تازيون خبرون

Daily Archives: February 22, 2016

شاهه رخ ۽ عاليه ڀٽ جي نئين فلم جي تصوير جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جي اداڪاره عاليه ڀٽ سان نئين فلم جي تصوير جاري ڪئي ويئي آهي. ڀارتي ميڊيا ذريعن موجب شاهه رخ خان جي ان نئين فلم جو نالو اڃان نه رکيو ويو آهي، جي عڪسبندي شروع ٿي ويئي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ڄمار کان اڌ عمر واري ناري سان عشق ڪري ٿو. ٻئي اداڪار اڄ ڪلهه فلم جي عڪسبندي ۾ رڌل آهي ۽ سندن هڪ تصوير پڻ جاري ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ ٻئي فلمي ٽيم سان گڏ هڪ ٻيڙي ۾ موجود آهن. واضح رهي ته ٻئي اداڪار پنهنجن مختلف پراجيڪٽس تي سرگرمي سان ڪم ڪري رهيا آهن.

 

اداڪاره ايما واٽسن وڌيڪ پڙهائي لاءِ هڪ سال جو بريڪ وٺي ڇڏيو

لنڊن (شوبز نيوز) هيري پوٽر فيم اداڪاره ايما واٽسن وڌيڪ پڙهائي لاءِ اداڪاري کان هڪ سال جو بريڪ ورتو آهي. ايما چيو آهي ته هن اداڪاري کان ٻن سببن جي ڪري بريڪ ورتو آهي. جن ۾ جنڊر اسٽڊيز جي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پرسنل ڊوپلمينٽ شامل آهن. هن چيو ته هن ڏٺو اهي ته عورتن جا سيلف ايسٽيم جا مسئلا آهن. هوءَ عورتن جي حقن ۽ صنفي مساوات لاءِ جدوجهد ڪندي.

 

ابراهيم ڊي وليئرز ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ تيز ترين ففٽي جو پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

جوهانسبرنگ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقي بيٽسمين اي بي ڊي وليئرز انگلينڊ خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 21 بالن تي 50 اسڪور ٺاهي تيز ترين ففٽي جو پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو،جڏهن ته ان کان پهرين ابراهيم ڊي وليئرز 23 بالن تي ففٽي اسڪور ڪيو هو،ڏکڻ آفريقي بيٽسمين گڏيل طور تي 29 بالن ۾ 71 رنسون ٺاهيون ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي فٽبال زون ايڇ چئمپين شپ 2016ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ٽيم سوڀاري

ٽنڊوڄام (اسپورٽس نيوز) آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي فٽبال زون ايڇ چئمپين شپ 2016ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ٽيم سوڀاري، فائنل مئچ ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کي هڪ گول تان شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي، فائنل مئچ انتهائي دلچسپ رهيو، مئچ جي پهرين هاف ۾ ڪامل حنيف 2 گول ڪري پنهنجي ٽيم کي ٻن گولن جي برتري ڏياري، مئچ جي پهرين هاف ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيم مئچ جي اختتام کان 10 منٽ پهرين گول ڪري اسڪور 2-1 ڪيو، اهڙي طرح اهو مئچ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ٽيم هڪ گول تان کٽي ورتو. چئمپين شپ هائير ايجوڪيشن ڪمشن اسلام آباد جي تعاون سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ منعقد ڪئي وئي، زون ايڇ ۾ سنڌ جي 7 يونيورسٽين شرڪت ڪئي، جن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه، اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ٽيمون شامل هيون. چئمپين شپ جي زون مان ڪواليفائي ڪندڙ ونر ۽ رنر ٽيمون فائنل رائونڊ جي لاءِ لاهور ۾ ٿيندڙ انٽر يونيورسٽي جي فائنل رائونڊ ۾ شرڪت ڪنديون. فائنل جي مهمان خصوصي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ ونر ۽ رنر ٽيمن ۾ ٽرافي ۽ انعام تقسيم ڪيا ۽ زرعي يونيورسٽي جي ٽيم کي سوڀ ماڻڻ تي 20 هزار روپيا ڪيش پرائز ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ يونيورسٽي ۾ اسپورٽس جي فروغ ۽ سهولتن جي لاءِ پنهنجي پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته صحتمند معاشري ۽ صحتمند جسم لاءِ راندين جون سرگرميون ضروري آهن، هن وڌيڪ چيو ته جلد ئي سمورين هاسٽلز جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويندو، يونيورسٽي جي ڪوشش آهي ته شاگردن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار خانزادي مهمان خصوصي کي اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ۽ سمورن آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. فائنل مئچ جي موقعي تي چئيرمين اسپورٽس ڪميٽي ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر اعجاز کونهارو، ڊاڪٽر مولچند، هاسٽل پرووسٽ ڊاڪٽر رياض ٻرڙو، محمد علي سانگي، ممتاز جکرو، منظور مگسي، شوڪت سانگي، چاچا رضاءُ الله راجپوت، خرم رفيع، عقيل احمد ۽ ٻين مهمانن سان گڏ شاگردن جي وڏي انگ مئچ ڏٺو.

