تازيون خبرون

Daily Archives: April 13, 2016

اڳوڻي مينيجر پاران منهنجي آپگهات بابت انڪشاف ڪوڙا ۽ من گهڙت آهن: پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته سندس اڳوڻي مينيجر پرڪاش جاجو پاران سندس آپگهات جي ڪوشش جي حوالي سان ڪيل انڪشاف ڪوڙا ۽ من گهڙت آهن، ڀارتي ميڊيا مطابق پريانڪا چوپڙا پنهنجي اڳوڻي مينيجر جي انڪشافن جي حوالي سان پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي چيو ته کيس افسوس آهي ته ڀارتي ميڊيا اهڙي انسان جي ڳالهه تي ڌيان ڏنو،جيڪو مونکي حراسان ڪرڻ کانپوءِ جيل به ڪاٽي چڪو آهي، ان انسان جي ڳالهه ۾ ڪابه سچائي ناهي، هن چيو ته اسان انهن عورتن جي آپگهاتي جي ڳالهه ڇو نه ٿا ڪيون، جيڪي گهريلو تشد جو شڪار ٿين ٿيون؟ ايستائين جو انهن کي مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي پر شوبز سان تعلق هجڻ تي جلدي نشانو بڻايو وڃي ٿو،پريانڪا چوپڙا آپگهات ڪندڙ ڀارتي ٽي وي جي اداڪارا پراتيوشا جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن اها ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته پراتيوشا تي ڇا گذري رهي هئي، جڏهن ته ماڻهو اڄ به سندس ۽ سندس ڪٽنب جي ذاتي معاملن جي حوالي سان اجائي ڳالهيون ڪن ٿا، هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجي زندگي جو خاتمو اهڙي ريت نه ڪرڻ گهرجي پر انهن ماڻهن کي سبق سيکارڻ گهرجي. جيڪي کين تنگ ڪن ٿا،پريانڪا چيو ته نوجوان پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ بدران ان  ماڻهو کي ئي ختم ڪري ڇڏين، جنهن جي ڪري کين پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪرڻو پوندو هجي.

ارجن ڪپور ۽ جيڪولين فرنينڊس ۾ ويجهڙائپ وري وڌڻ لڳي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ارجن ڪپور ۽ سندس اڳوڻي پريميڪا اداڪارا جيڪولين فرنينڊس ۾ ويجهڙائپ هڪ ڀيرو وري وڌي رهي آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران ارجن ڪپور ۽ جيڪولين کي گڏ ڏٺو ويو، ان کانپوءِ تازو ئي هو نه رڳو هڪ گڏيل دوست طرفان ڪوٺايل پارٽي ۾ هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو ويٺل هئا پر پنهنجي شرارتن سان ٻين ماڻهن جو به ڌيان ڇڪائيندا رهيا، بالي ووڊ ذريعن مطابق ارجن ۽ جيڪولين کي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڪرينا ڪپور اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

آءِ پي ايل ۾ گجرات لائنز ۽ رائزنگ پوني سپر جائنٽس جون ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

راجڪوٽ(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ (اڄ) خميس تي واحد ميچ ۾ گجرات لائنز ۽ رائزنگ پوني سپر جائنٽس جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. تفصيل موجب آءِ پي ايل جي نائين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۾ جاري آهن. گجرات لائنز جي ٽيم سريش رائنا جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته رائزنگ پوني جي قيادت جو فرض مهندرا سنگهه ڌوني ادا ڪندو. مئي تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ فائنل سميت 60 ميچون کيڏيون وينديون. 22 مئي تي آخري ليگ ميچ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فائنل ميچ 29 مئي تي کيڏي ويندي.

