تازيون خبرون

Daily Archives: April 25, 2016

بالي ووڊ جي نئين فلم ”باغي“ 29 اپريل تي رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين فلم ”باغي“ 29 اپريل تي رليز ٿيندي. فلم جي ڪهاڻي هانگ ڪانگ جي 1970ع ۾ ٺهندڙ مارشل آرٽ فلم ”ايگل شيڊو“ مان ورتل آهي. فلم جي ڪهاڻي سنيجو لکي آهي. بالي ووڊ جي نئين ايڪشن فلم ۾ اداڪاري ڪندڙ ۾ ٽائيگر شروف، شارده ڪپور، سوديه بابو ۽ پارس آروره شامل اهن. فلم جي هدايت صابر خان ڏني آهي. جڏهن ته ان جي موسيقي امان ملڪ ترتيب ڏني اهي. بالي ووڊ جي ڄاڻايل فلم 29 اپريل تي ڀارتي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

رنبير ڪپور دپيڪا پڊوڪون سان گڏ فلم سائن ڪري ورتي

ممبئي (شوبز نيوز)  اداڪار رنبير ڪپور اداڪاره دپيڪا پڊوڪون سان فلم سائن ڪري ورتي آهي. ٻئي اداڪار ان کان اڳ ايان مکرجي جي فلم ”يه جواني هي ديواني“ م گڏ اداڪاري ڪري چڪا آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب رنبير ڪپور ۽ دپيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر ايندا. فلم جي شوٽنگ لاءِ اداڪاره دپيڪا جو انتطار ڪيو پيو وڃي جيڪا هالي ووڊ ۾ پنهنجي ڊيبيو جي فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.

 

آءِ پي ايل ۾ سن رائزرز حيدرآباد ڪنگز اليون پنجاب کي 5 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) آ3 پي ايل جي 18 هين ميچ ۾ سن رائزرز حيدرآباد ڪنگز اليون پنجاب کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. فاتح سائيڊ 144 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. تفصيل موجب ڪنگز اليون پنجاب اڳ م بيتنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسون ٺاهيون جواب ۾ سن رائزرز حيدرآباد هدف 17.5 اوون ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

 

آءِ پي ايل ۾ اڄ ڪنگز اليون پنجاب ۽ ممبئي انڊينز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون

موهالي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ ۾ اڄ سومر تي واحد ميچ ڪنگز اليون پنجاب ۽ ممبئي انڊينز وچ ۾ موهالي ۾ کيڏي ويندي. تفصيل موجب آءِ پي ايل جي نائين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۾ جاري آهن ۽ اڄ ڪنگز اليون پنجاب ۽ ممبئي انڊينز جون ٽيمون پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن موهالي ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ليگ ۾ سڀاڻي اڱاري تي 22 هين ميچ ۾ سن رائزرز حيدرآباد ۽ رائزنگ پوني سپر جائنٽس جون ٽيمون راجيو گانڌي اسٽيڊيم ۾ مقابلو ڪنديون.

 

ست عظيم اتفاقي دريافتون: وسعت الله خان

هڪ ڏينهن نيوٽن باغ ۾ گُهمي رهيو هو ته اچانڪ سندس مٿي تي هڪ پڪل صوف اچي ڪريو. ٿوري دير لاءِ نيوٽن جو دماغ ڦري ويو ۽ هُن صوف هٿ ۾ کڻي سوچڻ شروع ڪيو ته آخر هر شيءِ مٿان کان هيٺ ئي ڇو ٿي اچي؟ ائين ڪشش ثقل جو نظريو اتفاقن وجود ۾ آيو. بقول انشا جي جيڪڏهن اُن ڏينهن نيوٽن اُهو صوف کائي وڃي ها ته ڪشش ثقل نه ڄاڻ الائي ڪڏهن دريافت ٿئي ها؟

