تازيون خبرون

Daily Archives: April 20, 2016

آءِ پي ايل جي نائين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۾ جاري، اڄ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو

ممبئي(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ اربع واري ڏينهن هڪ ميچ کيڏي ويندي. جنهن ۾ ممبئي انڊينز ۽ رائل چئلينجرز جون ٽيمون اينڪڊي اسٽيڊيم ممبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون. تفصيل مطابق آءِ پي ايل جي نائين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۾ جاري آهن. ميگا ايوٽ ۾ اڄ اربع واري ڏينهن واحد ميچ ممبئي انڊينز ۽ رائل چئلينجرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ممبئي انبڊين جي ٽيم جي اڳواڻ روهيت شرما ڪري رهيو آهي، رائل چئلينجرز جي اڳواڻي ويرات ڪوهلي ڪري رهيو آهي.

 

پاناما ليڪس جاتي امراءَ جي محلن جون لُڏندڙ ديوارون!؛ نواب يوسف ٽالپر

پاناما ليڪس ڪهڙي ليڪس ٿي آهي، جنهن سڄي دنيا جي حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن ۽ حڪومتن ۾ ڀونچال اچي ويو آهي. زلزلي جي شديد لوڏن سان ڪيتريون ئي حڪومتون ڪري پيون ۽ ڪيتريون ئي پناهه جي تلاش ۾ آهن. پهريان آئسلينڊ جي وزيراعظم استعيفيٰ ڏني، پوءِ يوڪرين جي وزيراعظم به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. برطانيه جو وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون اسيمبليءَ ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو آهي، هن پنهنجي ٻن سالن جا ٽيڪس تفصيل به پيش ڪري ڇڏيا آهن، پر ان جي باوجود مخالف ڌر ۽ عوام کيس معاف ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، روزانو سندس خلاف احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن، لڳي ٿو ته کيس به مستقبل قريب ۾ استعيفيٰ ڏيڻي پوندي، پر اسان جو وزيراعظم اسيمبليءَ ۾ اچڻ جي زحمت ئي نه ٿو ڪري. ليڪس سان جاتي امراءَ جي محلن جون ديوارون لڏي رهيون آهن، پر اسان جي ملڪ جو شان ئي نرالو آهي، جنهن کي اخلاقي طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، اُهو رٽائرڊ ججن تي مشتمل ڪميشن جي آڙ ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر هتان جي روايت ترقي يافته ملڪن کان الڳ آهي، هتي حڪمرانن کي ڪن مان جهلي ڪڍيو وڃي ٿو يا بندوق جي نوڪ تي. هاڻي اِهو حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ته انهن کي ڪهڙي ادا پسند آهي! ها جمهوريت جي تسلسل جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اسان ڀائپيءَ وارو مشورو ڏينداسين ته فوري طور تي بين الاقوامي شهرت يافته فرانزڪ آڊٽ فرم جي ذريعي ڏيهي ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجي اثاثن جي آڊٽ ڪرائي وڃي. اِهو ئي هڪ باعزت طريقو آهي، جنهن ۾ مخالف ڌر استعيفيٰ جو مطالبو به نه ڪندي.

