تازيون خبرون

Daily Archives: April 1, 2016

ترقياتي ايجنڊا ملڪ جي قسمت سنواريندي، پاڪستان ايشيا جو ٽائيگر بڻجندو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪ چين اقتصادي راهداري ۾ شامل رٿابندي وزارت سميت لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي ترقياتي بجيٽ ۽ منصوبا بروقت مڪمل ڪرڻ لاءِ سڌارن جي منظوري ڏئي ڇڏي، خميس محمد نواز شريف وزارت رٿابندي ۽ ترقيات جو دورو ڪيو وفاقي وزير اسحاق ڊار به وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم رٿابندي وزارت ۾ ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذاريو، احسن اقبال وزارت جي سينئر آفيسرن سان گڏ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. احسن اقبال وزيراعظم کي رٿابندي وزارت بابت معاملن ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري بابت بريفنگ ڏني وزيراعظم کي پاڪ چين اقتصادي راهداري تحت جاري منصوبن بابت به اڳڀرائپ کان آگاهه ڪيو ويو وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي راهداري ۾ شامل رٿابندي وزارت ۽ ٻين وزارتن جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم رٿابندي وزارت ۾ هڪ اجلاس به صدارت به ڪئي. احسن اقبال پاران هلندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ ۽ ترقياتي منصوبن ۽ حدف حاصل ڪرڻ جو جائزو پيش ڪيو وزيراعظم کي منصوبا وقت سر مڪمل ۽ منصوبن ۾ شفافيت جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ترقياتي بجيٽ ۽ منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ سڌارن جي منظوري ڏني، وزيراعظم چيو ته ترقياتي ايجنڊا سان ملڪ جي قسمت سنوارجي ويندي، پاڪستان ايشيا جو ٽائيگر بڻجندو، ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. انڊس هاءِ وي جو اڻپورو سيڪشن فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي اولهندي روٽ تي ڪم تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو وڃي.

 

ڀارت کي ”را“ ايجنٽ تائين رسائي ڏيڻ کان جواب، پاڪستان ايران کان به وضاحت گهري ورتي

اسلام آباد (م.ڊ/بيورو/اي پي پي) پاڪستان ڀارت کي بلوچستان مان گرفتار ”را” ايجنٽ ڪل ڀوشن ياديو تائين رسائي ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، خابرو ادارن موجب ڀارتي پرڏيهي وزارت پاڪستاني پرڏيهي وزارت کي خط اماڻيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڀارت کي ڪل ڀوشن ياديو تائين رسائي ڏني وڃي، جڏهن ته پاڪستان پاران صاف جواب ڏنو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان موقف ڄاڻايو آهي ته ڪل ڀوشن ياديو وارو معاملو صرف جاسوسي تائين محدود نه آهي پر هو دهشتگردي ۽ بغاوت جي ڪاررواين ۾ ملوث هيو، جڏهن هو بلوچستان ۽ ڪراچي کي پاڪستان کان جدا ڪرڻ وارين سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي، پاڪستان پاران ڀارت کي چيو ويو آهي ته ڪل ڀوشن جي بيان کانپوءِ هر ڳالهه واضح ٿي وئي آهي، تنهن لاءِ ان صورتحال ۾ ڀارت کي ڪل ڀوشن ياديو تائين رسائي نه ڏني ويندي، ٻئي طرف پاڪستان، ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن يادَو جي انڪشافن کانپوءِ ملڪ اندر “را” جي نيٽ ورڪ خلاف جاچ لاءِ ايران کان مدد گهري ورتي آهي، پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪلڀوشن جو اعترافي بيان دنيا ٻڌو ۽ ڏٺو، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڪلڀوشن جي گرفتاري ۽ انڪشافن بابت ايران سان رابطي ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان مان را“ جي ايجنٽ ڪلڀوشن جي گرفتاري ۽ سندس انڪشافن کانپوءِ پاڪستان ايراني حڪومت کي خط لکي 6 معاملن ۾ سهڪار گهري ورتو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڪل ڀوشن جي ايران ۾ سرگرمين بابت وضاحت ڪئي وڃي. پاڪستان چيو آهي ته ايران وضاحت ڪري ته گرفتار ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديوو جي ايران ۾رهائش واري هنڌ ۽ تاريخ بابت آگاهه ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ڀارت مسلسل پاڪستان ۾ مداختل ڪري رهيو آهي، ڀارتي ايجنسي را” جي آفيسر ڪلڀوشن جي گرفتاري اهم ڪاميابي آهي، عالمي برادري کي پاڪستان اندر ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. نفيس ذڪريا چيو ته ڀارتي ڳجهي اداري را” جي آفيسر ڪلڀوشن ياديوو جو وڊيو اعترافي بيان دنيا ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، جڏهن ته ڪلڀوشن پاران ڪيل انڪشافن جي سمورن رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي مداخلت جا ثبوت گڏيل قومن آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن، عالمي برادري کي ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، سموري قوم انتهاپسندن خلاف جنگ ۾ متحد آهي. نفيس ذڪريا چيو ته ڪلڀوشن جي نشاندهي تي سموري ملڪ ۾ ڪارروائيون ڪري ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، اسلام آباد پنهنجي دفاع لاءِ هر مثبت قدم کڻڻ کان نه گهٻرائيندو.

