تازيون خبرون

Daily Archives: May 5, 2016

مخصوص گروپن جو هدف ڪرپشن نه پر هڪ شخصيت آهي: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت مخالف ڌر جا ٽي او آر رد ڪندي مخالف ڌر کي مشاورت جي آڇ ڪري ڇڏي آهي،  گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مخالف ڌر وزير اعظم کي ڦاسائي پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ چاهي ٿي. مخصوص گروپن جو هدف ڪرپشن نه پر هڪ شخصيت آهي، پاناما ليڪس مامري کي سياسي مقصدن لاءِ تڪراري بڻايو ويو آهي، ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته پاناما اشو رڳو ميڊيا تي هلي، الزامن جو سلسلو هلندو رهي ۽ ڪيس انجام تائين نه پهچي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته پاناما ليڪس ۾ صرف وزير اعظم جو نالو نه آهي، معاملي تي سڀني کان پهرين پاڪستان جي وزير اعظم رد عمل ڏنو، پاناما ليڪس ۾ دنيا جي اهم ماڻهن جا نالا سامهون آيا. چوڌري نثار جو چوڻ هو ته پاناما ليڪس ۾ وزير اعظم جو نالو موجود نه آهي، وزير اعظم چيو ته ڪجهه به لڪائڻو ناهي، جاچ ڪرائڻي آهي، اپوزيشن کي مرضي جي ڪميشن ٺاهڻ جي آڇ به ڪئي، اپوزيشن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪميشن جوڙي وڃي، نيٺ حڪومت سپريم ڪورٽ کي ڪميشن لاءِ خط لکيو، چيف جسٽس کي خط لکڻ بعد سوچيو ته الزام بازي نه ٿيندي، پر سياستدانن جي ناڪاري بيانن سبب ججن ڪيس تي ڪم کان انڪار ڪيو. چوڌري نثار چيو ته اپوزيشن کي گذآرش آهي ته قوم آڏو ڪجھه سچ به رکي، سپريم ڪورٽ کي ڊڪٽيٽ نه ڪيو وڃي ڇا سپريم ڪورٽ تي حڪومت اثر انداز ٿي سگھي ٿي. ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته مخاف ڌر جا ٽي او آر پڙهي سخت مايوسي ٿي، حڪومت تفصيلي ٽي او آر ٺاهيا، جن ۾ شهرين کي به شامل ڪيو ويو، خابرو ادارن موجب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي زاهد حامد جو چوڻ هو ته 22 اپريل تي حڪومت چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست ڪئي، چيف جسٽس کي پاڻ ئي درخواست ڪئي وئي هئي، چيو ويو ته حڪومت پاڻ ئي ٽي او آر ٺاهيا، پر اعتراض واضح نه ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته مخاف ڌر پنهنجن ٽي او آرز ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته وزير اعظم معاملو ڊڪليئر ئي ناهي ڪيو، اختيار پهرين ئي ڪميشن وٽ هئا، مخاف ڌر جي ٽي او آر ۾ پاور آف اٽارني جي ڳالهه بنيادي اصول جي خلاف ورزي آهي، بدنيتي تي ٻڌل تجويزون قبول نه آهن.

 

اپوزيشن ٽي او آرز ذريعي مون کي هدف ٺاهيو آهي: نواز شريف

اسلام آباد (م.ڊ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اپوزيشن ٽي او آرز ذريعي مون کي هدف ٺاهيو آهي، احتساب کان نه پهرين ڊڃيا آهيون نه هاڻ ڊڃنداسين، خابرو ادارن موجب وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو،  اجلاس ۾  مخالف ڌر پارٽين پاران تيار ڪيل ٽي او آرز تي ويچاريو ويو، ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته اپوزيشن قرض معاف ڪرائڻ لاءِ پنهنجي اڳواڻن کي بچائي رهيون آهن.