ڀارت ۽ نيوزيلينڊ سميت انهن سمورن ملڪن ۾، جن جي شهرين جا نالا اِن لسٽ ۾ آهن، انهن جي جاچ لاءِ وڏي پئماني تي ڪميشنون جوڙيون ويون آهن، جيڪي غيرجانبدار جاچ ڪنديون، جن ملڪن جي حڪمرانن جا نالا آيا آهن، انهن اخلاقي طور تي استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن يا انهن جي تياري ڪري رهيا آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ رٽائرڊ جج يا ايف آءِ اي جي ذريعي جاچ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇا حڪومت جي ماتحت ادارو يا رفيق تارڙ ۽ ملڪ قيوم جهڙا رٽائرڊ جج وزيراعظم يا ان جي خاندان جي جاچ ڪري سگهن ٿا؟ ماڻهن اڃا تائين ماڊل ٽائون جو سانحو ناهي وساريو، جڏهن ان وقت جي عدالتي ڪميشن جي سربراهه جسٽس باقر پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته اِهو ڪيئن ممڪن آهي ته وزيراعليٰ هائوس کان ڪجهه قدم پري ماڊل ٽائون ۾ چئن ڪلاڪن تائين باهه ۽ رت جي هولي کيڏي پئي وڃي، پر وزيراعليٰ ان کان بي خبر رهيو. ان رپورٽ جا ڪجهه حصا منظرعام تي اچڻ کانپوءِ خادم اعليٰ پاڻ کي ۽ پنهنجي وزيرن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ماتحت پنجاب پوليس جي آفيسرن تي مشتمل ڪميشن جوڙي سڀني کي بچائي ورتو، پر جسٽس باقر جي رپورٽ اڄ ڏينهن تائين منظرعام تي اچڻ ناهي ڏني وئي. هاڻي اهڙي قسم جي لنگڙي لولي ڪميشن ٺاهي معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڪري اڄ اِهو سوال ملڪ جي هر باشعور شخص جي ذهن ۾ اٿي رهيو آهي. اڄ مخالف ڌر جون اُهي سموريون جماعتون جيڪي ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جون شديد مخالف آهن، انهن سڀني جو هڪ ئي مؤقف آهي ته هاڻي ملڪ ۾ وڌيڪ ڦرلٽ ڪرڻ نه ڏني ويندي، پوءِ ڇو نه پنهنجو پاڻ کي ئي احتساب لاءِ سڀ کان پهرين پيش ڪرڻو پوي. شريف ڀائرن ۽ انهن جي ساٿين جو مؤقف آهي ته اسان پيپلزپارٽي جي حڪومت کي 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا ۽ انهن جي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي. لنڊن پهچندي ئي پنهنجي محل سامهون پريس ڪانفرنس ۾ به هُن اِهو ئي مؤقف اختيار ڪيو. جيڪڏهن هن جي ڳالهه مڃي به وڃي ته ان جو اِهو قدم انتهائي افسوسناڪ آهي ته هُو پاڻ ئي الزام لڳائيندا هئا، پوءِ ڪبوتر وانگر اکيون بند ڪري ويهي رهندا هئا ته جيئن ايندڙ واري ۾ انهن کي به ڪجهه نه چيو وڃي. ننڍو ميان صاحب سڄي چونڊ مهم دوران عوامي اجتماع ۾ وڏي ڌام ڌوم سان قوم کي دولت واپس آڻڻ جي خوشخبري ٻڌائيندو رهيو، پر ٽن سالن کان حڪومت ۾ هجڻ جي باوجود اڃا تائين جاچ ڇو نه ڪرائي وئي ۽ جيڪڏهن الزام غلط هئا ته قوم کان معافي ڇو نه ورتي وئي. هن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد هجڻ ڪري ئي مقتدر ادارا به مٿس ڀروسو نٿا ڪن. اُهي سمورا اينڪر جيڪي رات جو 8 وڳي کان 12 وڳي تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت وڃڻ جي ڳالهه ڪندا هئا، پاناما ليڪس تي انهن جون زبانون ڇو بند آهن؟ ڇا نوازڻ واري حڪومت انهن کي به نوازي ڇڏيو آهي؟ ڪنهن کي پيمرا جو چيئرمين، ڪنهن کي پي ٽي وي جو چيئرمين، ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه ۽ اڪثر کي پي ٽي وي مان ڪروڙين رپين جي ادائگي ڪئي وئي، شايد ان احسان منديءَ جي ڪري انهن جون زبانون بند آهن.

