تازيون خبرون

Daily Archives: March 29, 2016

لاهور ڌماڪي ۾ مارجي ويل 7 ڄڻن جا لاش سانگهڙ آندا ويا، گهرن ۾ ڪهرام متل

سانگهڙ/لاهور(م.ڊ)  لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سانحي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 72 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ زخمي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، مارجي ويلن ۽ زخمين ۾ وڏو انگ عورتن توڙي ٻارڙن جو آهي، جڏهن ته 54 ڄڻن جا مڙهه سڃاڻپ کانپوءِ سندن وارثن حوالي ڪيا ويا، اسپتالن ۾ داخل مريضن لاءِ انتظاميا پاران اڃا به رت جي عطيي جون اپيلون ڪيون پيون وڃن،گذريل ڏينهن شا م جو پوڻين ستين وڳي لاهور جي گلشن قابل پارڪ ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ 71 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا هئا.لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ سنڌ مان تفريح لاءِ ويل هڪ ئي ڪٽنب جي چئن ڀاتين سميت 7 ڄڻا به شهيد ٿي ويا، جن ۾ 3 ٻارڙا به شامل آهن، جڏهن ته زخمي 10 ڄڻن جو لاهور جي مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي. لاهور آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ کڏڙي جي ڳوٺ فقير جي کُهي جو رهواسي 40 ورهين جو فيض محمد چانهيو، سندس 8 ورهين جي ڌيءُ ثمينه، صدف ۽ ڏُوهٽي ياسمين شهيد ٿي ويا. فيض محمد چانهيو جا 4 گهر ڀاتي زخمي پڻ ٿي پيا آهن، جن ۾ فراز، شهباز، ثبينا ۽ تهمينه شامل آهن، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ فيض محمد چانهئي جي گهر واري نجمه گم ٿي وئي هئي، جيڪا پڻ زخمي حالت ۾ لاهور جي شيخ زيد اسپتال مان هٿ اچي وئي آهي. سانگهڙ واسي جوڙو غلام حسين عرف شاني خاصخيلي ۽ سندس گهرواري شهناز  ۽ نصرپور جي ٽــَنڊَي سومرَي  جو رهواسي علي عباس نظاماڻي به شهيدن ۾ شامل آهن، جڏهن ته  ٽــَنڊَي سومرَي  جو رهواسي سخاوت نظامي ۽ سندس 3 پٽ ۽ ڀاڻيجو به زخمي حالت ۾ لاهور جي اسپتال ۾ داخل آهن. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل کڏڙي ۽ نصرپور واسي 10 ڄڻن جو لاهور جي مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي، جڏهن ته 7 شهيدن جا لاش ايمبولينسز ذريعي سندن اباڻن علائقن ڏانهن آندا پيا وڃن. کڏڙي، نصرپور  ۽ سانگهڙ ۾ لاهور ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن پاران تڏا وڇايا ويا آهن ۽ شهرن ۾ سوڳ ڇانيل آهي. شهيد ٿي ويا جن جا لاش لاهور مان ٽن ايمبولينسن ذريعي کڏُڙو ويجهو ڳوٺ فقير جي کوهي آندا ويا ته قهرام مچي ويو اُڀ ڏاريندڙ دانهون ۽ ڪوُڪون هنيون ، وارث لاشن کي چنبڙي زارو قطار روئيندا رهيا جڏهن ته سانحي ۾ نجمه چانيهو ، فراز چانيهو ، شيراز چانيهو ، سائره خاصخيلي شامل آهن جيڪي لاهور ۾ علاج هيٺ آهن، لاهور سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز سڀاڻي   9 وڳي ادا ڪئي ويندي ، ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيد فيض محمد چانيهو جي والد محمد رحيم ٻڌايو ته سندس پُٽ لاهور ۾ پنهنجي سالي غلام حسين وٽ وٽ ويل هو جيڪو ڪجهه عرصو اڳ لاهور شفٽ ٿيو هو ۽ هُنن باس هُئي جنهن لاءِ هو داتا دربار ويا هُئا ۽ جنهن بعد پارڪ گهُمڻ ويا ۽ اهو واقعو پيش آيو، منهنجو پُٽ ۽ سندس ٻارڙا شهيد ٿي ويا ۽ سندس گهر واري ۽ پُٽ زخمي آهن.

 

ڊي جي رينجرز جي وڏي وزير سان ملاقات، ڪراچي آپريشن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڊي جي رينجرز بلال اڪبر وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امن امان جي صورتحال، ڪراچي آپريشن ۽ ٻين مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد  قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو ۽ ان جا هاڪاري اثر ڏسڻ ۾ اچن پيا. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي.

 

لاهور سانحي جي مذمت: دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ لاءِ ان جي سببن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا وڃن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اي پي پي)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه لاهور سانحي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ لاءِ ان جي سببن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا وڃن، هتي جاري هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، هنن چيو ته اسان سالن کان دهشتگردي جي وڪڙ ۾ آهيون، هن چيو ته دهشتگردن جي سفاڪي ۽ بي رحمي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هنن معصوم ٻارن جي  جان وٺڻ کان به پاسو نه ڪيو، هن ڌماڪي ۾ اجل جو شڪار ماڻهن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ گهرجي.

