تازيون خبرون

Daily Archives: February 24, 2016

ڪرائسٽ چرچ تي آسٽريليا مضبوط، ڪيويز تي شڪست جا بادل ڇانيل، آسٽريلوي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 131 رنسون گهربل

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا وچ م ڪرائيسٽ چرچ ۾ جاري ٽيسٽ م ڪينگروز مضبوط ٿي وئي. نيوزيلينڊ تي شڪست جا بادل ڇانيل اهن. آسٽريلوي بالرن جي شاندار بالنگ سبب ڪيويز ٽيم پنهنجي ٻين اننگز ۾ 335 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ان آسٽريليا کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 201 رنسن جو هدف ڏنو. جواب ۾ آسٽريليا گهربل هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ چوٿين ڏينهن ميچ ختم ٿيڻ تائين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 70 رنسون ٺاهيون هيون ۽ آسٽريليا کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ اڄ اربع تي آخري ڏينهن 131 رنسون گهربل آهن ۽ ان جون 9 وڪيٽون رهيل آهن، ڪيويز کي ميچ کٽڻ لاءِ 9 وڪيٽون گهربل آهن گذريل ڏينهن هيگلي اوول، ڪرائيسٽ چرچ ۾ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن نيوزيلينڊ پنهنجي ٻين اڌوري اننگز 121 رنسون 4 رانديگرن آئوٽ تي ٻيهر سروع ڪئي ته ڪين وليمسن 45 ۽ ڪوري اينڊرسن 9 رنسن تي کيڏي رهيا هئا. ڪوري اينڊرسن گذريل يڏنهن جي اسڪور ۾ رڳو 31 رنسن جو اضافو ڪري سگهيو ۽ 40 رنسون ٺاهي جيڪسن برڊ جي بال تي ڪلين بولڊ ٿي ويو. ان کان پوءِ ڪين وليمسن ۽ واٽلنگ پنهنجي ٽيم کي ٿورو سنڀاليو پر 97 رنسن جي انفرادي اسڪور تي ڪين وليمسن پڻ جيڪسن برڊ جي بال تي آئوٽ ٿي ويو. ٽم سائوٿي سندن آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جنهن ڪابه رنس نه ٺاهي. بي جي واٽلنگ اٺون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جنهن 46 رنسون ٺاهيون. هينري پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 66 رنسن تي آئوٽ ٿيو. ٽرينٽ بولٽ ڪيويز ٽيم جو آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو. واگز 3 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. ايئن نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي ٻين اننگز ۾ 335 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ان آسٽريليا کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 201 رنسن جو هدف ڏنو. آسريليا طرفان شاندر بالنگ جو مظاهرو ڪندي برڊ 5، پيٽننس 4 ۽ هاز ليو ووڊ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. آسٽريلوي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ اڄ اربع تي آخري ڏينهن 131 رنسون گهربل آهن جڏهن ته ان جون 9 وڪيٽون رهيل آهن. ڪيويز کي ميچ کٽڻ لاءِ 9 وڪيٽن جي ضرورت آهي. نيوزيلينڊ طرفان واحد وڪيٽ نيل واگنر حاصل ڪئي.

 