پاناما ليڪس هڪ عالمي دستاويز آهن، جنهن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي، پر ان تي اِهو الزام لڳايو پيو وڃي ته اِها امريڪي سازش آهي، ڇو ته اُن لسٽ ۾ ڪنهن به امريڪي جو نالو ناهي. اهڙا الزام لڳائيندڙن کي شايد اِهو معلوم ناهي ته امريڪا ۽ ڪئينڊا جا ٽيڪس قانون انتهائي سخت آهن ۽ ان جي خلاف ورزيءَ ۾ ملوث شخص ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي، اُهو احتساب کان نٿو بچي سگهي، اُهو شخص سزا به ڀوڳيندو ۽ ڳرو ڏنڊ به ادا ڪندو. جڏهن ته ليلن ۽ مائو جو روس ۽ چين هاڻ سوشلزم بجاءِ سرمائيدار ملڪ بڻجي ويا آهن، جنهن جي خصوصيت آهي ته پنهنجي سرمائي کي بچائڻ لاءِ ملڪي قانون سميت هر قانون کي ٽوڙيو وڃي ٿو، اِهو ئي سبب آهي ته سوشلسٽ ليلن ۽ مائو جي خاندان وارا اڄ به سفيد پوش زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته موجوده سرمائيدار حڪمرانن جو لامحدود سرمايو پاناما ليڪس ۾ شايع ٿي رهيو آهي. اسان جي ملڪ جو قانون ئي نرالو آهي، قانون موجود آهن پر ايف بي آر سميت ٻيا ادارا ان تي عملدرآمد تي تيار ناهن يا حڪومت جي اثر هيٺ ناهن. حڪومتي ميمبرن کي ٽيڪس کان بچڻ جا طريقا به ٻڌايا وڃن ٿا، اِهو ئي سبب آهي ته پنهنجي وزير جي مني لانڊرنگ جي حلفيه بيان باوجود هن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو، برطانيه ۾ ڊيوڊ ڪيمرون جي والد جي 70 سالن جي پراڻي آف شور ڪمپني جو نالو آهي، جنهن سان برطانوي وزيراعظم جو ڪو تعلق به ناهي، پوءِ به هو روزانو ڏکئي امتحان مان گذري رهيو آهي، آف شور ڪمپني جي آمدنيءَ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ رقم جاتي امراءَ جي رهواسين ۽ ان جي عيش و عشرت تي خرچ ڪئي وڃي ٿي، پر ان جي باوجود ڪيمرون کي عوام ۽ مخالف ڌر جي شديد دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي. اسان وٽ ايف بي آر، ايف آءِ اي ۽ نيب غيبي امداد جي انتظار ۾ ويٺل آهن! ڪيمرون پاڻ مٿان لڳندڙ الزامن جو پاڻ جواب ڏئي رهيو آهي، پر سندس پارٽي خاموش آهي. پر هتي شريف خاندان جي لڳندڙ الزامن جو جواب سندن پارٽي ڏئي رهي آهي. وزير اطلاعات پهرين ان جو مذاق اڏايو ۽ هاڻي مختلف بيان پيش ڪري رهيو آهي. پنجاب جي هڪ وزير پهرين ان کي پاجاما ليڪس ۽ پوءِ شيطاني ليڪس چيو، پر هُو وساري ويٺو ته اِهو ڪو پاڪستاني دستاويز ناهي ۽ نه ئي وري ان ۾ رڳو پاڪستانين جا نالا شامل آهن. ان ۾ اسان جي پارٽي جي ماڻهن جا نالا به آهن، ان ڪري اسان چاهيون ٿا ته جاچ غيرجانبدار ۽ شفاف ٿئي، ملزمن کي پنهنجي صفائي جو پورو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن اصل حقيقت کان عوام کي آگاهه ڪري سگهجي. جيڪڏهن اِن ليڪس ۾ منهنجو يا منهنجي خاندان جي ڪنهن فرد جو نالو آيو هجي ها ته آئون پهرين اسيمبليءَ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيان ها، پوءِ پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪريان ها ۽ اِهو سڀ ڪجهه آئون سياستدانن سميت سمورن ماڻهن ۽ ادارن لاءِ به چاهيان ٿو.

