تازيون خبرون

Daily Archives: April 11, 2016

حب ويجھو زائرين جي بس ڪلٽي.3 ڄڻا فوت،20 کان وڌيڪ زخمي

حب (نمائندو) حب ويجھو زائرين جي بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 ڄڻا فوت،20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ساڪران ويجھو شاھه نوراني ويندڙ زائيرين جي بس تيزرفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾3 زائرين فوت ٿي ويا جڏھن ته 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. حادثي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال حب آندو ويو، جتان زخمين کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو

 

پاڪستان، ڀارت ۽ افغانستان ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهون خوف سبب گهرن کان ٻاهر نڪري آيا

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان، آزاد ڪشمير، ڀارت ۽ افغانستان سميت مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڀارت ۾ 1-4 زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته موسميات خاطي موجب پاڪستان ۾ 1-7 جي زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا آهن، زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش جبل هو، جڏهن ته ان جي ويڪرائي 280 ڪلوميٽر زمين هئي، پاڪستان ۾ ڪي پي ڪي، اتر علائقن، فاٽا، آزاد ڪشمير، اسلام آباد سميت پنجاب ۾ زلزلي جو لوڏا آيا آهن، سڄي ملڪ ۾ 15 کان 40 سيڪنڊن تائين زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، شروعاتي طور ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جو اطلاع نه مليو آهي.

 

عالمي برادري انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ بين الاقوامي سببن تي پڻ ڌيان ڏئي: پاڪستان

جنيوا (اي پي پي) جنيوا ۾ گڏيل قومن جي مشن لاءِ پاڪستان جي نمائنده تهمينا جنجوعه عالمي برادري تي زور ڏنو  آهي ته اها تشدد ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ بين الاقوامي سببن تي خاص ڌيان ڏئي ۽ انهن ڪارڻن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن جنيوا ۾ وزارتي سطح جي هڪ ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪئي. هن چيو ته پرتشدد انتهاپسندي کي رڳو مقامي سببن جهڙوڪ ناقص گورننس، انساني حقن جي ناقص صورتحال، ڪمزور اقتصادي ۽ سياسي حالتن سان ڳنڍڻ صحيح نه ٿيندو. هن چيو ته اڪثر ڪري عالمي سبب جهڙوڪ پرڏيهي قبضا، پراڻا حل طلب مسئلا حل نه ڪرڻ، ماڻهن جي خوداراديت واري حق کي دٻائڻ ۽ اولهه ۾ اسلام فوبيا جهڙن سببن جي ڪري پرتشدد انتهاپسندي کي هٿي ملي ٿي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ مقامي ۽ عالمي سببن تي پنهنجو ڌيان ڏئي.

 

پاناما ليڪس معاملي تي سڄي قوم کي رائيونڊ ۾ گڏ ڪرڻ جو اعلان، عمران خان پاران وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاناما ليڪس معاملي تي سڄي قوم کي رائيونڊ ۾ گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪندي وزير اعظم نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته پاناما ليڪس ذريعي ملڪ جي تقدير مٽائڻ جو موقعو مليو آهي، پاناما ليڪس اسان جو ڪم نه آهي، الله طرفان آهي، لڳي ٿو ته الله کي پاڪستانين تي رحم اچي ويو آهي، بني گالا ۾ قوم سان خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته امپائر جي آڱر مٿي کڄي چُڪي آهي، ايمپائر الله آهي ۽ الله اسان جي مدد ڪئي آهي، پاڪستان  کي بچائڻ جي ذميواري اسان جي آهي هن چيو ته آئيس لينڊ جو عوام پنهنجي حڪمرانن خلاف رستن لهي آيو آهي، جهالت، ظلم ۽ ناانصافي آڏو بيهڻو آهي، عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستانين کي پنهنجي پئسن ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻي پوندي، ڪو به سپر پاور پاڪستانين جي مدد نه ڪندو، اپوزيشن ليڊر آهيان پي ٽي وي تي خطاب جو موقعو ملڻ کپي ها، قوم کي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. عمران خان چيو ته وزير اعظم پي ٽي وي تي قوم کي خطاب ۾ ڪوڙ ڳالهايو، آف شور ڪمپنين ذريعي پئسا لڪائيندڙ ظاهر ٿي ويا آهن، نواز شريف قوم لاءِ نه پر پنهنجي ٻارن لاءِ خطاب ڪيو. هن چيو ته وزير اعظم عوام گهمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هي حڪمران آهن يا بليڪ ميلر؟ شوڪت خانم جي سال جي بجيٽ 8 ارب رپيا آهي، ڇا توهان کي آخرت ۾ الله کي جواب ڏيڻو آهي يا وزير اعظم کي؟، هن چيو ته شريف خاندان کي کنگ به ٿي ته ٻاهر هليا وڃن ٿا، حڪومت جو ڪم چورن ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ آهي، مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ پئسا لڪائڻ جي سزا جيل آهي هن چيو ته ميان صاحب جي نالي ٻه ڪمپنيون نڪري آيون آهن، جيڪي ڊڪليئر ناهن ڪيون ويون. 24 اپريل تي ڌرڻي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين. هن چيو ته اسين چپ ڪري ويهڻ واران ناهيون، رائيونڊ ۾ رڳو پي ٽي آءِ کي نه سڄي قوم کي گڏ ڪندس، رائيونڊ جو گهرائو ڪري ڌرڻو هڻنداسين.