 

ٽام موڊي پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ  مضبوط اميدوار بڻجي ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو آسٽريلوي ڪرڪيٽر ٽام موڊي قومي ڪرڪٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار ٿي ويو، پي سي بي پاران ڳالھين لاءِ گرين سگنل به ڏيئي ڇڏيو. ميڊيا مطابق اڳوڻو آسٽريلوي ڪرڪيٽر ٽام موڊي هن وقت آئي پي ايل جي سلسلي ۾ ڀارت ۾ موجود آهي جڏهن ته وسيم اڪرم ۽ رميز راجا هيڊ ڪوچ جي سلسي ۾ ان سان ڳالهائڻ لاءِ اتي موجود آهن. جڏهن ته پي سي بي جي   ڪيترن ئي عهديدارن ڊين جونز جي مخالفت ڪئي جنهن کان پوءِ پي سي بي وسيم اڪرم ۽ رميز راجا کي ٽام موڊي سان ڳالهين لاءِ چيو آهي. ٽام موڊي آئي پي ايل ڪوچنگ جو معائدو مڪمل ڪرڻ جو خواهش مند آهي ياد رهي ته ٽام موڊي 2005 کان 2007 تائين سري لنڪن ٽيم جو هيڊ ڪوچ رهي چڪو آهي هن جي ڪوچنگ ۾ سري لنڪن ٽيم ورلڊ ڪپ 2007 ۾ رنر اپ رهي

سنڌ شناس آغا سليم جو وڇوڙو! مڌ ورهايون ماڻهين، سڀ ڪنهن لهي اڃ: نسيم بخاري

7 اپريل 1935ع تي شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد پاڙي ۾ آغا عبدالڪريم پٺاڻ جي گهر جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊرامه نگار ۽ سنڌيڪار آغا سليم هاڻ هن فاني دنيا ۾ نه رهيو آهي. آغا سليم جون علمي ادبي ۽ صحافتي خدمتون جيتريون عاليشان هيون، اهڙي انفراديت آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انسانن کي ئي نصيب ٿيندي آهي. آغا سليم جو وڇوڙو يقينن سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ تمام وڏو خال ڇڏي ويو آهي، جيڪو سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهن لاءِ سنجيدگيءَ جي سين هڻندي اهو سوال اٿاري ٿو ته آغا سليم جي علمي ادبي ۽ صحافتي حوالي سان ڪير ڪيتري ۽ ڪهڙي اڳڀرائيءَ سان پنهنجو منفرد مقام جوڙي ٿو.

آغا سليم ننڍي هوندي پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ڪتابن کي ڏسندو هو ۽ سوچيندو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن مان انهن ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين کي سمجهي سگهندس ۽ اهو ڄاڻي وٺندس ته ڪتابن ۾ آخر اهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جو ماڻهو دلچسپي سان ڪتاب پڙهندا ۽ خريد ڪندا آهن. ڪيترا ڪتاب ڏٺا هوندا، پر هن انهن ڪتابن ۾ دلچسپي جي نتيجي ۾ پنهنجي پويان ايترا ڪتاب، ڪالم ۽ اڻ ڇپيل مواد ڇڏيو آهي جو صرف سندس مواد جي ئي آڌار تي هڪڙي مختصر لائبريري قائم ڪري سگهجي ٿي. آغا سليم بي اي کان پوءِ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ ملازمت ڪئي ۽ ان ئي اداري مان اعليٰ عهدي تان رٽائر ٿيو. هن اداري به آغا سليم سان ڀرپور نڀايو جو سندس علاج ۽ طبي سهولتن جي حوالي سان باقاعده ڀرجهلو ثابت ٿيو. جهڙي ريت ريڊيو پاڪستان آغا سليم جي سار لڌي بلڪل ائين ٻين ادارن جو رڪارڊ گهٽ ئي رهيو آهي.

آغا سليم اسان جو پاڙيسري هو ۽ هو مون سان مخاطب به ”پاڙيسري“ چئي ٿيندو هو. آغا سليم تصوف جي حوالي سان تمام وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ عمر جي آخر ۾ به هن جي تصوف تي ڪم ڪرڻ واري خواهش هئي، خاص ڪري صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر ۽ جدوجهد تي هن ڪم ڪرڻ پئي چاهيو. آغا سليم جي ناول ”همه اوست“ وڏي ڪاميابي ماڻي جيڪو تصوف جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. آغا سليم جا ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ به وسرڻ وارا ناهن. هن جي ڪتابن ۾ چنڊ جا تمنائي، روشني جي تلاش، اڻپورو انسان، لالئون لال لطيف ڪهي، سنڌي ڊرامي ڪي ايڪ صدي، مرزا قليچ بيگ جي ڊرامي انڪوائري آفيسر جو اردو ترجمو، بابا فريد جو اردو ۽ سنڌي ترجمو، شيخ اياز صدين جي صد شامل آهن.