ناڻي جي وزير اسحاق ڊار پرويز مشرف جي دور ۾ 45 صفحن تي مشتمل پنهنجي حلف نامي ۾ پنهنجي مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو هو ۽ اُن ڪم ۾ سعيد احمد سندس معاون هو، جيڪو سندس ڪلاس فيلو ۽ گڏ کائيندڙ پيئندڙ هو. حلف نامي ۾ هُن اعتراف ڪيو ته هُن ڪهڙي طرح مني لانڊرنگ ڪئي ۽ ميمبر ملڪن ۾ پنهنجو پئسو پهچايو، جيڪو ٻاهرين بئنڪن ۾ ثابت ٿي ويو هو، پر وچ ۾ هڪ دوست ملڪ اچي ويو ۽ هن پنهنجي ضمانت تي سمورن ماڻهن کي پاڻ وٽ پناهه ڏني، جنهن سان معاملو دٻجي ويو ۽ آمر کي به پنهنجي اقتدار جو فڪر هو، ان ڪري معاملي کي دٻايو ويو. سوال اِهو آهي ته سعيد احمد کي اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊپٽي گورنر ڪيئن بڻايو ويو. ڇا اِهو ان قسم جو انعام ته ناهي، جيئن ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه کي ڏنو ويو؟

هڪ سال اڳ مريم نواز اهڙي قسم جون ڳالهيون سامهون اچڻ تي پي ٽي وي تي اچي چيو هو ته ملڪ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ سندس ڪابه جائيدار ناهي، نه وري ٻاهرين ملڪ ۾ سندس ڀائرن ۽ ماءُ جي ڪا ملڪيت آهي، جيڪڏهن آهي ته هُو سزا لاءِ تيار آهن. مختلف ٽي وي چئنلز جي رڪارڊ تي سندس بيان اڄ به موجود آهي، پر ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ حسين نواز پنهنجي ٻن فليٽن ۽ آف شور ڪمپنيءَ کي تسليم ڪيو، پوءِ پاناما ليڪس ۾ به اهو اچي ويو، شايد کيس ان جي بوءِ اچي وئي هئي. سندس ڀاءُ پهرين ٻن فليٽن جو اقرار ڪيو پر ان کانپوءِ 1992ع ۾ جڏهن سندس والد وزيراعظم هو ته لنڊن ۾ سندس ٻه فليٽ ٻيا به نڪتا. معمول موجب پهرين انڪار ڪيو ويو ۽ جڏهن برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر لارڊ نذير ان جي تصديق ڪئي ته خاموشي اختيار ڪئي وئي. سوال اِهو آهي ته جڏهن اِهي فليٽ خريد ڪيا ويا هئا ته ان وقت حسين نواز جي عمر صرف 17 سال هئي، ان عمر ۾ سندس ايترا اثاثا ڪٿان اچي ويا، هاڻي ته نواز شريف جي پنهنجي نالي تي فليٽ ۽ آف شور ڪمپني به نڪتي آهي، هاڻي حڪمران جماعت ڇا ٿي چوي! سندس لنڊن ۾ هڪ گهر ٻيو به آهي، جنهن جي ماليت اربين رپيا آهي، نواز شريف لنڊن پهچي ان محل نما گهر جي سامهون پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، ان محل جي شان و شوڪت ۽ مغليه انداز ٽي وي تي ماڻهو ڏسي رهيا هئا. جڏهن ته هِن ملڪ جا 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ بدحاليءَ واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ به ڀٽڪي رهيا آهن، پر پنهنجي حڪمرانن جا اِهي ٺٺ ڏسي اکيون رت جا ڳوڙها روئن ٿيون ۽ حضرت عثمان غني ﷦ کي ياد ڪري رهيون آهن، جنهن مديني جو انتهائي خوشحال ۽ امير شخص هجڻ باوجود جڏهن پاڻي جو مسئلو آيو ته هُن کوهه خريد ڪري مديني جي رهواسين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح جڏهن مديني ۾ ڏڪار پيدا ٿيو ته هُن پنهنجي گودامن کي عام ماڻهن لاءِ کولي ڇڏيو ۽ پوري مديني کي مفت ۾ خوراڪ فراهم ڪئي وئي. نواز شريف جي لنڊن، سعودي عرب ۽ دبئي ۾ ۽ سندس خاندان جي گهرن جي ڊگهي فهرست آهي، جن جي ماليت کربين رپيا ٿئي ٿي، جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ اڌ وڪڻي به ڇڏي ته ان مان لکين غريبن کي پنهنجو سر ڍڪڻ لاءِ پڪا گهر فراهم ٿي سگهن ٿا.