اوڻيهين صديءَ تائين فوجي ۽ سويلين مقصدن جي لاءِ نائٽرو گليسرين عام استعمال ٿيندي هُئي. سنه 1833 جي ڪنهن هڪ ڏينهن الفريڊ نوبل نائٽرو گليسرين کي حادثاتي طور ڦاٽڻ کان روڪڻ جي ممڪنه طريقن تي غور ڪري رهيو هو ته اچانڪ نائٽروجن گليسرين جو دٻو ليڪ ٿي ويو ۽ اُهو ڪاٺين جي ٻوري ۾ جذب ٿيڻ لڳو. جڏهن ٻورو خشڪ ٿي ويو ته الفريڊ نوبيل اُن کي باهه ويجهو آندو جيڪا ڀڙڪو ڏئي اُن کي لڳي وئي. ائين بي لغام نائٽرو گليسرين جي جڳهه تي ڪنٽرولڊ ڊائنا مائيٽ وجود ۾ اچي ويو.

سنه 1839ع جي ڪنهن هڪ ڏينهن رٻڙ، سلفر ۽ سيسي جو مڪسچر هڪ ڪيمسٽ چارلس گڊائير جي هٿن مان کسڪي وڃي فائر اسٽوو تي ڪريو. پر مڪسچر وگهرڻ بجاءِ ٺوس شڪل اختيار ڪري ويو، جنهن جي ٻاهرين سطح سخت ۽ اندروني سطح نرم رهي. حادثاتي طور تي دنيا جو پهريون ويلنڪنائزنگ ٽائر بڻجي ويو. اُن کان پوءِ آٽو موبيل جي صنعت به خوف وڌي ويجهي.

اليگزينڊر فليمنگ سنه 1928ع ۾ انفلوئنزا جي موذي وائرس کي ڪنٽرول ڪڻ جي طريقن تي ڪم ڪري رهيو هو. پوءِ ٻن هفتن جي موڪلن تي هو ڪيڏانهن هليو ويو. واپسيءَ تي اچي ڏٺائين ته موڪل تي وڃڻ کان پهريان ليبارٽريءَ جي جنهن ڊش ۾ هُن بيڪٽيرياز ڪلچر ڪيو هو، اُن ڊش تي ڳوڙهو ڄمي ويو، جنهن بيڪٽرياز جي افزائش روڪي ڇڏي هُئي. فليمنگ سڄو ڌيان اُن ڳوڙهي جي بناوٽ تي لڳايو ۽ ائين پنسلين دريافت ٿي ۽ اُن دريافت مان اينٽي بائيوٽڪ انڊسٽري جو دروازو کلي ويو.

سنه 1945ع ۾ انجنيئر پرسي سپنسر  ري-ٿيون ڪمپني جي لاءِ اهڙو ميگنيٽرون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جيڪو باهه جي شعلن کي بهتر طور تي وسائي سگهي. تجربي دوران هڪ ڏينهن ٿيو ڇا جو پرسيءَ جي کيسي ۾ رکيل چاڪليٽ وگهري ويو. پرسي حيران ٿي ڪري شعاعي ٽيوب جي سامهون مڪئي جي داڻن سان ڀريل پيالو رکيو ته داڻا پچي ويا، پر پيالي کي ڪجهه به نه ٿيو. ائين اتفاقيه طور تي اُها دريافت هٿ لڳي وئي، جنهن کي اسين ۽ اوهان مائيڪرو ويو جي شڪل ۾ استعمال ڪندا آهيون.