 

سنڌي ٻوليءَ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قومي درجو ڏيڻ جي گهرج: آفتاب ميمڻ

فيبروري جي شروع ۾ هر سال ڪراچي ۾ ”ڪراچي ادبي فيسٽيول“ ٿيندو آهي. گذريل ٻن ٽن سالن کان سنڌ جا سجاڳ ذهن هن تعصبي ميلي کان پري رهڻ لڳا جو هي ميلو ’ادبي ميلو‘ نه پر خالص ”اردو نواز“ ۽ پاڪستاني ٻولين کي پوئتي ڌڪڻ جي سازش طور سڃاتو وڃي ٿو. سڄي ساري ميلي ۾ نه ته ڪا ڪانفرنس نه ڪو سيشن سنڌي يا پنجابي يا بلوچي يا پشتو يا گجراتي ٻوليءَ جي اوسر ۽ بقا يا واڌاري لاءِ هوندو آهي نه ئي ڪو سنڌي يا ٻين پاڪستاني ٻولين جو ڪو اسٽال لڳل هوندو آهي. وري به ”حلق بگوش“ خانه خراب سنڌي دانشور بغلون ڪٽيندا ۽ هنڀوڇيون هڻندا شامل ٿيندا آهن. سواءِ هڪ بيدل مسروري بدويءَ جي ڪنهن کي ايتري به توفيق نه ٿي جو ٻه اکر ئي چون ته هي ”ميلو“ ادبي ميلو ته اصل نه آهي. هي ته صرف هڪ طبقي جو تماشو آهي يا وري ”ممي ڊيدي“ ثقافت جو اهڃاڻ آهي. عقل حيران آهي ته ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سرخ پرچم اڀو ڪرڻ وارا، حڪومتن ۽ آمرن جي ڏاڍ سان ويڙهه ڪرڻ وارا به هاڻ عمر جي هن حصي ۾ ”خانه بدوشي“ ڪڙڪ پتي چانهه پي ڪراچي ادبي ميلي جي ساراهه ڪن ٿا جڏهن وٽن خيرپور يونيورسٽي يا سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو يا حيدرآباد ۾ ساڳيو ميلو ڪرائڻ لاءِ ميدان موجود آهي. آڪسفورڊ پريس جون ته ڪي پاڙون هن ڌرتيءَ ۾ کتل ڪونهي پر اسان جي دوستن جون پاڙون پاتال تائين کتل آهن. هڪ شخص هيو طارق اشرف، مدد علي سنڌي ساڻس گڏ هوندو هيو پنڌ ۾- ڇا ته جادو جڳايو هيو طارق اشرف.

شابس هجي پنجاب جي دانشورن کي سلام پنجابي…. سلام… بيشڪ اوهان ان قابل آهيو جو جيئندا رهو. اسان جي ڪردار جا پرتو ته اسان جا دانشور آهن جي پنهنجي ولر کان وڇڙڻ مهڻو ڪو نه سمجهن جي کين ڪو لاڀ ملي چاهي ٺلهي واهه واهه هجي يا حُسنِ ڪمال يا ڪا ڪُرسي- ڪي فيشن ايبل مرد توڙي عورتون جن جو جيتوڻيڪ هڪ صفحو به ادبي حوالي جو نه اٿن نه ئي سندن اڀياس جي ڪا سند ملي ٿي پر وڏي فخر سان اردو پريس ۾ پاڻ کي سنڌي دانشور جي حوالي سان سڃاڻپ ڪرائي وڏي واڪي چون ته فلاڻو اسپيني، فلاڻو اطالوي، فلاڻو آفريقي ليکڪ سندن پسنديده ليکڪ آهي. سنڌي ادب…!! هونهه…. ڪهڙو سنڌي ادب! سنڌي ادب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇا آهي؟ انهن موقعي پرست سنڌي سڏائيندڙ سنڌڙين عورتن ۽ مردن جي قافلي کي ڪير چوڻ وارو ڪونهي جو اشراف ۽ باحيا تخليق ڪار هڪ ڪُنڊ جهليو اهڙن تضادن کان پاسي رهڻ جي ڪندا آهن ها، البته….

سلام آهي پنجاب جي دانشورن کي….

سلام آهي لاهورين جي عظمت کي….

سلام آهي اصغر نديم سيد ۽ مشتاق صوفي کي….

سلام آهي ڊان گروپ کي….