آغا سليم کي اهو وڏو ارمان هو ته ٻيا ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس صحافي به علمي، ادبي، مطالعاتي ۽ تحقيق واري پاسي کان کوڙ پري بيٺا آهن. هو جڏهن ڪنهن اديب ۽ محقق سان ڳالهائن ٿا ته کين اها به خبر نه ٿي هجي ته هو جنهن سان مخاطب آهن، ان جو علمي ادبي ۽ فڪري قد ڪاٺ ڪيترو آهي. آغا سليم لطيف سائين کي اهڙي ته خوبصورت انداز سان اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي جو لڳي ائين ٿو ته ڄڻ لطيف سائين اهي شعر چيا ئي اردو ۾ هجن.

آغا سليم اردو جي اخبار ”امت“ ۾ ڪالم لکندو رهيو، انهن ڪالمن کي گڏ ڪري آغا سليم جو اردو ڪالمن جو شاندار ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو. آغا سليم سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي جيڪي آرٽيڪل لکيا آهن، انهن کي به ڪتابي صورتن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. آغا سليم کي اها وڏي پڪ هئي ته نوجوان نسل سنڌ جي تصوف تي تحقيق ڪندو. آغا سليم جي ان خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي به گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. سڄي سنڌ ۾ جيڪڏهن ضلعي ۽ تعلقي سطح تي تصوف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خصوصي لائبريريون قائم ڪيون وڃن، صوفي بزرگ شاعرن جي پيغام ۽ فڪر جي حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته آغا سليم جو صوفي سنڌ وارو سپنو ساڀيان ٿي سگهي ٿو.

آغا سليم جيڏو وڏو علمي، ادبي، صحافتي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي، اهو فقط پاڻ کي تاريخ ۾ زنده رکڻ جي ارادي سان نه ڪيو آهي، پر هن جي جيون جي اها جاکوڙ ان مقصد لاءِ به هئي ته سنڌ جا ماڻهو ان ڪارڪردگي کي آڏو رکندي خود پاڻ به ٻه قدم اڳتي وڌندا، انهن جي اندر ۾ به ڪا اُڻ تڻ پيدا ٿيندي ۽ اهي پنهنجي ساڃاهه جي سوجهري سان سنڌ کي اڃا به وڌيڪ آسودو ڪندا.

آغا صاحب صوفي بزرگ شاعرن تي جنهن جذبي سان ڪم ڪيو آهي يا انهن جا ترجما ڪيا آهن، هو انهيءَ احساس سان سنڌ جي نئين ٽهي جي اڳتي وڌڻ جو تمنائو هو. هن سنڌ جي ساڃاهه کي تصوف طرف سري اچڻ جو سڏ ڏنو هو. ڇو ته هو سمجهي پيو ته ان دڳ ۾ ئي سنڌ جي بهتري آهي. هن وٽ ڪم ڪرڻ جا ٻيا به کوڙ سارا آپشن هئا، پر هن گهڻو تڻو سنڌ جي تصوف بابت ادبي پورهيو ان اميد جي آڌار تي ڪيو هو ته سندس اهڙي عمل جا اثر سنڌ جي ساڃاهه قبوليندي ۽ اها تصوف جي روشني ۾ نه رڳو پنهنجو اندر اجاريندي پر ساري دنيا جي سرواڻي به ڪندي.

ان ڏس ۾ هن جي ابتدائي ڪوششن ۾ ”همه اوست“ ناول کي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ مختلف مذهبن سنڌ ۾ مختلف دؤرن ۾ رهندڙ حڪمرانن صوفي شاهه عنايت شهيد، شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ۽ سچل سرمست جي ڪردارن کي ڏيکاريو ويو آهي.