90 جي ڏهاڪي ۾ دوا ساز ڪمپني فائزر انجائنا جي مريضن جي رڳن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ سليٽر نلي نالي ڪيميڪل جو ٽرائل شروع ڪيو. پر اهو ڪو گهڻو ڪامياب ٿي نه سگهيو. بلڪه جن مريضن تي اهو تجربو ڪيو ويو، اُنهن تي اُبتو اثر ٿيو. يعني انجائنا جي مريضن جي رت جي رفتار ۾ اضافي سان اُنهن جي جسماني قوت وڌي وئي. جنهن کانپوءِ تحقيق جو رُخ تبديل ٿي ويو ۽ چار هزار رضاڪارن جي ڪلينيڪل ٽرائل کان پوءِ اهڙو ڪئپسول ايجاد ٿي ويو، جيڪو اڪثر وڏي عُمر وارا پنهنجي طاقت جي بحاليءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن.

پاڪ افغان سرحد تي سمگلڊ گاڏيون ضبط ٿي وڃڻ هڪ عام ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن ڪا انتهائي مهانگي اسپورٽ ڪار به ضبط ٿي وئي، پر اُها ايف سي بلوچستان جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل اعجاز شاهد کي تحفي ۾ پيش ڪئي وئي. جنرل صاحب نان ڪسٽم پيڊ اسپورٽ ڪار کي ڇا ڪري ها؟ تنهن ڪري هُن پنهنجي پُٽ کي ڏئي ڇڏي. پر سندس پُٽ ڪار جي اسپيڊ مان مطمئن نه هو. تنهن ڪري ٻن انجنيئرن ليفٽيننٽ ڪرنل شڪيل ۽ ميجر ياسر کي چيو ويو ته گاڏي جو ٽرائل ڪري ٻڌايو، اسپيڊ جو مسئلو ڪهڙو آهي؟ ٻنهي آفيسرن ريسنگ ٽرائل ۾ پنهنجي جان وڃائي ڇڏي.

ايف سي جي اندروني تحقيقاتي رپورٽ سان مري ويندڙ آفيسرن جا وارث مطمئن نه ٿيا، ۽ هُنن عدل جي زنجير کي لوڏيو. تنهنڪري ليفٽيننٽ جنرل زبير محمود حيات کي اُنهن سببن جي ڇنڊ ڇاڻ جو ڪم ڏنو ويو. تحقيق دوران ايف سي ۾ ڪرپشن جو وائرس ۽ اُن سان آلوده مريضن جي دريافت ٿيندي وئي. نه اسپورٽس ڪار جو حادثو ٿئي ها نه آفيسرن جي ڪرپشن جو وائرس دريافت ٿئي ها.

ته ٻارؤ! اها آهي عظيم دريافتن جي مختصر ڪهاڻي.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

 

ڪرپشن جو ٻڏندڙ ٽائٽانڪ ۽ وائلن وڄائيندڙ عوام: شوڪت لوهار

شل نه ڪا شيءِ ليڪ ٿئي جو ٻيهر اِها ڏکي بند ٿي سگهي ٿي. اصل ۾ ليڪ نالو ئي بيماري جو آهي جو جڏهن ڪِي شيون ليڪ ٿي پون ٿيون ته پوءِ ان ليڪ کي بند ڪرڻ لاءِ الائي ڇا ڇا بند ٿي وڃي ٿو. مون کي اِهو ڊپ کائي رهيو آهي ته مون جيڪي ننڍي هوندي پاڙيوارن جا ڪڪڙن چورايا هئا، ڇا انهن جي رپورٽ به ليڪ ٿي سگهي ٿي؟ توڙي جو تر جي سڀني اخباري ۽ ٽي وي نمائندن کي پنهنجي بڪتربند جهڙي اوطاق تي ڀت ۽ سيري جي دعوت به ڪئي اٿم ۽ اخباري نمائندن کي هڙ حاضر چانهه پاڻي به ڏنو اٿم، پر اڃا به ڊپ مان پيو ٿڙڪان ته خبر ناهي ته ڇا ڇا ليڪ ٿيندو. في الحال ته خير آهي، پر اِهو خير گهڻو وقت هلندو ڪين.

