تازيون خبرون

Daily Archives: April 28, 2016

پلئه صاف آهن مخالف ڪامياب نه ٿيندا:نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا ٽن سالن لاءِ بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏيندي پناما ليڪس جي جاچ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکڻ واري حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ڪجهه سياسي مخالف ملڪي ترقيءَ ۾ رنڊڪ پيا وجهن، 2018 تائين ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان مخالفن جي سياست ختم ٿي ويندي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ بجيٽ تجويزن، ترقياتي منصوبن ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو  ويو، . اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت پاران ٽن سالن لاءِ بجيٽ تجويزون پيش ڪيون ويون، جنهن جي ڪابينا پاران منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب، ڪابينا پاران پاناما ليڪس معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکڻ واري حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪندي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم نواز شريف کي ڀيٽا پيش ڪئي. ترقي ۽ رٿابندي واري وزارت اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چيني ڪائونسل موٽروي منصوبن لاءِ 4 ڏهائي 4 ارب ڊالرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، موٽرويز ۾ سکر-ملتان، حويليان ۽ ٿاڪوٽ شامل آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته توانائي منصوبن لاءِ چيني پاران ڏنا ويندڙ 34 ارب ڊالر قرض نه پر سيڙڪاري آهي، موجوده حڪومتي دور ۾ ئي گيس بحران تي ضابطو آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته 1999 کانپوءِ اقتدار ۾ آيل پارٽيون توانائي بحران ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون پر ن ليگ جي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد توانائي منصوبن کي اوليت ڏني. هن چيو ته منصوبن ۾ شفافيت جو نئون معيار قائم ڪيو آهي، سمورا ادارا ملڪي معيشيت ۾ مضبوطيءَ جو ادارا ڪري رهيا آهن پر ڪجهه سياسي مخالف ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهن پيا. وزيراعظم چيو ته سياسي مخالف حڪومت جي ڪاميابين مان خوفزده آهن، 2018 تائين ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ بعد مخالفن جي سياست به ختم ٿي ويندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پي پيداوار شروع ٿي وئي آهي، جنهن تي کيس ڏاڍي خوشي آهي.

 

سڀني کان پهرين وزير اعظم جي خاندان جي جاچ ٿيڻ کپي: مخالف ڌر

راولپنڊي(م.ڊ) پيپلزپارٽي پاناما ليڪس معاملي تي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان رابطو ڪري ورتو آهي. اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته سڀ کان پهرين وزير اعظم نواز شريف ۽ ان جي گھر ڀاتين جوا حتساب ٿيڻ گھرجي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن سينيٽر اعتزاز احسن ۽ سيد خورشيد شاهه عوامي ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاناما ليڪس معاملي ۽ ٻه مئي تي گھرايل مخالف ڌر جي پارٽين جي اجلاس بابت غور ويچار ڪيو ويو. پ پ اڳواڻن شيخ رشيد کي ٻه مئي واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ ي مخالف ڌر جي پارٽين کي متحد ڪرڻ چاهيون ٿا.  هن چيو ته پاناما ليڪس بابت معاملن تي شيخ رشيد سان اتفاق ٿيو آهي. شيخ رشيد 2 مئي واري اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت قبولي ورتي آهي. اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته 200 پاڪستانين ۾ وزير اعظم ۽ ان جي خاندان جو نالو سڀ کان مٿي آهي. ان کان اڳ جو معاملو عدالتي ڪميشن ۾ وڃي ڪجھه ڳالهين طئي ٿيڻ گھرجن.  هن چيو ته آف شور ڪمپنين جي الزام هيٺ آيل پاڻ اربين رپين جو پرڏيهه ۾ ڪاروبار هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ٻئي طرف  سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ليڪس جي ٻين قسط ۾ ڪنهن جو به نالو اچي پر اسان جو موقف ساڳو ئي آهي، سڀني کان پهرين وزير اعظم جي خاندان جي جاچ ٿيڻ کپي، خابرو ادارن موجب پيپلز پارٽي اڳواڻن اعتزاز احسن ۽ خورشيد شاهه سپريم ڪورٽ بار جي صدر ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ پاناما ليڪس معاملي تي جوڊيشل ڪميشن جي ٽرمز آف ريفرنس تي ڳالهيون ڪيون ويو، ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته اسان سمجهون ٿا ته سپريم ڪورٽ بار ڪنهن هڪ تنظيم يا سوچ جي نمائندگي نٿي ڪري، پر سپريم ڪورٽ بار جي باڊي عوامي سوچ رکي ٿي، اعتماد آهي ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ملڪ ۽ قوم بابت سوچي رهي آهي، ان موقعي تي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته 2 مئي تي اپوزيشن پارٽين جو گڏيل اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي، جڏهن ته ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار جي صدر علي ظفر چيو ته پ پ اڳواڻن سان ملاقات ۾ اسان جوڊيشل ڪميشن جي ٽي او آر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ ان معاملي تي وڌيڪ صلاح مشورو ڪنداسين.

