تازيون خبرون

Monthly Archives: April 2016

وزيراعظم ۽ فضل رحمان وچ ۾ ملاقات، اپوزيشن جماعتن ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ذميواري فضل رحمان حوالي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف پاناما ليڪس معاملي تي اپوزيشن جماعتن ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ واري ذميواري مولانا فضل رحمان جي حوالي ڪئي آهي، ذريعن مطابق وزيراعظم نواز شريف سان مولانا فضل رحمان ملاقات ڪئي جنهن دوران پاناما ليڪس سميت سياسي صورتحال ۽ قومي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن اپوزيشن طرفان پيدا ٿيل سياسي بحران کي منهنن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو، نجي ٽي وي مطابق وزيراعظم پاناما معاملي تي اپوزيشن ۾ اتفاق راءِ جي ذميواري فضل رحمان کي ڏني آهي، جڏهن ته مولانا فضل رحمان ان معاملي تي وزيراعظم جي موقف جي تائيد ڪندي پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي.

 

آصف زرداري پيپلز پارٽي پارليمينٽرين جو صدر ۽ بلاول پيٽرن چيف ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي فهرست اپ ڊيٽ ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پيپلز پارٽي جو پارليمينٽرين صدر ۽ بلاول ڀٽو زرداري پيٽرن چيف ٿي ويو آهي، سڄي ملڪ مان سياسي پارٽين جو انگ 327 ٿي ويو آهي، خابرو ادارن موجب اليڪشن ڪميشن امين فهيم جي جاءِ تي آصف زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمينٽرين جو صدر ٺهي ويو آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پيٽرن چيف ٺهي ويو آهي.

 

آرمي چيف جو جهلم ويجهو جاري جنگي مشقن جو جائزو، فوجي جوانن جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار

راولپنڊي(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف خميس ڏينهن جهلم لڳ ”دشمن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ“ بابت فوجي مشقن جو معائنو ڪيو. انهيءَ جنگي مشق جو مقصد دشمن جي ڪنهن به امڪاني حملي کي آرٽلري، ايئر ۽ ڪومباٽ ايوي ايشن فائر پاورجي مربوط استعمال جي ذريعي اثرائتي نموني ناڪام بنائڻ جو مظاهرو ڪرڻ هو. آرمي چيف فوجي مشقن ۾ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين جي اعليٰ معيار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ حصو وٺندڙ فوجي جوانن جي پيشور حرفت جي واکاڻ ڪئي. ان کان اڳ 30 ڪور جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل اڪرام الحق ۽ 8 ڊويزن جي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميجر جنرل سرفراز ستار آرمي چيف جو استقبال ڪيو

 

پاڪستاني وزير اعظم جو نالو پاناما ليڪس مان ناهي ڪڍيو نه ئي معافي ورتي: سربراهه پاناما پيپرز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاناما پيپرز جي سربراه جيرالڊ رائل هڪ ڀيرو وري پاناما ليڪس ۾ وزير اعظم نواز شريف جو نالو ڪڍڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر آءِ سي آءِ جي جيرالڊ رائل چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف جو نالو هٽائڻ جي خبر به غلط آهي. اسان  ڪنهن کان معافي  نه ورتي آهي. نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ سان ڳالهائيندي جيرالڊ رائل چيو ته اسان پنهنجي وضاحت ۾ رڳو ايترو چيو ته وزير اعظم نواز شريف جي ٻارن جي نالي آف شور ڪمپنيون آهن. هن چيو ته پاناما پيپرز ۾ خبر ڇپجڻ کان اڳ پاڪستان جي وزير اعظم کي خبر هئي. جن جن جا نالا پاناما ليڪس ۾ آيا آهن انهن کي خط لکي موقف ڏيڻ جو چيو هو . هن چيو ته اسان نه معافي ورتي آهي نه معافي واري پريس رليز جاري ڪئي. اسان جي حڪومت به معافي وٺڻ جو نه چيو آهي.

