تازيون خبرون

Daily Archives: April 26, 2016

ٻن سالن ۾ جيڪي ڪاميابيون مليون جهموريت سبب مليون: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ٻن سالن ۾ جيڪي ڪاميابيون مليون آهن اهي جهموريت سبب مليون آهن، اڄ دهشتگردي خلاف جيڪي ڪاميابيون مليون انهن ۾ مشڪلون اچي سگهن ٿيون ،خابرو ادارن موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب ۾ جوانن قربانيون ڏنيون تڏهن وڃي ڪاميابيون مليون، حڪومتي قدمن سان دهشتگردي گهٽ ٿي آهي، سندس چوڻ هو ته چاهيون ها ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ کي ملايو ها ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نه ٺهي ها، ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن جي نتيجن ۾ پي ٽي آءِ اڪثريتي پارٽي نه هئي.

 

1947ع کان جاچ قبول ناهي،الزام وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب تي آهي، احتساب به رڳو انهن جو ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو)  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته 1947ع کان جاچ ڪنهن به ريت قبول ناهي، پاناماليڪس ۾ الزام وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب تي آهي، تنهن ڪري احتساب به رڳو انهن جو ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ميڊيا سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي خورشيد شاهه چيو ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙندڙ ڪميشن رڳو وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب تي لڳل الزامن جي جاچ ڪري، هن چيو ته ميان صاحب ملڪ جو سربراهه آهي، تنهن ڪري سندس احتساب سڀني کان پهرين ٿيڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن جاچ جي شروعات 1947ع کان ڪئي وئي ته اها 100 سالن ۾ به مڪمل نه ٿيندي، خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب کي ڇڏي باقي ماڻهن لاءِ ڀلي ڌار ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا چاهي ته ڀلي 1947ع کان جاچ شروع ڪري.

 

يڪجهتي، انصاف، قانون جي بالادستي ۽ آئين جي پاسداري چاهيون ٿا: وڏو وزير

خيرپور (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته صحت ۽ تعليم کي اوليت ڏيندي 10 نيون يونيورسٽيون ۽ 4 ڊسٽرڪٽ اسپتالون قائم ڪيون آهن، هن اهڙن خيالن جو اظهار خيرپور جي جيم خانا ڪلب سالياني ڊنر تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ يڪجهتي، انصاف ۽ قانون جي بالادستي ۽ آئين جي پاسداري چاهيون ٿا، هن چيو ته هو نٿا چاهين ته ڪنهن به صورت ۾ جمهوريت کي نقصان پهچي، پاناما ليڪس معاملي تي چيف جسٽس کي لکيل خط تي هو پنهنجي سربراهي ۾ ڪميٽي تشڪيل ڏئي ٿو ته ان تي ڪو به اعتراض نه هوندو، هن چيو ته عدليه کي اختيار آهي ته حق ۽ انصاف مطابق جاچ ڪري فيصلو ٻڌائين، وڏي وزير چيو ته اڄ ڪلهه جلسن جي سياست هلي رهي آهي ۽ هر پارٽي کي سياست ۾ جلسي ڪرڻ جو حق آهي پر ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه گهرجي، هن چيو ته ڀٽي خاندان جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سبب ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ عوام سک جو ساهه کڻي رهيو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهو بنا خوف جي سفر ڪري رهيا آهن، هن چيو ته نظر ناريجو سميت ڪيترن ئي بدنام ڌاڙيلن  کي ماريو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت پوليس کي مضبوط ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، هن چيو ته صحت ۽ تعليم کي اوليت ڏيندي سنڌ سرڪار 10 نيون يونيورسٽيون قائم ڪيون ۽ جديد سهولتن سان 4 ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتالون قائم ڪيون آهن، ان موقعي تي وڏي وزير ريڊ ڪريسٽن سوسائٽي خيرپور طرفان ڏکايل ماڻهن جي خدمت ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ جي تعريف ڪندي هڪ ڪروڙ رپيا گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، تقريب کي سيد علي اسلم جعفري، ڪمشنر سکر عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر فياض احمد جتوئي، حاجي لالا عبدالغفار شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

