تازيون خبرون

Daily Archives: February 21, 2016

مادري ٻوليون ۽ اسان جي ذميواري: سليم جروار

12فيبروري ماءُ ٻولين جو عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. يونيسڪو پاران هن ڏينهن کي 17 نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل ان بنگالي شاگردن کي ڀيٽاطور ملهائڻ جو اعلان ڪيو جيڪي شاگرد 21 فيبروري 1952ع تي پنهنجي ماءُ ٻولي کي پنهنجي اهميت ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ جو حصو هئا، ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پوليس ۽ فوج گوليون وسايون ۽ اهي ٻولي تان قربان ٿي ويا. نفرت جي ان جنگ جيڪي اڳتي هلي نتيجا ڏنا اهي اڄ به چٽا آهن، ملڪ جو اڌ حصو اسان کان الڳ ٿي ويو. پر پنهنجي ٻولي تان قربان ٿيل انهن شاگردن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ يونيسڪو ان ڏينهن کي ”ماءُ ٻولين“ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ان کانپوءِ هاڻ دنيا جون قومون هن ڏينهن کي ڀرپور طريقي سان ملهائين ٿيون.

سنڌي قوم پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي. سنڌي قوم جي ٻولي سان جذباتي وابستگي ان ڳالهه جي اُميد ڏياري ٿي ته هڪ ڏينهن سنڌي ٻولي کي پنهنجي اهميت ضرور ملندي، ادارا هجن يا انفرادي حيثيت ۾ سنڌي پنهنجي ٻولي لاءِ اونو رکن ٿا. پنهنجي پر ۾ هر ڪو ئي جاکوڙ ڪري ٿو، پر ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني مونجهارن باعث رياست جو اهم ڪردار آهي. ٻولي لاءِ اٿيل هي بلند آواز اقتداري ايوانن ۾ ويٺل ڪجهه فردن جي فيصلن باعث اهو معاملو هميشه نفرت ۽ تضاد وارو رهيو آهي، ان هوڏ ۽ انا جيڪي نتيجا ڏنا ان تاريخ مان سکڻ بجاءِ، اهي چند فرد الئه ڇو سمجهڻ لاءِ تيار ناهن؟ ان سلسلي ۾ 2010ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو پاران سنڌي ٻولي اٿارٽي جي ميزباني هيٺ محمد ابراهيم جويو جي سربراهي ۾ ٻولي ماهرن جي جوڙيل ”لئنگئيج ڪميٽي“ هڪ ڀرپور ڪيس ٺاهي منطق ۽ دليلن سان اها ڳالهه سمجهائي ته اهو تضاد رياست لاءِ ڪنهن به ريت فائديمند ناهي. ان ڪميٽي سمورين مادري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي سفارش ڪئي، تيار ڪيل اهو ڀرپور ڪيس قومي اسمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي تائين پهچايو ويو، پر اهو اتي ئي رد ڪيو ويو.

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي واري اهميت ڏيڻ واري تحريڪ هاڻ زور وٺي رهي آهي. ٻولي جي موضوع تي هن سال فيبروري ۾ مختلف اداران پاران ٿيندڙ ڪانفرنسون ۽ انهن ۾ ماڻهن جي دلچسپي ان ڳالهه جو ثبوت آهي. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٻين قومن جي ٻولي ماهرن ۽ ساڃاهه وند ڌرين آواز اٿارڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ ملڪ جي هر علائقي ۾ ٻولي معاملي تي بحث شروع ٿي چڪا آهن، جيڪي ضرور ڪنهن نتيجي تي پهچندا.

اڄ دنيا ۾ جتي به ڪروڙين سنڌي ڳالهائيندڙ رهن ٿا اهي پنهنجي ماءُ ٻولي جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر سنڌي ٻولي کي دنيا جي جديد ٻولين سان همڪنار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ۽ غير معمولي جاکوڙ جي ضرورت آهي. سنڌ جي شهرن ۾ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ حڪومت سان گڏ والدين ، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي کُلي اڳتي اچڻو پوندو. سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن کي وڌيڪ فعال ڪري تعليمي سرشتي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ٻولي کي مارڪيٽ جي ٻولي بنائڻ لاءِ جٽادار مهم هلائڻ به وقت جي ضرورت آهي. شهر اسان جا، خريدار اسان پاڻ پوءِ پنهنجي ٻولي جو استعمال اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ٻولي سان اهو رويو انتهائي خطرناڪ آهي پنهنجي ٻولي انهن ماڻهن جي ضرورت ۽ مجبوري بنائڻ لاءِ سمورين ڌرين کي اجتماعي توڙي انفرادي طور اڳتي اچڻو پوندو، ڇو ته جهڙي ريت ٻولي جون دشمن ڌريون طاقتور آهن ان جي ڀيٽ ۾ اسان کي وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻي پوندي.

بنگال جي نوجوان شاگردن جانين جو نذرانو ڏيئي پنهنجي ٻولي جي اهميت وڌائي اهڙي ريت اسان به پنهنجي ٻولي جي اهميت لاءِ جيستائين عملي طور اڳتي نه اينداسين تيستائين ان جي ترقي ته پري جي ڳالهه پر سلامتي به سواليه بڻيل رهندي، ادارا پنهنجي وس آهر ڪم ڪري رهيا آهن، ميڊيا جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي پر وڏي ذميواري اسان جي عام ماڻهو جي آهي جيڪو پنهنجي عام واهپي ۾ سنڌي کي اها اهميت ڏي جيڪا سنڌي ٻولي جي قدامت آهي. اداران سان گڏ حڪومتِ وقت، سول سوسائٽي ۽ عام فرد جو  به فرض آهي ته پنهنجي ماءُ ٻولي جي ترقي، واڌويجهه ۽ استعمال لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان کان پهرين جو چيو وڃي ته:

”الا ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.“

 

سنڌ جا ٻيلا سنڌ جي عوام جي خوشحالي جي ضمانت هيا: اصغر ملاح

سنڌ جي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته.ڪو وقت هو جڏهن سنڌو درياهه موجن ۾ هوندو هو سنڌو درياهه ۾ گهڻي پاڻي هجڻ ڪري سنڌ جي گهاٽن ٻيلن مان قدرتي آبهوا انتهائي خوشگوار ٿڌي رهندي هئي ڀلي سخت گرميون هجن اونهاري ۾ سنڌ ۾انتهائي گرمي ٿيندي آهي پر راتيون ايتريون گرم نه هيون جيتريون هاڻي راتيون گرم ٿين ٿيون تنهن وقت ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ساون وڻن جان گھاٽا ٻيلا هوندا هئا. ان ڪري سنڌ ۾ قدرتي آبهوا خوشگوار هوندي هئي هر وقت جي حڪومتن عوام دشمن ڪردار ۽ پنجاب جي بالا دستي هجڻ ڪري سالن کان سنڌ جي حصي جو پاڻي ڦٻائڻ جي لاءِ اهي سڀ رستا اختيار ڪيا ويا جنهن سان ڪنهن به طرح سنڌ جي پاڻيءَ کي غير قانوني طور تي روڪي سگهجي سنڌو درياهه مٿان ڊيم ٺاهڻ ۽ لنڪ ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻي کي روڪڻ جو اهو نتيجو نڪتو جو سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪپن ڀرسان سنڌ جا قديمي گھاٽا ٻيلا تباهه ٿيندا رهيا. رهيل ڪسر سنڌ جي ٻيلي کاتي جي ڪامورن ۽ سنڌ جي وڏيرن جي ملي ڀڳت سان ساوا گھاٽا ٻيلا وڍبا رهيا ۽ خالي ٿيندڙ زمينون بااثر وڏيرن ۽ جاگيردارن جي قبضي هيٺ هليون ويون نتيجو اهو نڪتو ڪچي جي ماڻهن جي گذرسفرجو ذريعو ختم ٿيندو ويو وڻ انساني جياپي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. وڻ ملڪ جي سونهن هوندا آهن آلودگي کان بچڻ لاءِ وڻن جو اهم ڪردار آهي ڪنهن وقت ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ساوا گھاٽا ٻيلا ۽ زرخيز زرعي زمينون هيون جيڪي ڪچي جي رهندڙ غريب ماڻهن جي روزگار ۽ پيٽ پالڻ جو ذريعو هجڻ سان گڏ انهن جي آمدني ۽ سنڌ جي خوشحالي جو باعث هيو سنڌ ۾ سنڌ جو عوام ساون گهاٽن ٻيلن مان ڪاٺ ، لاک ، کنئور ۽ ماکي حاصل ڪندو هيو. ان سان گڏ پنهنجي چوپائي مال جي پالنا سبب کير مکڻ جي پئداوار به حاصل ڪندو هو جنهنڪري کير مکڻ ماکي سنڌ جي شهرن جي مارڪيٽن ۾ وافر مقدار ۾ دسيتاب ٿيڻ ڪري انهن جا اگهه به مناسب هياجو هر غريب امير آساني سان واپرائي سگهندو هو ايتري قدر جو کير ۽ مکڻ ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن وڪرو ٿيڻ سبب ڪچي جو ڳوٺاڻو توڙي پڪ جي ملوند ماڻهو پاڻ کي گهڻو خوشحال تصور ڪندو هو. ڪو وقت هوندو هو.سنڌ ۾ ماکي ۽ مکڻ سوکڙي طور موڪلڻ جو ڪافي رواج هو جيڪو هاڻي گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو آهي پنجاب پاران سنڌو درياهه جو پاڻي روڪڻ سبب ساون گهاٽن ٻيلن جي واڍي سبب ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي سنڌ جي آبهوا کي وڏو متاثر ڪيو آهي دنيا جا سمورا ملڪ پنهنجي جا گرافيائي حدن ۾ ماحولياتي گدلاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن ڪيترن ئي ترقي يافت ملڪن ۾ وڻ جي وڍجڻ سان قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي آهي ته جيئن ساوا گهاٽا وڻ وڍجڻ کان بچي سگهن. اسان جو ملڪ عالمي ماحولياتي معاهدي جو پابند هوندي به ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ قدم نه کڻي رهيو آهي جيڪي کڻڻ گهرجن ته جيئن ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو نه ٿئي سنڌ ۾ سم نالي مان زهريلو پاڻي پيئڻ ڪري ڪيترا ئي انسان اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن اهڙا واقعا ڪيترائي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ رپوٽ ٿيا آهن. جڏهن ته سنڌ جو غريب مالوند ماڻهو جو روزگار لاءِ پاليل جانور ۽ مڇي جي مرڻ ڪري سوين ملاح روزگار کان محروم ٿي ويا آهن سنڌو درياهه جو پاڻي نه هجڻ ڪري جهنگلي قيمتي جيوت ، مڇي، پلو اڻ لڀ ٿي چڪو آهي جنهنڪري سنڌو ڪناري آباد مهاڻن هجن يا منڇر ڍنڍ سميت سنڌ جي ٻين ڍنڍن مان مهاڻن جا خاندان جن جو روزگار مڇي جوشڪار هيو اهي بيروزگاري سبب پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي شهرن ڏانهن لڏي ويا آهن جنهن جو سبب ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جو ڪيمڪل وارو زهريلو پاڻي جي ڇوڙ آهي. اهڙيون خبريون هرروز اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي. ته سنڌ ڌرتي لکين ڪروڙين قيمتي تندرت ساون جيرن وڻن کان محروم ٿي وئي آهي پر هر وقت جي حڪمرانن جي ڪنن تي جوءِ به نٿي چري قيمتي وڻ نم، ٽالهي، بيد مشق، ٻير، سرنهن، ٻٻر ۽ ٻيا ساوا وڻ ماحول کي پر سڪون دلڪش، خوبصورت بڻائڻ لاءِ وڻن ٻوٽن جي بنيادي حيثيت رهي آهي شاداب ۽ تندرست وڻ ماحولياتي گدلاڻ کي ختم ڪن ٿا.وڻ جو انسان سان ڄمڻ کان وٺي مرڻ گهڙي تائين ساٿ رهيو آهي هاڻي ته سنڌ جي قومي شاهراه ، انڊس هاءِ وي ۽ لنڪ روڊن رستن تي به هڪ وڻ نه ڇڏيو ويو آهي جو ڪنهن ايمرجنسي وقت ڪو اتان گذرندڙ مسافر ڪنهن وڻ هيٺان ويهي ٿڪ لاهي سگهي وڻ زمين جو زيور جانورن، پکين جو اجهو ۽ گهر آهن وڻ پکين جانورن کي تحفظ فراهم ڪن ٿا وڻ اونهاري جي گرمي سياري جي سردي کي مزاج مطابق گهربل درجي کي برقرار رکن ٿا وڻن سب برسات ۾ اضافو ٿئي ٿو تحقيق مطابق هڪ تندرست سائو جيرو وڻ ايتري آڪسيجن پيدا ڪري ٿوجنهن سان 30 ٻارن جي آڪسيجن جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين هر وقت جي سرڪار پاران ڪروڙين وڻ پوکيا ويا آهن ۽ انهن تي يقينن ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا هوندا پر افسوس جو اسان جي سنڌ ۾ وڻ نه هئڻ جي برابر آهن جيڪي ٿوڙا گهڻا بچيل آهن انهن وڻن کي بيدردي سان ڪٽيو وڃي ٿو جڏهن ته وڻن جي سنڀال لاءِ حڪومت طرفان فاريسٽ کاتو وجود ۾ آيل آهي جڏهن ته آبپاشي کاتي پاران ۽ داروغا بيلدار مقرر آهن جيڪي وڻن جي سار سنڀال ڪندا آهن هر سال بهار جي موسم ۾ لکين وڻ پوکڻ جي دعوا ته ڪندا آهن جيڪا صرف ڪاغذن تائين محدود هوندي آهي ڪراچي کان ڪشمور تائين ساون وڻن جي قاتلن جي گروهن لکين وڻ غير قانوني طور وڍي ختم ڪري ڇڏيا آهن ڪو وقت هيو سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن شهرن لنڪ روڊن، رستن، بئراجن، شاخن، ڪئنالن، واهن جي ڪپرن تي بيٺل 50 ساله پراڻا ساوا جيرا پوکيل هيا وڻ وڍجڻ سبب سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن جا رستا بغير ساون وڻن جي بي رونق ۽ ويران لڳڻ لڳا آهن راشي ڪامورن گهٽ نه ڪئي آهي. ڪئنالن ۽ شاخن تي بيٺل قيمتي وڻ به وڍرائي ڪئنالن ۽ شاخن جي ڪپرن ۽ ڳوٺن جي رستن پيچرن کي گنجو ڪري ماحول کي بيدردي سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي جنهنجو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ مارچ مهيني کان گرم ٿي وڃن ٿا ساون جيرن وڻن جي وڍجڻ سبب قدرتي موسم ۽ ماحول تي پڻ آلودگي جا خطرناڪ اثر پئجي ويا آهن سنڌ جي عوام جومطالبو آهي ته وقت جا حڪمران سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي توڙي سانوڻي ۽ بهار ۾ وڻن جي پوکي بابت رٿابندي ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي عوام ۾ وڻن بابت جاڳرتا پئدا ڪرڻ لاءِسنڌحڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت صرورت آهي ته جيئن سنڌ ۾ پئدا ٿيندڙ ڳنڀير صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي ۽ پنهنجا ٻيلا ٻيهر بحال ٿي سگهن جيڪي ئي سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي جا واحد ضامن آهن عوام احتجاج ڪري الزام هڻدي دانهيو آهي ته .سنڌ جي ٻين ضلعن جيان سنڌ جي قديم ضلعي دادو ۾ هر دور ۾ سرڪاري مختلف کاتن دادو ريلوي اسپتال ريلوي اسٽيشن پراونشل روڊس آفيس دادو زرعي فارم مليٽ باٽنسٽ سميت آبپاشي جي کاتي آفيسن ڪالونين دادو سول اسپتال ٻين کاتن جي ڪامورن عملي ملي ڀڳت ڪري لکين روپين جا قيمتي وڻ غير قانوني وڍرائي ڪاٺ جي واپارين کي وڪرو ڪرڻ سميت پنهنجي استعمال لاءِ فرنيچر ٺهرائي سرڪار کي لکين روپين جو نقصان ڏيندا رهيا آهن کين خلاف اڄ تائين ڪابه قانوني ڪاروائي عمل ۾ نه آئي آهي ان سميت ڪچي ڪاڇي جي مختلف علائقن مان سالن کان غير قانوني تندرست ساوا وڻ ڪٽجڻ معمول بڻيل آهي جتان هزارين مڻ ڪاٺ ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن شهرن جي باشعور عوام سجاڳ ڌرين غير قانوني ساون جيرن وڻن جي واڍي خلاف هر دور ۾ وقت به وقت شهرن جي مک چوراهن پريس ڪلبن اڳيان اڻ کٽ احتجاج ڪرڻ سميت لکت ۾ پڻ دانهيو آهي عوام جي احتجاج ڪرڻ ۽ دانهڻ باوجودوريوڪجهه به نه آهي ساڳيا لاٽو ساڳيا چڳهه واري ڪار لڳي پئي آهي سنڌ جي سڃاهه وندن سنڌ جي عوام وقت به وقت احتجاج ڪري سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس انتظاميه ٻيلي کاتي جي ملي ڀڳت رشوت وصولي سبب وڻن جو غير قانوني وڍڻ وارو سلسلو ختم ٿيڻ بجاءِ جاري آهي غير قانوني ساون وڻن جي واڍي بنا دير بند ڪرائي وڻن جي واڍي ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ گروهن ۽ ملوث سرڪاري عملي عملدارن خلاف اثرائتي فوري قانوني ڪاروائي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سنڌ جي تندرست ساون وڻن کي وڌيڪ وڍجڻ کان بچائي سنڌ حڪومت کي ڪروڙين روپين جي نقصان کان بچايو وڃي ته جيئن عوام کي ماحولياتي گدلائڻ کان هميشه لاءِ محفوظ رهي سگهي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي آبهوا کي خوشگوار بنائڻ لاءِ حڪومت کي اهو به ڪم ڪرڻو پوندو سنڌ جي عوام جائز مسئلن جي حل لاءِ بروقت نشاندهي ڪئي آهي ڪاروائي ڪرڻ جو اختيار سرڪار وٽ آهي عوام وٽ نه آهي.

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

گوگل تي سنڌي ٻولي

تازو گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اضافي واري خبر، ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ نوجوانن لاءِ سرهائيءَ جو سبب بڻي آهي، جنهن لاءِ ڪوششون ڪندڙن کي جَسُ ڏجي ٿي. انهيءَ سان نه رُڳو ترجمي ۾ آساني ٿيندي، پر گوگل ٽرانسليشن کانپوءِ سنڌي ماڻهن ۾ ٻاهريون ادب پڙهڻ سان پڻ چاهه وڌندو. بهرحال هن تمهيد جو مقصد اصل ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي واري اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. گذريل 16 سالن کان پوريءَ دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن 21 فيبروري تي ملهائجندو رهي ٿو. ان حوالي سان اڄوڪي ڏينهن کي پوريءَ دنيا ۾ اهميت جوڳو تصور ڪيو پيو وڃي. مادري ٻولين جي ملهائجندڙ ان ڏينهن جو پسمنظر حقيقت ۾ اڪثريت کان انڪار واري روش آهي، جڏهن بنگالين مٿان سندي ٻوليءَ بجاءِ ٻي ٻولي اختيار ڪرڻ جو بار وڌو ويو هو. جنهن کان انڪار جي نتيجي ۾ اُتي جي شاگردن سان جيڪو ڏاڍ ڪيو ويو، سو تاريخ جي سيني ۾ اڄ به محفوظ آهي- ۽ نتيجي ۾ ڇا ٿيو، تنهن جو ورجاءُ ڪرڻ اجايو آهي. بهرحال ٻوليءَ جي معاملي تان ٻري پيل چڻنگ بنگالين کي ڌار شناخت ڏيڻ ۾ وڏي مدد ڪئي ۽ اڄ دنيا جي نقشي تي بنگلاديش هڪ ديس جي صورت ۾ نروار بڻيل آهي. اهڙي هاڃي کان پوءِ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته باقي بچيل مُلڪ ۾ وسندڙ قومن جي محرومين جو ازالو ڪيو وڃي ها، پر افسوس ته ائين ڪونه ٿيو ۽ اڄ سوڌو مُلڪ جون ڪيتريون ئي قومون پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاجي راهن تي نڪتل آهن، پر انهن جي اهڙي احتجاج کي مانُ ڏيڻ بجاءِ سندن مطالبي کي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اها اسان جي بدقسمتي آهي جو هتي ڪڏهن به تاريخ مان سبق سکڻ جي روايت ناهي رهي، سو بنگال جي ورهاڱي واري هاڃي باوجود به ان رويي ۾ ڪو سڌارو نه اچي سگهيو آهي. ڏسجي ته دنيا جي کِلڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته سنڌ مان ڀارت لڏي ويندڙن جي مطالبي تي ته اُتي جي سرڪار سنڌيءَ ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو آهي پر صدين کان آباد هتي جو ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ مطالبن کان ويندي احتجاج تائين سڀئي عمل ڪري چُڪو آهي پر پوءِ به هتي جي عوام جي پُڪار نٿي ٻڌي وڃي. جيتوڻيڪ ان حوالي سان پ پ جي گذريل دؤر ۾ قومي اسيمبليءَ جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي سنڌي سميت مادري ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ بابت آئيني بل جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني هُئي، پر هن وقت تائين اهڙي بل جو ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي. ڏسجي ته ٻولين جي حوالي سان صوبن جي عوام کي هڪ وڏي وقت کان اها احساسِ محرومي رهي آهي ته سندن ٻولين کي علائقائي ٻولي قرار ڏئي انهن جي اهميت گهٽائي وئي آهي ۽ ڪنهن حد تائين سندن خيال درست به آهي. ڪي ٿورا ئي سال ٿيندا جو گڏيل قومن واري اداري هڪ رپورٽ پڌري ڪئي هُئي، جنهن ۾ دنيا جون هزارين ٻوليون ختم ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي هُئي. جيڪا يقينن پريشانيءَ جي ڳالهه آهي. ڇو ته ڪا به قوم اِهو نه چاهيندي ته سندن ٻولي ختم ٿي وڃي. ٻولين جي خاتمي جو ٻيو مطلب اُن قوم جو ئي خاتمو آهي. ظاهر آهي جڏهن ٻولين کي علائقائي قرار ڏئي اُن جي اهميت گهٽائي ويندي ته اُن سان ٻولي ڳالهائيندڙن تي پڻ اثر پوندا. اهي اثر اسان کي ڪراچيءَ جي اڪثر اسڪولن ۾ هينئر سان ئي نظر اچي رهيا آهن، جتي سرڪار جي اعلانن باوجود سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي. نه رُڳو ڪراچي پر سنڌ جي باقي شهرن ۾ هلندڙ پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کان شعوري توڻي لاشعوري طور لاتعلقي اختيار ڪئي پئي وڃي. تنهن ڪري اڄوڪي ڏينهن جي نسبت سان اسين سرڪار کي اِهائي صلاح ڏينداسين ته مُلڪ ۾ ڳالهايون ويندڙ مادري زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، انهن جي ڳالهائيندڙن مان محروميون ختم ڪيون وڃن. ڇو ته جيڪڏهن اِهي محرومين گهڻي وقت تائين برقرار رهن ٿيون ته اُن جا اڳيان هلي اهڙا اُڳرا نتيجا به نڪري سگهن ٿا، جن جو اسين ماضيءَ ۾ نقصان کڻي چُڪا آهيون.