حالتن جي نزاڪت کي ڏسي ڪري نواز شريف لنڊن پهتل آهي، پر سندس وڃڻ کان اڳ اعتزاز احسن ٽي وي تي چيو هو ته هُو لنڊن آصف علي زرداريءَ جي درٻار ۾ حاضري ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ هن کان اِهي گُر سکڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ته هُن حڪومت جا 5 سال ڪيئن پورا ڪيا. وڃڻ وارن ڏينهن ۾ اسحاق ڊار رحمان ملڪ سان ملي ٿو، پوءِ لاهور ۾ نواز شريف سان گڏجاڻي ڪري ٿو ۽ ساڳي رات نواز شريف لنڊن روانو ٿي وڃي ٿو، هاڻي انهن سڀني ڳالهين کي ڇا سمجهيو وڃي. تازو ئي سي اين اين پاناما جي نائب وزير جو انٽرويو نشر ڪيو آهي ته پاڪستان جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ساڻس ڳجهي ملاقات ڪئي آهي، ان جون به وضاحتون پيش ڪيون پيون وڃن، پر آئون ٻيهر چوندس ته حڪمرانن کي اخلاقي طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ انٽرنيشنل فرانزڪ آڊٽ فرم ذريعي آزاد نموني آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ ان جي رپورٽ چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميشن جي روبرو پيش ڪئي وڃي. ان کان گهٽ هاڻي مخالف ڌر کي ٻي ڪابه شيءِ قبول ناهي.

*****

 

 

سنڌ جي عام ماڻهن جو الميو!: زبير احمد لاکو

قوم ڇا آهي؟ يا قوم ڇا کي چئبو آهي؟ اچو ته پهريان اهو سمجهون ته آخر قوم چئبو ڇا کي آهي؟ قوم جا معيار ڪهڙا آهن؟ اهي ڪهڙيون شيون ضروري آهن، جن جي پورائي سان هڪ قوم وجود ۾ اچي ٿي! قوم جي وصف ڪيترن ئي عالمن، دانشورن ۽ وغيره پنهنجي پنهنجي Point of view کان بيان ڪئي آهي. ”ماڻهن جو هڪ خاص گروهه جن کي پنهنجي ثقافت، ٻولي ۽ ڪنهن مخصوص علائقي ۾ رهندڙن کي قوم چئبو آهي.“يا وري ”اهڙو علائقو جنهن ۾ اهڙا ماڻهو رهندا هجن، جن جي ٻولي ساڳي، ثقافت ساڳي، ريتون رسمون رواج ساڳيا هجن ته اهڙن ماڻهن کي هڪ قوم چئبو آهي.“مٿي بيان ڪيل ٻنهي وصفن مان ان ڳالهه کي تقويت ملي ٿي ۽ پڪ ٿئي ٿي ته اسين هڪ قوم آهيون، جنهن کي ڪير به، دنيا جي ڪابه تحقيق رد نه ٿي ڪري سگهي. اسان کي پنهنجي ٻولي به آهي، ثقافت به آهي، پنهنجون ريتون رسمون ۽ رواج به آهن.هاڻي اِها ڳالهه ته واضح ٿي ته اسين هڪ قوم آهيون، پر هاڻي اچون ٿا پنهنجي قومي المئي تي.اسان جي معصوم ۽ مظلوم ماڻهن، جن جو نه ڪو داد ٻڌڻ وارو نه فرياد. هر جڳهه تي اسان سان وڏو ظلم لڳو پيو آهي. ڪٿي بيروزگاري، ڪٿي لوڊشيڊنگ جو آزار، ڪٿي ميرٽ جي لتاڙ، ڪٿي ڌاڙا ڦرون، ڪٿي مهانگائيءَ جو آزار وغيره. ائين آهي يا نه؟ جنهن کان اِهو سوال پڇبو ته جواب يقينن ها ۾ ڏيندو ته واقعي اِهي سڀ آزار اسان سان برحق آهن.ان ڳالهه کان بلڪل انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي سڀ آزار ۽ ان کان به وڌيڪ آزار، عقوبتون، ناانصافيون ۽ ظلم اسان جي ماڻهن سان آهن، پر انهن سڀني ڳالهين جو سبب ڪهڙو آهي ۽ عام ماڻهن سان ٿيندڙ انهن سڀني ظلمن لاءِ اسين پاڻ ڪيتري قدر ذميوار آهيون؟ انهن ظلمن ۽ عقوبتن مان اسين ڪيئن ۽ ڪڏهن جان آجي ڪرائي سگهون ٿا يا هڪ خوشحال قوم ٿي سگهون ٿا؟