 

پاڪپتن : گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٽيون ٻار به فوت. فوتين جو انگ 3 ٿي ويو

پاڪپتن(اي پي پي) گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٽيون ننڍو ٻار به زخمن جي سٽ نه سهڻ سبب فوت ٿي ويو. فوتين جو انگ 3 ٿي ويو. تفصيل مطابق 2 اپريل تي خواجه عزيز مڪي چوڪ ۾ الياس نالي شخص جي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ 3 ننڍا ٻار 7 سالن جو علي حسنين، سندس وڏي ڀيڻ 12 سالن جي ملائيڪه بي بي ۽ 10 سالن جي عائشه سخت زخمي ٿي پيا هئا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب لاهور آندو ويو هو، 2 ٻارڙيون اڳ  ۾ ئي فوت ٿي ويون هيون جڏهن ته گذريل رات ٽيون ٻار 7 سالن جو حسنين به زخمن جي سٽ نه سهڻ سبب فوت ٿي ويو.

 

پشاور لڳ ڪمري ۾ جنريٽر جي گئس ڀرجڻ سبب 4 ڄڻا فوت

پشاور (اي پي پي)پشاور ۾ گهر جي ڪمري اندر جنريٽر جي دونهين پکڙجڻ جي ڪري 4 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، پوليس موجب پشاور جي پسگردائي واري علائقي ۾ بدقسمت شخص شمشير، سندس پٽ ۽ 2 ڀائٽيا جنريٽر واري ڪمري ۾ ستل هئا، گهر ۾ شادي رٿيل هئي، جنهن ڪري مهمان ترسيل هئا ۽ جنريٽر واري ڪمري ۾ حفاظتي اپائن بغير ستل ماڻهو زهريلي گئس جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 60 سالا شمشير، 12 سالا پٽ قرار، ڀائٽيا 13 سالا بلال ۽ 15 سالا واجد شامل آهن، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

ڀارتي سندري پريادرشني چيٽرجي فيمينا مس انڊيا ورلڊ 2016ع چونڊجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)  ڀارتي سندري پريادرشني چيٽرجي فيمينا مس انڊيا ورلڊ 2016ع چونڊجي وئي، ممبئي ۾ ٿيل سونهن مقابلي ۾ پريا کي ڀارت جي سونهن راڻي چونڊيو ويو، جنهن جو اعلان بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ڪيو، تقريب ۾ بالي ووڊ فلم انڊسٽري جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون شامل ٿيون،پريا هاڻ مس ورلڊ 2016ع جي مقابلي ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي، فيمينا مس انڊيا ورلڊ مقابلي ۾ ٻئي نمبر تي بنگلور جي سشرٿي ڪرشنا ۽ ٽئين نمبر تي لکنوءَ جي پنکوري گدواڻي آئي، تقريب ۾ سنجي دت، يامي گوتم، ارجن ڪپور، ڪبير خان، ايمي جيڪسن، مس ورلڊ 2015ع ميريا لالاگنا، ثانيا مرزا، ايڪتا ڪپور، منيش ملهوترا، ورن ڌون، شاهد ڪپور، ٽائيگر شيروف، جيڪولين فرنينڊس ۽ ٻيا شامل هئا، شو ۾ سمورين سندرين ريمپ تي واڪ ڪيو، جڏهن ته سنيڌي چوهاڻ پنهنجي آواز سان چار چنڊ لڳايا.