بحرانن جا بادشاهه حڪمران ۽ نيب جا پَر ڪٽڻ واريون ڳالهڙيون…!: جاويد ابڙو

حڪومت جي ادارن ۾ بدعنواني ۽ پنهنجا نوازي، اڪثر ڪري اهي ٻئي شيون هر دور ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو رهيون آهيون، جن کي ختم ڪرڻ جي نالي تي مختلف حڪومتن ڪيترائي قانون به جوڙيا ۽ ترميمون به ڪيون، انهن اصلوڪن توڙي ترميمي قانونن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ ٽربيونلز ۽ ڪميٽين جو قيام به عمل ۾ آندو ويو، پر انهن جو نتيجو مجرم کي ڏوهي قرار ڏيڻ ۽ احتساب ڪرڻ کان وڌيڪ سياسي انتقام جو ڪارڻ بڻيو، ڇوته اڪثر حڪومتن جي نيت ڪنهن جرم کي بنياد بڻائي پنهنجي مخالفن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جي رهي آهي، ملڪ ۾ هن وقت قومي احتساب بيورو جهڙي طرح ڪم ڪري رهيو آهي، ان جو ڪردار ظاهري طور تي ته ماضي کان مختلف محسوس ٿي رهيو آهي، پر وزيراعظم نوازشريف جي بيان کانپوءِ اهو تاثر پيدا ٿيو آهي ته موجوده حڪومت به نيب کي پنهنجي مرضي ۽ منشا موجب هلائڻ چاهي ٿي. شايد حڪومت اها ڳالهه ڀُلجي وئي آهي ته نيب آئيني ادارو آهي، جنهن کي پارليامينٽ جي منظوري سان جوڙيو ويو، ان ڪري اها ڳالهه ڪندي هٻڪ محسوس نٿي ڪري سگهجي ته قومي احتساب بيورو کي پارليامينٽ جو تحفظ به حاصل آهي، پر ملڪ جي ڪجهه اعليٰ شخصيتن ۽ بااثر ڪاروباري قوتن جي شڪايتن جي ڪري ان اداري تي آڱريون کڄڻ شروع ٿي ويون آهن. تقريبن هفتو اڳ ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو به نيب جي ڪارڪردگي تي ڇوهه ڇنڊيندي سنجيده قسم جا سوال اٿاريا آهن. ساڳئي وقت چيئرمين نيب قمر الزمان چوڌري به ان پسمنظر ۾ فوري طور تي اداري کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪجهه قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪا هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي ۽ اهو چئي سگهجي ٿو ته چيئرمين نيب جانبدار هجڻ کانسواءِ پنهنجي وهنوار ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هُن سڄي ملڪ مان مختلف ادارن جي ڪرپشن بابت تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن ۽ اهم ڪيس ڏهن ڏينهن اندر اڪلائڻ جو حڪم به جاري ڪيو آهي. جيڪي ڪيس جاچ جي مرحلي ۾ آهن، انهن کي به هڪ سال جي اندر ئي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ساڳئي وقت چيئرمين نيب ڪيترن ئي حڪومتي شخصيتن تي ڪيسن جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت ڪرڻ کانسواءِ ڪيس اڳتي واڌائڻ جو حڪم به جاري ڪيو.