ڇا ڀارتي سپريم ڪورٽ دنيا جي سڀ کان خاص عدالت آهي، جو وڪيل ان جي فيصلن جا مثال ٿا ڏين؟جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد (بيورو)  سپريم ڪورٽ درآمدي سامان تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ان سان لاڳاپيل قانون تي دليلن لاءِ ايف بي آر جي ڪسٽم ميمبر کي طلب ڪري ورتو،وقتي چيف جسٽس ثاقب نثار جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ ڪلهه وڪيل ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلن جا مثال ٿا ڏين، ڇا ڀارتي سپريم ڪورٽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خاص عدالت آهي؟ هن چيو ته ضروري ناهي ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو هر فيصلو قبولڻ جوڳو هجي، وڪيل ڀارتي فيصلن بدران پاڪستاني فيصلن تي ڀاڙين، ٻڌڻي دوران عدالت درآمدي سامان تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ان سان لاڳاپيل قانون تي دليلن لاءِ ايف بي آر جي ڪسٽم ميمبر کي گهرائيندي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ روڪي ڇڏي.

 

”ڪرپشن خلاف تحريڪ ۾ ساٿ ڏيو“ شاه محمود قريشي جو بلاول ڀٽو ۽ خورشيد شاهه سان فون تي رابطو

اسلام آباد (بيورو)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين مخدوم شاهه قريشي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي، ذريعن مطابق پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران ڪرپشن خلاف 26 اپريل کان سنڌ مان تحريڪ شروع ڪرڻ واري اعلان جي سلسلي ۾ شاهه محمود قريشي پ پ چيئرمين ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، ذريعن ٻڌايو ته تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته سنڌ کان ڪرپشن خلاف مهم جي سلسلي ۾ صوبي جي سڀ کان وڏي سياسي ۽ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي کي پاڻ سان ملايو وڃي، ان سلسلي ۾ شاهه محمود قريشي فون تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ خورشِد شاهه سان رابطو ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي فون تي رابطي دوران بلاول ڀٽو زرداري کي ڪرپشن خلاف تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کانپوءِ هن خورشِد شاهه سان رابطو ڪيو، ذريعن مطابق فون رابطي دوران شاهه محمود قريشي ۽ خورشيد شاهه ۾ اڄ شام ملاقات جو طئه ڪيو ويو، جنهن ۾ نه رڳو ڪرپشن خلاف تحريڪ پر پاناماليڪس جي حوالي سان حڪومت پاران اعلانيل عدالتي جاچ ڪميشن بابت به گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو

 

عمران رائيونڊ اچي سگھي ٿو ته اسين به بني گالا وڃي سگھون ٿا، اقتدار جا خواهشمند انتظار ڪن: اسپيڪر اياز صادق

لاهور(م.ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق بني گالا ڏانهن مارچ جو چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه سياسي ڌريون ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجھڻ ۾ ملوث آهن، جلد اهڙو فيصلو اچي ويندو جنهن سان سڀ ڪجھه درست ٿي ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهايندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته جيڪڏهن عمران خان رائيونڊ وڃي سگھي ٿو ته اسين به بني گالا وڃي سگھون ٿا. هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کان اجازت ملڻ تي اورنج ٽرين جو ڪم ٻيهر شروع ڪري ڇڏينداسين. اسان کي رڳو دهشتگدي خلاف جنگ نه پر معيشت جي جنگ به کٽڻي آهي هن چيو ته ايندڙ ڪجھه سالن ۾ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ وڌي ويندي. جيڪي ماڻهو  اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿا اهي 2018ع جو انتظار ڪن. هن چيو ته ايندڙ سال بجلي جي لوڊشيڊنگ تمام گھڻي گھٽجي ويندي.

