تازيون خبرون

Daily Archives: February 2, 2016

ملائڪا اروڙا ۽ ارباز خان ۾ طلاق وارين خبرن جي ترديد

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ملائڪا اروڙا جي مئنيجر ارباز خان ۽ ملائڪا وچ ۾ طلاق جي حوالي سان ميڊيا تي آيل خبرن جي ترديد ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق ارباز خان ۽ سندس زال جي ڌار ٿيڻ واريون خبرون سرگرمي سان اچي رهيون هيون ته هو جلد ئي ڌار ٿيڻ وارا آهن پر ملائيڪا جي مئنيجر ميلني انهن خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته ٻئي زال مڙس هڪٻئي کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا ۽ محبت ڪن ٿا. واضح هجي ته تازو ئي اداڪار فرحان اختر ۽ سندس گهر واري ۾ علحدگي ٿي آهي.

 

سلمان خان جي نئين روپ متاثر ڪيو آهي: پريٽي زنٽا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريٽي زنٽا چيو آهي ته کيس سلمان خان جو نئون روپ تمام گهڻو پسند آيو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق 41 سالا اداڪاره ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي چيو آهي ته سلمان خان سان سيليبرٽي ڪرڪيٽ ٽيم 2016ع دوران مليس ته آئون کيس سڃاڻي ئي نه سگهيس. سلمان خان پنهنجي نئين فلم ”سلطان“ ريسلر جي ڪردار ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي ۽ سندس قد ڪاٺ نهايت شاندار آهي. واضح رهي ته علي عباس ظفر جي هدايتڪاري ۾ تيار ٿيندڙ فلم ”سلطان“ جي عڪسبندي جاري آهي جنهن ۾ انوشڪا شرما سلمان جي هيروئن هوندي. ڄاڻايل فلم عيدالفطر تي رليز ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

آئي سي سي پاران ٽي ٽوئنٽي جي رينڪنگ جاري،ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين نمبر تي اچي وئي

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري پاران ٽي ٽوئنٽي جي نيئين رينڪنگ جاري،جنهن سبب 8 نمبر تي موجود ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين نمبر تي اچي وئي.آئي سي سي پاران جاري ڪيل رينڪنگ مطابق ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ آسٽريليا کي وائيٽ واش ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم 10 درجا ترقي ڪري اٺين کان پهرين پوزيشن تي اچي وئي.جڏهن ته سيريز ۾ مات کائيندڙ آسٽريلوي  ٽيم ٻي کان اٺين نمبر تي هلي وئي،ويسٽ انڊيز ۽ سريلنڪا 118،118 پوائنٽن سان ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته انگلينڊ 4، نيوزيلينڊ پنجين،ڏکڻ آفريڪا 6 ۽ پاڪستان ستين نمبر تي موجود آهي.

 

پاڪستان انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي آخري گروپ ميچ سڀاڻي سريلنڪا خلاف کيڏندو

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان يوٿ ٽيم انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي آخري گروپ ميچ (سڀاڻي) اربع ڏينهن سريلنڪا خلاف کيڏندي. قومي ٽيم شروعاتي ٻئي ميچون کٽي ميگا ايونٽ جي ڪوارٽر فائنمل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. جڏهن ته سريلنڪا جي ٽيم ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پاڪستان پهرين ميچ ۾ افغانستان ۽ ٻئي ۾ ڪينيڊا کي شڪيت ڏني هئي.