 

سنڌ سرڪار جو ڏڪار متاثرن ۾ ڪڻڪ ورهائڻ بدران راشد ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٿر پارڪر ۾ ڏڪار واري صورتحال جي حوالي سان ٿر ڪمشين جي رپورٽ بابت سنڌ جي وڏي سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٿر ڪميشن طرفان ڏنل سفارشن کي نظر ۾ رکندي حڪومت جي ڪوششن ۾ ايندڙ رڪاوٽن دور ڪرڻ سميت غربت ۽ ڏڪار جي شڪار ٿري عوام لاءِ پائيدار حل جي ڳولا ڪرڻ لاءِ تفصيلي بحث مباحثو ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سفارشن تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چئن ميمبرن تي ٻڌل ٿر ڪميشن جوڙيو هو، جنهن ۾ عبدالفتاح ملڪ، ڊاڪٽر ٽيپو سلطان، سونو خان کنگراڻي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل شامل آهن. ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن موجب ڪميشن کي ٿرپارڪر ۾ موجوده بحران جا سبب ڳولڻ ۽ ان معاملي تي اختيارين طرفان کنيل قدمن ۽ ڪنهن به صوبائي کاتي طرفان ٿرپارڪر ۾ ڏڪار واري صورتحال کي گهٽائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهيءَ جي صورت ۾ ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان صورتحال ۾ بحالي ۽ رليف جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ شامل آهن. انهيءَ بابت ڪميشن مشاهدو ڪيو ته ٿرپارڪر ۾ ڏڪار واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل صوبائي کاتن ۾ رابطن جي گهٽتائي آهي، ۽ ڪميشن تعلقي ميونسيپل ايڊمنسٽريشن، اسپيشل انيشيٽيو ڊپارٽمينٽ، اين جي اوز ۽ صوبائي صحت کاتي وچ ۾ رابطن ۾ وڏي وٿيءَ جي نشاندهي ڪئي آهي. ڪميشن ڏٺو ته صوبائي کاتن سماجي بهبود، ماحوليات، جنگلات، بهبودآبادي، ٽرانسپورٽ ۽ سياحت جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش آهي. ڪميشن سفارش ڪئي ته صوبائي کاتن جهڙوڪ صحت، خوراڪ، لائيواسٽاڪ، آبپاشي ۽ موسميات جي نمائندن تي مشتمل هڪ صوبائي مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي تحقيقي رپورٽ پيش ڪندي ۽ ان ڪميٽيءَ جي قائدن ۽ ضابطن ۾ ٽه ماهي جامع رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪرڻ شامل هجي. ٿر ڪميشن اها به سفارش ڪئي ته غربت، خوراڪ، صحت، زراعت ۽ تعليم جهڙن شعبن جي بهتر منصوبابندي لاءِ نيوٽريشن پاليسي جوڙي وڃي، انڪري هر يونين ڪائونسل ۾ نيوٽريشن جا بنيادي مرڪز هئڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ٿر ڪميشن ڏڪار واري پاليسيءَ بابت چيو ته حڪومت ڏڪار لاءِ جدا پاليسي ۽ عملي قدم کڻڻ لاءِ فريم ورڪ جوڙي ۽ ان حوالي سان ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي اهڙي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ادارن جي سرپرستيءَ لاءِ بهتر ڪم ڪري سگهي ٿو. ٿر ڪميشن نشاندهي ڪئي ته مقامي آبادي ترقياتي منصوبن سان فائدا حاصل ناهي ڪري سگهي انهن لاءِ روزگار وارو حق پهرين ترجيح آهي. ڪميشن حڪومت تي زور ڀريو ته هو ڪوئلي جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ لاءِ مقامي آباديءَ کي روزگار ڏيڻ لازمي قرار ڏئي. ڪميشن سفارش ڪئي ته قانون تي عملدرآمد ڪندي وڻن جي واپاري استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ۽ ٿرپارڪر ۾ زمين جي ڪوالٽي ۽ معدني زخيرن جي تحفظ لاءِ هارپي جي واضع پاليسي جوڙي وڃي. ڪميشن مشاهدو ڪيو ته 1.3 ملين (تيرنهن لک) آباديءَ لاءِ هڪ ضلعي اسپتال آهي جيڪو موجوده بحران جو وڏو سبب آهي. هنن چيو ته گريڊ 17 کان 19 جي اسپيشلسٽ، ميڊيڪل آفيسر ۽ ٻيون 309 اساميون خالي آهن. ان تي صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان اسپيشلسٽ، ميڊيڪل آفيسر جي مقرريءَ لاءِ شروعات ڪئي وئي آهي ۽ ان جو تحريري امتحان ڪالهه ورتو ويو آهي جڏهن ته سموارا مرحلا ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا. سيڪريٽري صحت سعيد مڱڻيجي چيو ته ضلعي اسپتال کانسواءِ ٿرپارڪر ۾ 189 يوسي ڊسپينسيون به آهي ۽ ان کان علاوه هڪ نئين ضلعي اسپتال جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ هڪ مهيني اندر ان تي ڪم شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير صوبائي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي ته ضلعي اسپتال لاءِ وڌ کان وڌ فنڊ مختص ڪري ته جيئن هڪ سال اندر اسپتال قائم ڪري سگهجي. ٿر ڪميشن چيو ته پوري ضلعي ۾ 14 ايمبولينسون آهن جنهن مان 6 ايمبوليسون مٺي اسپتال ۾ استعمال ٿي رهيون آهن. ان تي وڏي وزير ٿرپارڪر ضلعي لاءِ 10 ايمبوليسون خريدڻ جي منظوري ڏني. ڪميشن ٻڌايو ته ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي رهائش لاءِ ڪنهن به قسم جو انتظام نه آهي ۽ جيڪا به رهائشي سهولتون موجود آهن انهن کي نان ميڊيڪل عملو استعمال ڪري رهيو آهي ان تي وڏي وزير چيو ته انهن کي فوري طور تي خالي ڪرايو وڃي. ڪميشن غير تربت يافته دائين جي نشاندهي ڪئي ان موقعي تي صحت واري وزير ٻڌايو ته هنن ايل ايڇ ڊبليو جي ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اهي مڊوائف واريون خدمتون سرانجام ڏئي سگهن. اجلاس ۾ ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي وئي ته ٿرپارڪر جو ڊوميسائل رکندڙ ڊاڪٽر به ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي نه آهن ان تي ڪميشن سفارش ڪئي تي لازمي سروس ايڪٽ تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ته جيئن ڊاڪٽر پنهنجن علائقن ۾ پنهنجو فرض نڀائن. ڪميشن حڪومت تي زور ڀريو ته فيملي پلاننگ ۽ رپراڊڪٽو هيلٿ ڪئير نيٽ ورڪ تي بهتر طريقي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي ان تي وڏي وزير پاپوليشن کاتي کي حڪم ڏنو ته اهي ٿرپارڪر ۾ پنهنجي ڪمن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميشن طرفان نشاندهي ڪئي وئي ته گهٽ عمر وارين شادين، ماء ۽ ٻار ۾ خوراڪ جي گهٽتائي، امينائيزيشن جي گهٽتائي، انٽينيٽل ڪيئر ۽ صحت جي سهولت تي پهچ جو فقدان وڏا ڪارڻ آهن. جن جو تدارڪ وقت جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ايڊيشنل سيڪريٽري ترقيات محمد وسيم ٻڌايو ته يورپين يونين جي سهڪار سان ٿرپارڪر سميت ستن ضلع لاءِ اٺن ارب رپين جو نيوٽريشن پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن کي ٿرپارڪر ۾ فوري طور تي عملدرآمد ڪرائڻ ضروري آهي. ڪميشن ٻڌايو ته آر او پلانٽس پنهنجي مڪمل صلاحيتن مطابق ڪم نه پيا ڪن ۽ انهن جي مرمت کي يقيني بڻايو وڃي ان تي وڏي وزير اسپيشل انيشيٽو ڊپارٽمينٽ کي آر او پلانٽس جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ڪميشن ٿرپارڪر ۾ آبپاشي ۾ بهتري لاءِ ضروري قدم کڻڻ لاءِ زور ڀريو ته جيئن ريگستاني ضلعي ۾ غربت گهٽ ٿي سگهي ۽ خوشحالي اچي. وڏي وزير سيڪريٽري زراعت کي ٿرپارڪر لاءِ خاص اسڪيم جوڙڻ ۽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٿر ڪميشن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ 563 اسڪول آهن جنهن ۾ استادن جي 989 اساميون خالي آهن. ضلعي ۾ هڪ لک نوي هزار ٻار پرائمري ۾ داخل آهن جنهن مان 22 هزار رڳو ميٽرڪ ۾ پهچندا آهن. قائم مقام سيڪريٽري تعليم مختيار سومرو ڪميشن جي رپورٽ تي اعتراض ڪندي چيو ته ٿر ۾ 4008 اسڪول آهن جنهن مان 3719 پرائمري، 243 مڊل، 39 سيڪنڊري ۽ 7 هائر سيڪنڊري اسڪول آهن. هن ٻڌايو ته انهن سمورن اسڪولن ۾ ڪل داخلا 149992 آهي جنهن ۾ 93178 ڇوڪرا ۽ 56814 ڇوڪريون شامل آهن. ٿرپارڪر ۾ 5148 استاد آهن جنهن مان 4548 مرد استاد ۽ 600 عورت استاد آهن. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿر ڪميشن جي رپورٽ جامع آهي جنهن تي تفصيلي بحث مباحثي جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي تحقيقي رپورٽ اهم آهي ۽ ان تي کلي ذهن سان غور ۽ فڪر جي ضرورت آهي. هن چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته ان رپورٽ جي حوالي سان سمورن سيڪريٽرين جو اجلاس گهرائي ۽ ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي تجويزن سان اچن. هن چيو ته هو ٿرپارڪر واري معاملي تي تمام ڪوششن سان حل ڪرڻ چاهي ٿو.