پهريان اچون ٿا ته انهن سڀني ٿيندڙ ناانصافين جو سبب ڪهڙو آهي؟ ڪنهن به ملڪ يا رياست اندر عوام کي سهولتون چاهي اهي تعليم، صحت يا امن امان وغيره جون هجن، فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومتون اهي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿيون ته پوءِ عوام احتجاج ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جنهن سان چار آنا يا اٺ آنا کن فرق ايندو به آهي ۽ وقتي طور تي عوام کي کڻي فائدو ملندو آهي، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري ساڳي صورتحال ۽ ساڳيا احتجاج. جيڪڏهن حڪومت ناڪام ته اها قوم ۽ ان قوم جو عوام ناڪام چئبو، ڇو ته اها حڪومت عوام جي ئي چونڊيل حڪومت آهي. انهي ناڪاميءَ جو ذميوار عوام ئي آهي، عوام ڇو اهڙن ماڻهن کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪري حڪومت ۾ آندو. خاص ڪري جڏهن هڪ نه، ٻه نه، پر ٽي ٽي دفعا ساڳيو عوام ساڳي حڪومت کي اقتدار ۾ آڻي ٿو ۽ وري پٽڻو به پاڻ ٿو پٽي ته حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري، عوام کي ڪو رليف ڪونه ٿو ملي. حڪومت ۾ ويٺل وزير مشير صرف پنهنجي لاءِ مال پيا ٿا ٺاهين، پر اسان يعني عوام لاءِ ڪجهه سوچين ئي ڪونه ٿا. مطلب ته ذميوار اها قوم ئي چئبي نه!

هاڻي اچون ٿا ان ڳالهه تي ته اسين عام ماڻهو، پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ ناانصافين جا خود، پاڻ ڪيتري قدر ذميوار آهيون؟ دانهون ڪوڪون ته وڏيون ٿا ڪيونن ته اسان سان وڏو ظلم، وڏو قهر ٿي ويو. اسان کي نوڪريون ڪونه ٿيون ملن، وڏن ٺيڪن يا پروجيڪٽن ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ٿيون ملن، ڪرپشن وغيره.ڇا اسان مان ڪڏهن ڪنهن انهن چونڊيل نمائندن کان پڇيو آهي جڏهن اهي پنهنجي هڪڙي حڪومت جو مدو پورو ڪري وري ووٽن لاءِ سندن در تي وڃن ٿا ته ڪنهن همت ڪري اِهو چيو ته سائين حڪومت جو هيترو مدو مڪمل ٿي ويو، پر انهيءَ سڄي عرصي ۾ اسان جي ڪا سار لڌي اٿوَ. ڀلا سائين توهان پاڻ مصروف هئا ته پنهنجي پي اي يا پنهنجي ماڻهوءَ کي موڪلي ئي کڻي پڇا ڪيو ها ته توهان جي ووٽ سان اسان ڪامياب ٿياسين، هاڻي توهان کي جيڪڏهن ڪا تڪليف هجي ته ٻڌايو؟ ڇا اسان مان ڪڏهن ڪنهن آيل ڀوتار کي اِئين ڪجهه چيو؟ هرگز نه. آخر ڇو؟ ها اسان ۾ هڪڙو رواج ضرور آهي ته پاڻ ۾ وڙهنداسين، هڪٻئي جا مٿا ڦاڙينداسين ۽ پوءِ ڀڄنداسين وري انهن ئي چونڊيل نمائندن ڏي ته سائين ٿاڻي تي ڪا فون گهمايو ته ايف آءِ آر وٺن، فلاڻن کي لاڪپ ڪن وغيره. اهڙا ڪم وٺڻ لاءِ پاڻ وارا سڀئي مڙس ماڻهو، باقي ان لاءِ ڪڏهن نه ويندا ته سائين اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد ڪونهي، ڪو استاد بدلي ڪرائي ڏيو يا اسڪول کي عمارت ڪانهي، اها ته منظور ڪرائي ڏيو وغيره، باقي پيا رڳو پٽڻو پٽيندا، عملي ڪم کان آڱوٺو. اسان جو وڏو الميو اهو آهي ته اسين صرف ڳالهين تائين محدود هوندا آهيون، پر عمل ڪنهن هڪ ڳالهه تي به نه ڪندا آهيون.