وفاقي حڪومت نيب ۾ خاميون ختم ڪرڻ ۽ انهن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور به ڪري رهي آهي، اهي به اطلاع مليا ته نيب تي نظر رکڻ جي لاءِ رٽائرڊ يا حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نيب ڪنهن به سياسي شخصيت کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ انهيءَ خصوصي ڪميشن کان اجازت وٺندي، قانونن ۾ ترميم ڪرائڻ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ اتفاق راءِ سان بل پڻ آندو ويندو، نيب ڪميشن ۾ چيئرمين نيب ۽ هر ميمبر جو ووٽ برابر هوندو، جنهن بعد چيئرمين نيب جا حتمي اختيار ختم ٿي ويندا ۽ ڪنهن به ڪيس ۾ حتمي فيصلو چيئرمين نيب نه پر نيب ڪميشن ڪندي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ نيب ۾ اندروني طور تي ڪرپشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال سميت موجود خامين کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو ۽ نيب جي نگراني ۽ ڪارڪردگي تي نظر رکڻ جي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب سياسي شخصيتن جي گرفتاري کان اڳ نيب کي ڪميشن آڏو ٺوس ثبوت ۽ تفصيل رکڻا پوندا ۽ پوءِ ان بنياد تي ڪميشن ثبوتن جي روشني ۾ ڪارروائي جي اجازت ڏيندي. اهڙي قسم جي ڪميشن قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو به ڪيو ويو ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان حوالي سان اهم قدم کڻڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل ان اهم اجلاس ۾ اها تجويز به ڏني وئي ته ڪميشن ۾ اهل آفيسرن ۽ رٽائرڊ فوجين کي شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته قانوني ماهرن تجويز ڏني آهي ته قانونن ۾ ترميم لاءِ هڪ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي نمائندگي ڏني وڃي ۽ پارلياماني ڪميٽي طرفان گڏيل بل ايوان ۾ آندو وڃي، جنهن جي متفقه منظوري ورتي وڃي. واضح ۽ چٽن لفظن ۾ ڳالهه ڪجي ته اهو چوڻ غلط نه هوندو ته وفاقي حڪومت نيب جا هٿ ٻڌڻ ۽ چيئرمين نيب جا اختيار محدود ڪرڻ لاءِ نئين قانون ۾ اعليٰ سطح جو نگران بورڊ ٺاهڻ جي تيارين ۾ آهي، نيب پنجاب ۾ ڪرپٽ سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس خلاف گهيرو تنگ ڪيو ته وفاقي حڪومت به نيب جا اختيار محدود ڪرڻ لاءِ مشاورت ڪرڻ جو عمل شروع ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي، ڇوته نيب پاران ڪارروائين جو دائرو وڌائڻ تي وفاقي حڪومت پريشان ٿي وئي آهي ۽ نيب جا پر ڪٽڻ تائين وڃي ڳالهه پهتي، پر بظاهر ته حڪومت پاران نيب جا پر ڪٽڻ جي ڳالهين جون ترديدون ڪيون پيون وڃن، پر وفاقي سرڪار جي اهم وزير پرويز رشيد جيڪي بيان ڏئي رهيو آهي، ان مان سئو سيڪڙو پڪ ٿي رهي آهي ته حڪومت واقعي نيب کي ايترو مضبوط ۽ بااختيار ڏسڻ نٿي چاهي جو سندس هٿ ڪنهن وڏي حڪومتي شخصيت يا ان سان لاڳاپيل بااثر ڌرين ۾ پون، اهو ئي سبب آهي ته نيب جي ڪارروائين تي ڪرپشن ۾ وڪوڙيل ۽ اربين رپين جا لٽيندڙ ڌريون ان اداري خلاف هڪ زبان ٿي ڳالهائي رهيون آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ڌرين جا ڪم ۽ ڪرتوت هڪجهڙا رهيا آهن، پر مٿن سياسي ليبل مختلف لڳل آهي. نيب کي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت ڪرڻ کان روڪڻ جي تجويزن تي به غور ڪيو پيو وڃي، جنهن بعد صوبن ۾ ڪرپٽ عنصرن خلاف ڪارروائين جو اختيار صوبن کي ملي ويندو. سرڪاري ملازمن کي به نيب جي خوف کان آجو ڪرائڻ لاءِ مرڪزي توڙي صوبائي سطح جي حڪومت سرگرم ٿي چڪي آهي.

ملڪ ۾ عوامي سطح تي خاص ڪري اهو تاثر پيدا ٿيندو رهيو آهي ته هتي احتساب جو نظام تمام گهڻو هيڻو آهي، بدعنوان عنصر احتساب کان بچي وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن جي گناهن ۽ ڪارن ڪرتوتن جو ملبو ڪمرزو ماڻهن تي ڪيرايو وڃي ٿو ۽ حڪومت جو پنهنجو احتساب ۽ ان کان پڇاڻي جو عمل ته ٿيندو ئي ناهي. احتساب جي معاملي ۾ سياسي ڌرين جا خدشا گهڻو ڪري منفي ئي رهيا آهن، هرڪو چاهي ٿو ته هن کي نه پر ٻين کي پڪڙيو وڃي، ان ڪري ڀلي نيب تي نگراني لاءِ آزاد ڪميشن جوڙي وڃي، پر پوءِ به منفي تاثرن ۽ خيالن ۾ گهيريل سياستدانن جا خدشا ختم نه ٿيندا ۽ نه وري کُٽڻ جو نالو وٺندا. اها به شڪايت ڪئي وڃي ٿي ته نيب جو سمورو ڌيان سدائين سياسي حڪومتن ۽ سياستدانن تي رهيو آهي، پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ته اهو چوڻ ۾ دير نه ڪئي ته پنجاب جي ڪنهن به شهر ۾ ڪراچي جهڙي صورتحال ناهي ۽ ڪنهن کي به هتي نيب جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين، وڏي صوبي جي اهم وزير جي اهڙي ڳالهه ته صوبائيت واري فساد طرف اشارو ٿي ڪري ۽ جيڪڏهن ان قسم جي فساد کي ڇيڙيو ويو يا هٿي ڏني وئي ته اهو وفاق کي ڪمزور ڪرڻ برابر هوندو ۽ ان جون ذميوار اهي ئي ڌريون قرار ڏبيون، جيڪي فرقيواريت وانگر صوبن ۾ فرق ۽ ويڇا پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيون آهن.

بجاءِ حڪومت توڙي مخالف ڌر کي ڪرپشن جي معاملي تي هڪ ٿيڻ جي ان جي پاڙ پٽڻ ۽ پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ گهرجي، ڇوته اسان وٽ تقريبن اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو ته آمريت رهي آهي ۽ هاڻي جڏهن جمهوريت جو سلسلو شروع ٿيو آهي ته ان جو تسلسل اڳتي لاءِ جاري رکڻ خاطر بدعنوانين جهڙين سماجي برائين کي ختم ڪرڻو پوندو، پوءِ اها بيماري حڪومت، مخالف ڌر جي جماعتن يا بيوروڪريسي ۾ وچڙيل ڇونه هجي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته احتساب جو قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو ۽ بنا فرق جي هجڻ گهرجي، ڪير ڀلي ڪيترو به طاقتور ڇونه هجي، اهو جيڪڏهن ڪرپشن جهڙين سماجي برائين جو ذميوار آهي ته ان کي ڪنهن به قسم جي رعايت کانسواءِ فوري طور تي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ گهرجي، انصاف جي به اها ئي تقاضا آهي ته احتساب بنا ڪنهن فرق جي ٿيڻ گهرجي.

اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته جمهوري نظام ۾ حڪومتون به پارليامينٽ ۽ عوام جي آڏو جوابده هونديون آهن، بهترين عمل اهو ئي آهي ته ڪنهن به صورت ۾ پارليامينٽ کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو وڃي ۽ جمهوري روايتن ۽ قدرن کي هٿي ڏيڻ گهرجي ۽ اهو ان وقت ئي ممڪن بڻجي سگهندو، جڏهن احتساب کي سياست ۽ سياسي دڪانداري چمڪائڻ کان پاڪ رکيو ويندو، باقي حڪمران ته بحرانن جا بادشاهه آهن، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي معاملن ۾ هُو پاڻ هٿ سان بحران پيدا ڪري انهن کي حل ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن ۽ عوام ويتر مسئلن جي ور چڙهي ويندو آهي، سياستدان عوام سان سچا، مخلص، ايماندار ۽ مليل ووٽن جي لڄ رکندڙ ۽ ديانتدار آهن ته پوءِ کين احتساب جي عمل کان گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ڇوته پريشان ته انهن کي ٿيڻ گهرجي، جن عوام جي امانت قومي ناڻي کي لٽي ۽ ڦري پرڏيهه ۾ اربين رپين جا ڪاروبار ۽ اثاثا جوڙيا ۽ هتي لکين رپين عيوض نوڪريون وڪرو ڪيون، انهن عنصرن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ لاءِ نيب جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، پر ان جو اهو مقصد ناهي ته نيب کي ايتري ڇوٽ ڏئي ڇڏجي جو هو پاڻ احتساب کان آجو هجي ۽ هن لاءِ ڪرپشن جا دروازا کليل رکجن، بلڪه احتساب نيب جي مٿئين کان هيٺئين سطح جي عملدارن جو به ٿيڻ کپي، احتساب رڳو سياسي اڳواڻن ۽ جماعتن جو نه پر ملڪ جي بيوروڪريسي جو به ٿيڻ گهرجي، جن ۾ عدليا يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڇونه هجن، گڏگڏ ملڪ جي هر سياسي جماعت جي اڳواڻن کي گهرجي ته هو پاڻ کي احتساب لاءِ پاڻمرادو پيش ڪن ته جيئن هي ملڪ کي ڪرپشن فري ملڪ بڻائي سگهجي.

 

سادگيء ۾ ئي سچي سونهن آهي: شفيق شاڪر

موجوده دور جنهن ۾ هڪ طرف مهانگائيء عوام لاء مصيبت پيدا ڪئي آهي اتي ٻئي طرف ڪافي اهڙيون مصيبتون به آهن جيڪي اسان پنهن جي ڳچيء ۾ پاڻ وڌيون آهن جن مان هڪ وڏي مصيبت فضول خرچي آهي جنهن کي اسراف چيو ويو آهي ۽ اهڙن فضول خرچ ڪندڙ کي قرآن ڪريم ۾ شيطان جا ڀائر پڻ سڏيو ويو آهي.جهڙيء طرح بخيلي ۽ ڪنجوسائپ جي مذمت ڪئي ويئي آهي ساڳئي نموني ان جي ابتڙ فضول خرچيء کان به منع ڪندي اعتدال يعني وچٿرائيء واري واٽ اختيار ڪرڻ جو تاڪيد ٿيل آهي.اڄ جي معاشري  ۾ظاهري ڏيکاء ويک،ڪوڙو ڍونگ ۽ نمود نمائش اهڙيون ته پاڙون پختيون ڪيون آهن جو انهيء مرض ۾ نه رڳو امير مبتلا آهن پر غريب به انهيء کان نه بچي سگھيا آهن.جڏهن انهن اجاين خرچن جو ڪو جواز پڇيو ويندو ته جواب اهو ايندو ته “ماڻهو ڇا چوندا، آخر دنيا سان گڏ هلڻو آهي.” دنيا سان گڏ هلڻو آهي پر ڪهڙي قيمت تي! پنهن جو گھر ٻاري ڏياري ڪجي يا پرائو محل ڏسي پنهن جو ڀونگو به ڊاهي ڇڏجي.اها ڪهڙي عقلمندي آهي؟هونئن ته اسان جي زندگين ۾ فضول خرچين جي ڪا حد ۽ حساب ئي ناهي پر خاص طور تي شاديء جي موقعي تي اسان اهو ئي سمجھندا آهيون ته شادي آهي ئي ان ڪري ته ان ۾ اجايو پئسو ضايع ڪيو وڃي ۽ دنيا توڙي اوڙي پاڙي وارن کي ڏيکارجي ته شادي هيئن ٿيندي آهي!جواز اهو ٻڌايو ويندو ته خوشين جا موقعا بار بار نٿا اچن.

برابر صحيح آهي ته خوشين جا موقعا ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا،انهن کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ ۽ انجواء ڪرڻ تي به ڪنهن کي ڪو اعتراض نه هئڻ گھرجي پر سدائين پنهن جي سوڙ آهر پير ڊگھيرڻ واري اصول تي عمل ڪرڻ سان ئي پائيدار خوشي حاصل ٿئي ٿي.اها ڪهڙي ڏاهپ آهي جو ڳرا قرض کڻي وقتي طور تي شور شرابو ٿيو، وڏو ڪاڄ ٿيو،وڏا هال ڪرايي تي ورتا ويا، شاندار وليمو به ٿي ويو، اڌ کان وڌيڪ کاڌو ڪن بکين جي پيٽ ۾ وڃڻ بدران زيان ٿي ويو.هاڻي شادي يا ڪاڄ کان پوء جڏهن قرضي اچي دروازو کڙڪائيندا ته خوشين جا سمورا احساس هميشه جي ڳڻتين ۾ بدلجي وڃن ٿا.زندگي بي بقا شيء آهي. خدانخواسته جيڪڏهن ان پريشانيء جي حالت ۾ ڪنهن کي موت اچي وڃي ته پويون اولاد ته قرضن هيٺ غرق ٿي ويو.جنهن وٽ وسيلا آهن اهي ڀلي پنهن جي حيثيت آهر خوشين تي خرچ ڪن پر قرض کڻي صرف ان ڪري فضول خرچيون ڪرڻ ته ماڻهو ڇا چوندا،اها ڪا سياڻپ نه آهي. ماڻهن جي زبانن کي ڪڏهن به بند نٿو ڪري سگھجي.

توهان ڀلي لک لٽائي ڇڏيو پر عيب ڳولهيندڙ اک کي ڪٿي نه ڪٿي ڪو عيب نظر اچي ويندو ۽ جن ڳالهين کان بچڻ لاء ايڏي وڏي فضول خرچي ڪئي ويئي اهي ڳالهيون ڦري سري اچي ڳچي ۾ پون ٿيون ته پوء ڇا اهو بهتر ناهي ته اسين ماڻهن جي نظرن ۽ زبانن کان مرعوب ٿيڻ بدران پنهن جي حيثيت مطابق ڪو فيصلو ڪيون؟ اڄ ڪلھ اهو به عام فيشن ٿي ويو آهي ته ڳوٺن جا ماڻهو به نمائش جي ان اجائي ڊوڙ ۾ وڏن شهرن ۾ وڃي وڏن هالن ۾ وليمي جون دعوتون ڪن ٿا،توڙي جو گھوٽ ۽ ڪنوار ٻئي ڳوٺ جا هوندا آهن. اهو لاڙو گھڻ طرفو خطرناڪ آهي. هڪ ته جيڪا دعوت پنهن جي اباڻي ڳوٺ ۾ ٿئي ٿي ان جو مزو ئي ڪجھ ٻيو آهي، ماڻهو پنهن جي ڳوٺاڻي تهذيب ۽ ثقافت سان ڳنڍيل رهي ٿو.شهرن ۾ ٻاهران آيل تهذيبن جا ڪجھ اهڙا رنگ به شامل ٿي ويا آهن جيڪي اسان جي پنهن جي ثقافت سان ميل نٿا کائين.هتي اهڙين ڪيترين ئي شين جا واضح مثال ڏيئي سگھجن ٿا پر هن مضمون جو موضوع اهو نه آهي،ڪوشش ڪجي ته پنهن جي ڌرتيء جي ثقافت جي اصل رنگن سان پنهن جو ناتو ڪمزور نه ڪجي. ٻي خرابي جيڪا شهرن ۾ دعوت رکڻ ۾ آهي سا اها ته ڳوٺ جا غريب ماڻهو انهن دعوتن ۾ يا ته پهچي نٿا سگھن يا وري وڏي مشڪل سان پئسن جو بندو بست ڪري اتي پهچن ٿا.