 

پاڪستان ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي ڏکيو هو: چوڌري نثار

لنڊن(م.ڊ) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي ڏکيو هو. ميڊيا رپورٽن موجب گھرو وزير چوڌري نثار لنڊن ۾ برطانيا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪ_برطانيا لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي برطانوي صلاحڪار پاران فاٽا لاءِ 10 لک پائوئڊ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. اها امداد فاٽا متاثرن لاءِ ڪڻڪ فراهم ڪرڻ تي خرچ ڪئي ويندي. فاٽا متاثرن کي 65 هزار ٽن ڪڻڪ ڏني ويندي. ان موقعي تي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار چيو ته پاڪستان ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي ڏکيو هو ، اسان دهشتگردي گھٽ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن سان دهشتگردي جي واقعن ۾ واضح گھٽتائي ٿي آهي.

 

اساما آپريشن کان چار سال اڳ پاڪستان وٽ هو، حڪومت سي آءِ اي کان آپريشن ڪرائي مارائي ڇڏيو: آمريڪي صحافي

واشنگٽن(م.ڊ) آمريڪا جي مشهور تحقيقي صحافي سيمورس هرش هڪ ڀيرو وري چيو آهي ته القاعده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن تائين پهچڻ ۾ پاڪستان مدد ڪئي. پولٽنزر پرائز کٽيندڙ  سيمورس هرش چيو آهي ته گذريل سال جڏهن هُن اسامه بن لادن جي ايبٽ آباد واري گھر ۽ مارجڻ بابت ثبوت ڏٺا ته مونکي پنهنجي دعويٰ سچي لڳي. هُن پنهنجي دعويٰ تي ڄمڻ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان اسامه بن لادن کي 2006 ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ سعودي عرب جي مدد سان ڪيترائي سال قيد رهيو. بعد ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ معاهدو ٿيو ته آمريڪا اسامه ڪمپائونڊ ۾ ڪارروائي ڪندو پر ظاهري طور اهو ڏيکاريو ويندو ته پاڪستان کي ان جي ڪا خبر ناهي. هن چيو ته مون کي ان حوالي سان وڌيڪ ثبوت مليا آهن. سيمور هرش جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت جي ڪري پاڪستان لاڳيتو الرٽ آهي، ان جا ريڊار هر طرح جي چرپر تي نظر رکيو اچن، جڏهن ته ان جا ايف_16 جهاز به ڪنهن قسم جي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا لاءِ ممڪن ئي نه هو ته اهو بنا اجازت جي پاڪستان ۾ داخل ٿي سگھي. هن چيو ته آمريڪا سان اهو معاهدو ان وقت جي آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه ڪيو، جنهن ٻين پاڪستاني جرنيلن کي پريشان ڪيو.