نرگس فخري” اوئي اوئي“ جي ريميڪ مان مندني ڪريمي کي آئوٽ ڪرائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري پنهنجي ايندڙ فلم ” اظهر“ ۾ ماضي جي مشهور فلم تري ديو جي گاني ” اوئي اوئي“ جي ريميڪ مان مندني ڪريمي کي آئوٽ ڪرائي ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا مطابق اوئي اوئي جي ريميڪ ۾ مندنا ڪريمي جو نالو فائنل ڪيو ويو هو پر نرگس فخري اهو چئي سندس نالي تي اعتراض واريو ته جيڪڏهن ڪي مشهور چهرا ان گاني ۾ شامل هوندا ته ماڻهن جو ڌيان سندس ڪردار تان هٽي ويندو، فلم يونٽ جي ذريعن ٻڌايو ته اهو گانو فلم ”اظهر“ جو اهم حصو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنگيتا بجلاڻي پرفارم ڪيو هو، جنهن  اڳتي هلي ڪرڪيٽر اظهر الدين سان شادي ڪئي،جنهن جي زندگي تي اها فلم ٺهي رهي آهي، ذريعن مطابق فلمساز ان گاني ۾ سنگيتا بجلاڻي جو ڪردار ڪندڙ  نرگس سان گڏ ڪجهه ٻيا مشهور چهرا به شامل ڪرڻ جو طئه ڪيو هو، جنهن لاءِ مندنا ڪريمي جو ڪڻو نڪتو پر نرگس فخري ان تي راضي نه ٿي ۽ فلمساز کي مشهور چهرا گاني ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي، ذريعن ٻڌايو ته نرگس جي اهڙي اعتراض کانپوءِ مندنا کي ٻڌايو ويو ته هوءَ هاڻ ان گاني جو حصو ناهي.001

 

عالمي ڪيريئر دوران مرليڌرن ۽ هربجن سنگهه سڀ کان وڌيڪ ڏکيا لڳا: گلڪرسٽ

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي اڳوڻي ناليواري وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ايڊم گلڪرسٽ اعتراف ڪيو آهي ته عالمي ڪيريئر دوران کيس مٿايا مرليڌرن ۽ هربجن سنگهه سڀ کان وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏنو، هڪ بيان ۾ ايڊم گلڪرسٽ چيو ته مان پنهنجي سڄي عالمي ڪيريئر ۾ جن بالرن کي ڏکيو سمجهيو، انهن ۾ سريلنڪا جو اڳوڻو عظيم اسپنر مٿايا مرليڌرن ۽ ڀارت جو هربجن سنگهه شامل آهن، هن چيو ته مان مرليڌرن جي آڱرين جي چرپر کي صحيح نه سمجهي سگهندو هيس، اهڙي ريت هربجن سنگهه خلاف کيڏڻ به ڏکيو هوندو هو، ايڊم گلڪرسٽ جو چوڻ هو ته سندس هم وطن بيٽسمين مائيڪل هسي کي به هربجن سنگهه خلاف کيڏڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هئي.

هارون رشيد ميڊيا جي دٻاءَ تي ڪيترن ئي رانديگرن جي بار بار چونڊ ڪندو هو: وقار يونس

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ وقار يونس جي ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي شڪست بابت مڪمل رپورٽ منظرعام تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ ٽيم جي چونڊ بابت اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن، ميڊيا رپورٽن مطابق وقار يونس پنهنجي رپورٽ ۾ الزام مڙهيو آهي ته چيف سليڪٽر هارون رشيد ٽيم جي چونڊ ۾ پنهنجي مرضي هلائيندو هو ۽ هيڊ ڪوچ توڙي ڪپتان کي اهميت نه ڏيندو هو، هن چيو ته چيف سليڪٽر ميڊيا جي دٻاءَ تي ڪيترن ئي رانديگرن جي بار بار چونڊ ڪندو هو، وقار يونس پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته هن هيڊ ڪوچ جي حيثيت ۾ ٽيم جي بهتري لاءِ اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا ڪاٽيندڙ سلمان بٽ کي ٽيم ۾ شا منل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ان جي مخالفت ڪئي، اڳوڻي هيڊ ڪوچ چيو ته ايشيا ڪپ ۾ خرب ڪارڪردگي تي احمد شهزاد کي ٽيم مان نيڪالي ڏيڻ وارو فيصلو صحيح هو پر کيس ٻيهر کيڏائڻ جو فيصلو غلط هو.001