 

حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان ڪاغذن تائين سٺو آهي، پر ان تي سڄي ملڪ ۾ عمل نه پيو ٿيئي: بلاول ڀٽو زرداري

بهاولپور (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان ڪاغذن تائين سٺو آهي، پر ان تي سڄي ملڪ ۾ عمل نه پيو ڪيو وڃي، خاص طور تي ڏکڻ پنجاب ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي جلد عمل ڪيو وڃي، خابرو ادارن موجب بهاولپور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ سربراهه بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته لاهور ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪو تمام افسوس جوڳو عمل آهي، اهي دهشتگرد اسان جا ۽ اسان جي ملڪ جا دشمن آهن، دهشتگردي جي مسئلي کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو، ڪائونٽر ٽيررازم پاليسي تي عمل ڪري دهشتگردي کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

 

شهرين جي تحفظ کي يقني بڻايو وڃي، رينجرز فوج سان ملي مناسب قدم کڻي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) شهرين جي تحفظ کي يقني بڻايو وڃي، رينجرز فوج سان ملي مناسب قدم کڻي، اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي گهرو وزير  چوڌري نثار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو،  آءِ جي اسلام آباد گهر وزير کي  ڌرڻي وارن جي مطالبن کان آگاهه ڪيو، نجي ٽي وي موجب آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ گذريل جي نسبت گهٽ آهي، ريڊ زون جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

 

پير صاحب پاڳاري طرفان لاهور ۾ دهشتگردي جي مذمت، امن لاءِ حڪومت ۽ فوج سان گڏ آهيون: پير پاڳارو

ڪراچي (اي پي پي)حرن جي روحاني پيشوا ۽ مسلم ليگ (ف) جي سربراهه پير صاحب پاڳاري لاهور ۾ دهشتگردي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حر جماعت ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ف) ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيدن جي وارثن، وفاقي حڪومت ۽ پاڪ فوج سان برابر جي شريڪ آهي، سومر ڏينهن جاري پڌرائي مطابق پير صاحب پاڳاري چيو ته اسان ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهيون.

 

آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي کان پوءِ ٻيهر نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردن خلاف سڄي ملڪ ۾ آپريشن جي ضرورت آهي: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي واقعي کان پوءِ هاڻي ٻيهر وقت اچي ويو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تهت دهشتگردن جي خلاف سڄي ملڪ ۾ آپريشن ڪيو وڇي هن پلان ۾ ان تي به اتفاق راءِ ڪيو وڇي ته پوليس کي غير سياسي ڪري پروفيشنل بڻايو ويندو گرفتار ٿيل ڀارتي جاسوس کان جامعه جاچ ڪئي وڃي ۽ ان جي روشني ۾ سڄي ملڪ ۾ موجود ان جي ساٿين کي به گرفتار ڪيو وڃي اهڙنخ يالن جو اظهار هن جناح اسپتال ۾ زخمين جي عيادت ۽ جامعه اشرفيا جي متولي مولانا عبيدالله جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. عمران خان چيوت ه ڪجهه ماڻهو اسلام جي نالي تي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا اهن هي اسان جي نبي ڪريم صلعم جي ڏنل درس جي بلڪل ابتڙ آهي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي واقعي کان پوءِ هاڻي ٻيهر وقت اچي ويو آهي ته يڪراءِ سان سڄي ملڪ ۾ جتي به دهشتگرد مقرر آهن انهن جي پاڙ پٽي وڃي نيشنل ايڪشن پلان تحت خيبرپختونخواهه بلوچستان ۽ پنجاب سميت جتي به ضرورت هجي هر هنڌ وڃڻ گهرجي هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق آهي ته پوليس کي غير سياسي ڪري پروفيشنل بڻايو ويندو. جڏهن پوليس وي وي آءِ پيز جي سيڪيورٽي ۽ سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ استعمال ٿيندي ته ان وقت تائين حالتون ٺيڪ نٿيون ٿي سگهن هنم چيو ته سنڌ ۾ پوليس جون سياسي ڀرتيون ڪيون ويون ميرٽ تي مقرري ۽ پوسٽنگ نه ٿي ته پوليس کان گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ان حوالي سان نيسنل سيفٽي ڪميشن فيصلو ڪري ٿي اهڙي طرح ڊسٽرڪٽ سيفٽي ڪميشن بڻائي رهيا آهيون.  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جناح اسپتال اچڻ جي موقعي تي ڌڪن ۽ رش سان ايمرجنسي جو دروازو ٽٽي پيو عمران خان سخت بدنظمي سبب مريضن جي عيادت ڪرڻ بنا ئي ٻاهر اچي ويو تفصيل مطابق گذريل ڏينهن عمران خان، پارٽي اڳوڻن، جهانگيرخان ترين، ميان محمود الرشيد، شعيب صديقي ۽ ٻين سان گڏ زخمين جي عيادت لاءِ جناح اسپتال آيو جڏهن ته اتي گڏ ماڻهن ۽ گڏ ايندڙ ڪارڪنن جي ڌڪن ۽ پيڙهه سبب سخت بدنظمي پيدا ٿي ۽ ايمرجنسي جو دروازو ۽ ان جا شيشا ٽٽي پيا عمران خان ناراضگي جو اظهار ڪندي ايمرجنسي مان باهر آيو جڏهن ته ڪجهه دير کان پوءِ رش گهٽجڻ تي عمران خان کي ٻيهر ايمرجنسي اندر آندو ويو.