 

جامعه ٽي او آرز بڻايا ڪميشن تي وقت جي ڪابه پابندي ناهي لڳائي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته اسان جامعه ٽي او آرز بڻايا ڪميشن تي وقت جي ڪابه پابندي نه لڳائي ڪميشن چاهي ته ٽن منٽن جي اندر ڪارروائي مڪمل ڪري سگهجي ٿي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته حڪومت پانامه ليڪس جي جاچ جي لاءِ جامعه ٽي او آرز بڻايا آهن ۽ سان ڪميشن تي وقت جي ڪابه پابندي نه لڳائي آهي ۽ سب ڪميشن تي ئي ڇڏيو آهي ته هو مناسب وقت تي فيصلو ڪري هن چيو ته اپوزيشن ڪميشن کي ڊڪٽيٽ ڪري سگهي ٿي ڪميشن جيڪو به سوال پڇندي ان جو جواب ملي ويندو ڪميشن چاهي ته ٽن منٽن جي اندر پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سگهي ٿي ۽ مان ڪميشن کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪميشن اسان کان سوال ڪري ۽ ٻين کان نه ڪري جاچ سڀني جي ٿيندي جن جا نالا سامهون آيا آهن ڪميشن جيڪڏهن ڪنهن کي بيان لاءِ گهرائي ته اهو ڪيئن انڪار ڪري سگهي ٿو.

 

وزير اعظم کي خط لکڻ کان اڳ اپوزيشن پارٽين کي اعتماد ۾ وٺندس، وزير اعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد  (م.ڊ/اين اين آءِ)مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اخلاق جا ضابطا قانون کان سخت هوندا آهن، وزير اعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪري. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته وزير اعظم کي پاناما ليڪس تي پارليامينٽ ۾ اچي پوزيشن واضح ڪرڻ گھرجي. وقت جي گھرج اها آهي ته وزير اعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري. هن چيو ته اپوزيشن جي ٽي او آر ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جيڪا حڪومت رد ڪري. اڪثر ڪري اخلاق جا ضابطا قانون جي ضابطن کان وڌيڪ سخت هوندا آهن. بال هاڻي حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي. معاملي کي سٺي نموني اڪلائي سگھجي ٿو. ٻئي طرف  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه پانامه ليڪس معاملي جي جاچ جي لاءِ وزيراعظم کي خط لکڻ کان پهريان اپوزيشن جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي اطلاعن موجب پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳوا۽ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وزيراعظم کي خط لکڻ کان اڳ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سميت ٻين اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري کين اعتماد ۾ وٺندو اپوزيشن ليڊر جو چوڻ آهي ته عوامي کي خط لکڻ کان پهريان سڀ دوستن سان مشاورت ڪئي ويندي اپوزيشن طرفان جاچ ڪميشن جي ٽرمس آف ريفرنس اخباري خبرن ذريعي نه پر باضابطه طور موڪليون وينديون ۽ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺن کان پوءِ ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر وزيراعظم کي ان حوالي سان خط لکيو ويندو.

 

اپوزيشن ميمبر وزيراعظم جو احتساب ۽ ٻين کي موڪل ڏيڻ چاهين ٿا: خواجه آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اپوزيشن ميمبر رڳو وزيراعظم جو احتساب ۽ باقي ماڻهن کي موڪل ڏيڻ چاهين ٿا حڪومت جي ڪاميابي جي خوف کان وزيراعظم جي استعيفا جو مطالبو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 15

ڪيو پيو وڃي. احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي سپريم ڪورٽ بااختيار ادارو آهي احتساب لاءِ ڪنهن به نئين قانون جي ضرورت نه آهي هڪ انٽرويو ۾ دفاع واري وزير چيو ته اپوزيشن جي ٽي او آر مان لڳي ٿو ته ان جو سمورو ڏيان نوازشريف تي اهي وزيراعظم پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي ۽ اپوزيشن حڪومت کان ڊنل آهي جيڪڏهن هو 2018 تائين رهيو ته پوءِ واپسي جو ڪوبه رستو نه هوندو ۽ سندس دڪانداريون بند ٿي وينديون ۽ اميد آهي ته انشاءالله ايئن ئي ٿيندو خواجه آصف چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڪنهن به قانونسازي جي ضرورت نه آهي وزيراعظم جيڪو ڪميشن جوڙيو آهي اهو مڪمل طور تي بااختيار آهي اپيلس ڪورٽس جي ڪميشن ڪا معمولي نه آهي ۽ ان ڪميشن کي تمام اختيار حاصل آهن اپوزيشن خوف سبب وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪري رهيون آهن هن چيو ته اسان جي ٽي او آرز ۾ اپوزيشن جا تمام مطالبا تسليم ڪيل هئا اپوزيشن کي سال 2018 تائين انتظار ڪرڻو پوندو اپوزيشن رڳو وزيراعظم جو احتساب ۽ باقي ماڻهن کي موڪل ڏيڻ چاهي ٿي پانامه ليڪس ۾ اپوزيشن ۾ ويٺل ماڻهن جا نالا به آهن هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي خط لکيو ويو آهي ۽ اها پاڪستان جي سب کان وڏي عدالت ۽ عدالت پنهنجا سمورا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿي هن چيو ته وزيراعظم جو پانامه ليڪس ۾ نالو نه آهي. جيڪي ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن جون ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان آف شور ڪمپنين جا مالڪ ويٺل آهن هن چيو ته گڏيل ٽي آر اوز بنائڻ ۾ ڪابه مشڪل نه آهي پر الزام لڳائيندڙن کي ڪجهه نظر نٿو اچي هن چيو ته اعتزازاحسن جو به نالو ورتو وڃي. جيڪو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي ٽي آر اوز تي پارليامينٽ ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.

 

فاروق ستار جي اڳوڻي ڪوآرڊينيٽر جو موت، آرمي چيف جاچ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي/راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف فاروق ستار جي اڳوڻي ڪوآرڊينيٽر آفتاب احمد جي موت جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف فاروق ستار جي اڳوڻي ڪوآرڊينٽر آفتاب احمد جي موت جي جاچ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آرمي چيف آفتاب احمد جي موت جي حوالي سان حقيقتون سامهون آڻڻ ۽ انصاف جا سمورا تقاضا پورا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ان کان اڳ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر جي هدايت تي آفتاب احمد جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي ويئي آهي. جاچ ڪميٽي جي سربراهي رينجرز سيڪٽر ڪمانڊر ڪندو جيڪو جلد ئي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ ڊي جي رينجرز کي پيش ڪندو رينجرز ترجمان موجب واقعي ۾ امڪاني طور ملوث اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. جلد کان جلد سيڪٽرز ڪمانڊر جاچ کي مڪمل ڪري حقيقتون سامهون آڻيندو واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ رينجرز جي تحويل ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار جو اڳوڻو ڪوآردينيٽر آفتاب احمد فوت ٿي ويو هو.

 

چين ۽ پاڪستان وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ سهڪار سان تعليم کي وڌيڪ هٿي ملندي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سهڪار سان ٻنهي ملڪن ۾ تعليم کي وڌيڪ هٿي ملندي، اهڙن خيالن جو اظهار هنگذريل ڏينهن سنڌ مدرست الاسلام يونيورسٽي جي احتمام هيٺ منعقد ڪيل سنڌ حنان يونيورسٽي فورم جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 7 سالن ۾ صوبي ۾ 10 کان وڌيڪ سرڪاري يونيورسٽيون قائم ڪيون ۽ انهن کي تمام سهولتون فراهم ڪيون ويون، هن چيو ته پاڪ چين دوستي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو جنهن تحت چين ۽ آمريڪا کي به هڪٻئي جي ويجهو آندو هو، قائم علي شاهه چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا چين جي زرعي يونيورسٽين جو دورو ڪيو ۽ ان جي ماهرن سان صوبي جي زرعي ترقي لاءِ مشورا ڪيا، ڇاڪاڻ ته سنڌ هڪ زرعي معاشرو آهي، هن چيو ته چين جي مدد سان اڄ اسان زرعي پيداوار حاصل ڪري رهيا آهيون، ڪڻڪ، ڦٽيون ۽ چانورن ۾ نه صرف خود ڪفيل آهيون پر انهن کي ٻاهر موڪلي به ناڻو ڪمائي رهيا آهيون، اجلاس ۾ نثار کهڙي، يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر محمد علي شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

اڳ به پارليامينٽ جو ساٿ ڏنو ۽ هاڻي به ڏينداسين، وزيراعظم قوم جو ليڊر بڻجي ملڪ کي بحران مان ڪڍي:مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اي پي پي) وڏي وزير جي اطلاعات ۽ آرڪائيوز بابت صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته اسان پهرين به پارليامينٽ جو ساٿ ڏنو ۽ هاڻ به ايئن ئي ڪنداسين، وزيراعظم قوم جو ليڊر آهي ۽ ان کي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ گهرجي، ملڪ جي هر اشو تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ۽ هر مسئلي کي ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڏسڻ گهرجي. اها ڳالهه هن مقامي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته اسان اهو نٿا چئون ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي پر هو موجوده ملڪي بحران کي ذاتي مسئلو بڻائي رهيو آهي، ڪنهن چيو ته ان بحران ۾ وزيراعظم جو نالو آهي ان کي گهرجي ته هو ان مسئلي کي وزيراعظم جي حيثيت سان ڏسي ۽ پنهنجن ٻارن جو دفاع ڪرڻ بجاءِ جاچ جو حڪم ڏئي ها. مولابخش چانڊيو چيو ته اپوزيشن جماعتن کي حق آهي ته هو حڪومت جو چيڪ اينڊ بئلنس رکن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت سيف الرحمان وارو احتساب ڪرڻ چاهي ٿي اسان به پاڪستاني آهيون ملڪي ترقي ۽ وڏن منصوبن ۾ اسان جي ڪوشش به شامل آهي. پاڪ چائنا ڪوريڊور منصوبي ۾ اسان سڀني جي محنت شامل آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ پارليامينٽ ۾ احتساب جي حوالي سان ڳالهه آئي هئي پر اپوزيشن متفق نه ٿي سگهي، ان لاءِ احتساب بل اچي نه سگهيو.

 

حڪومتي ٽي او آر تي وزير اعظم جو احتساب نٿو ٿي سگهي: اعتزاز احسن

ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزازاحسن چيو آهي ته هي ڪٿان جو انصاف آهي جو نوازشريف هڪ طرف پانامه ليڪس کان پوءِ جوابدار بڻجي ويو آهي ۽ اهو ئي هاڻيفرد جرم لاڳو ڪندو اصولي طور تي کيس عهدي تان استعيفا ڏيڻ گهرجي اپوزيشن جماعتن جي ٽي آر اوز کي منظور ڪيو وڃي ته ڪنهن به ڪميشن جي ضرورت نه رهندي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو سينيٽر اعتزازاحسن چيو ته نوازشريف تي لازم آهي ته 1985 کان 2016 تائين جا تمام ذريعا اثاثن ۾ اضافو ۽ ساليانو ٽيڪس ٻڌايو وڃي ۽ هن وقت تائين ذريعن ۽ آمدني کي ڊڪليئر ڪيو وڃي هن چيو ته وزيراعظم ٻڌائي ته سندس پئسو ڪهڙي طرح پرڏيهي ملڪن ۾ ويو ۽ ٽيڪس ڇو نه ادا ڪيو ۽ پئسا ڪٿان آيا ۽ ڪنهن جي اڪائونٽ ۾ ويا. ڪيتريون آف شور ڪمپنيون آهن اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو وڃي.

 

فوج ۾ ڪرپشن جي صفائي ٿي رهي آهي، سزائون به ڏنيون پيون وڃن: ترجمان

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل آصف باجوا چيو آهي ته فوج ۾ ڪرپشن جي صفائي ٿي رهي آهي ۽ سزائون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته 11 فوجي عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن جن ۾ 260 ڪيسز سماعت هيٺ آهن هن چيو ته 88 دهشتگردن کي سزا ڏني ويئي آهي جنوري 2017 تائين سمورا ڪيس مڪمل ڪيا ويندا. نجي ٽي وي موجب پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوا موجب فوج ۾ احتساب جو باقاعده نظام موجود اهي جنهن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪرپشن خلاف فوج ۾ به صفائي ٿي رهي آهي ۽ سزائون به ڏنيون پيون وڃن 6 آفيسرن کي هڪ ئي ڪيس ۾ سزا ڏني ويئي ۽ احتساب جي ان عمل کي پاڪ فوج ۾ به ساراهيو ويو آهي. هن واضح ڪيو ته اڳوڻي ڪورڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل نويد زمان ۽ اڳوڻي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سجاد غني خلاف ڪابه جاچ نه ٿي رهي آهي عاصم باجوا چيو ته هن وقت 11 فوجي عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن جنهن ۾ 207 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن هن مهل تائين 88 دهشتگردن کي سزا ڏني ويئي آهي جڏهن ته جنوري 2017 تائين تمام ڪيس مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ نوگوايراز جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي ڪومبنگ آپريشن سڄي ملڪ ۾ ڪيو ويندو جيڪو ضرب عضب جو حصو آهي ۽ ضرب عضب جو مثال سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته انٽيليجنس جي بنياد تي 18 هزار آپريشن ڪيا ويا شهري الرٽ رهن ۽ شڪي ماڻهن تي نظر رکن ڇوٽو گينگ سان متعلق آءِ ايس پي آر موجب گينگ کان جاچ جاري آهي.