تازيون خبرون

Daily Archives: March 29, 2016

سوناڪشي سنها شوٽنگ کانپوءِ معذور چاهيندڙ سان ملڻ لاءِ پهچي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها فلم جي شوٽنگ کانپوءِ واعدي مطابق پنهنجي معذور چاهيندڙ سان ملڻ لاءِ پهچي وئي، ڀارتي ميڊيا مطابق محبوب اسٽوڊيوز ۾ شوٽنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ سوناڪشي کي ٻڌايو ويو ته سندس هڪ چاهيندڙ ٻاهر وڏي بيچيني سان ساڻس ملڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن تي سوناڪشي ٻاهر آئي ۽ ان چاهيندڙ سان ملي، جنهن پنهنجي موبائل ۾ تصوير ڪڍڻ جي اجازت گهري، ڀارتي ميڊيا مطابق جيتوڻيڪ هي سيلفين جو دور آهي پر ڇاڪاڻ ته سوناڪشي جو اهو ديوانو معذور هو،تنهن ڪري هن سيلفي بدران رڳو اداڪارا جي اڪيلي تصوير ڪڍڻ  جو مطالبو ڪيو، سوناڪشي سندس اها ڳالهه نه ٻڌي ۽ کيس چيو ته گڏ تصوير ٿا ڪڍرايون، جنهن کانپوءِ موبائل ۾ ٻنهي جي تصوير يا سيلفي ڪڍي وئي،ان موقعي تي سوناڪشي پنهنجي ان چاهيندڙ سان ڪچهري به ڪندي رهي، جنهن کيس پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي ٻڌائي، ڀارتي ميڊيا مطابق سوناڪشي کي اها ڪهاڻي دل سان لڳي ۽ هن پنهنجي چاهيندڙ کي چيو ته هوءَ جڏهن وري ٻيهر محبوب اسٽوڊيوز اچي ته هو ساڻس ضرور ملي، واضح هجي ته سوناڪشي سنها هن وقت پنهنجي ايندڙ فلم فورس 2 جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي.001

 

تازو باليووڊ ۾ قدم رکندڙ ايولين شرما جو ستارو عروج تي پهتل، هاليووڊ ۾ به ڪم ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ اڃا تازو ئي پير کوڙيندڙ اداڪارا ايولين شرما به انهن  خوشقسمت ڀارتي اداڪارائن جي قطار ۾ شامل ٿي وئي آهي، جن کي هالي ووڊ مان سڏ ٿيو آهي، فرانسيسي ڄائي ڀارتي اداڪارا ايولين شرما بالي ووڊ ۾ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 2012ع ۾ ڪئي پر هن ان ٿوري عرصي ۾ اهو مقام ماڻي ورتو آهي، جيڪو ڀارتي اداڪارائون سالن جا سال گذرڻ کانپوءِ به حاصل ناهن ڪري سگهنديون ۽ اهو مقام آهي هالي ووڊ جو سڏ، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ايولين کي هڪ آمريڪي ٽي وي طرفان ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، اداڪارا جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ايولين جلد لاس اينجلس رواني ٿي ويندي، جتي ان آڇ جي حوالي سان معاملن کي آخري شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي، ايولين شرما به اهڙي آڇ جي تصديق ڪندي پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي نياپو ڇڏيو آهي ته هوءَ هالي ووڊ مان اوچتو آيل اهڙي آڇ تي تمام گهڻي خوش آهي.001

 

کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، رانديگرياڻين ڀرپور محنت ڪئي: ثنا مير

لاهور  (اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ قومي وومنز ڪرڪيٽ ٽيم ثنا مير جي قيادت ۾ ڀارت کان وطن واپس پهچي وئي. قومي وومينز ٽيم ٽورنامينٽ ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن کي مات ڏني هئي پر ڪوارٽر فائنل ۾ ان کي انگلينڊ هٿان مات کي مُنهن ڏيڻو پيو. قومي وومينز ٽيم جي ڪپتان ثنا مير وطن واپسيءَ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ ڪپتاني تان رٽائرمينٽ جي فيصلي تي قائم آهي. ٽي 20 ورلڊ ۾ سمورن رانديگرياڻين 100 سيڪڙو پرفارمنس ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن کي شڪست ڏني. هن چيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، رانديگرياڻين گرائونڊ ۾ ڀرپور محنت ڪئي. هن چيو ته مجموعي طور ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر رهي. وومن ٽيم ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف ناهن.001

 

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو اڄ پهريون سيمي فائنل، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ مقابلو ٿيندو

نئين دهلي  (اسپورٽس نيوز) ڇهين آءِ سي سي مينز ورلڊ ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پهرين سيمي فائنل ميچ سڀاڻي نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ فيروز شاهه ڪوٽلي، نئين دهليءَ ۾ کيڏي ويندي. ميچ ڊي نائيٽ هوندي ۽ پاڪستان جي معياري وقت موجب 6 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي. آءِ سي سي وومنز ورلڊ ٽي 20 جي سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي وئي آهي. نيوزيلينڊ، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ ميزبان ڀارت ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي آهي. تفصي موجب ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل ميچ سڀاڻي نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ فيروز شاهه ڪوٽله نئين دهلي ۾ کيڏي ويندو. ميگا ايونٽ جو ٻيو سيمي فائنل ميچ خميس تي ويسٽ انڊيز ۽ ميزبان ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ واينڪيڊي اسٽيڊيم ممبئي ۾ کيڏيو ويندو. ٻيو سيمي فائنل ميچ پڻ پاڪستان جي معياري وقت موجب 6 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو. ٻن فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ ميگا ايونٽ جي فائنل ميچ 3 اپريل تي کيڏي ويندي.001