 

سنڌ جو حال لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته سنڌ جو حال لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي اُتي جا معمولي سرڪاري ملازم هر سال لينڊ ڪروز تبديل ڪندا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٺٽي ۾ 1207 ايڪڙ زمين جي جعلي دستاويزن جي تياري جي مرڪزي جوابدار ملڪ شاهد جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ جوابدار جي وڪيل طارق محمود جو چوڻ هو ته جوابدار سموري زمين سرڪاري کي واپس ڪري ڇڏي آهي پر ٽرائل مڪمل ناهي ٿيو جنهن تي جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا آهن ته اوهان دليل ڏئي رهيا آهيو  ته چور کان مال ملي ويو آهي هاڻي ڇڏيو وڃي جڏهن ته جسٽس سردار طارق جو چوڻ هو ته ڇا حڪومتي نقصان پورو ٿيڻ کانپوءِ ڏوهه ختم ٿي وڃي ٿو. چيف جسٽس جسٽر ظهير انور جمالي رمارڪس ۾ ڏنا آهن ته سنڌ جون حالتون لفظن ۾ بيان نٿيون ڪري سگهجن اُتي معمولي سرڪاري ملازم به هر سال نئين لينڊ ڪروز ڪڍرائي ٿو. چيف جسٽس وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته طارق صاحب جڏهن به جعلي سيل ڊيڊ بڻائڻي هجي ته ڪراچي هليا وڃو. عدالت ٻڌڻي بعد جوابدار جي صمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.

 

 

 

عزير بلوچ پاران گينگ وار جي عورت ونگ هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ جاچ دوران گينگ وار جي عورت ونگ هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي ذريعن موجب جاچ دوران عزير بلوچ انڪشاف ڪيو ته قرت العين، نبيلا ۽ سميرا سميت 10 عورتون ونگ کي هلائينديون آهن. جڏهن ته قرت العين، نبيلا، سميرا، ملڪه ۽ سمرين گينگ جون سهولتڪار آهن. قرت العين ۽ نبيلا ڏوهاري ٽولي جي ڪمانڊر جميل ڇينگا جون ويجهون مائيٽاڻيون آهن. جاچ دوران انڪشاف ڪندي عزير بلوچ ٻڌايو ته عورتن جي گروپ ونگ کان ڀتي خوري ۽ هٿيار پهچائڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قتل ڪرڻ بعد لاشن کي مختلف هنڌن تي عورتن ذريعي اڇلايو ويندو هو ۽ ڀتي جي رقم جمع ڪري عيني نالي عورت کي ڏني ويندي آهي. ٻي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته لياري گينگ وار جي عورتن واري ونگ خلاف جلد ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويندو.

 

پيٽرول اگھه نه وڌائڻ جو مطالبو، حڪومت الله جي آسري پئي هلي: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه حڪومت کان پيٽرول اگھه نه وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڊيزل به سستو ٿيڻ گھرجي. سکر ۾ ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کان پيٽرول جا اگھه نه وڌائڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. هن چيو ته ڊيزل اڄ 10 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ گھربو هو، پر حڪومت ائين نه ڪيو. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته چارسدا واقعي تي وزير اعظم ائين خطاب نه ڪيو هو جيئن لاهور واقعي تي ڳالهايو. هن چيو ته نواز شريف رڳو لاهور جو وزير اعظم نه آهي. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جي ٻيڙي بس الله جي آسري تي هلي رهي آهي. حڪمرانن جي بي وسي ان مان ظاهر ٿئي ٿي ته سخت سيڪيورٽي باوجود مظاهرين ريڊ زون تائين پهچي ويا. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته

 

لڪي مروت ۾ گاڏي ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي

لڪي مروت(م.ڊ) ڪي مروت ۾ گاڏي ۾ ڌماڪي جي نتيجي م چار ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽ موجب لڪي مروت ۾ جاني خيل واري علائقي ۾ ڪوٽ ڪشمير روڊ تي هڪ گاڏي ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا. ڌماڪي کانپوءِ امدادي ٽيمن پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

 

ماضي ۾ جمهوريت جي تحريڪ ۾ پ پ ۽ صحافين گڏجي جنگ وڙهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نون چونڊيل عهديدارن کي واڌايون ڏنيون آهن ۽ اميد ڏيکاري آهي ته  مُک ميڊيا تنظيم جا عهديدار هن ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ جمهوري روايتن جي اڳڀرائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ جنرل سيڪريٽري عمر مجيب شامي جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي ۾ قوم جي جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ صحافي برداري ڪلهو ڪلهي سان ملائي آمريتي قوتن خلاف گڏيل ويڙهه ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ جمهوري سماج جي ترقي ۾ آزاد ميڊيا جي اهم ڪردار کي تسليم ڪري ٿي ۽ ان لاءِ پنهنجو ساٿ جاري رکندي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين اي پي اين ايس جي سمورن چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي پارٽي طرفان مستقبل ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.

 

 

سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ن ليگ حڪومت ڪيئن پئي هلي،تازن ڌرڻن مان لڳي ٿو ته ننڍي ميان وڏي ميان خلاف سازش ڪئي:اعتزاز احسن

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته اڄ تائين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته (ن) ليگ جي حڪومت ڪيئن هلي ٿي، تازن ڌرڻن مان لڳي ٿو ته ننڍي ميان صاحب وڏي ميان صاحب خلاف سازش ڪئي، گهرو معاملن وارو وزير چوي ٿو ته ڪو  ٺاهه ناهي ٿيو، باقي وزير ڌرڻن وارن سان ڳالهيون ڪن ٿا، پنهنجي هڪ بيان ۾ اعتزاز احسن  چيو ته اسان کي اڄ تائين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته حڪومت ڪيئن هلي رهي آهي، گهرو معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري نثار پهرين ڌرڻي وارن خلاف آپريشن جي ضد تي اڙيل هو ۽ وري چوي ٿو ته ڌرڻي وارن سان ڪو  معاهدو ناهي ٿيو، جڏهن ته ٻئي پاسي ٻيا حڪومتي وزير ڌرڻي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ ڳالهيون ڪندا رهيا،ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ميان شهبازشريف پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف خلاف سازش ڪئي آهي، ٻنهي ڀائرن وچ م سازش تمام جلد وائکي ٿي ويندي، هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻي وارا 14 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئه ڪري پارليامنٽ جي سامهون پهچي وڃن، هن گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان ، ريلوي واري وفاقي وزير ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کان مطالبو ڪيو ته هو پارليامنٽ ۾ اچي ڌرڻي جي حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪن

 

سنگين غداري ڪيس ۾ خاص عدالت پرڏيهه وڃڻ تي پرويز مشرف ۽ سندس ضامن کان جواب گهري ورتو

اسلام آباد (بيورو) سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ اسلام آباد جي خاص عدالت پرڏيهه وڃڻ تي اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ سندس ضامن کان جواب گهري ورتو آهي، جسٽس مظهر عالم ميان خيل جي اڳواڻي ۾ جسٽس طاهره صفدر ۽ جسٽس ياور علي تي ٻڌل خاص عدالت پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪليس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر جي غيرحاضري تي عدالت سخت ڪاوڙ ڏيکاريندي سرڪاري وڪيل اڪرم شيخ کان سوال ڪيو ته اسان جوابدار کي پوءِ ڏسنداسين، پهرين توهان اهو ٻڌايو ته ڇا اختيارين کي عدالتي حڪمن جي خبر نه  هئي؟ خاص عدالت جي حڪم کانسواءِ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪيئن ڪڍيو ويو؟ ڇا حڪومت کي خبر نه هئي ته کيس عدالت گهرائي چڪي آهي؟ جيڪڏهن حڪومت اڻڄاڻ هئي ته توهان حڪومت کي ٻڌايو ڇو نه؟ سرڪاري وڪيل عدالتي پڇاڻي تي چيو ته عدالت ضمانت رد ۽ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿي،هن چيو ته پرويز مشرف جي ضامن جي ضمانت ضبط ڪئي وڃي ۽ اسڪائپ توڙي وڊيو لنڪ ذريعي اڳوڻي صدر جو بيان رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو،  عدالتي حڪم تي وفاقي گهرو سيڪريٽري پيش ٿي بيان ڏنو ته پرويز مشرف جو نالو قانون کي نظر ۾ رکندي اي سي ايل مان ڪڍيو ويو ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پرويز مشرف جي غيرموجودگي ۾ ڪيس اڳتي نه ٿو وڌي سگهي، ان کانپوءِ خاص عدالت پرويز مشرف ۽ سندس ضامن راشد قريشي کان لکت ۾ جواب گهري ورتو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جيڪڏهن ضامن پرويز مشرف کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ته سندس ضمانت رد ڪئي ويندي.

 

جيڪب آباد: گهوٽ شادي جي پهرين رات ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو، خوشيون ماتم ۾ تبديل

جيڪب آباد(ڊ.ر) جيڪب آباد ۾ ظالم مڙس شادي جي پهرين ئي رات نوجوان زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، ڪيس داخل، علائقي ۾ ڪارنهن جا چوٻول، خبر موجب: جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني ۾ ظالم مڙس قلندر بخش کوکر پنهنجي نوجوان زال 19ورهين جي خانزادي ڌيءَ لال محمد لاشاري کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولڻ جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪري ڇڏيو جتي ڊاڪٽرن پاران قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نئين ڪنوار جو لاش گهر پهچڻ تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ۾ ٿي ويون. مقتولڻ ڪنوار جي پيءُ لال محمد لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته قلندڙ بخش کوکر منهنجي زال جو ڀائٽو آهي جنهن کي پنهنجي نياڻي پرڻائي ڏني ۽ هن لانئون لهڻ بعد ڪمري ۾ منهنجي معصو نياڻي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ فرار ٿي ويو اسين جڏهن صبح جو سندس ڪمري وٽ پهتاسين ته ڪمري جو دروازو کليل هو ۽ منهنجي نياڻي جو لاش اندر پيل هو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو هو مونکي ڪا خبر ڪونهي ته هن منهنجي معصوم بي ڏوهه نياڻي کي ڇو قتل ڪيو آهي کيس ڪڏهن به معاف ڪو نه ڪندس. ٻئي پاسي حد جي پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون هن مهل تائين قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته مقولڻ جي ڀاءُ علي شير لاشاري جي فرياد تي گناهه نمبر 2016/31 ۽ قلم 302،148،149 هيٺ مقتولڻ جي مڙس قلندڙ بخش کوکر ۽ سندس چئن ڀائرن منظور علي، قادر بخش، صدام حسين ۽ وزير علي کوکر خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته شادي جي پهرين رات ڪنوار خانزادي پنهنجي مڙس قلندر بخش کوکر جو چوڻ نه ورتو جنهن سبب هن منهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته هن مهل تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. ٻئي پاسي علائقي ۾ اهڙا چوٻول پڻ آهن ته قلندر بخش کوکر پنهنجي نئين ڪنوار کي ڪارنهن الزام هيٺ ڪيو آهي.