ڏسڻ وٽان ته لاهور جو ”ادبي ميلو“ آهي. ادبي ميلي جو پروگرام اربع 17 فيبروري 2016-20 جي ڊان ۾ تفصيلي ڇپيل آهي اُهو ڏسڻ سان ئي ئي معلوم ٿئي ٿو ته:

(1) هر ڏينهن هڪ سيشن يا ته پنجابي ٻولي ۾ آهي يا سرائيڪي ۾ آهي.

(2) حميد هارون، عمران اسلم، آءِ اي رحمان، خالد احمد، شجاع نواز، اصغر نديم سيد، نيئر دادا، شيري رحمان ضيا محي الدين، ڪميلا شمسي، شرميلا ٽئگور، مهيش ڀٽ ۽ پوڄا بٽ، احمد سليم ۽ ڪيترن ئي هفت پهلو شخصيتن جي محبتن ۽ پورهئي جو نچوڙ آهي ”لاهور ادبي ميلو“

(3) پروگرام پڙهندي پروگرام رٿيندڙن جي ذهن جي زرخيزي جي د اد ڏيڻي پوندي.

(4) پروگرام ۾ ملڪي، غير ملڪي دانشورن، ماهرن، ماهر تعميرات ماهر فنون لطيفه، شاعر، ناول نگار ۽ ليکڪ شامل آهن جن اردو، پنجابي توڙي سرائيڪي ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.

هي پروگرام هر طرح سان ڪراچي ۾ ٿيندڙ متعصب ۽ ڊيڊي- ممي ڪلچر واري ادبي ميلي کان مٿڀرو رهندو. افسوس صرف انهيءَ ڳالهه جو آهي ته سنڌي ماڻهو هنڀوڇيون هڻندو هر سال فيبروري جي مهيني ۾ بيچ لگزري هوٽل ڇو ٿو وڃي جڏهن اُتي هڪ به سنڌي ڪتابن جو اسٽال نه آهي. ٽن ڏينهن جي انهيءَ هنگامي ۾ هڪ سيشن به سنڌي ادب جو نه آهي. نه علي بابا، نه امر جليل صاحب، نه مدد علي سنڌي، نه نفيس ناشاد، نه غلام نبي مغل…. ڇو ٿا وڃو؟ ڇا توهان کي سمجهه ڪونهي ته ائين ڪرڻ سان توهان پنهنجي ئي مادري زبان کي انهن ٻولين جي لسٽ ۾ آڻيو ٿا جي معدوم ٿيڻ جي زمري ۾ شامل آهن.

”ٻوليون مرن پيون“ جي عنوان سان ڪجهه سال اڳ مون هڪ مضمون لکيو هيو جنهن ۾ اهو ٻڌائڻ جي ڪاوش ڪئي هئم ته ٻوليون ڇو مرنديون آهن. انهيءَ ليک ۾ اهو پڻ عرض ڪيو هئم ته سنڌي ٻوليءَ به آهستي آهستي انهيءَ ”مرندڙ ٻولين“ جي ذمري ۾ ايندي وڃي. انهيءَ جو وڏو ڪارڻ هڪ ٻي وڏي ٻولي جي سرڪاري سرپرستي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڌڪڻ جي منظم سعي آهي پر چئن سالن ۾ نقشو اڃان وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي.

ٻه ٽي سال اڳ آئون پنهنجي گهر واريءَ سان گڏجي حج تي ويس- تيسين منهنجو ڪتاب ”نيل نديءَ ڪناري“ ڇپجي چُڪو هيو. جده ۾ ڪجهه مائٽ ۽ دوست هيا تنهن ڪري ڪجهه ڪاپيون ساڻ کنيم. ڊي جي حج ابو عاڪف سيد کي به هڪ ڪتاب ڏنم. ابو عاڪف شين قاف ۽ نون غُنا واري درست سند يافته علم دوست قبيلي سان واسطو رکندڙ ماڻهو آهي. شايد انهيءَ ڪري ئي جذباتي انداز ۾ ڪتاب تي انتساب لکي ابو عاڪف کي ڏنم:

”ابو عاڪف سيدي لاءِ پيار مان- گواهه رهجانءَ ته جي سنڌي ٻولي ڪنهن وقت گم شده مُرده ٻولين ۾ شمار ٿيڻ لڳي ته اُن ۾ اسان جو هٿ ڪونهي نه ئي اسان ڪا ڪوتاهي ڪئي. صرف اسان جي ٻوليءَ کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي ۽ ڪمزور موت جو مسافر هوندو آهي. پر سيدي! مون پنهنجي وت آهر ٻوليءَ جي بقا لاءِ جاکوڙ ڪئي. گواهه رهجان.“  اکرن ۾ڪو ڀولو هوندو پر مطلب قريب قريب اِهو ئي هيو. ابو عاڪف پڙهي مون ڏي نهاري کلندي چيو:

”سر، هي ته اوهان جي جذباتيت آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو نه آهي.“

”ڪيئن؟“ پڇيومانس.