 

پاناماليڪس وڌيڪ 400 پاڪستانين جي آف شور ڪمپنين ۽ اڪائونٽن تان پردو کڻڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) سڄي دنيا سان لاڳاپيل سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن جي ڳجهن آف شور اڪائونٽن ۽ ڪمپنين جا تفصيل جاري ڪري طوفان مچائيندڙ پاناماليڪس هڪ ڀيرو وري ٿرٿلو مچائڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ وڌيڪ سوين پاڪستاني سياسي توڙي ڪاروباري شخصيتن جا نالا به شامل آهن، ميڊيا رپورٽن مطابق انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس(آئي سي آئي جي) پاناما سان لاڳاپيل لا فرم موساڪ فونسيڪا کان مليل ڊيٽا مان  وڌيڪ 2 لک دستاويز 9 مئي تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ دنيا جي 200 ملڪن سان لاڳاپيل انهن ڪمپنين، عوامي ڀلائي جي ادارن، فائونڊيشنز ۽ شخصيتن جا نالا شامل آهن،جن هانگ ڪانگ کان ويندي آمريڪي ٻيٽ نوويڊا تائين 21 مختلف ملڪن ۾ پنهنجا ڳجها اڪئونٽ کولي رکيا آهن، آئي سي آئي جي جي رپورٽ مطابق ايندڙ سال ظاهر ٿيندڙ دستاويز ايترا ته وڏا هوندا جو اڄ کان پهرين ايڏي وڏي پئماني تي ان قسم جا ڳجها دستاويز ڪڏهن به شايع نه ٿيا هوندا، جڏهن ته ڪنهن به ماڻهو جي ذاتي ڊيٽا ۽ بينڪ جي ڄاڻ نه ڏني وپيندي، رپورٽ مطابق ڳجها آف شور اڪائونٽ ۽ ڪمپنيون ٺاهيندڙن ۾ پاڪستان سان لاڳاپيل 400 سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن جا نالا به نون دستاويزن ۾ شامل آهن، جن جو تعلق ڪراچي ۽ لاهور سان آهي، واضح هجي ته آئي سي آئي جي ان کان پهرين به 10 لک کان وڌيڪ دستاويز جاري ڪري چڪي آهي.

 

پهرين مئي کان پيٽرول اگهه ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پهرين مئي کان پيٽرول اگهه ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، خانگي ٽي وي نيوز چينل موجب پهرين مئي کان ايڇ او بي سي جي قيمت 4 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمت 3 کان ساڍا 3 رپيا ليٽر وڌي سگهي ٿي، ذريعن چيو آهي ته مٽي جي تيل جي قيمت ۾ سوا 3 رپيا جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 50 پئسا واڌ جو امڪان آهي.

 

خراب جاچ نظام سبب عدالتون ۽ جج انصاف فراهم نه ٿا ڪن: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ 18 – 18 شگر ملون هڪ ئي خاندان جي ملڪيت آهن ماضي ۾ حڪمران  ڪوٽا ۽ لائسنس وٺي پيسا ميڙيندا هئا ۽ هاڻي ٺيڪن سان ترقياتي اسڪيمن ذريعي حڪمران انڊسٽريل اسٽيٽس ۽ روڊن جي ويجهو ڀڳڙن مٺ اگهه تي زمينون خريد ڪري رهيا آهن هن اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن مرڪزي شورا جي نون چونڊيل اميدوارن کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر سراج الحق چيو ته ناقص جاچ نظام سبب عدالتون ۽ جج انصاف فراهم نه ٿا ڪن. هن چيو ته پاناما ليڪس معاملي تي ڇا ڪارروائي ٿيڻي آهي جمشيد دستي جي پارليامينٽ لاجز جي اخلاقي ليڪس تي به قانون حرڪت ۾ نه آيو هن چيو ته پاڪستان سميت پوري اسلامي دنيا مسئلن ۽ ڏکيائين جو شڪار آهي عراق، شام، لبيا ۽ يمن جهڙا ملڪ نقشي تي وجود ته رکن ٿا پر انهن ملڪن ۾ عوام جا حق معطل ٿي چڪا آهن.