 

انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ زهر!: رابيعه جي آر چانڊيو

انسان نشو ڇو ڪندو آهي؟ هونئن ته جيڪڏهن امير طبقو نشو ڪري ٿو ته اسان چونداسين ته اهو شوق خاطر ڪري ٿو ۽ غريب طبقو مجبوري تحت ڪري ٿو. اسان سڀني کي خبر آهي ته هن ملڪ اندر غريب ماڻهن کي پنهنجن حقن کان محروم رکيو ويو آهي. حڪمرانن جي بي حسي جي ڪري غريب ماڻهو ٽي وقت مانيءَ لاءِ پريشان آهي. جتي هر وقت معاشي بدحاليءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هجن، جتي والدين غربت سبب پنهنجي ٻچن جون ننڍڙيون ننڍڙيون خواهشون به پوريون نه ڪري سگهن ۽ جتي سڀ رستا بند ٿي وڃن ۽ هر طرف انڌير نگري ڇانيل هجي، اتي مايوسيون جنم نه وٺنديون ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ ۽ مايوسين کان ڪجهه وقت لاءِ جان آجي ڪرڻ لاءِ انسان ڪو به غلط رستو اختيار ڪري وٺي ٿو. اسان جي ملڪ اندر غريب طبقو به ڪجهه اهڙين ئي تڪليفن ۽ سورن سان مقابلو ڪري ٿو. غريب ماڻهن لاءِ هر اڀرندڙ سج فقط دردن جا پيغام کڻي اچي ٿو، پر ان سان اسان جي حڪمرانن کي ڪو به فرق نٿو پوي. اسان جي ملڪ جي سياسي اڳواڻن هميشه غيرذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. انهن لاءِ غريب عوام ڄڻ ته هن ملڪ جو حصو ئي ناهن!

سياست جو مقصد آهي عوام جي خدمت ڪرڻ پر اسان جا حڪمران جيڪا عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن، اها به ڪنهن کان لڪيل ڪونهي. اسان جي ملڪ اندر جيڪو ٿي رهيو آهي، جهڙي طرح انساني زندگيون اک ڇنڀ ۾ اجل جو شڪار ٿي رهيون آهن ۽ جنهن نموني حڪمران لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، تنهن تي جيترو به افسوس ڪجي سو گهٽ آهي. هڪ طرف مهانگائي جو آزار آهي ته ٻئي طرف بجليءَ جي لوڊشيڊنگ، ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان نسل جيڪو اسان جي ملڪ جو سرمايو هجن ٿا، جن جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم بدران ڪچي شراب جهڙو زهر پيل آهي، اهي منشيات جي اڏن تي وڪامجي رهيا آهن ۽ پنهنجون جوانيون جلائي رهيا آهن. اسان جي ملڪ اندر ڪو به ڏينهن عوام لاءِ پريشانين کان خالي نٿو هجي.

هونئن ته اسان جي ملڪ ۾ ڀنگ، گٽڪو، آفيم ۽ ٻيا ڪيترائي نشا عام وڪرو ٿي رهيا آهن، جن نوجوان نسل جي زندگي تباهه ڪئي آهي، پر تازو ئي ڪچي شراب جنهن کي ٺرو چيو وڃي ٿو، اُن کي واپرائڻ سان هڪ ئي رات ۾ ٽنڊو محمد خان اندر ڪيتريون ئي حياتيون زندگيءَ جي چيچ مان هٿ ڇڏائي موت جي واديءَ ڏانهن هليون ويون. ٺري نالي اِهو زهر سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ آسانيءَ سان ملي سگهي ٿو، بلڪه ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اِهو زهر شوق سمجهي گهرن ۾ ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن جي حد جي پوليس کي ڄاڻ پڻ هوندي آهي، پر جيئن ته پوليس ٿاڻا هلندا ئي غير قانوني ڌنڌو ڪندڙن جي منٿلين تي آهن، تنهن ڪري اُنهن خلاف قدم نٿو کنيو وڃي.

ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيل تازي واقعي چار درجن زندگيون ئي ناهن وڃايون، ويڙها ۽ وسنديون به ويران ڪيون آهن، ڪيترائي ٻار يتيم، ڪيتريون ئي ونيون بيواهه ته ڪيترائي ئي والدين پنهنجي جوان اولاد جي سهاري کان محروم ٿيا آهن. اڄ اُنهن جي گهرن ۾ مائرون پنهنجا سينا پٽيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پر انهن جي درد جو احساس نه ته اسان جي اعلي آفيسرن کي آهي نه ئي پوليس اهلڪارن کي. سنڌ اندر سر عام ڪچي شراب جا اڏا کليل آهن، جنهن پويان نوجوان نسل تباهه ٿي رهي آهي. ڪچي شراب جون بٺيون ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ويون آهن. اهي منشيات فروش جيڪي بنا ڪنهن ڊپ جي سرعام اڏا کولي ويٺا آهن ۽ جيڪي نوجوان نسل جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهن، ڇا اهي ڏوهاري اسان جي ضلعي آفيسرن ۽ پوليس اهلڪارن کان سگهارا آهن؟ جو هن مهل تائين نه ته ڏوهارين کي سزائون آيون آهن نه ئي نشي جي اڏن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ان ڳالهه مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس اهلڪار خود ان ڪڌي ڪم ۾ ملوث آهن. اهي اڏا پوليس جي سرپرستيءَ هيٺ هلن ٿا، جن جي ڪمائي انهن وٽ رسي ٿي، ۽ اهي سزائون لاچار۽ بي ڏوهي غريب ماڻهن کي ڏين ٿا، ڇو ته انهن لاءِ پئسو ئي سڀ ڪجهه آهي. غريب ماڻهو جيئي يا مري، تنهن سان اُنهن کي ڪو سروڪار ناهي.

زندگي هر انسان کي پياري هجي ٿي ۽ هر انسان زندگي کي ڀرپور نموني گذارڻ گهري ٿو ۽ پنهنجي زندگي سنوارڻ گهري ٿو، پر اسان جي نوجوانن کي اهڙو ڪو پليٽ فارم ناهي مهيا ڪيو ويو، جنهن سان هو پنهنجي زندگي سنواري سگهن. جتي خواب ٽُٽندا ۽ خواهشون اڌوريون رهجي وينديون هجن، اتي اسان جا نوجوان پنهنجي فرسٽريشن ختم ڪرڻ لاءِ غلط رستو ئي اختيار ڪندا.

آءِ جي سنڌ کي گهرجي ته منشيات جا اڏا کوليندڙن کي سخت سزائون ڏي ۽ انهن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي پنهنجي عهدن تان ئي فارغ ڪري ته جيئن بي ڏوهي غريب عوام سانحن کان بچي پوي ۽ سندن حياتيون اجل جو شڪار نه ٿين.

drrabiachandio@gmail.com

 

 

امتحان ۾ ڪارتوسي سامراجيت: ڇا تعليمي معيار ڪڏهن بهتر ٿي سگهندو؟: شوڪت لوهار

تعليمي بگاڙ جي ٻين معاملن تي پوءِ ٿا ڳالهايون، پر جهٽ گهڙي لاءِ اچو اسان سڀئي پنهنجي مَن اندر ۾ جهاتي پائي ڏِسون ته هِي جيڪو ڪجهه اسين ڪري رهيا آهيون، ڇا اِهو ڪنهن به طرح قانوني ۽ اخلاقي حوالي سان جائز آهي. هي ڪاپي ڪلچر جو زهر، جيڪو اسان پنهنجي نوجوان نسل جي نڙين ۾ لاهي رهيا آهيون، توهان ڇا ٿا سمجهو ته انهيءَ سان ڪهڙا معياري ماڻهو ٺهندا؟ ڪهڙا اهڙا ماڻهو تيار ٿيندا، جيڪي وڌندڙ ۽ ٿڪائيندڙ مسئلن جي هِن انبار لاءِ ڀرجهلو ٿي سگهندا؟

جيڪڏهن اوهان مان واقعي ڪو اهلِ دل ۽ اهلِ قلم انسان پنهنجي شعور ۽ ضمير جي سچائي سان هِن امتحاني طريقيڪار جو انڪار ڪري ته ڇا اسان وٽ ڪاپي ٿي سگهي ٿي؟ هِن ڏوهه ۾ اسين سڀئي برابر جا شريڪ آهيون. اسان جيڪي چئني طرفن کان مسئلن جي ور چڙهي چڪا آهيون ۽ ڏينهون ڏينهن انهن مسئلن جي دلدل ۾ وڃون ٿا غرق ٿيندا. اسان جيڪڏهن ٻيو ڪٿي نه تڏهن به پنهنجي ضمير جي عدالت آڏو ته جوابده ضرور آهيون.

23 مارچ تي اسان وڏا جشن ملهايا ۽ ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ دشمن لاءِ موت جو پروانو سڏائيندڙ خطرناڪ هٿيارن جو نماءُ ڪري ڏيکاريو، پر هِي جيڪو ڪجهه امتحانن ۾ اسين ڪري رهيا آهيون، اِهو دنيا ۾ اسان جي ڪهڙي ناماچري پيدا ڪندو؟

انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته علم حقيقت ۾ انسان جي ٽئين اک آهي. علم انسان کي اُهي اُهي ادراڪ ڏئي ٿو، جنهن لاءِ ماڻهو سوچيندي ٿڪجي وڃي. علم شناس ۽ ساڃاهه جو نالو آهي، علم پرک ۽ پرڀات جو نالو آهي، جيڪا غلاميءَ جهڙي ڪاري رات کان نجات جو ڪارڻ بڻجندي آهي. صحيح علم جي حاصلات ماڻهو ۾ تنقيدي شعور جي اجاگر ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجندي آهي. تنقيدي شعور ماڻهو کي سنئين واٽ ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ اُهي قومون دنيا ۾ فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ جهڙيون ٿينديون آهن، جيڪي پنهنجون صلاحيتون تعليم حاصل ڪرڻ تي خرچ ڪنديون آهن. بدقسمتي سان اسان وٽ تعليم ڪڏهن به سرڪار جي اهڙي اوليت ڪونه رهي آهي، جهڙي نموني پاڙيسري ملڪن يا ايستائين جو سارڪ ۾ شامل ملڪن وٽ آهي. اسين پنهنجي تعليمي نظام ۽ تدريسي طريقيڪار کي يورپ ۽ آمريڪا سان ڀيٽ ڪرڻ کان ته رهياسين پر رڳو اسين پاڙيسري ملڪن يا آفريڪا جي ملڪن جي قطار ۾ بيهي سگهون، تڏهن به بهتر آهي، پر افسوس ته ائين آهي ڪونه، خبر ناهي ته ڇا آهي. هِڪ رڍن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ آهي، جنهن کي ڪهڙي مهل ڪهڙو ڌنار، ڪهڙي مهل ڪهڙو ڌنار، خبر ناهي ڪهڙي غفا ۾ وڃي ٿو ڌوڪيندو.

اسين پائيڊ پائپر جي انهي ڪٿا جا ڪردار بڻجي ان جي پٺيان خاموشي سان ان جي سُر ۾ سرمست بڻجي اڳيان وڌندا رهون ٿا، پوءِ ڀلي هُو اسان کي ڪنهن درياهه يا سمنڊ ۾ لوڙهي اسان جي قسمت تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏي.

ڪتابي ڳالهين ۽ حوالن کان هٽي ڪري ڏسجي جهڙي نموني اسين سڀ ڪاپي ڪلچر جي ناسور جي خلاف هوندي به امتحان واري ڏينهن تي يا امتحان واري موسم ۾ انهن ڳالهين کي پٺي ڏئي سڀئي انهي ڊوڙ ۾ آهيون ”منهنجي ننڍڙي يا ننڍڙي جو پيپر الائي ڪيئن ٿيو، خبر ناهي ته ان وٽ سوال جو جواب پهتو الائي نه؟“ هي ڇا آهي؟ انهيءَ مڪروهه ۽ ڪُڌي ڪرت سان اسين ڇا ٿا سمجهون ته اسان جو ننڍڙو يا ننڍڙي جيڪڏهن اي ون گريڊ ۾ اچي به ويا ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو؟ ڇا هِن ڪارتوسي طريقي سان پاس ڪيل نسلن کي اِها سمجهه ۽ ساڃاهه به ٿيندي ته هِي جيڪو اسين گريڊ جو کارو ڪلهي تي کنيو آهي، انهيءَ ۾ ڪيترا سٺا ۽ ڪيترا گندا آنا آهن؟ ڇا اسين واقعي به پڙهيل لکيل آهيون؟ ڇا انهي کي پڙهائي چئجي ٿو؟

اسان جو ٻار اي گريڊ، اي ون گريڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ به هِڪ سادو خط/ اي ميل نه لکي سگهي، ڇا جُملا صحيح نموني سان ڳالهائي نه سگهي. پنهنجي تعارف ڪرائڻ مهل به ان کي خشڪيون پيون چڙهن ۽ هُو خوداعتمادي ۽ پنهنجو شعوري تشخص ئي وڃائي ويهي ته اِهو علم، اِها تعليم ڪهڙي ڪم جي؟

پهريائين ته عرض اِهو رکجي ته اسان جي ملڪ جي سڄي ساري تعليم دنيا کان ڪئين سال پٺ تي آهي، وري جيڪا حالت اسان جي صوبي سنڌ ۾ آهي، ان جهڙو حشر ته شايد ئي ملڪ جي ڪنهن حصي ۾ ٿيندو هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ تعليمي ادارا انهن ۾ پڙهائجندڙ نصاب ۽ انهيءَ نصاب مان لاڀ؛ اهي سڀئي پاسا اهڙا آهن، جن تي تفصيلي ڳالهائي سگهجي ٿو.

ڇاڪاڻ ته هِڪ پاسي جهڙي معيار جي چؤ پر ماڻهو پي ايڇ ڊي ڪري ٿو، اسان وٽ سماجي طور تي ان جي ڪا عزت ڪا ويليو ڪونه آهي، جيتري اسان وٽ ڊوگر ۽ يونيڪ جون گائيڊون وٺي مقابلي جو امتحان پاس ڪندڙ بيورو ڪريٽ جي آهي؟ هُو، جنهن ۾ ڪابه تنقيدي سوچ ڪونه آهي، اِهو ڪهڙا جهاز ٺاهي ڏيندو.

اسان وٽ پنجين ڪلاس کان وٺي ٻارهين ڪلاس تائين ساليانو امتحاني طريقو رائج آهي، جنهن ۾ ڪجهه درجا ته اهڙا آهن، جتي هڪڙي اسڪول جا استاد ٻين اسڪولن ۾ وڃي ماني کائي ايندا آهن ۽ زباني طريقي سان خانه پوري ڪندا آهن ۽ اِهو ٿيو امتحان، اها ٿي شاگرد جي ذهانت جي جاچ! ٻيو طريقو اِهو آهي جنهن سان هِڪ مخصوص پيپر سيٽ ڪري شاگرد کان مختلف مضمونن جا سوال پڇيا ويندا آهن، جن جا کيس جواب امتحاني ڪاپي تي لکڻا هوندا آهن. هَلو جيڪڏهن شاگرد اِهي سوالن جا جواب به ياد ڪري امتحاني ڪاپي تي ڇاپي اچي، تڏهن به اسان لک کٽيا، پر ان جي بلڪل ابتڙ انهن سوالن کي ڏسي جواب لکڻ لاءِ گائيڊن مان ڪارتوس ڦاڙي جواب کي امتحاني ڪاپي تي اُتاريو ويندو آهي ۽ اهو طريقو اسان جي ڪاليجن ۾ سورنهين درجي تائين مروج آهي ۽ اُن کي پاڙان اُکوڙڻ هينئر ائين ئي ناممڪن ٿي چڪو آهي، جيئن وفاقي حڪومت لاءِ لوڊشيڊنگ جو خاتمو!

امتحان وارن ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ رنگ برنگي گائيڊون ۽ حل ٿيل پرچا موجود هوندا آهن. انهي کان علاوه فوٽو اسٽيٽ مشينن وسيلي مائيڪرو يعني ننڍڙي سائيز جا ڪرايل نوٽس پڻ موجود هوندا آهن، انهيءَ کان علاوه نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ مائٽ خاص طور تي پنهنجي ٻار لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪندا آهن، ان کي صحيح طريقي سان ڪارتوس پهچرائي ڪاپي ڪرائي وڃي، جيئن هُو سٺا نمبر کڻي سگهي ۽ اڳتي هلي ڦاڙها ماري. اهڙي طرح يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جي حالت به اهڙي ئي ٿئي ٿي. ڪاليج جا استاد هر هڪ شاگرد کي ٺيڪي تي وٺن ٿا، انهن ٻارن جي والدين کان في پرچو توڙي سڀئي پرچا گڏائي هِڪ مخصوص رقم اڳواٽ ئي روڙي وڃي ٿي، باقي جيڪي ٿورا ڪي گهڻا مون جهڙا بي واها اميدوار هوندا آهن، اِهي امتحان ۾ اندر گائيڊون ۽ حل ٿيل پرچا کڻي ويندا آهن، ٻي صورت ۾ هلندڙ امتحان ۾ به ڊيل ڪرڻ جي سهولت موجود هوندي آهي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار اسڪول ڪاليج جا پٽيوالا ۽ استاد صاحبان سڀ شامل هوندا آهن. اهڙي طرح اسڪولي عمارتن، ڪاليجن ۾ امتحانن وارن ڏينهن ۾ ايتري رونق هوندي آهي جو ڄڻ لڳندو آهي ته ڪو ميلو لڳل هجي. اهڙي صورتحال ۾ اوهان کي اِهو منظر ڏسڻ  ايندو آهي جو اوچتو ٽيم نالي هِڪ فرشتن جو جٿو جيڪي امتحاني ناظم ۽ بورڊن طرفان مقرر ڪيل ڪي اهڙا ”دان شور“ يا تعلقي يا ضلعي جو ڪو عملدار پڻ ٿي سگهي ٿو، اچي ڪڙڪندا آهن ۽ امتحاني مرڪز ۾ ٿرٿلو پئجي ويندو آهي. وارو وارو ”ٽيم ٽيم“ انهيءَ آواز کانپوءِ امتحاني مرڪز ۾ جيڪا بي حرمتي انهي علم جي ٿيندي آهي، جيڪو ڳاڙهين، پيلين گائيڊن ۾ شامل هوندو آهي، اُن جو نوٽيس ڪهڙي نوٽس بورڊ تي هڻجي يا ڪنهن جي ضمير مٿان ان جو بار رکجي جو اسلاميات جي سوالن جي جوابن کي ڪٿي ڪٿي لڪايو ويندو آهي، تڏهن اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان هوندا آهيون، اِهو هڪ وڏو الميو آهي.

ٽيم نالي اُنهي مخلوق کي سڄو سال ڪڏهن به انهيءَ ڇاپي هنيل اسڪول يا ڪاليج جي ياد ڪونه ايندي آهي جو ڪنهن کان وڃي پڇا ڳاڇا ڪجي ته پڙهائي ٿي رهي آهي يا نه، باقي امتحان دوران وڃي گوگرن تان مٽي لاهڻ سان ڪجهه به ڪونه ٿيندو.

هي امتحاني منظرنامو هِڪ شاگرد جي علم يا حاصل ڪيل شعور جو تعين يا جاچ ڪرڻ جي بدران هِڪ مذاق لڳندو آهي. گذريل سال هِڪ ضلعي عملدار هِڪ شاگرد کي ڪاپي ڪرڻ تي ٿـــڦ وهائي ڪڍي هئي، جنهن جو بعد ۾ گهڻو چرچو ٿيو هو. اصل ۾ اِها چماٽ ان شاگرد جي منهن تي نه حقيقت ۾ پنهنجي منهن تي هنئي هئي، جو هن ڪاپي جي سامراجيت کي روڪڻ لاءِ اِهو حل ٺيڪ نه هو.

اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ڪاپي ڪلچر جي سامراجيت ختم ٿي سگهي ٿي. ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ هڪ نج انتظامي مسئلو آهي. سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين ۾ ڪاپي ڪونه ٿيندي آهي، فوجي ادارن ۾ ڪاپي ڪونه  ٿيندي، جيڪڏهن اسين روڪڻ تي اچون ته هي مسئلو حل جوڳو ضرور آهي، باقي امتحاني ڏينهن ۾ ٽيم ٺاهي ڇاپا هڻڻ سان اسان فقط سي آءِ ڊي ڊرامي جو ورجاءُ ئي ڪنداسين. باقي امتحاني سرشتي ۾ ڪوبه ستارو ڪونه اچي سگهندو.

واقعي والدين، استاد ۽ شاگرد امتحان ۾ ڪارتوسي سامراجيت کي روڪڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿيڻ گهرجن، پر انهي کان علاوه هي جيئن ته نج پاليسي ٺاهيندڙن جو مسئلو آهي، جيڪڏهن امتحاني سرشتي کي ٽه-ماهي، ڇهه ماهي امتحان ۾ ٽوڙيو وڃي ۽ سوالن جو طريقو موضوعي بقا ۽ معروضي ڪيو وڃي ۽ ان کي مشين ذريعي چڪاسيو وڃي ته ڪاپي جي ناسور مان ڇوٽڪارو ممڪن ٿي سگهي ٿو.

بورڊن مان پئسن تي ملندڙ گريڊن طرف به گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. بورڊن ۾ جيڪا ڪرپشن آهي ۽ پئسن عيوض مرضي جو گريڊ وٺڻ عام آهي، مرڪزي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ان طرف به ڏسڻو پوندو، پوءِ وڃي ڪنهن بهتريءَ جي اُميد ڪري سگهجي ٿي، باقي هي جيڪو ڪجهه اسين پڙهي رهيا آهيون ۽ طوطا بڻجي اڳيان وڌي رهيا آهيون، اِهو هڪ الڳ موضوع آهي، جنهن لاءِ آپريشن ضرب عضب جي ضرورت آهي.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

 

 

شهيدن جي رت جي آخري قسط

                 وزيراعظم نواز شريف  قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد نرمي کي رياست جي ڪمزوري نه سمجهن، دهشتگردي ۽ فتنو اسان کي منزل طرف وڌڻ کان روڪي نه ٿا سگهن، بربريت جو مظاهرو ڪندڙن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، شهيدن جي رت جي قرض جي آخري قسط ادا ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، دهشتگردن جي لاءِ ملڪ جي سرزمين تنگ ڪري ڇڏي آهي. هو اهڙي موقعي تي قوم کي مخاطب آهي جڏهن گلشن اقبال پارڪ لاهور جي افسوسناڪ سانحي سبب هر پاڪستاني جي دل زخمي آهي ۽ پوري قوم ڏک ۾ ورتل آهي. هن ياد ڏياريو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران پشاور، شبقدر، ڪوئيٽا، مردان ۽ٻين جاين تي پڻ دهشتگردن معصوم انسانن کي نشانو بڻايو. مون کي چڱي ريت اندازو آهي ته نرم هدفن کي نشانو بڻائي دهشتگرد ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا. مون کي خبر آهي ته پنهنجي پناهگاهن، پنهنجي تربيتگاهن ۽ پنهنجي انفراسٽرڪچر کان محروم ٿيڻ کانپوءِ باقي بچيل عنصرن پنهنجي ناڪامين ۽ مايوسين کي لڪائڻ جي لاءِ لڪي درسگاهن، تفريحگاهن ۽ عوامي جاين تائين اچي پهتا آهن.

قوم آڏو ان وچن کي ورجائڻ جي لاءِ حاضر ٿيو آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺي رهيا آهيون ۽ اهو حساب چڪايو پيو وڃي ۽ ان جي آخري قسط ادا ٿيڻ تائين اسان سک سان نه ويهنداسين. جون 2013ع ۾ حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن کان ئي اسان دهشتگردي جي خاتمي جو پڪو عزم ڪيو هو. ان ڳالهه تي افسوس  آهي جو اٽڪل 13 سالن تائين ڪنهن به ان خطري جي اکين ۾ ۾ اکيون وجهي نه ڏٺو. اسان جو عظيم دين امن، سلامتي، محبت ۽ ڀائيچاري جو دين آهي، اهو دين جنهن هڪ انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏنو آهي. اسان انهي رسول مقبول صه جا امتي آهيون جيڪو سمورن جهانن جي لاءِ رحمت بڻجي آيو، جنهن انسانيت کي حسن اخلاق، حسن ڪردار ۽ حسن عمل جو سبق ڏنو.الله ۽ رسول جي نالي تي لاقانونيت، جلاءُ گهيراءُ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، بدامني پکيڙڻ ۽ عام انسانن جي لاءِ، عام مخلوق جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ ڪنهن به طرح قابل قبول نه آهي. ان سلسلي ۾ رکيل نرمي کي رياست جي ڪمزوري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بيوسي نه سمجهيو وڃي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي آئيني ذميواري آهي.