 

قوم سوالن جا جواب گهري رهي آهي، وزير اعظم ۽ سندس اولاد کي حساب ڏيڻو پوندو: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد نوازشريف وٽ هاڻ حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه اخلاقي جواز ناهي رهيو هو جيستائين پانامه ليڪس معاملي تي قوم کي سچ نه ٻڌائيندو اوستائين مسئلن جي دلدل ۾ ڦاسندو رهندو هن چيو ته حڪومت شريف خاندان جي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ عوامي ٽيڪس جي پئسي جو غير قانوني طور استعمال ڪري رهي آهي هن چيو ته نيب کي حڪومت طرفان ٽيڪس جي پئسن کي شريف فئملي جي ڪرپشن جي دفاع لاءِ استعمال ڪرڻ جو ايڪشن وٺڻ گهرجي هن اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل ٽوئٽ پيغام ۾ ڪيو عمران خان چيو ته پانامه ليڪس جي حوالي سان حڪمران قوم سان ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن حڪمران شوڪت خانم جي حوالي سان به ڪوڙ ڳالهايو شوڪت خانم جا سمورا فنڊ واپس اچي چڪا هئا هن چيو ته پانامه ليڪس ۾ وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس اولاد جا نالا آيا آهن. ان لاءِ کيس ٻڌائڻو پوندو ته قوم جو پئسو پرڏيهي ملڪن ۾ ڪيئن ويو. هن چيو ته ميفيئرز جا 4 فليٽ ڪٿان آيا ۽ حسن نواز ساڍا 600 ڪروڙ رپين جو فليٽ وڪرو ڪيو ته اها رقم سندس وٽ ڪٿان آئي جيڪڏهن وزيراعظم چاهي ته هن سوالن جو جواب پنجن منٽن ۾ ڏيئي سگهجي ٿو پر معاملي کي اينگهايو پيو وڃي عمران خان چيو ته پانامه ليڪس ۾ نالو اچڻ کان پوءِ وزيراعظم نوازشريف وٽ حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه اخلاقي جواز ناهي رهيو هن چيو ته ٽيڪس چوري ڪرپشن ۽ اليڪشن ڪميشن سان گڏ فراڊ ڪرڻ جي حوالي سان تمام شاهد آڏو اچي چڪا آهن ۽ ان شاهدن جي روشني ۾ پوري قوم ۽ اپوزيشن ان ڳالهه تي متفق آهي ته اسان وزيراعظم کان تمام ڪيل ڪرپشن جو جواب چاهيون ٿا هن چيو ته پانامه ليڪس معاملي تي وزيراعظم نوازشريف قوم سان سچ نه ڳالهائيندو ته وڌيڪ معاملن جي ڄار ۾ ڦاسي پوندو.

 

خالد شميم جي وڊيو متحده خلاف سازش آهي: فاروق ستار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته خالد شميم جي وڊيو ايم ڪيو ايم خلاف سازش آهي، عوام ۽ متحده سربراهه کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو ڪوڙو الزام آهي، خابرو ادارن موجب خالد شميم جي وڊيو اچڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار پاران وڊيو پيغام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، ان موقعي تي فاروق ستار جو چوڻ هو ته خالد شميم گرفتار آهي، جيلن ۾ وڊيو ڪيئن ٿيون ٺهن ان سوال کي به اٿاريو وڃي، سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم خلاف هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ اهڙيون وڊيو سامهون آنديو ويون آهن، ڇا انصاف ۽ قانون جي نظام ۾ گرفتار ٿيل شخص جو بيان ميڊيا تي آڻي سگهجي ٿو، فاروق ستار چيو ته اهڙيو وڊيو عدالتن ۽ ججن لاءِ به چيلينج آهي.

 

اهم شخصيت غفار ذڪري کي مارڻ جو چيو، سندس چوڻ تي اهم فارم هائوس ۽ زمينن تي قبضا ڪيا: عذير بلوچ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لياري گينگ وار جي اهم ڪردار عذير بلوچ جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن. سندس چوڻ آهي ته اهم شخصيت غفار ذڪري کي قتل ڪرڻ جو چيو. ان ئي شخصيت جي چوڻ تي قبضا ڪيا. عذير بلوچ موجب اهم شخصيت جي چوڻ باوجود غفار ذڪري کي قتل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، سندس چوڻ تي اهم فارم هائوس ۽ زمينن تي قبضا

ڪيا.  جي آءِ ٽي موجب عذير بلوچ پنهنجي غير قانوني ڪاروبار لاءِ 4 اڪائونٽ کولرايا جن مان 3 هُن پنهنجي زال جي نالي تي کولرايا. عذير بلوچ جا يو اءِ اي ۾ 3  گاڏيون، 2 پلاٽ، ٻه گھر ۽ هڪ آفيس آهي. عذير بلوچ جا يو اي اي ۽ ايران ۾ 20 ڪروڙ رپين جا اثاثا آهن جن مان 15 لک رپيا بينڪن ۾ آهن. عذير بلوچ نثار مورائي لياري جي ڇوڪرن کي نوڪرين مان ڪڍيو. هن چيو ته لياري ۽ ٻين علائقن ۾ هر فيصلي تي 10 سيڪڙو حصو ملندو هو. لياري ۾ جوا جو هڪ اڏو منهنجو هو، هن چيو ته لياري ۾ تاجو اسان لاءِ ڀتو گڏ ڪندو هو جيڪو هن وقت پرڏيهه ڀڄي ويل آهي.