آغا سليم هڪ وڏو ماڻهو هو. هن جو جيترو ادبي ۽ صحافتي قد ڪاٺ هو، هن ان سطح تي ڪڏهن به وڏائي، غرور ۽ تڪبر جو اظهار نه ڪيو. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن شڪارپور سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري هئس، تڏهن پريس ڪلب جي شيخ اياز هال ۾ شيخ اياز جي ورسي تقريب ڪوٺائي هئي، انهن ڏينهن ۾ اتفاق سان آغا سليم به شڪارپور آيل هو. هن کي ڪٿان خبر پئي ته شيخ اياز جي ورسي پئي ملهائي وڃي، سو هو بنا دعوت جي ان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ آيو، هن جي آمد اسان سڀني لاءِ ڏاڍي خوشيءَ ڀري ثابت ٿي هئي. تقريب جي هونئن ته صدارت اعجاز منگيءَ کي ڪرڻي هُئي، پر هُن مون کي چيو هو ته آغا سليم صاحب جا ڪتاب پڙهي اسان وڏا ٿيا آهيون. منهنجي گذارش آهي ته تقريب جي صدارت آغا صاحب کان ڪرائي وڃي ۽ بعد ۾ آغا سليم ئي تقريب جي صدارت ڪئي هئي.

آغا سليم عمر جي پڇاڙڪن مهينن ۾ مشين ذريعي ساهه کڻندو هو، هو گهمڻ، ڦرڻ کان قاصر هو، پر پوءِ به هو باقاعدگيءَ سان پنهنجي گهر آيل مهمانن کي وقت ڏيندو هو ۽ موبائل فون اٽينڊ ڪندو هو. آغا صاحب سان وڇوڙي کان اڳ ٻه ٽي ڀيرا مون فون تي ڳالهايو هو. هن کي پنهنجي شهر شڪارپور سان وڏي حُب هئي. هن جي خواهش هئي ته هو شڪارپور اچي ۽ دوستن سان ڪچهريون ڪري، پر وقت هن کي اهڙي مهلت نه ڏني ۽ سندس ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو. کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه مون سميت ڪيترن ئي دوستن لاءِ افسوس جوڳي ثابت ٿيندي آئي آهي ته وڏن ۽ مشهور اديبن جي تدفين پنهنجن شهرن ۾ نه ٿي ٿئي. ان حوالي سان شڪارپور جي شخصيتن ۾ سنڌي ادب جي نامور شاعرن، اديبن شيخ اياز، نورالدين سرڪي ۽ بشير مورياڻي جو حوالو ڏئي سگهجي ٿو، جن جي سَٿ ۾ هاڻ آغا سليم به شامل ٿي ويو آهي.

مٿين اديبن سميت جن به جاکوڙي ۽ عظيم انسانن جي تدفين ٻاهر ٿي آهي، انهن جي سڃاڻپ ۽ تعارف هڪ طرح سان دٻجي ويو آهي. پنهنجي شهر جي مٽيءَ ۾ تدفين سان شهر کي به شهرتون ملن ٿيون ته عظيم انسانن کي به گهربل مانُ ميسر ٿئي ٿو. انهن جون ورسيون ۽ جنم ڏينهن ملهائجن ها ته پڪ سان سڄي سنڌ جا ماڻهو هن شهر ۾ اچن ها، جنهن جي نتيجي ۾ شخصيتن سان گڏوگڏ شهر سان به نئين ٽهي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جا نوان ناتا جڙن ها، پر افسوس انهن اجتماعي مفادن کي خانداني ۽ ذاتي مجبورين واري مفاهمت ماري ٿي ڇڏي، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي، اهو گهٽ آهي. آغا سليم هڪ فرد نه پر ادارو هو، ادارو به اهڙو جيڪو انيڪ ادارن جا بڻ بنياد وجهندو آهي. آغا سليم سڄي سنڌ جو هو ۽ سڄي سنڌ آغا سليم جي هئي، ان ڪري هاڻ جڏهن هو هن فاني جهان ۾ نه رهيو آهي، تڏهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن جي مشن سان سنڌ پاڻ ملهائي ۽ هن جي ازم کي آڏو رکي اڳتي وکون کڻي.