 

وزيراعظم سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪرڻ بدران پنهنجي آف شور ڪمپنين ۽ اڪائونٽس جي وضاحت ڪري: عمران خان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم پانامه ليڪس معاملي تي سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪرڻ بدران پنهنجي آف شور ڪمپنين ۽ اڪائونٽس جي وضاحت ڪري سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر جاري ڪيل پيغام ۾ عمران خان چيو ته جهانگير ترين کي لکت ۾ واضح ڪري چڪا آهيون ته انهن ڪنهن کان به قرض معاف نه ڪرايو آهي ۽ غلط الزام لڳائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي به ڪئي ويندي عمران خان وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي جيڪڏهن ان وٽ ڪنهن غلط ڪم جا ثبوت آهن ته پوءِ ان کي ان خلاف ايڪشن وٺڻ گهرجي ۽ معاملي جي جاچ ڪرائڻ گهرجي پانامه ليڪس جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ هو ته آف شور ڪمپنين ۾ اڪائونٽس جي وضاحت بجاءِ شريف فئملي پنهنجي سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ حڪومتي مشينري استعمال ڪري رهي آهي.

 

ملڪ ۾ جمهوريت ايندي آهي پر مظلوم عوام کي بنيادي سهولتون به ميسر نه ٿينديون آهن: شاهه محمود

ميرپورخاص (مختيار ڪيريو) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ غوثيه جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم شاھ محمود قريشي ”ڪرپشن هٽايو ملڪ بچايو، سنڌ جڳايو“ ريلي جي سلسلي ۾ پوسٽ آفيس چوڪ تي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته هتي جمهوريت ايندي آهي پر سنڌ جو پيڙهيل مزدور ۽ مظلوم طبقو جيڪو صاف پاڻي، صحت تعليم، روڊ رستن جي سهولتن کان محروم بڻيل آهي غريب کي ٿاڻي ۾ رشوت ڏيڻ عيوض انصاف ملي ٿو، ميرٽ جي لتاڙ جاري آهي، انهن مظلوم ماڻهن کي حق ڏيارڻ لاءِ عوام جي وچ ۾ آيو آهيان. هنن جي هر سطح تي وڪالت ڪندس، ڪرپشن ملڪ کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي، ان مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ عوام کي تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر نئون ڄاول ٻار هڪ لک 10 هزار جو قرضي هوندو آهي. هنن ڪرپٽ حڪمرانن سڄي ملڪ جي عوام کي مقروض بڻائي پنهنجا پيٽ ڀريا آهن، سنڌ ۾ تعليم تباھ آهي، 25 هزار گهوسٽ استاد آهن، خراب پاڻي واپرائڻ سبب هر سال 50 هزار ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا، اسان گذريل 60 سالن کان ظلم برداشت ڪري رهيا آهيون پر هاڻي وقت اچي ويو آهي عوام سان واعدو ٿا ڪريون انهن لٽيرن کي الٽو ڪري عوام جو پئسو واپس وٺنداسين، صرف تحريڪ انصاف عوام کي ناانصافين مان نجات ڏياريندي، ملڪ جي بقا چاهيو ٿا ته اسان جا هٿ مضبوط ڪري ڪرپشن جي خاتمي جي هن جدوجهد ۾ اسانجو ساٿ ڏيو. سنڌ صوبو جيڪو معدني وسيلن سان مالا مال صوبو آهي پر اربين ڊالرن جي ڪرپشن ڪري هتي جي عوام کي اذيتن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، انهن حڪمرانن مان جان ڇڏائي پنهنجي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته 30 اپريل تي ڪرپشن خلاف سکر ۾ عمران خان جي اڳواڻي ۾ جلسو ڪيو ويندو، جلسي ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿي نئين ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان ٺاهڻ جي شروعات ڪندا. جڏهن ته جلسي کي ايم اين اي لال مالهي، عارف علوي ، حليم عادل شيخ ، نور محمد سيال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.ا