پنهن جي خوشيء جي لاء ٻين کي پريشانين ۾ وجھڻ به ته مناسب رويو نه آهي.ٽين خرابي اها آهي جو ڳوٺ جي مقابلي ۾ شهري هالن ۾ ڪاڄن تي ٻيڻ ٽيڻ تي وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو.اسان جي سماج جو اهو به هڪ الميو آهي ته غريبن جون ڪيتريون ئي نياڻييون صرف پئسو نه هئڻ سبب پنهن جا هٿ پيلا ڪرڻ کان رهجي وڃن ٿيون.ٻئي طرف جيڪو انهن وڏين شادين ۾ اجايو خرچ ٿئي ٿو انهيء جي هڪڙي حصي مان به ڪيترين ئي نياڻين جو ڏيج ٺهي سگھي ٿو پر جيئن ته اهو فرض اسان صرف سماجي تنظيمن تي وجھي ڇڏيو آهي سو اسان جو بحيثيت سماج ان طرف ڌيان بلڪل ئي نٿو وڃي.وليمو يا طعام ته پنهن جي جڳھ تي پر مون وليمي کان هڪ رات پهرين اهڙين پارٽين جو به مشاهدو ڪيو آهي جن ۾ استعمال ٿيندڙ شراب تي به لکين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا.بارود،گولن ۽ بتين تي جيڪو خرچ ٿئي ٿو اهو به لکن ۾ آهي.انهيء مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته رنگ برنگي قسمين قسمين کاڌن تي ڇا خرچ ٿيندو هوندو. اهي شيون سماج ۾  احساس محرومي، غرور، هٺ، وڏائي ۽ ڏيکاء جي روين کي جنم ڏين ٿيون.۽ جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو به انهن شوقن جو شڪار ٿي وڃي ته قرضن کان سندس زندگي زهر ٿي وڃي ٿي. ان جي بجاء سادگي جي پنهن جي سونهن آهي، سادگيء جي  ذريعي ماڻهو گھڻين پريشانين کان بچي وڃي ٿو. رهيو سوال ماڻهن جي ڳالهين جو ته  حاسد نه ڪنهن جي سکن تي چپ رهن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن جي سورن تي خاموش ٿين ٿا.کيسا خالي هوندا ته تماشو اڏائيندا ته سڃي وٽ ڪجھ ناهي پر جيڪر ڪنهن وٽ پنهن جي مڇي ماني هوندي ته چوندا ته پئسي دماغ خراب ڪري ڇڏيو اٿس.

 

 

سنڌ جي 40 سيڪڙو ٻارڙن جو اسڪول نه وڃڻ هڪ الميو…..!

سنڌ جي تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي سنڌ ۾ 40 سيڪڙو ٻار اسڪول نه ٿا وڃن جن کي اسڪولن طرف راغب ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون ۽ اسڪولن ۾ شاگردن جي گهٽ انرولمينٽ جو وڏو سبب استادن جي غيرحاضري، اسڪولن ۾ سهولتن جي اڻاٺ ۽ غربت پڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ يونيسڪو ۽ يونيسيف جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسڪولن ۾ استادن جي حاضريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بايو ميٽرڪ سسٽم شروع ڪيو ويو آهي ۽ اسڪولن ۾ سهولتن جي اڻاٺ کي پڻ ختم ڪيو پيو وڃي ان سان گڏو گڏ غربت سبب جيڪي شاگرد اسڪولن بدران مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن انهن کي اسڪولن طرف راغب ڪرڻ لاءِ مدرسن وانگر اسڪولن ۾ به هڪ وقت جي ماني فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون ته جيئن شاگردن جي انرولمينٽ ۾ پڻ واڌ ٿي سگهي ۽ اهي شاگرد جيڪي اسڪولن کان ٻاهر آهن اهي پڻ اسڪولن ۾ اچي تعليم حاصل ڪري سگهن. شاگردياڻين کي پڻ تعليم جون وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڇهين ڪلاس کان ڏهين جماعت جي شاگردياڻين کي وظيفو پڻ ڏنو پيو وڃي ۽ هن سال 3 لک شاگردياڻين ۾ 25 سئون رپين کان 35 سئو رپين تائين جو وظيفو ورهائڻ جو عمل جاري آهي. سنڌ واحد صوبو آهي جنهن نصاب ۾ پڻ ترميمون ڪيون آهن ۽ هن سال 7 جماعت جي نصاب ۾ پڻ ترميمون ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ ارلي چائلڊ ايجوڪيشن پڻ شروع ڪئي وئي آهي ۽ 3 سالن جي عمر وارن ٻارن کي پڻ اسڪولن ۾ داخل ڪيو پيو وڃي.

100 مان 40 سيڪڙو ٻارڙن جو اسڪول نه وڃڻ هڪ الميو آهي، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته بيانن تائين محدود هئڻ بجاءِ واقعي ۾ عملي قدم کنيا وڃن ته جئين رهيل 40 سيڪڙو ٻارڙا به علم جي لاٽ ٻاري پنهنجو مستقبل ۽ ملڪ جو مستقبل روش ڪن.