آغا سليم شڪارپور جي جنهن ڪڙي عطا محمد پاڙي سان تعلق رکي ٿو، ان علائقي سان قرآن شريف کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ آغا يعقوب خان، ممبئي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جي سوالن جا جواب منظوم شاعري ۾ لکندڙ آغا صوفي سندس ڀاءُ آغا عليگ ۽ خيرپور ۾ حڪمران رهندڙ ۽ وڏي تعليمي ۽ نهري انقلاب آڻيندڙ آغا قادر داد خان، ڪهاڻيڪار آغا رفيق، آغا پير محمد ڪيلاش توڙي سنڌي ٻوليءَ کي آمريڪا، هندستان ۽ نيپال جا خوبصورت سفرناما ڏيندڙ آغا ثناءُ الله خان جو تعلق به آهي، جنهن علائقي ۾ اهڙي علمي ادبي سازگار فضا رهي هجي، پڪ سان اتان جي ماحول جا اثر به اهڙا ئي سازگار ۽ صحتمند ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙي ئي ماحول جي اثر جو ئي ڪمال هو جو آغا خالد سليم، آغا سليم جي تعارف سان ادب جي افق جو چنڊ ثابت ٿيو، جنهن جو هڪڙو خوبصورت شعر ٿو مون کي ياد اچي، جيڪو شعر پنهنجي خيال ۾ تمام وڏي گهرائي رکي ٿو ۽ سوچ ويچار جي حوالي سان سوين سڏ ڪري ٿو.

مڌ ورهايون ماڻهين، سڀ ڪنهن لهي اڃ،

ڪنهن وٽ مڌ آ اڻ ميو، ڪنهن وٽ رڳي سڃ،

هيءَ جندڙيءَ جي رڃ، جرڪي پنهنجي جام سان.

مٿئين شعر ۾ آغا سليم جنهن ڳالهه تي زور ڏنو آهي، تنهن تي سنڌ کي سورنهن ئي آنا عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. آغا سليم جيئن سنڌ شناس هو، ائين ئي سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ شناس ٿيڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته انهيءَ صورت ۾ انسان کي اندر جو اطمينان ميسر ٿئي ٿو ۽ فاني جهان جي خاڪي انسان جو تاريخ ۾ تعارف به ڪنهن سٺي سار جي صورت ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو.

naseembukhari44@gmail.com

 

 