 

وڻ وڍڻ وارا آف شور ڪمپنيون رکندڙن کان وڏا ڏوهاري آهن: عمران خان

پشاور (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وڻ وڍڻ وارا آف شور ڪمپنيون رکندڙن کان وڏا ڏوهاري آهن، جهنگن جو تحفظ نه صرف اسان جي ذميواري آهي پر اسان جي بقاءِ جو مسئلو آهي، خابرو ادارن موجب پشاور يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته پئسو چوري ڪري آف شور ڪمپنين ۾ لڳايو ويندو ته عوام جي فائدي واري ڪمن لاءِ فنڊ ڪٿان ايندا، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ماحوليت تبديلين سان متاثر ٿيندڙ دنيا جو اٺون ملڪ آهي، اسان جي ملڪ ۾ جهنگن جي تباهي ڪئي وئي آهي ۽ ٽمبر مافيا اربين رپين جا جهنگ ڪٽيا ۽ صرف صوبي ڪي پي ڪي ۾ 10 سالن دوران 200 ارب رپين جا وڻ وڍيا ويا آهن، جهنگن جي حفاظت اسان جي ايندڙ نسلن جي بقاءِ جو معاملو آهي.

 

پريانڪا چوپڙا جي مداح آهيان: شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور چيو آهي ته هو پريانڪا چوپڙا جي وڏي مداح آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب شرڌا ڪپور چيو آهي ته پريانڪا چوپڙا فلم انڊسٽري ۾ مسلسل محنت ۽ پنهنجي ڪم ذريعي پاڻ مڃرايو آهي. هن چيوته آئون هميشا کان پريانڪا چوپڙا جي مداح رهي آهيان. هن چيو ته مون کي ايئن لڳي ٿو ته جيڪو به ڪم هن ڪيو آهي ان ۾ هن مسلسل  پنهنجي اعليٰ هنر ۽ صلاحيتن کي ثابت ڪيو آهي. واضح رهي ته تازو ئي پريانڪا چوپڙا کي ٽائم ميگزين جي 100 بااثر شخصيتن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو  ويو آهي.

 

بالي ووڊ اداڪاره ملائڪا ڪپور 29 سالن جي ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪاره ملائيڪا ڪپور 29 سالن جي ٿي وئي آهي. ڀارتي پنجاب جي گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ اداڪاره جي پيءُ مرچنٽ  نيوي ۾ ملازمت ڪندو آهي جڏهن ته سندس ماءُ گهريلو عورت اهي. ملائڪه ڪپور فني ڪيريئر جي شروعات 2004ع ۾ فلم ”دل بيچاره پيار ڪامرا“ سان ڪئي. هن وڌيڪ اداڪاري تامل فلمن ۾ ڪئي پر هندي فلمن کيس شهرت جي بلندي تي پهچايو. ملائڪا ڪپور جي مشهور فلمن ۾ ”ٿرلر، گن ۽ هوشيار شامل آهن.

 

هنگس ۽ ثانيا مرزا کي اسٽٽ گارٽ ڊبلز جي فائينل ۾ شڪست، ٽائيٽل فرنچ جوڙي پنهنجي نالي ڪري ورتو

اسٽٽ گارٽ (اسپورٽس نيوز) مارٽينا هنگس ۽ ثانيا مرزا کي اسسٽٽ گارٽ ڊبلز جي فائينل ۾ شڪست ملي، فرنچ جوڙي ڪيرولين گريشيا ۽ ڪرسٽينا مليڊينو وچ ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. تفصيل موجب جرمني جي شهر اسٽٽ گارٽ ۾ کيڏيل وومينز ڊبلز مقابلن جي فائنل ۾ فرانس جي ڪيرولين گريشيا ۽ ڪرسٽينا عالمي نمبر هڪ جوڙي سوئٽزرلينڊ جي مارٽينا هنگس ۽ ڀارت جي ثانيا مرزا کي سخت مقابلي کان پوءِ 1-2 تان شسڪت ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو.