تازيون خبرون

Daily Archives: March 1, 2016

 ممتاز قادري جي سزا تي احتجاج ڪرڻ بيوقوفي آهي:پرويز رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته ممتاز قادري جي موت واري سزا عدالتي معاملو آهي،انهيءَ تي احتجاج اجايو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستاني وڏا سمجهدار ۽ شعور وارا ماڻهو آهن،امن امان جي لاءِ ڪراچي جي شهرين وڏيون قربانيون ڏنيون آهن،اسانکي دهشتگردن جي سوچ کي ختم ڪرڻو آهي،دهشتگردي ختم ڪري ڪراچي جون روشنيون بحال ڪرائينداسين.سينيٽر پرويز رشيد جو چوڻ هو ته تربيت ۾ ڪوتاهي سبب معاشري ۾ بدامني وڌندي آهي،پر ماڻهن کي عدالتي فيصلي جو احترام جرڻ گهرجي،ممتاز قادري جي موت واري سزا تي احتجاج ڪرڻ اجايو آهي، پاڪستان کي لفظن جي جنگ گهڻو نقصان پهچايو آهي،ان لاءِ ماضي جي غلطين کي ٻهير ورجائڻ جي ضرورت ناهي.پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي حقن لاءِ پاس ڪيل بل بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ هو ته هڪ پاسي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڀيڻ،ماءُ ۽ ڌيئن تي تشدد ڪري ڪري رهيا آهن.ٻئي پاسي اهي ماڻهو بيٺا آهن، جيڪي ماءُ ڀيڻ ۽ ڌي جي مٿي تي هٿ رکي بيٺا آهن ۽ اسانجي حڪومت ٻئي پاسي بيٺي آهي ۽ اسانکي فخر آهي.

 

قتل جا هزارين ڪيس بحث هيٺ آهن پر ممتاز قادري جي ڪيس ۾ تيزي ڏٺي وئي: مولانا فضل رحمان

لاهور (اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي مرڪزي امير مولانا فضل رحمان ممتاز قادري جي ڦاهي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي ڦاهي جي قدمن جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته حيرت ان ڳالهه تي آهي ته قتل جا هزارين ڪيس بحث هيٺ آهن پر ممتازي قادري جي ڪيس ۾ تيزي ڏيکاري وئي آهي، مرڪزي ميڊيا آفيس مطابق هو پارٽي اڳواڻن مولانا امجد خان، حاجي سمش رحمان سمشي، محمد اسلم غوري، محمد مفتي ابرار سان ٽيليفون تي ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته ملڪ ۾ قانون عجيب آهي، ريمنڊ ڊيوس جنهن وطن جي رهواسين کي شهيد ڪيو پر ان کي رات جي پهر ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول ڏئي آمريڪا روانو ڪيو ويو، ريمنڊ ڊيوس قاتل هوندي قانون کان مٿانهون ٿي سگهي ٿو ته ممتاز قادري قانون ڇو لازم آهي، هن چيو ته ممتاز قادري دنيا مان لاڏاڻا ڪري ويو پر هو مسلمانن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو، هن چيو ته اولهه وارن کي راضي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

حڪومت پيٽرول ساڍا 8 روپيا سستو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم پيٽروليم جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي،پيٽرول ساڍا 8 رپيا ۽ ڊيزل ساڍا 4 رپيا في ليٽر سستو ڪيو ويو،پيٽرول جو نئوون اگهه 62.77 پئسا جڏهن ته هائي اسپيڊ ڊيزل جو اگه 71.12 هوندو.لائيٽ ڊيزل آئل ۾ 1 رپيو 97 پئسا في ليٽر ۽ هائي آڪٽين جي اگهه ۾ 3 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي،جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف گاسليٽ جي اگهن ۾ واڌ واري تجويز رد ڪري ڇڏي آهي.نئين اگهن تي عمل رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويو. نون اگهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ٿي ويو آهي.

 

شرمين عبيد چنائي کي آسڪر ايوارڊ ملڻ تي واڌايون ڏيان ٿو: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (اي پي پي) اطلاعات بابت وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو شرمين عبيد چنائي کي ٻيو ڀيرو آسڪر ايوارڊ کٽڻ تيمبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته شرمين عبيد قوم جي ذهين ۽ عظيم ڌيءُ آهي، جنهن ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. شرمين عبيد ثابت ڪيو آهي ته پاڪستاني ڪنهن کان گهٽ نه آهن، محنت ۽ سچائي سان وڏا وڏا ڪم سرانجام ڏئي سگهجن ٿا. پوري قوم ان عظيم ڌيءَ کي سلام پيش ڪري ٿو.

 

پي ٽي آئي پڇاڻي واري مرڪزي ارادي تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن واري قانون ۾ تڪراري ترميم ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته هن واعدي موجب، احساب ڪميشن جي قانون بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن ۾ صدارتي حڪمنامي ذريعي ڪيل ترميمون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عمران خان چيو ته آزاد احتساب يقيني بڻائڻ لاءِ قانون ۾ گڏيل ۽ موثر موسودو تيار ڪري صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن ۾ تڪراري ترميم سبب ڪميشن جي ڊي جي حامد خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

 

شرمين عبيد پاڪستاني عورتن جو ڪيس بهادري سان کنيو آهي،اسان جو ملڪ پنهنجي بهادر ۽ ذهين ڌيءَ تي فخر ڪري ٿو:بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستاني صحافي ۽ فلمساز شرمين عبيد چنائي کي غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل واري موضوع تي سندس ٺهيل فلم کي آسڪر ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، شرمين عبيد چنائي جي تيزاب هاري زخمي ڪيل عورتن جي زندگي تي ٺاهيل هڪ ٻي فلم 2012ع ۾ آسڪر ايوارڊ ماڻي چڪي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شرمين عبيد پاڪستاني عورتن جو ڪيس بهادري سان کنيو آهي ۽ اسان جو ملڪ پنهنجي بهادر ۽ ذهين ڌيءَ تي فخر ڪري ٿو، هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو به اهوئي مشن ۽ خواب هو ته پاڪستاني عورتون نه صرف ملڪي سطح تي پرعالمي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سماج ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلن، شرمين عبيد جي ڪاميابي ان ڳاله جو واضح ثبوت آهي ته پاڪستاني عورتون شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي ساڀيان طرف گامزن آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ئي ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن ملڪ ۾ پهريون ڀيرو آئيني ۽ قانوني تحفظ سان گڏ عورتن کي مخصوص سيٽن ذريعي پارليامينٽ جو ميمبر بڻايو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين تحت پارليامينٽ ۾ عورتن جي لاءِ مخصوص سيٽون رکڻ جو تصور ڏنو۽ بعد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جنرل سيٽن تي پڻ عورتن کي نامزد ڪيو، شهيد محترمه بينطير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم آهي، عورتن کي پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو اعزاز به پيپلزپارٽي ڏنو،هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ عورتن جي لاءِ فرسٽ وومين بينڪ، عورتن جي لاءِ ڌار پوليس ٿاڻا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ هاءِ ڪورٽن ۾ عورتن کي جج مقرر ڪيو۽ ان سان گڏ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ سماج ۾ بنا فرق ۽ مت ڀيد جي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ کين ملڪ جي مختلف شعبن ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو۽ سندن قائدانه صلاحيتن کي اجاگر ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته غيرت جي نالي تي قتل معاشري جي لاءِ داغ آهي، نوازشريف حڪومت غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل خلاف قانونسازي جي معاملي کي سنجيدگي سان ڏسي ۽ ان حوالي سان  گذريل سال سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان پيش ڪيل بل ۾ فوري طور وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي مشن کي اڳتي وڌائيندي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين سمورن شعبن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ڏيارڻ جي لاءَ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

 

ٿر پارڪر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري،فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 245 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، ٻن ٻارڙن جي وارثن ڊاڪٽرن تي لاپرواهيءَ جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو آهي، جڏهن ته ٻن مهينن دوران فوتي ٻارن جو انگ وڌي 245 ٿي ويو آهي.مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ ڏيٿا ۽ ڳوٺ ڀڪوئو جي رهواسي ٻن پورهيت موتي ڀيل جي ڌيءُ ڀواني ۽ ٻئي پورهيت جي ٻن سالن جي ڌيءُ روينا فوت ٿي ويون، جن جي وارثن سول اسپتال مٺي جي ڊاڪٽرن تي لاپرواهي جو الزام هڻندي اسپتال ٻاهران لاش رکي ڌرڻو هنيو.مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ پاٻوهر واسي آيت الله جي هڪ ڏينهن اڳ ڄاول ڌيءُ ۽ ڳوٺ مٺڙائو دل جي رهواسي سومار دل جي ڌيءُ مُنيزا فوت ٿي ويون. مٺي سول اسپتال ۾ پورهيت غلام نبي جو هڪ ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويون، جنهن بعد ٿر ۾ ٻن مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 245 ٿي ويو آهي.

 

پاڪستاني فلمساز شرمين عبيد چنائي ٻيو ڀيرو آسڪر ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) پاڪستاني فلمساز شرمين عبيد چنائي ٻيو ڀيرو آسڪر اڪيڊمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، 88 هين آسڪر ايوارڊن جي رنگا رنگ تقريب آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ ٿي، شرمين عبيد چنائي کي بيسٽ شارٽ ڊاڪيومينٽري جي ڪيٽيگري ۾ غيرت جي نالي تي قتل جي حوالي سان تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري ” اي گرل ان دي ريور: ڊي پرائس آف فارگونيس“ تي آسڪر ايوارڊ ڏنو ويو، شرمين اسٽيج تي پنهنجو ٻيو آسڪر ايوارڊ وٺندي انهن سڀني ماڻهن جو ٿورو مڃيو، جن ان فلم کي ان هنڌ تائين پهچائڻ ۾ سندس مدد ڪئي، شرمين جو چوڻ هو ته منهنجي فلم ڏسڻ کانپوءِ پاڪستاني وزيراعظم جو چوڻ هو ته جلد غيرت جي نالي تي قتل جهڙي مسئلي تي قانونسازي ڪئي ويندي ۽ اها هن فلم جي طاقت آهي، صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف ۽ ٻين حڪومتي شخصيتن شرمين عبيد کي ٻيو ڀيرو آسڪر ايوارڊ ملڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. واضح هجي ته ان کان پهرين شرمين کي 2012ع ۾ دي سيونگ فيس نالي فلم تي آسڪر ايوارڊ مليو هو.

 

بالي ووڊ مان هڪ فلم جي آڇ ٿي پر بولڊ منظرن سبب انڪار ڪري ڇڏيو: عروهه حسين

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا عروهه حسين چيو آهي ته کيس بالي ووڊ مان هڪ فلم جي آڇ ٿي هئي پر بولڊ منظرن سبب هن انڪار ڪري ڇڏيو، پاڪستاني جي حيثيت سان اسان جا ڪجهه اخلاقي قدر آهن،جن جي پاسداري ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هڪ انٽرويو ۾ عروهه حسين چيو ته منهنجي پهرين فلم کي جهڙِي ريت باڪس آفيس تي ريسپانس مليو، ان منهنجو حوصلو وڌايو، جنهن ۾ منهنجي ڪارڪردگي ڏسي ٻين ٻن فلمن ملڪ ۽ ٽو پلس ٽو ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو،سندس چوڻ هو ته منهنجي لاءِ سڀ کان اهم ڪردار ۽ ٽيم هوندي آهي، ان ڪري هر آڇ قبول ناهيان ڪندي، عروهه چيو ته اداڪارا ۽ ماڊل طور مونکي جيڪا عزت ۽ شهرت ملي آهي، ان مان مطمئن آهيان، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي وي ڊرامن ۽ ماڊلنگ سبب ته ماڻهو کيس سڃاڻندا هئا پر فلمن کانپوءِ ان ۾ واڌ آئي آهي، عروهه حسين چيو ته سٺي ڳالهه اها آهي ته ماڻهو ها ڻ ساڳئي قسم جون فلمون ڏسڻ نه ٿا چاهين ، جنهنن سان فلمساز به مختلف موضوعن تي فلمون ٺاهي رهيا آهن.

 

ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڏي مقابلي پاڪ ڀارت مئچ جي مخالفت ڪري ڇڏي

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڏي مقابلي پاڪ ڀارت مئچ جي مخالفت ڪري ڇڏي ڀارتي ميڊيا مطابق اپوزيشن جماعت ڪانگريس پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ درمشالا ۾ 19 مارچ تي ٿيندڙ ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي مقابلي جي مخالفت ڪندي ڌمڪي ڏني ته ڪنهن به قيمت تي هي مئچ نه ٿيڻ ڏني ويندي ۽ ان جي مخالفت ۾ احتجاج ريليون ۽ ڌرڻا هنيا ويندا پاڪ ڀارت مئچ بابت ڪانگريس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته درمشالا ۾ 19 مارچ تي ٿيندڙ پاڪ ڀارت مئچ جي خلاف سڄي رياست ۾ ڌرڻا هنيا ويندا ۽ ڪنهن به قيمت تي هي مئچ نه ٿيڻ ڏني ويندي.