پاناما ليڪس بعد مُلڪ ۾ وڌي ويل سياسي گرمي!: گل مورو

پاناما ليڪس ذريعي دنيا جهان جي حڪمرانن، دولتمند سيٺين، ڪاري ڌن جي مالڪن جي ڪٺي ٿيل دولت جا راز کلي پوڻ کان پوءِ سڄي دنيا سميت پاڪستان اندر به ڀونچال مچي ويو آهي ۽ سڀني کان استعيفائون ڏيڻ وارو مطالبو زور شور سان شروع ٿي چڪو آهي. جنهن ۾ هن وقت تائين آئسلينڊ، آذربائيجان جي ملڪي سربراهن پنهنجي ضمير کي سامهون رکندي استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن. جڏهن ته برطانيا جي ڊيوڊ ڪيمرون کان وٺي چين، روس توڙي پاڪستان جي سربراهن سان گڏ ان ڪاري ڌنڌي ۾ شامل ماڻهن کان اقتداري ڪرسيون عوام کي واپس ڪرڻ ۽ عوامي دولت جيڪا هنن اقتداري حوس ۾ اچي ڪري عوام جو رت چوسي گڏ ڪئي هئي، ان جي واپسيءَ جو مطالبو احتجاجي صورت ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿي رهيو آهي. ميان نوازشريف جي پُٽن جي آف شور ڪمپنين واري مامري تي پاڪستان اندر به ايوانن توڙي ايوانن کان ٻاهر کانئس اقتدار ڇڏڻ جو مطالبو زور پڪڙي چڪو آهي سو ڏسجي ته پنهنجي ضمير کي سامهون رکي استعيفيٰ ڏئي ٿو يا نه!؟ پاڪستان جي اها تاريخ رهي آهي ته هتي ڪڏهن به ڪنهن به حڪمران، چاهي ڪو سول هجي يا عسڪري، ان عوام جي احتجاج کي سامهون رکندي ڪڏهن به استعيفيٰ ناهي ڏني، نه وري ان لاءِ ڪا پنهنجي سر جاچ ڪميشن جوڙي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت ۾ ڪميشن جڙي به هوندي ته ان جي اڄ ڏينهن تائين رزلٽ زيرو ئي رهي آهي. ان حوالي سان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سمورن سياسي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪهڙي به طريقي سان ٻاهرين ملڪن جي آڊٽ ماهرن سان گڏ چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميشن جوڙي پتو لڳايو وڃي ته ميان نوازشريف ۽ ان جي خاندان آف شور ڪمپنين ۾ بنا شور شرابي جي اها دولت جيڪا ڪيئن ڪٺي ڪئي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي پارٽي جو يوم تاسيس وفاق جي راڄڌاني ۾ 24 اپريل تي رچائي رهيو آهي ۽ ان کان پوءِ رائيونڊ جي جيڪا راهه چونڊي وئي آهي، ان قصي سرڪار کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ثبوت اهو آهي جو وفاقي گهرو وزير پاران پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو قبول ڪيو ويو آهي ته ميان نوازشريف جا لنڊن ۾ به فليٽ آهن پر ان لاءِ پي ٽي آءِ جي سربراهه سان ملاقات ڪري سگهان ٿو ۽ کيس سمجهائي سگهان ٿو. سو ڏسجي ته پاناما ليڪس جي انڪشافن کان پوءِ جيڪو رائيونڊ مارچ رکيو ويو آهي، ان جون ڪيتريون سياسي ڌريون حمايت ڪن ٿيون ۽ ڪهڙيون ڌريون ان جي حمايت نه ٿيون ڪن، اهو سڄو مامرو هفتي ٻن اندر واضح ٿيڻو آهي. ڇو ته هن وقت جماعت اسلامي کان علاوه ڪجهه ٻيون به مذهبي ڌريون ڌرڻي جي حمايت ڪري چڪيون آهن ۽ اهو به چئي چڪيون آهن ته سڀ کان پهريان ميان نوازشريف کي اقتدار ڇڏڻ گهرجي. وڏي ڳالهه ته اڃا ميان نوازشريف نه اقتدار ڇڏيو آهي، نه وري اهي ڳالهيون ظاهر ٿيون آهن پر هينئر کان ئي وزارت عظميٰ لاءِ نالا بحث هيٺ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جن ۾ اسحاق ڊار، شهباز شريف ۽ چوڌري نثار ڄاڻايا ويا آهن. لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ضرور ڪارو آهي، جو هينئر کان ئي اقتدار جي منتقلي لاءِ نالن جو اچڻ به شروع ٿي چڪو آهي، پر ان حوالي سان هڪ ڳالهه اها به ضرور ليکي پئي وڃي ته هن صورتحال ۾ جيڪڏهن ميان نوازشريف استعيفيٰ نه ٿو ڏئي ته ان جو ساٿ پرڏيهه ۾ رهندڙ آصف زرداري ۽ ان جي پارٽي ڏيندي يا نه؟ ڇو ته هاڻي کان ئي ان حوالي سان عمران خان، سيد خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي، اعتزاز احسن جي وچ ۾ جيڪي گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن يقينن انهن پٺيان ڪا ڪهاڻي لڪل هوندي؛ جيڪا ڪنهن وقت به ظاهر ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ان صورتحال کي سامهون رکندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاناماليڪس جو پينڊورا باڪس کلڻ واري مامري مان فائدو وٺڻ چاهي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان پٺيان ڪي سگهاريون ڌريون ساڻس گڏ هجن. ڇو ته ڀارتي جاسوس جي گرفتاريءَ تي خاموشيءَ سببان عسڪري قوتون موجوده حڪمرانن کان ناراض آهن، جڏهن ته اِهو پڻ ٻُڌايو پيو وڃي ته ميان نواز شريف پنهنجي ڪاروبار سببان ڀارت سان ڪا ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي.

ڏسجي ته پاڪستان نه رُڳو اندروني پر بيروني معاملن ۾ پڻ اُلجهيل نظر اچي ٿو، خاص ڪري پاڪ-ڀارت تعلقاتن ۾ آيل ڇڪتاڻ ۽ ايراني سرحدن مان ڀارتي جاسوس جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ پڻ سوال جوابن واري صورتحال اُڀري آئي آهي. انهيءَ حوالي سان چوڌري نثار واري پريس ڪانفرنس جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هُن ڄاڻايو هو ته اسان ايراني سرڪار کي خط لکيو آهي ته ڪل ڀوشن ڪيترن سالن تائين ايران ۾ موجود بندرگاهه چار بهار ۾ رهيل هو، ان جي هلچل جا سمورا ثبوت اسان حوالي ڪيا وڃن، پر اصل قصو هن وقت اهي ڳالهيون به آهن جو عسڪري قوتن ۽ سياسي قيادت پنهنجي سفارتي پاليسي تي مختلف خيال رکي رهيون آهن، جنهن جي ڪري انهن ۾ وڇوٽيون نظر اچن پيون. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته عمران خان جو جيڪو داءُ پيچ هن وقت پاڻ مرادو ٺهي آيو آهي ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ڇڏيون آهن؛ ڪن تجزئي نگارن جو اهو چوڻ آهي ته 24 اپريل کان اڳ ئي ميان نوازشريف استعيفيٰ ڏئي گهر ڀيڙو ٿيندو پر ڪي ڌريون وري اِن خيال جون آهن ته ميان نوازشريف برطانيا جيڪو علاج بهاني وڃي رهيو آهي، اصل ۾ اقتدار جي اصلي کيڏاري آصف زرداري سان ملي ڪري مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو، پر ڏسجي ته آصف زرداري هن سڄي راند ۾ پنهنجا ڪهڙا پتا کيڏي ٿو. ڇو ته ان لاءِ به مشڪلاتون انتها کان وڌيڪ آهن جو ڊاڪٽر عاصم کان وٺي عزير بلوچ تائين جيڪي آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون قانون نافذ ڪندڙ ادارن وٽ موجود آهن، انهن حالتن ۾ مقابلو ڪرڻ سندس لاءِ به ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ اهي به امڪان آهن ته ملڪ جي اقتداري پارٽين پ پ، ن ليگ ۽ ٻين پارٽين ۾ به فارورڊ بلاڪ وقت جي حساب سان رات پيٽ ۾ جڙي سگهن ٿا. ڇو ته اهو ڪرشمو ملڪ اندر ڪا نئين ڳالهه ناهي. ڪنهن به وقت ڪا به نئين پارٽي ٺهي سگهي ٿي ۽ ڊهي به سگهي ٿي. ان حوالي سان ميان نوازشريف ڪميشن جوڙڻ کان اڳ ئي لنڊن روانو ٿيڻ لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي پر تحريڪ انصاف جو 24 اپريل وارو جلسو اصل صورتحال کي واضح ڪندو، جنهن کي سنڀالڻ لاءِ 20 هزار کان وڌيڪ پوليس نفري به اڳي ئي گهرائي وئي آهي ۽ سموري وفاقي راڄڌاني کي ان کان اڳ سيل ڪرڻ جون پڻ تياريون شروع ٿي چڪيون آهن. سو اپريل مهينو واقعي به اپريل فول بڻجندو يا مئي جُون موجون اڳتي هلي ميان نواز کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪنديون؟ سو ڏسجي ته پاناما ليڪس جي پنڊورا باڪس مان ڪهڙو ڪرشمو ٿو ٿئي.

 

پاناما ليڪس: سپريم ڪورٽ جي نشاندهي

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته  سڄي ملڪ ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ رڳو ٻه جماعتون حڪومت ٺاهينديون رهيون آهن، انهن ٻنهي کان غلطيون ٿيون آهن، سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جون چونڊون هٿ مٿي ڪرڻ وسيلي ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پيپلزپارٽي کي جيڪڏهن جمهوري تقاضن جو ايترو خيال هو ته پوءِ ان چار ڀيرا بلدياتي نظام ۾ ترميمون ڇو ڪيون؟ 2008ع ۾ آدمشماري ٿيڻي هئي، جيڪا اڃا تائين ناهي ٿي سگهي، چيف جسٽس اهو پڻ چيو ته اسان کي چيو وڃي ٿو ته پاناما ليڪس تي سوموٽو نوٽيس وٺو يا سپريم ڪورٽ ان معاملي تي ڪميشن ڇو نٿي جوڙي، ڇا ڪميشن ٺاهڻ عدليا جي ذميواري آهي؟ اسان کي ٻُڌايو وڃي ته جاچ جي ذميدار حڪومت جي هوندي آهي يا عدليا جي؟ جسٽس جمالي وڌيڪ چيو ته ڪوبه هڪ ادارو اڪيلي سر نه پر سڀئي هن معذور نظام جا ذميوار آهن، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته تڪبنديون ان وقت تائين درست نه ٿينديون، جيستائين نئين آدمشماري نه ڪرائي ويندي، جيڪڏهن هٿ ڏيکاري ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڪرائڻي آهي ته پوءِ وزيراعظم جي چونڊ به ائين ئي ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس جو ريمارڪس دوران وڌيڪ چوڻ هو ته ڪجهه حالتن ۾ عدليا کي به مصلحت سان ڪم وٺڻو پوندو آهي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ اهم قومي معاملن تي نه رڳو پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن، پر گڏوگڏ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جي پڻ نشاندهي ڪئي آهي، رڳو ڪرپشن کي ئي ڏسجي ته اها اسان جي معاشري ۽ قومي ادارن کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي، ڪو زمانو هو جڏهن ويهه ٽيهه رپين جي رشوت تمام وڏي ڳالهه سمجهي ويندي هئي، پر هاڻي ڪروڙين ۽ اربين رپين تائين معاملو پهچي چڪو آهي ۽ ان سطح جي بدعنواني ڪرڻ ڪنهن عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي، ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته هر حڪومت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ وڏيون دعوائون ڪندي رهي، پر هر ايندڙ حڪومت ۾ شامل نمائندن اڳي کان به وڌيڪ بدعنواني ڪري رڪارڊ ٽوڙيا ۽ نتيجي ۾ هر ٻئي ڏينهن ڪرپشن جون نئون اسڪينڊل سامهون اچي ٿو، ان کان اڳ چيف جسٽس انور ظهير جمالي سنڌ ۾ زميني کاتن ۾ هير ڦير ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا هئا ته سنڌ ۾ ته ننڍا سرڪاري ملازم به هر سال لينڊ ڪروزر تبديل ڪن ٿا، اسان وٽ الميو اهو به آهي ته جيڪڏهن ڪير ڪرپشن ڪري ٿو ته ان جو پٽي ڀائي سندس اهو ڪڌو ڪم پوشيده رکڻ لاءِ ڀرپور طرح ساٿ نڀائي ٿو ۽ اهڙي عمل سان بدعنواني کي نه رڳو هٿي ملي ٿي، پر ڪرپٽ ماڻهن جو وڏي پئماني تي بدعنواني ڪرڻ لاءِ مَن به وڌيو وڃي. جيڪڏهن ملڪ مان رڳو ڪرپشن جو هر سطح تي مڪمل خاتمو ٿي وڃي ته ملڪي نظام جا نوي سيڪڙو معاملا ٺيڪ ٿي سگهن ٿا، ڇوته هن ملڪ اندر چونڊن ۾ ڌانڌلين، سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ، انتقامي سياست، جمهوري نظام کي ڪمزور ڪرڻ، آئين جو تقدس پائمال ڪرڻ، مني لانڊرنگ، ڪاري ڌن کي اڇو ڪرڻ، حڪمرانن جا پرڏيهه ۾ اربين کربين رپين جا ڪاروبار، ٽئڪس چوري، سماج جي لاچار ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين، غريب طبقي کي معياري تعليم جهڙي اهم گهرج ۽ بنيادي انساني ضرورتن کان محروم رکڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ صرف ۽ صرف ڪرپشن ۽ سفارشي ڪلچر ئي آهي، ان ڪري چيف جسٽس جنهن ڪمزور ۽ معذور نظام جي نشاندهي ڪئي آهي، ان جو بنيادي سبب به مالي بدعنواني ۽ بي ضابطگيون آهن.