منهنجي لهجي جي ڳنڀيرتا کي محسوس ڪندي ابو عاڪف جي مُشڪ هڪدم ٽهڪن ۾ تبديل ٿي ويئي. کلندي چيائين:

”سر، جنهن زبان جا پنج ڪروڙ ڳالهائيندڙ هجن سا ڪيئن مري سگهي ٿي. آئون صرف سنڌ جي سنڌي ڳالهائيندڙن جي ڳڻپ ڪو نه ٿو ڪيان. سنڌ کان ٻاهر، ڀارت، هانگ ڪانگ، مليشيا، افريقا، ايشيا جا مختلف ملڪ ويندي لاطيني آمريڪا تائين توهان کي هر جاءِ تي سنڌي ملندا ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ملندا.“

مون ساڻس اختلاف ڪيو پر بحث مناسب ڪو نه سمجهيم. ڪجهه ريسرچ جي حوالي سان حقيقتون پيش ڪجن ٿيون.

ٻوليءَ جي ماهر مائيڪل اِي ڪرس جي چواڻي: ”صرف اُها ٻولي سلامت رهي سگهي ٿي جنهن جي ڳالهائيندڙن جون ايندڙ نسلون هڪ سئو سالن تائين اُها ٻولي ڳالهائين.“ هڪ اندازي مطابق دنيا جي مختلف ملڪن ۽ هنڌن تي ڇهه کان ست هزار ٻوليون رائج آهن جن مان هڪ امڪان آهي ته 90 سيڪڙو تائين ٻوليون صديءَ جي آخر تائين ختم ٿي وڃن. يعني ته هڪ سئو سالن کانپوءِ جي ڪره ارض تي آبادي رهي ته دنيا ۾ صرف 600 ٻوليون ئي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهنديون. ٻولين جي گم ٿيڻ جي شرح وقت سان گڏ ايترو ته تيز ٿي رهي آهي جو هڪ اندازي مطابق صرف پاڪستان ۾ ئي 2030ع تائين 18 کن اتر پاڪستاني ٻوليون پنهنجو وجود وڃائي چڪيون هونديون. هي اُهي ٻوليون آهن جن جا اصلوڪا ڳالهائيندڙ وڃي ڏهاڪن يا چند سون ۾ بچيا آهن ۽ پنهنجي ”ماتري ڀاشا“ ڇڏي علائقي ۾ موجود بااثر ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ٿي ويا آهن. يونيسڪو جي درجابنديءَ مطابق 2473 ٻوليون گمشدگي ڏي وڃي رهيون آهن ۽ اِها گمشدگي ايندڙ 30 سالن کان 40 سالن ۾ اچي سگهي ٿي. ڏسڻو اِهو آهي ته ڪهڙا عوامل آهن جن جي ڪري ٻوليءَ جي وجود کي خطرو آهي يا اچي سگهي ٿو. وڌيڪ ڏسڻو اِهو آهي ته ڇا سنڌي ٻولي انهي ”خطري منجهه“ آيل ٻولين جي زمري ۾ اچي ٿي. ڪوشش ڪندم ته واضح ڇيد مت پيش ڪيان جن جي بنياد تي آئون سنڌي ٻوليءَ کي خطري ۾ سمجهان ٿو. وڌيڪ مونجهاري کان بچڻ لاءِ صرف هڪ مستند تحقيق ڏي ڌيان ڇڪائيندم. ڪيمبرج يونيورسٽي پريس، خطري ۾ آيل ٻولين جو ڪيمبرج دستي ڪتاب يا Cambridge Hand Book of Endangered languages جي نالي سان شايع ڪيو آهي جو لسانيات جي ماهرن لاءِ هڪ مستند دستاويز آهي. انهيءَ دستاويز مطابق ڪنهن ٻوليءَ جي خطري ۾ هجڻ جا چار مکيه ڪارڻ آهن:

(1)  قدرتي آفات، بک، بيماري ۽ ڏڪار: ويجهڙائي ۾ 2004ع جي سونامي ۾ انڊمان جزيرن جون اصلي ٻوليون.

(2) جنگ ۽ قتلام: ماضي قريب ۾ نڪارا گويا جي “مسڪيٽو“ ٻولي، گوئٽي مالا جي ”مايان“ ٻولي توڙي آمريڪا جي اصل باشندن جي ٻولين جي گمنامي جو سبب.

(3) سياسي ناهمواري: جڏهن حڪومتون ڪنهن هڪ ٻوليءَ کي يا قومي ڪلچر کي واڌاري جي آڙ ۾ ٻين زبانن ۽ ڪلچرن کي پٺتي ڌڪيندي آهي. مقامي آمريڪي، مقامي آسٽريلوي ٻوليون، فرانس جي اليشيئن ٻولي، ترڪي جي ڪُرد ٻولي توڙي سنڌي ٻولي انهيءَ زمري ۾ اچن ٿيون.

(4) سياسي، سماجي، معاشي استحصال: هي صورتحال تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن هڪ سگهاري ٻوليءَ کي سرڪاري، سماجي ۽ قانون اهڙو اختيار ڏي ٿو جنهن تحت معاشي ۽ سماجي طور اڳڀرائي وٺڻ لاءِ باقي ٻولين جي ڳالهائيندڙن کي انهيءَ طاقتور ۽ سگهاري ٻولي جي ڪلچر ۾ ضم ٿيڻو پوي ٿو.

اسان ڏسي آيا آهيون ته 1 ۽ 2 تي ذڪر ڪيل صورت في الوقت سنڌ کان پري آهي سواءِ ان جي ته ٿر جا ڏڪاريل ٿري، توڙي بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي جا واسي جي سمونڊ ۾ زمين پائڻ جي ڪري بي گهر ٿي ويا آهن تن اچي ڪراچي وسايو آهي ۽ ويچارا ننڊ ۾ به ”همارا نام تو ڪڇ اور هي پر صاحب آپ مجهي شڪيل ڪهه لين ڪه سب شڪيل ڪهتي هين“ ويچارو ڊڄندو ته متان ڪنهن کي خبر پوي ته مان سنڌي آهيان. ائين ئي سنڌي ٻولي ويڳاڻي ٿيندي وڃي.

پر سنڌي زبان سان مسئلو اهو آهي جو نمبر 3 ۽ 4 تي ڏنل آهي. ورهاڱي وقت نئين ملڪ ۾ صرف ٻه ٻوليون هيون جي لکيون ۽ پڙهيون ويون ٿي. هڪ بينگالي ته ٻي سنڌي. متحده بينگال ۽ سنڌ ۾ اسڪول، ڪاليج توڙي يونيورسٽي تائين ۽ وري روينيو جو سرڪاري رڪارڊ به بينگالي ۽ سنڌي ۾ هوندو هيو. پنجابي ۽ سرائيڪي بابا فريد، ميان محمد بخش ۽ بهلي شاهه جي ڪلام جي ڪشش ڪري سنڌيءَ جيان عربي رسم الخط ۾ لکبي هئي پر ملڪ جون واڳون سنڀاليندڙ قوتن بينگالي ۽ سنڌي کي ڇڏي اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنو. جيتوڻيڪ اردو نئين ملڪ جي واسين مان ڪنهن به گروهه جي زبان نه هئي. ائين سرڪاري سطح تي مملڪتِ خداد هڪ ٻوليءَ کي هٿي ڏني ۽ ٻين ٻولين کي پٺتي ڌڪيو. ويندي 1973ع جي آئين ۾ اردو کي سرڪاري ۽ قومي ٻولي جو درجو ڏيئي اهو لازم قرار ڏنو ويو ته آهسته آهسته تمام سرڪاري ڪمن ڪارن ۽ وهنوار لاءِ اردو زبان استعمال ڪبي. مٿان وري لساني بل 1973ع  اهڙي ڪار ڪئي جو آهسته آهسته سنڌي ميڊيم اسڪول بند ٿي ويندا ويا. تعليم جو کاتو اردو ڳالهائيندڙن جي حوالي رهيو ۽ انهن اردو ٻوليءَ جي واڌاري ۽ عروج لاءِ هر ڪوشش ڪئي. اُها ئي تعليم جي وزارت جڏهين سنڌي ڳالهائيندڙ اڪثريتي پارٽي وٽ آئي ته هُنن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌالاجي ۽ اهڙن ٻين کاتن کي پويان ڌڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪا ڪوشش ڪو نه ڪئي پر سنڌ جي تعليم کي ئي تباهه ڪيو. ماهرِ لسانيات جو چوڻ آهي ته ٻولي تڏهن خطري ۾ هوندي آهي جڏهن اُن ٻولي کي واپرائيندڙ ماڻهن جا ٻار اُها ٻولي نه سکندا آهن نه ئي ڪنهن سماجي ۽ معاشي ٻنڌڻ تحت هو اِها ٻولي ڳالهائڻ تي مجبور ٿيندا آهن جيئن ”ميمڻڪي“ ٻولي جا سنڌي ۽ گجراتي مائل آهي پر گجراتي ميمڻن جي مضبوط معاشي ڏوريءَ جي ڪري نسل در نسل هلندي اچي. سنڌ واسين کي اپيل آهي ته پنهنجي ٻولي کي بچائين ۽ نام نهاد دانشورن کي نندڻ جي ڪن ته ڪنهن کي ته لڄ اچي لوئي جي.

