي ماء ”متي “ کي علم موسيقيء ۾ ايترو ته ڪمال حاصل هو جو جهانگير سندس محل جي طوائفن جو هڪڙو گروه موسيقي سکڻ لاء ان جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. اورنگ زيب جي جانشينن ڪيتريون ئي ڳائڻيون عورتون پنهن جن محلن ۾ رکيون هيون.انهن جي پيرويء ۾ شهزادا به ان رستي تي هلي پيا. مغلن جي آخري دور ۾ ته اهو حال هو جو ڳائڻا ۽ ڳائڻيون وڌي وييون جڏهن ته ڪاريگر ۽ سپاهي اڻ لڀ ٿي ويا.

فخرالدين رازي لکيو آهي ته ايرانين مطابق موسيقيء جو باني ”فيثاغورث“ آهي جيڪو حضرت سليمان عه جو شاگرد هو.پر ان کان اڳ جي ڪتابن ۾ به موسيقيء جو پتو ملي ٿو.هندن وٽ موسيقيء جي لاء ” سنگيت“ جو لفظ ڪم اچي ٿو.انهن جو عقيدو آهي ته موسيقيء جا باني سندن ديوتا هئا. هندستان ۾ موسيقيء جو پهريون نشان ” سام ويد جا منتر“ آهن جن کي ”رڪ“ چيو وڃي ٿو.

مصرين جو چوڻ آهي ته موسيقي ۽ سازن جا باني انهن جا ديوتا آهن پر يونانين جو ضد آهي ته انهن جي ديوتا ”زيوس“ جون نو نياڻيون ”ميوزس“ موسيقيء جون باني آهن ۽ انهن مطابق لفظ ”ميوزڪ“  به انهيء ئي نسبت سان استعمال ٿئي ٿو.تورات مان بني اسرائيل جي موسيقيء سان دلچسپيء جو پتو پوي ٿو. حضرت آدم جي ستين پيڙهيء مان هڪ شخص ” بل“ جي نالي سان مشهور آهي جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هن موسيقيء جو اوزار ” چنگ“ ايجاد ڪيو هو.حضرت دائود عه جا ”مزامير“ مشهور آهن.حضرت سليمان عه جي دور ۾ به موسيقيء جو وجود ملي ٿو.يونان کان پوء روم ۾ موسيقيء کي عروج حاصل رهيو. رومين کان ايراني به متاثر ٿيا.

اها حقيقت آهي ته عربن وٽ فن موسيقي موجود نه هو.”ابو مسحج“پهريون عرب هو جنهن ايران ۽ روم جي شهرن مان موسيقيء جو سرمايو جمع ڪيو.جنهن کان پوء ”اسحاق موصليء“ جهڙو مشهور گائڪ پيدا ٿيو جنهن جي شهرت ان وقت آسمانن کي ڇهڻ لڳي. ”ابن سينا “ کي موسيقيء جي فن ۾ ڪمال حاصل هو.”شهنائي“ ان جي ايجاد آهي.

مسلمان بادشاهتن ۾ ”خلجي“ ۽ ”تغلق“ خاندان جي موسيقيء سان لڳاء جا واقعا مشهور آهن.جنهن خاندان موسيقيء کي باقائدي هڪ فن جو درجو ڏنو اهو ”شرتي“ خاندان هو.مغلن ۾ اڪبر جو دور ڳائڻن ۽ ڳائڻين جي سرپرستي ڪرڻ جي لاء مشهور آهي.خود جهانگير موسيقيء جي رازن کان واقف هو.اڪبر جا وزير ابوالفضل ۽ فيضي موسيقيء جي فن کان گھڻو واقف هئا.انهن جڏهن تانسين کي ڳائيندي ٻڌو ته صرف ايترو چيوته ” ها،چڱو ٿو ڳائي!“

ملا عبدالقادر بدايوني بين وڄائڻ جو ماهر هو.شيخ سليم چشتيء جو پوٽو اسلام خان جهانگير جي دور ۾ بنگال جو گورنر هو جيڪو سال ۾ اسي هزار روپيا صرف ڳائڻ وڄائڻ جي محفلن  ۽ طائفن تي خرچ ڪندو هو. شهزادي مرادبخش کي جڏهن اورنگ زيب قيد ڪيو ته هو پاڻ سان گڏ ان وقت جي مشهور گائيڪ ”سرس ٻائي “ کي وٺي ويو.