پوري دنيا ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي ته ماڻهن جا پاناما مُلڪ ۾ ڪي ڪوڙين نالن وارين ڪمپنين ۾ پئسا هئا ۽ هاڻي اِها پاناما ليڪس دنيا جي ڪيترين ئي حڪومتن ۽ حڪومتن جي گهرن ۾ جهيڙا ڪرائي رهي آهي.

پاناما ليڪس جا اثر اسان جي ريپبلڪ تي به گهرا پيا آهن جو آف شور ڪمپنين جي ليڪ ٿيڻ ڪري ماڻهن جا هاڻ پگهر پيا وهن. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”ٽُٽل کي ڪهڙو ٽوپو“ سو هاڻ ڏينهون ڏينهن اِها پاناما ليڪس وڃي ٿي زور ٿيندي، ڏسجي ته هِن ڏکي ويل ڪير ٿو ڪنهن جو ڀرجهلو ثابت ٿئي؟

اسان وٽ روزانو ڪيترن ئي واهن ۽ شاخن کي گهارا لڳندا رهندا آهن ۽ اهي گهارا شگاف هِڪ قسم جون واهن جون ليڪس آهن، جيڪي اسان وٽ موجود دنيا جي بهترين آبپاشي نظام جي پت وائکي ڪري وجهن ٿا.

هِن وقت لڳي ائين ٿو ته ڄڻ ڪرپشن جو ٽائٽانڪ ڪنهن لڪل سامونڊي پٿر سان ٽڪرائجي ويو آهي ۽ ان ۾ شگاف ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪرپشن ۽ پاناما ليڪس جو پاڻ ۾ دامن ۽ چوليءَ جو ساٿ آهي. موجوده وقت ۾ جڏهن اسان جا سياستدان، واپاري ۽ ادارا سڀ ڪنين ٻوڙ ڪرپشن جي گپ ۾ گرچيا پيا آهن، ان وقت ۾ ملڪ جي سپهه سالار طرفان پنهنجي گهر مان ڪرپشن خلاف صفائي مهم شروع ڪندي ٻارنهن عملدارن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي، جيڪو هِن ريپبلڪ ۾ هِڪ اعليٰ پائي جو مثال آهي. اِهي ٻارنهن عملدار جيڪي برگيڊيئر جنرل ليول جا هُجن، اِهو ڪو معمولي عمل ڪونه آهي. توڙي جو جنرل راحيل شريف جي اهڙي عمل کانپوءِ حڪومت جي سڪرات پڻ شروع ٿي چڪي آهي ۽ هاڻوڪي حڪومت ۾ موجود ڪارين رڍن ۾ لِڪ لڪوٽي واري راند شروع آهي. پر چوڻ وارا چون ٿا ته خاڪي وردي وارن وٽ اهڙي قسم جون ننڍيون وڏيون ڪارروايون ٿينديون رهن ٿيون ۽ انهن کي پبلڪ ڪونه ڪيو ويندو آهي، جو بعد ۾ ٽي وي اينڪرز ۽ ٽاڪ شوز کي وڏو اشو ملي سگهي ٿو. بهرحال اسان جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ جو اِهو تاريخي ڪم آهي، جيڪو نواز حڪومت لاءِ ڏکيائين جي هِڪ گهنٽي ثابت ٿي سگهي ٿو.

گذريل رات وزيراعظم هِڪ ڀيرو ٻيهر قوم کي خطاب ڪيو آهي ۽ ان ۾ به سندس تقرير جو محور پاناما ليڪس کانپوءِ لڳندڙ الزامن ۽ انهن ۾ سندس ۽ خاندان جو دامن صاف هجڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو.

وزيراعظم جيئن ئي لنڊن علاج کانپوءِ واپس ٿيو آهي ۽ پنهنجي وزيرن سان مشاورت ڪئي آهي ته ان ۾ پاناما ليڪس خلاف ڪميشن جي جوڙجڪ ۽ ملڪ جي اعليٰ عدالت کي هِن معاملي جي جاچ ڪرائڻ لاءِ خط لکڻ تي اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ اِهو چيو ته هن ڪڏهن به پنهنجي پگهار ڪونه کنئي آهي ۽ انهن ماڻهن کان ڪير پڇاڻو ڪندو، جيڪي خانگي جهازن ۾ سفر ڪن ٿا وغيره.

هاڻي مسئلو اِهو آهي ته اسان وٽ صفا پاڪ ۽ کير ڌوتل ته ڪو سياسي اڳواڻ آهي ئي ڪونه! اُتي پنهنجي ايماندار هجڻ ۽ پنهنجي پاڪ دامني جون وضاحتون عوام جي دِل ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ائين آهن جيئن انڌو ماڻهو پرائي گهر ۾.اسان وٽ ڪرپشن جي ڪهاڻي ايتري پراڻي آهي جيتري ڊائنوسار جي لڌل ڍانچن جي تاريخ! ايتري حد تائين جو هاڻ ڪرپشن کي جائز ۽ حق حلال سمجهي ورتو وڃي ٿو. رشوت جي هِن وهندڙ ندي ۾ ڪهڙي سياسي پارٽي ۽ ماڻهو هٿ نه ڌوتا آهن؟ يا ڪهڙي اداري کي ڪرپشن جي وڻ ويڙهي ڪونه ورايو آهي؟ اِها حد مقرر ڪرڻ لاءِ ڪي هزار سالن جي محنت درپيش آهي ۽ ڪي لکين محنتي ماڻهو، جيڪي رشوت، اقربا پروري، ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نواز پاليسي جي جاچ پڙتال ڪن ۽ پوءِ اڇا ڪارا پڌرا ڪن.

اسان وٽ رشوت جا ننڍي ۽ وڏي پئماني تي ڪي ايس آءِ يونٽ جهڙا ماپا ۽ ماڻا قائم ٿيل آهن. اسان وٽ رشوت جي لسانيات تي جيڪڏهن ڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ چاهي ته ان کي گهڻو ئي مواد مِلي ويندو. مثال طور اسان وٽ، چانهه پاڻي، خرچي، مٺائي کيسو گرم ڪرڻ، ياد ڪرڻ، پنهنجو سمجهڻ، چندو ڏيڻ، فصل پوک پچڻ تي حِصو پتي ونڊڻ وغيره کوڙ اهڙا لفظ آهن، جيڪي اسان وٽ رشوت جي اتهاس ۽ ان جي قديم آثارن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسان وٽ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن ۾ ڪرپشن ۾ به ائين ئي اضافو ٿيو آهي، جيئن آباديءَ ۾!

معاشري جو معيار ئي بدلجي ويو آهي، جيڪو ماڻهو سرڪاري نوڪري ۾ الله جو خوف يا پنهنجي ضمير جي بار هيٺ رشوت نٿو وٺي ته ان کي ان اداري ۾ ”چريو“ ۽ معاشرتي طرح ويڳاڻو چيو وڃي ٿو. اسان وٽ رشوت وٺي ان مان ٻارڙن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ، مهانگين اسپتالن مان علاج ڪرائڻ، وڏن وڏن شاپنگ مالن مان خريداري ڪرڻ، وڏا بنگلا ۽ پاڻي جي جهاز جهڙيون گاڏيون کڻي روڊ تي هلڻ ۽ انهن ئي رشوت جي پئسن مان خير خيراتون ڪرڻ/ ڪرائڻ، محفلون ۽ خوشامدي ماڻهن طرفان پنهنجي ثنا ۽ خوشنودي لاءِ قصيده ٻڌڻ هِڪ عام رواجي ڳالهه آهي. منهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ کوڙا اهڙا مثال آهن، جو ڪئين اهڙا رشوتي، ڪرپشن جا وڏا جهاز جهڙا ماڻهو خير خيراتون ڪندي نه ٿڪبا ۽ هِڪ ڪلوميٽر تي هِڪ مدرسو جوڙائي وڃي آجا ٿيندا. مجال آهي ته انهي رشوت جي پئسن مان ئي صحيح ڪنهن اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي جوڙائي هجي. ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪو اسڪول قائم ڪيو هجي، بلڪه ڇوڪرين کي ته جرڳن ۽ برادري فيصلن ۾ ”وکر“ طور استعمال ڪري ڌرين کي کيرکنڊ ڪيو ٿو وڃي. اهڙو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن ڌرين کي کيرکنڊ ڪرڻ لاءِ سڱ ۾ ڪجهه ڇوڪرن کي ڏنو ويندو؟

پٽيوالي جي نوڪري کان ويندي آفيسر ليول تائين جا مختلف اگهه مقرر آهن. نوجوان محنت ڪري نور نچوئي ڪميشن پاس ڪن ٿا، پر ان جي نتيجن کي به رشوت جي ور چاڙهيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪرپشن بلڪل هِڪ سرشتي وانگر شامل ٿي چڪي آهي ۽ هِڪ ئي ڌڪ سان بند ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن آهستي آهستي قانون جي بالادستي قائم ڪجي ته ڪجهه اميد ڪري سگهجي ٿي، نه ته هي لهر به ٻي لهر جيان وقتي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وقت پاناما پيپرز دنيا ۾ ٻائيتال ۽ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي. برطانيا ۾ Dirty David جا نعرا آهن، آئسلينڊ جي وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، پر هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هِي رساڪشي صرف ٽي وي ۽ اخبار تائين محدود رهڻ جو نالو آهي. هن هيڏي ساري ڀونچال ۾ هِن مُلڪ جو عوام ڪٿي آهي؟ عوام جيڪو سڀ کان وڏو اسٽيڪ هولڊر آهي، اهو ڪنهن سان گڏ آهي. عوام ڪهڙي پارٽي سان گڏ آهي. اسلام آباد ۽ پنڊي جي وڌندڙ سرد مهري ۾ عوام ڪٿي بيٺو آهي؟ حڪومت مخالف پارٽين ڪڏهن اِهو سوچيو آهي ته هِن وقت جنهن اهم شيءِ جي ضرورت آهي، اها آهي عوامي سپورٽ، عوامي حمايت! ڪهڙي پارٽي عوام کي آگاهي ڏيڻ يا عوام کي ڪنهن جي استعيفيٰ لاءِ مجبور ڪرڻ جهڙي مهم لاءِ ڪو هوم ورڪ ڪيو آهي. جڏهن اسان جون سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي محلاتن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ته پوءِ عوام جي مٿي جو ڪهڙو سور، جو هو وڃي پاناما ليڪس تي لٺيون کائي. اسان وٽ سياست ڪڏهن به ڊرائنگ رومن مان ٻاهر ڪونه نڪتي آهي سواءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي. هِن وقت سنڌ توڙي پوري ملڪ ۾ ڇتي گرمي جي موسم ڦهليل آهي. ڪالهه ڪراچي ۾ گرمي هيٽ اسٽروڪ وگهي ٻه ماڻهو پنهنجي جان جي بازي هارائي ويا آهن. هِن وقت جڏهن گرمي ۾ بجليءَ جي ڇتي لوڊشيڊنگ جاري و ساري آهي، تڏهن ڪهڙي عوامي نمائندي کي مٿي ۾ سور پيو آهي جو جوهي، لاڙ ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ ارڙهن کان ٻاويهه ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي؟ ماڻهن کي واڌو بلن ۾ پنائڻ جهڙو ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ معاشي وسيلا سُسُي سوڙها ٿي ويا آهن. روزانو هِڪ ٻه ماڻهو خودڪشي ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو پاناما ليڪس بجاءِ پنهنجي زندگين ۾ آيل ليڪس کي بند ڪرڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري رهيا آهن.

حڪومت مخالف پارٽين کي پنهنجي ٿڌن ڪمرن مان نڪري عوام جي درن تائين وڃڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هُو هِن معاملي ۾ واقعي سنجيده آهن ته! جيڪڏهن اهي عوام کي صرف اِهو ٻارڻ Fuel سمجهن ٿا، جيڪو اليڪشن جي جهاز کي هلائڻ مهل ڪم ايندو آهي ته پوءِ هِي پاناما ليڪس به ڏيئي وٺي ”ڪَم مٽي“ ٿي ويندو. ها البته سپهه سالار جي کنيل قدم هِڪ ٻيو قدم وڌايو ته اِهو ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف ضرب عضب ثابت ٿيندو.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

 

التوا جو شڪار پاناما ليڪ معاملو

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي پرڏيهه روانگي بعد سينيئر جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي،  حلف کڻڻ بعد  وقتي چيف جسٽس مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي ترڪي جي دوري کان واپسي بعد ئي  ٿيندو. وقتي چيف جسٽس طور پاناما ليڪس معاملي تي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو اختيار وٽس نه آهي، ان بابت فيصلو چيف جسٽس ئي ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي هڪ هفتي جي دوري تي ترڪي ويل آهي، جتي هو ترڪي جي سپريم ڪورٽ جي 54 هين سالگرهه جي موقعي تي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. حڪومت وزيراعظم نواز شريف جي خطاب بعد پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ بابت چيف جسٽس کي خط لکيو هو.

قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي غير موجودگي ۾ وقتي چيف جسٽس به پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي سگهي ٿو پر ماضي ۾ اهڙو ڪو به مثال موجود نه آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي جسٽس دوست محمد کوسا چيو ته انڪوائري ڪميشن تي حڪومت ۽ اپوزيشن جو رويو هڪجهڙو ناهي، الزام لڳائيندڙ جيڪڏهن چور آهي ته ان خلاف به جاچ ٿيڻ گهرجي، پاناما ليڪس واري معاملي تي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو 20 ڪروڙ عوام جو آهي. انڪوائري ڪميشن جي ٽرم آف ريفرنسز جو دائرو حڪومت وسيع ڪيو آهي، الزام لڳائيندڙ جيڪڏهن چور آهي ته ان خلاف به جاچ ٿيڻ گهرجي. پاڪستان سڀ ڪجهه ڏنو آهي، انڪوائري ڪميشن تي حڪومت ۽ اپوزيشن جو رويو هڪجهڙو نه آهي.

ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف، اپوزيشن جو فرانزڪ آڊٽ وارو مطالبو به مڃي ورتو آهي، ڪميشن کي پرڏيهي آڊٽ فرم تائين پهچ لاءِ فنڊز به فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته ملڪ جي سمورن ادارن کي به ڪميشن جي مدد لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن وزيراعظم طرفان اعلانيل ڪميشن 1965 جي ايڪٽ تحت جوڙيو ويندو،. مليل ڄاڻ موجب وزيراعظم پاناما ليڪس جي دستاويزن جي جاچ بابت اپوزيشن پارٽين جو آخري مطالبو به مڃي ورتو آهي ۽ اعلانيل جوڊيشل ڪميشن کي  فرانزڪ آڊٽ جي به اجازت ڏني وئي آهي.جوڊيشل ڪميشن کي مڪمل آزادي ۽ خودمختياري ڏني وئي آهي، جنهن کي پرڏيهي آڊٽ فرم تائين پهچ ڏني ويندي ۽ فنڊز به فراهم ڪيا ويندا. حڪومتي ذريعن موجب ملڪ جي سمورن کاتن ۽ ادارن کي به ڪميشن جي مدد لاءِ هدايت ناما جاري ڪيا ويا آهن، ان کي جيڪي به دستاويز گهربل هوندا، شفاف نموني سان پهچ ممڪن بڻائي ويندي.