 

آدمشماري پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجي.!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستاني وزيراعظم ميان نواز شريف جو بيان آيو ته آدمشماري ڪرائي ويندي.!جيڪا هڪ باعث اطمينان ڳالهه آهي.ڇو ته مٿان 2018ع واري اليڪشن اچڻ واري آهي.جيڪڏهن هن وقت آدمشماري ٿي ويندي ته اليڪشن به آدمشماري جي تحت بهتر نموني گهرائي سگهجي ٿي.حڪومت اليڪشن ڪمِيشن جي خط جي جواب ۾ آدمشماري واري اداري کي حڪم ڏنو ته چيئن صوبن اندر آدمشماري جي تياري ڪئي وڃي.ان ڪري انهي حڪومتي بيان اندر ڪجهه گهرائيپ ۽ سنجيدگي ڏسڻ ۾ نه آئي شايد اها ئي وجهه آهي جنهن جي ڪري پنجاب کي ڇڏي ڪري باقي صوبائي حڪومتون انهي ڳالهه تي بحث ڪري رهيون آهن ته هر حال اندر آدمشماري پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجي.ان ڪري حڪومت کي به اهڙا ٺوس بيان جاري ڪرڻ گهرجن جنهن سان هر دل مطعمين ٿي ته واقعي آدمشماري پنهنجي وقت تي ڪرائي ويندي.جڏهن ته 2016اندر هر حال ۾ آدمشماري ڪرائي وڃي.۽ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن به حڪومت کي آدمشماري ڪرائڻ لاءِ چئي رهي آهي ته مان سمجهان ٿو ته پوءِ اگر انهي آدمشماري ڪرائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي وئي ته ان جا تمام گهڻا نقصانڪار ٿيندا.اخباري بيانن مطابق ته اپوزيشن اڳواڻ سيدخورشيد شام آدمشماري لاءِ وزيراعظم جي خط لکيو هو.ان ڪري حيرت جهڙي اها آهي جو وزيراعظم اپوزيشن جي به ڳالهه نه مڃي آهي ۽ آدمشماري ڪرائڻ جو حڪم جاري نه ڪيو آهي.جڏهن ته ڏٺو وڃي ته آدمشماري آئيني انساني ضرورت آهي.۽ هن وقت وجوده حالتن اندر آدمشماري جي تمام گهڻي سخت ضرورت پڻ آهي.جيڪا اليڪشن ڪميشن جي آرٽيڪل 222ڪرائڻ جي پاپند آهي.2010اندر وزيراعظم يوسف رضا جي صدارت هيٺ آدمشماري جي حوالي سان هڪ اجلاس ٿيو هو.جنهن اندر آدمشماري ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.جنهن تحت خانه شماري2010۾ ۽ ڇهين آدمشماري2011ع جي مارچ مهيني ۾ ٿيڻي هئي.پر اها به ڪنهن وجهه سان ٿي نه سگهي.جڏهن ته فاٽا ۽ ڪي پي ڪي اندر حڪومت جي چوڻ مطابق پڻ 2009اندر آدمشماري ملتوي ڪئي وئي وئي.ملڪ جي آخري آدمشماري 1998ع ۾ ٿي هئي.جڏهن ته انکان پهرين هر سال يعني1951ع،1961ع1972ع،1981،۽ پنجين آدمشماري 1991ع ۾ ٿي هئي.جنهن ۾ ابتدائي مرحلي اندر خانه شماري جو ڪم مڪمل ڪيو ويو هو. انهي جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر770رپوٽون ناقبل يقين پيش ڪيون ويون هينون.جنهن تحت ان عمل کي روڪيو ويو هو.جڏهن ته هن وقت خانه شماري جي حوالي سان ملڪ اندر پاڪستان جي آبادي 81ملين مان وڌي ڪري 131ملين ٿي وئي آهي.واضع رهي ته 1991ع ۾ ٽي دعفا آدمشماري ملتوي ٿيڻ کان پوءِ هڪ مارچ 1998ع ۾ آدمشماري ٿي هئي.جنهن ڪري هاڻ 18سال ٿي چڪا آهن ۽ ڇهين آدمشماري ناهي ٿي.هاڻ جڏهن وفاقي حڪومت آدمشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ته آدمشماري جي حوالي سان وفاق چئني صوبن جي وزيراعليٰ کان راءِ طلب ڪندو يا پاڻ ئي آدمشماري جي حڪم جاري ڪندو.!ڇو ته هاڻ قومي آدمشماري ۽ خانه شماري کان انڪار جي ڪابه وجهه نه رهي آهي.اها بدقسمتي چئجي يا حڪمرانن جي نااهلي جو 18سال گذري ويا آهن جنهن دوران اڃان تائين ڇهين آدمشماري نه ٿي سگهي آهي.جڏهن ته اوهان خد اندازو لڳايو ته انهي 17يا18سالن اندر پاڪستان جي آبادي ڪيتري وڌي وئي هوندي.۽ ڪهڙن ڪهڙن شعبن اندر انساني زندگي جو ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ضرورت آهي.۽ ڪهڙن شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.جڏهن ته هن وقت حڪومت وٽ پاڪستان جي آبادي جو ڪو به انگ اکر موجود ناهي ان ڪري حڪومت هر شعبي اندر پنهنجون خدمتون اندازي مطابق ڪري رهي آهي.جڏهن ته حڪومت کي اها ته خبر ئي ناهي ته ملڪ اندر خوارڪ جي ڪيتري ضرورت آهي.ملڪ اندر عوام جي اعلاج لاءِ ڪهڙيون سهلتون هجڻ گهرجن ۽ عوام کي ڪهڙين سهولتن جي ضرورت آهي.قوم جي ٻارن جي تعلميم لاءِ ڪيترن اسڪولن جي ضرورت آهي.ڪيتريون اسپتالون هجڻ گهرجن وغيره.ان ڪري اهو ته يقيني آهي ته جيڪڏهن حڪومت کي عوام جي انگ اکرن ۽ تعداد جي پوري طرح خبر ئي ناهي ته پوءِ عوام ته ضرور پنهنجي حقن کان محروم رهندي.۽ اربين ڊالر بغير ڪنهن منصوبن جي خرچ ڪيا ويندا.ان ڪري شايد نئي ٿيڻ واري آدمشماري سان سمورا ڪم بهتر ٿي ويندا.ايندڙ اليڪشن ۾ حلقن واضع نيون تڪ بنديون ڪري سگهبيون.وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ صوبائي بچٽ جي ورڇ ته صوبي جي عوام جي انگ اکرن موجب ڪري سگهبي.جڏهن ته آدمشماري نه ٿيڻ جي ضرورت ۾ ڪهڙي خبر ته صوبن جي آبادي ڪيتري وڌي آهي ۽ کين ڪيتري بجٽ جي ضروت آهي.جڏهن ته وڏن وڏن شهرن جيڪي افغان مهاجرين رهن ٿا انهن جي به ڪيئن خبر پوندي ۽ پاڪستان پوري اندر ڪيترا ڌاريا آهن اها به خبر نه پئي سگهندي.جڏهن ته افغاني نه رڳو شهرن ۾ پر هاڻ ته هو سموري ملڪ جي ٻهڙاين ۾ به پنهنجي آبادي ڪري چڪا آهن.۽ جڏهن ته شهرن اندر هو پنهنجا وڏا وڏا بنگلا ۽ پلازا پڻ ٺهرائي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ڪاروبار سندن ڪنٽرول ۾ آهن.حيدرآباد شهر جي ڪا به اهڙي پل به رهيل آهي.جنهن هيٺ انهن جا ڪاروبار نه هجن.جڏهن ته اهي پناه گير پنهنجي پنهنجي ڪالونين اندر پهنهجون پنهنجون يونين ٺاهي ڪري پنهنجي پاڙون مظبوط ڪري رهيا آهن.جڏهن ته اهي به ناهي انهن افغاني مهاجرين کي ڪجهه سياسي حقلن جي به هٿي حاصل آهي.جڏهن ته آدمشماري نه ٿيڻ جي ڪري ڪراچي اندر جيڪا ڌارين جو لوڌ لٿل آهي ان جي به پوري طرح ڄاڻ نه ملي سهگندي.ان ڪري ملڪ مان هر وقت جي ڌارين جي لوڌ جي ختم ڪرڻ ۽ صوبن کي پنهنجي آئيني بنياد تي مطبوط ڪرڻ جي لاءِ آدمشماري جي سخت ضروت آهي جيڪا ڪهڙي به حال ۾ ٿيڻ گهرجي.جيڪڏهن سنڌ صوبي جا ماڻهو افغان مهاجرين کي پنهنجي مٿان بار نه ٿا سمجهن ته اهو جو اهو مقصد ته ناهي ته سنڌ جي عوام جي صبر جو فائدو وٺجي.ان ڪري جيڪڏهن هن وقت 2016ع ۾ اليڪشن نه ٿي ته مان سمجهان ٿو ته 2018ع ۾ ٿيڻ واري اليڪشن ۾ حڪومتن جي تمام گهڻي ڏکايائين کي منهن ڏسڻو پوندو.ڇو ته انهي 17سالن اندر آبادي ۾ بي پناه اضافو ٿيو آهي.۽ ملڪ روزگار کان ويندي معيشت ۽ تلعيم صحت جي باري ۾ مونجهاري جو شڪاري آهي.جنهن جي ڪري ۾ ملڪ اندر دهشتگردي،ڦرون،ڌاڙا،چوريون وڌي رهيون آهن.۽ شهرن پنهنجي بنيادي مسئلن کان به محروم آهي.شايد انهي بنياد تي وفاق کي ٿيندڙ آدمشاري تي جيڪڏهن ڪو اعتراض آهي ته پوءِ قوم جودشمن ٻيو ڪو نه پر وفاق ئي آهي.ان ڪري جيڪڏهن وفاق تي پاڻ تان اهو ليبل لائڻو آهي ۽ قوم ۽ ملڪ سان سچائي جو جو ٽبوت پيش ڪرڻو آهي ته کيس هن سال طعه ٿيل تاريخ تي آدمشماري ڪرائڻ گهرجي.

Mustafa.03333737575@gmail.com

 

 

پ پ طرفان ڪوٺايل اي پي سي جا فيصلا

سنڌ جي سياسي، مذهبي، قومپرست جماعتن سميت سول سوسائيٽي جي نمائندن ڪنهن به صورت ۾ آدمشماري ملتوي ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي، آل پارٽيز ڪانفرنس آدمشماري فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ ۽ ضلعي سطح تي نگران سينٽرز قائم ڪرڻ جون تجويزيون ڏئي ڇڏيون، جڏهن ته سنڌ ۾غير  ملڪي ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري هجڻ ۽ ٻين صوبن مان سنڌ ڏانهن ڪاهه ڪندڙن جي ڪري ڌرتي ڌڻين، اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي ساڃاهه وند  ڌرين نادرا پاران غير ملڪين کي قومي شناختي ڪارڊن جي نادرا ذريعي جاچ ڪرائڻ جي پڻ گھُر ڪئي وئي آهي. پيپلزپارٽِي سنڌ پاران ايندڙ مارچ مهيني ۾ وفاقي سرڪار پاران آدمشماري نه ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات ۽ خدشن بابت سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪالهه وزير اعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم، تحريڪ انصاف، فنڪشنل ليگ، مسلم ليگ ن، ق ليگ، عوامي جمهوري پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، ترقي پسند پارٽي، جسقم، قومي  عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽِي، جمعيت علماءَ اسلام (ف ). جماعت اسلامي، جماعت علماءَ اسلام پاڪستان، سول سوسائٽي ۾ سنڌ سرونٽ سوسائٽيز جي اڳواڻن ۽ آئيني ماهر پڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ميزبان جماعت طرفان سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، ناصر حسين شاهه، ڊاڪٽر سڪند منڌرو، مولا بخش چانڊيو، وقار مهدي، راشد رباني، نجمي عالم، لعل بخش ڀٽو، منظور عباس، رشيد چنه، صابر ڪاڪا، به شريڪ ٿيا،

آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ گڏيل ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي  ته سنڌ صوبي جي سياسي  ۽ مذهبي جماعتن جو هي اجلاس سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ته هڪٻئي پٺيان قومي مردمشمارين ۾ مختلف طريقن سان سنڌ جي  آبادي حقيقي آبادي کان تمام گهٽ ڏيکاري ويندي آهي. اجلاس ۾ پرڏيهين جي لوڌ جي مسلسل آمد تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. جنهن سان سنڌ جي وسيلن ۽ سهولتن تي دٻاءُ وڌندو پيو وڃي، اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته قومي مردم شماري ۾ ٻين صوبن کي ڇڏي آيل آبادي ڪندڙن ۽ پرڏيهي غير قانوني ايندڙن جي درست ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ ان ڳڻپ موجب سنڌ کي اضافي وسيلا فراهم ڪيا وڃن. سنڌ حڪومت سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي روڪٿام لاءِ ضروري قانسازي ڪري. اجلاس مطالبو ڪيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق ۽ صوبن جي مشاورت سان قومي مردم شماري جو هڪ شفاف ۽ قابل اعتبار طريقيڪار ۽ پاليسي جوڙي ۽ صوبن جي اندر قومي مردمشماري جي عمل جي نگراني صوبائي حڪومتن ذريعي ڪئي وڃي.  مردم شماري جي شروعات کان پڄاڻي تائين هر مرحلي جي ڪڙي ۽ گڏيل نگراني ڪئي وڃي. جيئن ته آبادي جا بلاڪ طئي ڪرڻ، ڳڻپ ڪندڙن جي مقرري صوبائي حڪومت  جي ذميواري،  نگراني ڪندڙن جي مقرري، مردم شماري جي رڪارڊ جي اسٽوري، ان رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن۽ پرنٽنگ وغيره،  اجلاس ۾ان ڳالهه جي مذمت ڪئي وئي ته قومي ڳڻپ واري اداري جي گورننگ ڪائونسل جي ميمبرن ۾هڪ کان علاوه باقي سمورن ميمبرن جو تعلق صرف هڪ صوبي سان آهي، اهي سموراماڻهو رٽائرڊ ماڻهو آهن.  اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو  ته ڪائونسل ۾ هر صوبي کي برابري جي نمائندي ڏني وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ماڻهن بدران مستقل سرڪاري ملازمن کي اهي ذميواريون ڏنيون وڃن.