هاڻي ڪجهه ذڪر سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن جو. ماشاءَ الله گذريل ڪافي عرصي کان سنڌ تي حڪومت ڪا ڌارين جي نه پر اسانجن پنهنجن جي آهي. ساڳيا ماڻهو، ساڳيا چهرا، هر ڀيري اسيمبلي ۾ پهچن ٿا. اسيمبلين ۾ پهتل اهي سيد، ڀوتار، وڏيرا ۽ جاگيردار خير سان پنهنجا ئي آهن. اسان جي هر کاتي جا وزير به سنڌي آهن. وڏي ڳالهه ته اهي چونڊيل سنڌي وزير مشير پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا سان به جيئن جو تيئن چڱيءَ ريت لاڳاپيل يا ڳنڍيل آهن. اهي اخبارون به پڙهن ٿا، ٽي ويءَ تي ٽاڪ شوز ۾ تبصرا به ڪن ٿا ۽ فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر وغيره به چڱيءَ طرح استعمال ڪن ٿا. انهن کي سنڌي ماڻهن جي هر ننڍي وڏي مسئلي جي چڱي ريت ڄاڻ به آهي، پر پوءِ به ڪن لاٽار يا ائين نٽائي ويندا آهن ڄڻ انهن مسئلن جو ساڻن يا سندن سرڪار سان ڪو تعلق ئي ناهي. جنهن علائقي مان هو ايم پي اي يا ايم اين اي چونڊجي اچن ٿا، وري انهن علائقن ڏانهن قرب جا قدم ڀري اليڪشن واري وقت ۾ ئي اچن ٿا، نه ته صاحب ڪراچي، اسلام آباد، دبئي، آمريڪا يا لنڊن ۾ ملندا يا اسيمبلين ۾ هڪٻئي تي الزام بازي ڪندا رهندا.اسان ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو الميو اِهو آهي ته اسين خود انهيءَ سڄي صورتحال جا ذميوار آهن، جيڪڏهن سنڌي ماڻهو تبديلي چاهين ٿا ته انهن کي عملي قدم کڻڻو پوندو ته جيئن سنڌ هن ابتر صورتحال مان نڪري سگهي ۽ هڪ خوشحال قوم ٿي سگهي.

 

پنجاب پوليس کان زور ڇوٽو گينگ

پنجاب پوليس ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائي بيٺي آهي، ڇوٽو ته هٿ نه اچي سگهيو، ماڳهين آپريشن ۾ ست اهلڪار پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد مامرو فوج حوالي ڪيو ويو آهي. اطلاع اِهي آهن ته هن وقت به 26 اهلڪار ڇوٽو گينگ وٽ يرغمال آهن ۽ اُنهن جي آزاديءَ جي بدلي ڇوٽو ڌاڙيل ڪجهه شرط رکيا آهن، جن ۾ پهريون شرط فورسز جو ڪڙو ختم ڪرڻ آهي. پر پاڪ فوج هن جو ڪو به شرط مڃڻ کان انڪار ڪندي گينگ کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو، جنهن جو پڻ وقت ختم ٿي چُڪو آهي. جنهن بعد اڳين مورچن تي موجود فورسز پيش قدمي ڪندي ڪچو جمال واري سموري علائقي ۾ ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته ترت ئي اِهو مامرو پنهنجي منطقي انجام کي رسندو. مُلڪ ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا به آهن، جن کي نو گو ايرياز سمجهيو ويندو رهيو آهي، اُتي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي داخلا تي به پابندي هوندي آهي. ايستائين جو ڪو به ڦريل سامان اُنهن حدن ۾ داخل ٿيندو آهي ته اُنهيءَ تان يا ته ڌڻيءَ کي هٿ کڻـڻو پئجي ويندو آهي يا جيڪڏهن ڪنهن کي سامان ورائڻ جو لاچار به هوندو آهي ته اُهو ڀنگ کان سواءِ واپس ٿي ناهي سگهندو. اِئين جيڪڏهن ڪو ماڻهو مغوي بڻجي انهن علائقن ۾ ويو ته پوليس خود ٽياڪڙيءَ تي لهي ايندي آهي ۽ ڳري رقم جي ڏيتي ليتيءَ کان پوءِ مغوي بازياب ٿي پنهنجي گهر رسندو آهي. انهيءَ حوالي سان ڪراچي، سنڌ پنجاب بارڊر توڻي بلوچستان جا ڪيترائي علائقا خاص سُڃاڻ رکن ٿا، جتي ڪجهه وقت اڳ تائين ڏوهاري ڌرين جو راڄ هوندو هو ۽ پوليس توڻي ٻيون فورسز اُنهن آڏو بيوس بڻيل هونديون هيون. پر گذريل ٻن سالن کان انتهاپسنديءَ خلاف آپريشن ضربِ عضب سان گڏ مُلڪ کي جيڪو باقي ڏوهن کان به پاڪ ڪرڻ جو مشن هٿ ۾ کنيو ويو آهي، تنهن سان امن امان جي صورتحال ۾ ڪافي بهتري آئي آهي. خاص ڪري ڪراچيءَ ۾، جتي روزانو درجنن جي حساب سان ماڻهو ٽارگيٽ ڪري ماريا ويندا هُئا، اُن کان علاوه ڪاروباري ماڻهن لاءِ ڀُتي جو پڻ تمام وڏو آزار هو، جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪا انتها نه هُئي، ماڻهو چڱو چؤکو موبائل کڻي نه سگهندو هو، اي ٽي ايم تان پئسا ڪڍرائڻ وڏو مسئلو هوندو هو ۽ انهن ڏوهن ۾ ڪيترا ئي گروهه هڪ ئي وقت سرگرم هوندا هُئا، جن کي سياسي پارٽين جي پڻ پناهه حاصل هوندي هُئي، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن نه رُڳو اُنهن ماڻهن کي جڪڙ ۾ آندو، پر جيڪي سياسي قوتون اُنهن کي سپورٽ ڪنديون رهيون هيون، تن کي پڻ عام آڏو وائکو ڪيو ويو ۽ اِئين ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ گهڻي حد تائين امن امان واري صورتحال بحال ٿي چُڪي آهي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جو مڪمل امن اڃا به پري آهي ۽ اُن لاءِ اڃا ڪجهه وقت درڪار آهي، جيڪڏهن انهيءَ تسلسل سان ڏوهاري گروهن خلاف وٺ پڪڙ جاري رهي ته ممڪن آهي، ايندڙ ڪجهه وقت ۾ ڪراچي مڪمل امن امان وارو شهر بڻجي وڃي. نه رُڳو ڪراچي پر ٻيا به سنڌ جا ڪيترائي ننڍا وڏا علائقا جيڪي ڏوهاري گروهن جي گرفت ۾ هُئا، اُنهن کان علائقا خالي ڪرائي ماڻهن کي سُک جو ساهه کڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو آهي.