موسيقي جي تاريخ جي ماهرن مطابق ڄاڻن موسيقيء جو فن موسيقار کان ايجاد ڪيو آهي جيڪر ڏٺو وڃي ته موسيقيء جي ان پکيء جي عمر لڳ ڀڳ هزار سال ٿئي ٿي ۽ ان جي چهنب ۾ ست سوراخ آهن.اهو پکي جڏهن به پنهن جي طبعي عمر کي رسي ٿو ته ڪک ڪچرو ڪٺو ڪري ان جي چوڌاريء نچي ۽ ڪڏي ٿو پوء هن جي سر مان اوچتو ان ڍير کي باه لڳي وڃي ٿي پوء پاڻ به ان باه ۾ ڀسم ٿي وڃي ٿو ۽ سندس خاڪ مان هڪ وري نئون جسم جنم وٺي ٿو.ان پکيء کي اردوء ۾  ”ققنس“، يونانيء ۾ ”فينڪس“، فارسيء ۾ ” آتش زن“ ۽ سنسڪرت ۾” ديپڪ لاٽ“ چئبو آهي.

موسيقيء جا ست ئي سر جانورن جي آوازن مان نڪتل آهن. ”کرج“ مور جي آواز مان، ” رکپ“ پپيهي جي آواز مان، ”گنڌا“ ٻڪريء جي آواز مان،”مڌم“ ڪلنگ مان،”پنجم“ ڪوئل جي آواز مان،   ”ڌيوت“ گھوڙي جي آواز مان ۽ ”نڪهار“ هاٿيء جي آواز مان نڪتو آهي.

توڙي جو ناچ يا رقص جي ظاهر ۾ ڪا تاريخ نظر نٿي اچي پر لڳي ايئن ٿو ته رقص ۽ راڳ ٻئي پاڻ ۾ جاڙيون ڀينرون آهن جن جي عمر ساڳي آهي.ڪنهن زماني ۾ رقص يا ناچ به عبادتن جو اهم حصو رهيو آهي ۽ توريت ۾ ان جو ذڪر موجود آهي.پر هاڻي ان جي حيثيت صرف فن واري رهجي ويئي آهي.پراڻي زماني ۾ بيت المقدس جي هڪ يهوديء بادشاه ” هردويا“ نالي هڪ ناچڻيء کان متاثر ٿي کيس چيو ته” گھر جيڪي گھرڻ چاهين ٿي.“ جنهن تي هن چيو ته ” بپتسما ڏيڻ واري يوحنا جو سر!“ ۽ نيٺ هن اهو سر وٺي پوء دم پٽيو

.مصر جي شروعاتي طائفائن ۾ جيڪي نچڻيون هيون انهن جي چوڻ مطابق انهن جو تعلق ”پرامڪا خاندان “ سان آهي.هندستان ۾ رقاصائن کي ” مرليون“ چيو ويندو هو.جڏهن عرب واپاري پهريون ڀيرو ملتان آيا ته اهي انهن مرلين جو ناچ ڏسي انهن جا مريد ٿي ويا.مطلب ته جيئن جيئن موسيقيء ۾ نيون نيون ڌنون جڙنديون وييون تيئن تيئن رقص ۽ ناچ ۾ به نوان نوان رنگ پيدا ٿيندا ويا.هاڻي ته رقص يا ناچ پنهن جي ڪمال جي حدن کي پهتل آهي.جتي موسيقيء جي زبان بند ٿي وڃي ٿي اتي رقص ڳالهائي ٿو پر راڳ وانگر هر قوم جو رقص به الڳ الڳ آهي.