 

پريانڪا چوپڙا آمريڪي صدر اوباما جي ڊنر ۾ وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا هلندڙ مهيني جي آخر ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي ڊنر ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ڇڏيل بيان ۾   پريانڪا چوپڙا جو چوڻ هو ته هوءَ هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تي وائٽ هائوس جي نمائندن کي ڏنل رات جي ماني واري سالياني دعوت ۾ صدر بارڪ اوباما سان گڏ ماني کائيندي،اها دعوت آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ سندس گهرواري مشل اوباما پاران ايندڙ ڇنر واري رات رکي وئي آهي، جنهن ۾ پريانڪا چوپڙا کي به شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي، ان حوالي سان پريانڪا ٽوئٽر تي پنهنجي چاهيندڙن جي سوالن جا جواب ڏيندي دعوت ۾ وڃڻ جي تصديق ڪئي.

 

واندي نه ٿي ويهي سگهان، چيلينجنگ ڪردار ڪندي رهي آهيان:هما قريشي

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪاره هما قريشي چيو آهي ته مان مصروف آهيان ۽ مون کي سٺا پروجيڪٽ ملي رهيا آهن، مان هن وقت ٽن پراجيڪٽن تي ڪم ڪري رهي آهيان. مون کي مصروف رهڻ سٺو لڳندو آهي. مان واندي نه ٿي ويهي سگهان. ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هما قريشي چيو ته منهنجو سڄو ڌيان هن وقت پنهنجي پيشيوراڻين سرگرمين تي آهي، اجائي اشوز ۾ ّبلڪل الجهڻ نه ٿي چاهيان، مان سٺي اسڪرپٽ جي ڳولا ۾ رهندي آهيان. مان تامل اداڪار ميموٿي سان گڏ فلم ڪري رهي آهيان. مون کي جيڪڏهن تامل فلم جو اسڪرپٽ سٺو لڳو ته اهو ضرور ڪنديس. هن چيو ته مون وٽ ٻه ٽي پراجيڪٽ آهن، مون کي ميڪ اپ ڪرڻ سٺو لڳندو آهي. منهنجي خيال ۾ هر ڇوڪري کي ميڪ اپ ڪرڻ سٺو لڳندو آهي. هن چيو ته مون کي گليمرس ڪردار سٺا لڳندا آهن، مان پنهنجي شخصيت سان تجربا ڪندي رهندي آهيان، مان شروع کان چئلينجنگ ڪردار ادا ڪندي رهي آهيان، مان اهو چونديس ته هاڻ سئنيما تيزي سان بدلجي رهي آهي، هما قريشي چيو ته. مون کي منفرد ڪم ڪرڻ سٺو لڳندو آهي، جيڪڏهن هڪ جهڙو ڪم ڪرڻو هجي ته بينڪ ۾ نوڪري ڪيان ها اداڪاري نه ڪيا ها.

 

انڊين پريميئر ليگ ۾ اڄ هڪ ميچ کيڏي ويندي، رائزنگ پوني سپر جائنٽس ۽ گجرات لائنز جون ٽيمون مقابلو ڪنديون

ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ ۾ (اڄ) جمعي واري ڏينهن هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ رائزنگ پوني سپر جائنٽس ۽ گجرات لائنز جون ٽيمون پوني ۾ مقابلو ڪنديون، تفصيل مطابق آءِ پي ايل جي نائين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۾ جاري آهن، ميگا ايونٽ ۾ (اڄ) جمعي واري ڏينهن واحد ميچ رائزنگ پوني سپر جائنٽس ۽ گجرات لائنز جون ٽيمون پوني ۾ آمهون سامهون ٿينديون، رائزنگ پوني سپر جائنٽس ٽيم جي اڳواڻي مهندرا سنگهه ڌوني ڪري رهيو آهي، گجرات لائنز جي اڳواڻي سريش رائنا ڪري رهيو آهي، 29 مئي تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن ۾  ممبئي انڊينز، رائزنگ پوني سپر جائنٽس، ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز، دهلي ڊيئر ڊيولز، ڪنگز اليون پنجاب، گجرات لائنز، رائل چيلينجرزز بنگلو ۽ سن رائيزرز حيدرآباد شامل آهن.