هن وقت تائين حڪومت صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ته جيئن معصوم ماڻهن جا مذهبي جذبا اڀارڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪامياب نه ٿين پر واضح رهي ته اشتعال پکيڙڻ، نفرتن جي باهه ڀڙڪائڻ، فرقيواريت کي هوا ڏيڻ ۽ عوام جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندڙن کي ضرور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. گذريل ٽن سالن دوران حڪومت جي پڪي عزم، هٿياربند فوج، پوليس ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي جدوجهد ۽ عوام جي حمايت سان دهشتگردي جي وارداتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، اسان انهن کي ٻيهر ڪنڌ کڻڻ نه ڏينداسين، اسان انهن کي پاڪستان جي عوام جي جانين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين، دهشتگرد اهو نه وسارين ته عظيم پاڪستاني قوم هڪ فولادي عزم رکي ٿي، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون نه ان قوم جي پڪي ارادن کي ڪمزور ڪري سگهن ٿيون نه انهن جي وڌندڙ قدم روڪي سگهي ٿي.

سرحدي علائقن ۾ آپريشن جو حڪم، جنگ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تائين کڻي وڃڻي پوندي: نواز شريف

اسلام آباد/لاهور (بيورو/اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته گلشن اقبال پارڪ سانحي تي هر پاڪستاني جي دل زخمي آهي ۽ سڄو ملڪ ڏک ۾ مبتلا آهي. اسان کي خبر آهي ته دهشتگرد معصومن جي نشانو بڻائي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا. نواز شريف چيو ته اسان کي اها به خبر آهي ته دهشتگرد پنهنجي پناهه گاهن، بربيت گاهن ۽ پنهنجي انفرا اسٽرڪچر کان محروم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ درس گاهن، تفريح گاهن ۽ عوامي هنڌن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. عوام سان خطاب ڪندي نواز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهيدن جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ورتو ويندو. هن چيو ته دهشتگردن جي بي لچڪ رويي کانپوءِ آپريشن ضرب عضب جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن پنهنجون قربانيون ڏئي آپريشن ۾ وڏا مقصد حاصل ڪيا آهن. دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ تائين اسان جو مشن جاري رهندو. نواز شريف چيو ته اسلام امن، سلامتي ۽ ڀائيچاري جو دين آهي. اسان جي دين ۾ هڪ انسان جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آهي. هن چيو ته دهشتگردن کان حساب ورتو ويندو ۽ آخري قسط پوري ٿيڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين.27

وزيراعظم محمد نوازشريف جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس لاهور ۾ ٿيو جنهن ۾ گلشن اقبال پارڪ ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب ملڪ ۾ امن امان جي جملي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون اجلاس ۾ محمد شهبازسريف چوڌري نثارعلي خان رانا ثناءَالله خان خضرحيات گوندل، آءِ جي پنجاب مشتاق سخيرا سميت حساس ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي قيادت وزيراعظم نوازشريف کي گلن پارڪ سانهي جي حوالي سان شروعاتي رپورٽ پيش ڪرڻ سان تفصيلي بريفنگ ڏني آءِ جي پنجاب پاران اجلاس کي لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ سيڪيورٽي جي پسمنظر ۾ ورتل اپائن کان به آگاهه ڪيو وزيراعظم ان واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ۽ شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته گلشن اقبال پارڪ واقعو وڏو سانحو آهي پر اسان دسمن کي پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين دشمن پنهنجو انت ڏسي بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن هن چيو ته قومي سلامتي جا سمورا ادارا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان هر حال ۾ دهشتگردي کي آخري انجام تائين پهچائينداسين. اسان کي قوم جي حيثيت سان سمورن فرقن مان آزاد ٿي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو آهي وزيراعظم پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ته اسپتالن ۾ علاج هيٺ زخمين کي علاج سميت هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن سانحي جي شهيدن جي وارثن سان به مسلسل رابطو رکيو وڃي ۽ انهن جي مدد ڪئي وڃي.

 

پنجاب ۾ آپريشن شروع، ڪيترائي دهشتگرد ۽ سهولتڪار گرفتار، هٿيار ۽ بارود هٿ

راولپنڊي (اين اين آءِ) لاهور ڌماڪي کان پوءِ آرمي چيف جي هدايت تي سڄي پنجاب ۾ سيڪيورٽي ايجنسين دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو لاهور فيصل آباد ۽ ملتان ۾ 5 آپريشن دوران ڪيترائي دهشتگرد ۽ انهن جا سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا هٿيار ۽ گولابارود جو وڏو مقدار هٿ ڪيو ويو آهي آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي اجلاس ۾ لاهور ڌماڪي کان پوءِ پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو انٽيليجنس ايجنسين فوج ۽ رينجرز سان گڏجي لاهور فيصل آباد ۽ ملتان ۾ دهشتگردن خلاف گذريل رات کان وٺي سومر تائين 5 آپريشن ڪيا وڌيڪ معلومات جي روشني ۾ آپريشنز جو سلسلو جاري آهي آپريشنز دوران سيڪيورٽِ ايجنسين ڪيترن ئي دهشتگردن ۽ انهن جي مددگارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته هٿيار ۽ بارود به وڏي مقدار ۾ هٿ ڪيو ويو آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪائونٽر ٽيررازم ٽريننگ سينٽر پبي جو دورو ڪيو جتي هن پاڪ ترڪ گڏيل فوجي مشقن جو جائزو ورتو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪائونٽر ٽيررازم ٽريننگ سينٽر پبي جي دوري جي موقعي تي ٻن هفتا جاري رهندڙ پاڪ ترڪ گڏيل فوجي مشقن جو جائزو ورتو. پاڪ ترڪ گڏيل فوجي مشقون استور جي علائقي رتو ۽ جهلم ۾ ٿيون جڏهن ته ان ڏينهن ۾ ملڪن جي اسپيشل سروسز گروپن حصو ورتو.

 

تعليم ذريعي ئي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي سگهجي ٿي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ ڀرتيون صرف ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وڃن ڇاڪاڻ ته تعليم اهو واحد هٿيار آهي جنهن ذريعي دهشتگردن خلاف سٺي نموني جنگ وڙهي سگهجي ٿي، انڪري مان ڪنهن کي به ميرٽ تي سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس. هن اها ڳالهه اڄ سومر ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾ 66 ملين ڊالرن جي عالمي بينڪ جي سهڪار سان سنڌ گلوبل پارٽنرشپ فار ايجوڪيشن (ايس جي پي اي) پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ تعليم وارو سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، وڏي وزير جو يونيورسٽي اينڊ بورڊز وارو سيڪريٽري اقبال دراني، تعليم وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻيا شامل هئا. هن چيو ته اڃا به سنڌ صوبي ۾ ٽي هزار (3000) کان وڌيڪ اسڪولن جي بند هئڻ بابت رپورٽس مليون آهن. انهيءَ تي تعليم واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو ته 1100 نان وائيبل اسڪول صوبي ۾ موجود آهن جن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. جنرل مشرف جي دور ۾ ناظمن انهن اسڪولن کي غيرضروري طور تي تعمير ڪرايو هو. 200 آباديءَ تي ٻڌل ڳوٺ ۾ چار کان پنج اسڪول تعمير ڪيا ويا هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايتون ڏنيون ته هُو 1100 نان-وائيبل اسڪولن جي عمارتن جا تفصيل حاصل ڪري ته جيئن انهن جي بهتر طريقي سان استعمال کي ممڪن بڻائي سگهجي. هن چيو ته اها فهرست ضروري سفارشن سان گڏ پيش ڪئي وڃي. تعليم واري صوبائي سيڪريٽري چيو ته ٽيچنگ اسٽاف جي گهٽتائي ڪري تقريبن 2500 اسڪول سڄي صوبي ۾ بند آهن. هن چيو ته جڏهن سرڪار ڀرتيون تان پابندي هٺائيندي ته اسان ڀرتيون شروع ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي ٻئي حڪومتي دور ۾ اقتدار سنڀاليو، ان وقت 8000 اسڪول بند هئا پر سنڌ سرڪار جي مسلسل ۽ مربوط ڪوششن ۽ قدمن جي بدولت ڪيترائي بند اسڪول فعال بڻايا آهن پر اڃا به 2500 اسڪولن کي فعال بڻائڻو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ وڌيڪ اسٽاف آهي انڪري جن اسڪولن ۾ وڌيڪ اسٽاف آهي اتان کان انهن کي بند اسڪولن ڏانهن بدلي ڪيو وڃي. هن تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو کي هدايت ڪئي ته هُو ان مامري کي ذاتي طور تي ڏسي. ايس جي پي پروگرام بابت تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهي چيو ته اهو عالمي بينڪ جي 66 ملين ڊالرن جي ماليت وارو منصوبو آهي جنهن لاءِ ورلڊ بينڪ 22 ملين ڊالرن جي رقم جاري ڪري ڇڏي آهي. ان پروگرام جي مقصدن ۾ مانيٽرنگ اسٽريڪچر جو قيام جهڙو ڪارڪردگي، سرڪاري اسڪولن جي نظام ۾ شفافيت کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. هن چيو ته ان منصوبي ۾ سنڌ اسڪول مانيٽرنگ سسٽم جو قيام به شامل آهي، جنهن تحت ڊيٽا ڪليڪشن، تجزيا ۽ اسڪول ليول انڊيڪيٽرز جا انگ اکر بشمول شاگردن جي انرولمينٽ ۽ استادن جي موجودگي شامل آهي. تعليم واري سيڪريٽري چيو ته ڊيٽا ماهوار طور گڏ ڪرڻ پوندو ۽ ڪليڪشن آزاداڻي مانيٽرز تحت ٿيندي ۽ 30 جون 2016ع تائين چار ماهوار رپورٽس جنريٽ ٿي سگهنديون. تعليم واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو ته 225 مانيٽرنگ اسسٽنٽس يا جن کي سپروائيزر به چئي سگهجي ٿو کي آءِ بي اي جي ٽيسٽ ذريعي چونڊيا ويا آهن جيئن وڏي وزير هدايت ڪئي هئي. هن چيو آهي ته 29 جونيئر ڪلارڪن ۽ 11 ڊيٽا پروسسنگ آپريٽرز ۽ ٻيا هوندا. سنڌ جي وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته مانيٽرنگ سسٽم کي موثر طريقي سان هلايو وڃي. هن چيو ته ان جو مقصد مناسب تعليمي نظام آهي جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن سميت هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي.