تازيون خبرون

Daily Archives: January 22, 2016

وفاق دهشتگردي جو مسئلو عالمي سطح تي اٿاري ڀارت، افغانستان سان کلي ڳالهائي: پرويز خٽڪ

پشاور (اين اين آءِ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته وفاقي حڪومت دهشتگردي جو مسئلو عالمي سطح تي اٿاري، ڀارت ۽ افغانستان سان صاف ڳالهه ڪري ته هو پنهنجن سرحدن تان دهشتگردن جي اچ وڃ بند ڪري، دهشتگردي جي خاتمي۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي جي شڪار باچا خان يونيورسٽي چار سده جي ڪيمپس جو دورو ڪندي ڪيو، ان موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ مولانا لطف رحمان، صوبائي وزير سڪندر حيات، شير پائو، شاهه فرمان ۽ ميان جمشيد ڪاڪا خيل، ايم پي اي شوڪت يوسف زئي ان سان گڏ هئا، وڏي وزير دهشتگردي جي متاثر ٿيندڙ ڪيمپس جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ڪالهه ٿيل افسوسناڪ واقعي بابت ڄاڻ ورتي، وي سي باچا خان يونيورسٽي، چانسر ڊاڪٽر فضل رحيم کين واقعي بابت تفصيل ٻڌايو، ڪمشنر پشاور وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته حادثي ۾ شهيد ۽ زخمين کي معاوضو ڏيڻ شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي پي او چار سده سيڪيورٽي انتظامن ۽ واقعي ۾ يونيورسٽي جا گارڊ، پوليس ۽ فوج جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو، ان موقعي تي وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو يونيورسٽي جي سيڪيورٽي گارڊ، پوليس، فوج ۽ عوام جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جنهن ڄمي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، يونيورسٽي جي سيڪيورٽي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يونيورسٽي جي سيڪيورٽي بهتر هئي ۽ تربيتي يافته سيڪيورٽي گارڊ هئا جن دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، هن چيو ته تعليمي ادارن کي اڳواٽ سيڪيورٽي جي هدايت ڪئي وئي هئي، هن چيو ته دهشتگردي عالمي مسئلو آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ فنڊنگ ۽ ٻاهرين مداخلت ختم ڪرڻي پوندي، هن چيو ته وفاق سان اها ڳالهه طئه ٿي وئي هئي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 5 هزارن تي ٻڌل فورس قائم ڪئي ويندي جن مان هر صوبي ۾ هڪ هڪ هزار نفري مقرر ڪئي ويندي، هن ان ڳالهه تي افسوس ڪيو ته وفاق اڃاتائين اهو واعدو پورو نه ڪيو آهي، صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق کان مطالبو ڪيو ته ٻين صوبن مان ايف سي فورس جي دستن تي فوري طور واپس گهرائي صوبي ۾ مقرر ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ ايف سي جون خالي سيٽون ڀري ان لاءِ بهترين تربيت جو انتظام ڪيو وڃي، شهيدن ۽ زخمين کي معاوضو ادا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته واقعي جي شهيدن کي 20 لک ۽ زخمين کي چار چار لک ادا ڪيا ويندا، جڏهن ته زخمين جي علاج جو خرچ صوبائي حڪومت ادا ڪندي، ڪيمپس جي دروي کانپوءِ وڏو وزير شهيد ڊرائيور رحمان الله ۽ شاگرد آصف جي گهر ويو ۽ سندن ڏکايل وارثن سان تعزيت ڪئي، وڏو وزير ان کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اسپتال چار سده ويو جتي هن زخمين جي عيادت ڪئي، ان موقعي تي اسپتال جي ايم ايس زخمين کي ڏني ويندڙ بهترين سهولتن بابت ٻڌايو.

 

خبر آهي ته الطاف حسين، محمد انور ۽ ان جي ساٿارين کي ايم آءِ سڪس، سي آءِ اي جي مدد حاصل آهي: خالد شميم

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن جي جڊيسل ريمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي ويئي آهي گذريل ڏينهن جوبدار خالد شميم ۽ محسن علي کي جڊيشل ريمانڊ ختم ٿيڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي حڪومت پاران چارسده سانحي جي سوڳ جي اعلان سبب ڪيس جي وڌيڪ ٻڌني نه ٿي سگهي ۽ جوابدارن کي 14 ڏينهن جڊيسل ريمانڊ تي هڪ دفعو بيهر اڍيالا جيل منتقل ڪيو ويو ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 4 فيبروري تي ٿيندي. خانگي ٽي وي مطابق عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدار خالد شميم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خبر آهي ته الطاف حسين، محمد انور ۽ ان جي ساٿارين کي ايم آءِ سڪس، سي آءِ اي جي مدد حاصل آهي مان هي ڪيس عالمي عدالت انصاف ۾ کني وڃڻ چاهيان ٿو ان موقعي تي هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا اوهان هن ڪيس ۾ واعده معاف شاهد بڻجندا جنهن تي خالد شميم جواب ڏنو ته جي بلڪل هن چيو ته مون کي عوام جي مدد گهرجي.

 

باچا خان يونيورسٽي تي حملو افسوسناڪ عمل آهي، دهشتگرد انسان سڏائڻ جا حقدار نه آهن: سهيل انور سيال

ڏوڪري(رپورٽر)سنڌ جو گهرو وزير ڪالهه بنا پروٽو ڪول جي ڏوڪري تعلقي باقراڻي جي مختلف شهرن جا دورا تعزيتون ڪيو. صوبائي وزير خير محمد آريجا ۾ پ ٽ الف اڳواڻ سيد هدايت الله شاهه سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيتڪئي، ان مو قعي تي ساڻس گڏ پ پ اڳواڻ ۽ ڊسٽرڪ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ڊسٽرڪ ميمبر انجنئير طارق انور سيال ،سينئير صحافي سهيل وڙائچ ۽ ٻيا هئا. جنهن صو بائي گهرو وزير سهيل انور سيال شهيد محترم بينظير ڀٽو ميڊيڪل يو نيو رسٽي جو دورو ڪيو ۽ مختلف اسڪيمن تي هلندڙ ڪمن جو جائزو ورتو. ۽ اتي مو جود عملي کان ڪم متعلق معلومات ورتي. ان مو قعي تي صو بائي گهرو وزير سهيل انور سيال پاران ڳالهائندي چيو ته شهيد محترم بينظير ڀٽو ميڊيڪل يو نيو رسٽي اسان جو اثاثو آهي هنن جي سار سنڀال لهڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته يو نيو رسٽي جي بند ڪيل ڪم کي مڪمل ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي گهڻي ڀاڱي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، ڪوشش آهي امن امان مڪمل بحال ڪري عوام مان ڦهليل مايوسي ۽ خوف جي فضا کي ختم ڪيو وڃي، باچا خان يونيورسٽي تي ٿيل حملي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته درسگاهن تي حملا انتهائي افسوس ناڪم عمل آهن، معصوم ۽ هٿين خالي شاگردن تي حملا ڪري دهشتگردن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ڪنهن به صورت انسان چوائڻ جا حقدار نه آهن، فوسز جي مدد سان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. امن جي فضا کي هر قيمت تي بحال ڪنداسين.

 

اديتيه راءِ ڪپور رنبير ۽ ڪترينا ڪيف ۾ ٺاهه ڪرائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اديتيه راءِ ڪپور اداڪار رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف ۾ ٺاهه ڪرائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڀارتي ميڊيا مطابق رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف تازو رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان خبر تي نه رڳو چاهيندڙن پر فلم انڊسٽري جي ماڻهن کي به ڏک ٿيو آهي. ذريعن مطابق اداڪار اديتيه راءِ ڪپور ٻنهي جو ٺاهه ڪرائڻ لاءِ پنهنجي وک وڌائي آهي ۽ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. اديتيه ،رنبير جو گهاٽو دوست به آهي، اميد ڪئي پئي وڃي ته انهن ڪوششن جا  بهتر نتيجا  ظاهر ٿيندا.

 

دپيڪا يا ڪنگنا سان رومانس منهنجي وس جي ڳالهه ناهي : اميتاڀ بچن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ليجنڊ اميتاڀ بچن چيو آهي ته هو دپيڪا يا ڪنگنا سان رومانس نه ٿو ڪري سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن  نين نوجوان اداڪارائن سان هيرو طور اچڻ بابت چيو ته اهو هن لاءِ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته هو عمر جي ان حصي ۾ آهي، جتي کيس نوجوان هيروئنن سان گڏ نوجوان ۽ ٽيلنٽيڊ هيروز کي جاءِ ڏيڻ گهرجي. اميتاڀ بچن چيو ته هو پنهنجو دور گذاري چڪو آهي.

 

نيوزيلينڊ جي سرزمين تي ڪيريئر جي آخري ميچ کيڏي رهيو آهيان،جنهن کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس:شاهد آفريدي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد خان آفريدي جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن نيوزيلينڊ جي سرزمين تي کيڏي ويندڙ ٽي ٽوئنٽي ميچ منهنجي آخري ميچ هوندي، ان لاءِ رانديگرن کي ۽ خاص ڪري بالرن کي هدايت ٿو ڪيان ته منهنجي آخري ميچ يادگار بڻائين، سخت محنت سان ميچ کٽي سيريز به کٽينداسين،ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ ۾ ڪيريئر جي آخري ميچ کيڏي رهيو آهيان ۽ انهيءَ ميچ کي يادگار بڻائڻ چاهيان ٿو، بالر خاص ڌيان ڏين،سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ميچ ۽ سيريز کٽڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.جڏهن ته پاڪستان ۽ نيوزلينڊ وچ ۾ سيريز جي آخري ميچ جمعي ڏينهن کيڏي پئي وڃي جنهن جي باري ۾ قومي ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ جي گرائونڊ تي ڪيريئر جي آخري ميچ کيڏي رهيو آهيان، جنهن کي يادگار بڻائڻ چاهيان ٿو.يادد رهي ته ڪپتان شاهد آفريدي ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِٰ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرٿي ويندو.

 

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ فيصلائتي ٽي- 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ اڄ کيڏي ويندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) )پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ فيصلائتي ٽي -20 انٽرنيشنل ميچ (اڄ) جمعي تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي، باچا خان يونيورسٽي چارسده سانحي سبب پاڪستان جيٽيم ڪاريون پٽي ٻڌي ميدان ۾ لهندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي، آڪلينڊ ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ گرين شرٽس 14 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٻئين ميچ ۾ بليڪ ڪيپس شاندار ڪم بيڪ ڪيو ۽ ميچ 10 وڪيٽن تان کٽي سيريز برابر ڪئي، ميچ ڊي نائيٽ هوندي ۽ پاڪستاني وقت موجب صبح جو 11 وڳي شروع ٿيندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد آهي.

 

چارسده-باچا خان يونيورسٽي اندر ڪيل دهشتگردن جو حملو.!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي ڪيترن علائقن ۾ ڏينهون ڏينهن وڏي تيزي سان خدڪش حملن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.پر سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان هن افسوسناڪ ۽ تباه ڪُن لهر جو رُخ موڙي سگهندو؟ جڏهن  ته حالات ايتري تيزي سان خراب ٿي رهيا آهن. جن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستاني سرڪار هن لهر کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. سمورو پختون علائقو، جنهن ۾ اُتر ڏکڻي سرحدي صوبو ۽ قبائلي علائقا شامل آهن ۽ اُتر بلوچستان جو پختون قبضي وارا علائقا، طالبان جي اثر هيٺ آهن، ايستائين جو پنجاب ۽ سنڌ ۾ به خدڪش بمبار پيدا ٿي رهيا آهن .جنهن جي ڪري پوري ملڪ جو امن هڪ سواليه نشان بڻيل آهي.سال 2016آئي ته پاڪستاني قوم کي انهي سال مان گهڻيون اميدون هنيون ته سال 2016سندس ڏکن جي ٻار کي هلڪو ڪري سگهندي.پر نئي سال جي پهرين هفتي جي شروعات ئي خدڪش حملي سان ٿي.جيڪو ڪوئٽا ۾ سيٽلائيت ٽائون ۾ واقع انسداد پوليو سنٽر تي ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ 15سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا جن مان 13ڄڻا پوليس اهلڪار هئا ۽ ٻه اهلڪار ايف سي جا هئا.جڏهن ته انهي خدڪش حملي اندر 25کان وڌيڪ پوليو ورڪر زخمي پڻ ٿيا هئا.جڏهن ته سال2016جو هي ٽيون هفتو هلي رهيو  آهي.۽ پشاور وري به هڪ دفعو ٻيهر رت سان رنگجي ويو آهي.جڏهن ته پشاور اندر دهشتگردي ڪا نئ ڳالهه ناهي.معصوم ٻارڙن  جو سڪول هجي  ڪا ڪنهن به مذهب جي  عبادت گاه پر پشاور هميشه انهي خدڪش حملن جي ڪري رت ۾ ڳاڙهو ضرور ٿيو آهي.هڪ دفعو ٻيهر هن سال جو ٽيون هفتو پشاور لاءِ لاشن جو طعفو کڻي پهتو آهي.جڏهن ته ڪارخانو باراز خاصدار  پيڪ پوسٽ جي ويجهو هڪ خدڪش حملو ٿيو.جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي ويٺا.جڏهن ته خدڪش حملو ايترو ته خطرناڪ هو .جنهن پشاور جي انهي عوام کي ڇرڪ ڀرائي ڇڏيا، جيڪا هميشه جيان  انهن دهشتگردن جي ڊپ کان پنهنجي زندگي خوف ۽ حراس ۾ گذاري رهي هئي. ڌماڪي سان گڏ ڪيترن ئي دڪانن ۽ گهرن جا شيشا ٽٽي پيا.۽ ٽن گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي هئي.جڏهن ته پشاور اندر ٿيل انهي خودڪش حملي اندر شهيد ٿيلن ۾ ٻه ڪنهن خاص فورس جي اهلڪار ۽ هڪ هڪ نجي ٽي وي چئنل جو رپورٽر  ۽ قبائلي يونين آف جرنلسٽ جو صدر محبوب شاهه ۽ هڪ معصوم ننڍڙي معصوم نينگر به شامل آهي.خدڪش حملي کان پوءِ پوري علائقي کي سڪيورٽي جي اهلڪارن گهيري ۾ آڻي.پاڪ افغان شاهراه کي مڪلمل طور بند ڪري ڇڏيو هو..جڏهن ته حملي جي زميواري تحريڪ  طالبان پاڪستان“ٽي ٽي پي“فضل الله گروپ قبولڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. برحال اها به هڪ حقيقت آهي حملو ڀلي ڪٿي به ڪهڙي به نوتيت جو ڇو نه هجي پر قوم جي تحفظ جي زميواري حڪومت جي هوندي آهي جيڪا شايد وفاق کان وسري وئي آهي.قوم جي بقا ۽ تحفظ ڪرڻ ۾ جڏهن حڪومتون مڪمل طور ناڪام ٿي وينديون آهن ته پوءِ قوم حڪومتن مان آسرو لاهي.پنهنجي زندگي انهي انهن پاپي حادثن جي پاڇي هيٺ گذارڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي.ان ڪري شايد هن وقت پاڪستاني قوم آسرن جي پلجي رهي آهي.

پشاور ۾ ڪيل  حملو پاڪستان جي وري به ماضي ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي خوڪش حملن جو يادگيرون جي طرف وٺي ٿو وڃي.جتي پاڪستان قوم هميشه انهن جانيون ڳڙڪائيندڙ حادثن جي ور چڙهي آهي.پشاور حادثو قوم کي وري مايوسي جا ڪارا ڪڪر ڏئي ويو آهي.ته ان قوم جي بقا ۽ تحفظ لاءِ جن زميواريون سنڀاليون هنيون اهي انهن زميواري سنڀالڻ ۾ ڪيترا ڪامياب ويا آهن ۽ ڪيترا ناڪام ٿيا آهن.اهو ڪالهه واري پشاور واقعي جو نمونو سڀني جي سامهون آهي.چارسده – باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پروفيسر ۽ شاگردن سوڌو 21 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن،اهو حملو  پاڪستان جي هن بهادر  قوم کي ڊڄارڻ جي هڪ اها شازس آهي.جيڪا هن ملڪ اندر اهي دهشتگرد ڪيتري عرصي کان ڪري رهيا آهن.چارسده يونيورسٽي ۾ پختون قومپرست اڳواڻ باچا خان جي ورسي ملهائي پئي وئي.جنهن ورسي جي موقعي تي باچاخان يونيورسٽي اندر هڪ معاشري جو بندو بست ڪيو ويو هو.جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ.شاگرد،استاد،عملي ۾ مهمانن جو هڪ وڏو انگ موجود هو.ته اوچتو فائرنگ ٿي وئي.هشتگردن جي حملي ۾ يونيورسٽي جي پروفيسر حامد حسين سوڌو 21 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، شهيد ٿيلن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو چارسده نيا ويا، شهيد پروفيسر حامد تازو ئي برطانيا مان پي ايڇ ڊي ڪري پاڪستان آيو هو ۽ چارسده يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري جو پرفيسر هو، اکين ڏٺن شاهدن مطابق ته دهشتگردن  اوچتو يونيورسٽي ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي ۽ ڌماڪا ڪيا، جنهن سبب يونيورسٽي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ هر ماڻهو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ جنبي ويو، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي ڪمانڊوز سڄي يونيورسٽي جو ڪنٽرول سنڀالي پهرين ريسيڪيو ۽ پوءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو، ان آپريشن ۾ پوليس به شامل هئي، ريسڪيو آپريشن دوران سڀني ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن کانپوءِ سرچ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد به مارجي ويا هئا، ذريعن مطابق ٻن دهشتگردن کي آپگهاتي جيڪيٽون به پهريل هيون پر اهي ڦاٽي نه سگهيون.چارسده-باچاخان يونيورسٽي تي حملو ڪندڙ  دهشگردن جي عمر25کان30سال ٻڌائي پئي وئي .جيڪي خبرون ان وقت جي ميڊيا مطابق ملي رهيون هنيون ته اهي دهشتگرد باچا خان يونيورسٽي جي پوئين پاسي کان  ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا هئا.جن اندر داخل ٿيندي اتي موجود شاگردن،استادن،تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.، ميڊيا رپورٽن مطابق يونيورسٽي تي 7 کان 8 دهشتگردن حملو ڪيو، جن مان ڪجهه کي آپگهاتي جيڪيٽون به پهريل هيون، ڌماڪن سبب يونيورسٽي اندر دونهون پکڙجي ويو، جڏهن ته شاگردن، استادن ۽ عملي مختلف هاسٽلن توڙِي آفيسن ۽ ڪمرن ۾ پناهه ورتي، ان دوران دهشتگرد فائرنگ ڪندا اڳتي وڌندا رهيا، جنهن کانپوءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز پهچي سندن مقابلو ڪيو.چارسده-باچاخان يونيورسٽي تي ٿيل حملي جي سنڌ حڪومت،وفاق توڙي پاڪستان آرمي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته معصوم شاگردن ۽ شهرين کي قتل ڪندڙن جو ڪوبه مذهب ناهي، اسان ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ واري ارادي تي قائم آهيون، چارسده يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي سوئٽزرلينڊ مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشگردي خلاف ويڙهه ۾ وطن واسين جون قربانيون ضايع نه وينديون، پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف چارسده جي باچا خان يونيورسٽي پهچي ويو هو، پاڪ فوج آرمي چيف جنرل راحيل شريف هيليڪاپٽر ذريعي يونيورسٽي پهتو، سيڪيورٽي ذريعن مطابق آرمي چيف يونيورسٽي پهچڻ تي سڀ کان پهرين ان هنڌ جو معائنو ڪيو، جتان دهشتگرد اندر داخل ٿيا هئا، ان کانپوءِ هن يونيرسٽي جي انهن انهن  هنڌن جو دورو ڪيو، جتي دهشتگردن فائرنگ ۽ ڌماڪا ڪيا، ان دوران جنرل راحيل شريف آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن کان تفصيل پڻ وٺندو رهيو، جڏهن ته کيس سرچ آپريشن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي هئي.باچا خان يونيورسٽي جي ڪيل حملي جي مذمت پاڪ آرمي ۽ حڪومت پاڪستان سان گڏ پاڪستان جي عوام به ڪئي آهي.جڏهن ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پڻ انهي واقعي جي مذمت ڪئي.ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي پڻ باچا خان يونيورسٽي تي ڪيل دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي شيهدن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو هو.ياد رهي ته 16ڊسمبر2014اندر خيبرپختون خواه-آرمي پبلڪ اسڪول پشاور  اندر تحريڪ طالبان پاڪستان“ٽي ٽي پي“حملو ڪري150معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بنايو هو.جنهن کان پوءِ باچا خان يونيورسٽي تعليمي اداري اندر دهشتگردي جو هي ٻيو واقعو آهي.جنهن اندر  تعليمي اداري سان لاڳاپيل 21ڄڻا شهيد ڪيا ويا آهن.

 

 

 

دهشتگرديء جي خاتمي جو خواب!: شفيق شاڪر

پاڪستان جو وزيراعظم ۽ آرمي چيف سعودي ايران تڪرار جي معاملي تي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاء ٻنهي برادر ملڪن جي دوري تي اسهيا.ميڊيا ذريعن مطابق جيڪڏهن ان دوري جا ايڏا وڏا اميد افزا نتيجا نه به نڪتا ته وري صفا صورتحال مايوس ڪندڙ به نه هئي.ٻئي ملڪ پاڪستان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ان نڪتي تي متفق ٿيا ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪيو ويندو.جيڪا هڪ سٺي خبر هئي. پر بدقسمتيء سان پاڪستاني عوام کي خوشي ء جون خبرون اڪثر راس نٿيون اچن. سو 20 جنوري جو ڏينهن پاڪستاني عوام جي لاء وري هڪ بدنصيب ڏينهن ثابت ٿيو جو روشنيء جي دشمنن وري هڪ مادرعلميء کي پنهن جي قهر جو نشانو بنايو ۽ علم جي تلاش ۾ مصروف بيضرر انسانن کي ان ڏوھ جي سزا ڏني ته اهي اسلام جي ان سونهري اصول تي ڇو ٿا عمل ڪن ته “ پينگھي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو.

” اهي ظالماڻيون ڪاروائيون ڪندڙ اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي مسلمان سمجھن ٿا ۽ خدا جي ڌرتي تي اسلامي شريعت نافذ ڪرڻ جا دعويدار آهن.خبر ناهي اها شريعت انهن ڪٿان هٿ ڪئي آهي جنهن ۾ بي گناھ انسانن بلڪه ٻين مسلمانن کي قتل ڪرڻ عين ثواب ۽ جنت حاصل ڪرڻ جو رستو سمجھيو وڃي ٿو.اسلام جي تاريخ تي نظر ڊوڙائڻ سان معلوم ٿيندو ته حضور صلي الله عليه وسلم ۽ چئن ئي خلفاء راشدين جي دور ۾ جيڪي جنگيون ٿيون انهن ۾ مسلمانن ڪڏهن به اڳرائي ڪري ڪنهن تي حملو نه ڪيو هو پر اهي جنگيون انهن تي مڙهيون وييون هيون.انهن جنگين دوران دشمن جي عورتن،ٻارن،بيمارن ۽ پوڙهن تي حملو نه ڪيو ويندو هو.دشمنن جي لاشن جي بي حرمتي نه ڪئي ويندي هئي.اهو ئي حقيقي اسلامي دور هو.ان کان بعد واري مسلمانن جي دور کي اسلامي دور چئي نٿو سگھجي ۽ نه ئي مسلمانن جي بد اعمالين ۽ غلط ڪمن کي اسلام جي تاريخ سان ڳنڍي ٿو سگھجي.

مسلمان الڳ شيء آهن ۽ اسلام بلڪل الڳ شيء آهي. انهن ٻنهي کي ڄاڻي واڻي گڏ وچڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جنهنجو نتيجو آهي جو هڪڙا مسلمانن جي غلط ڪارين طرف اشارو ڪري دنيا کي اسلام جي خلاف متنفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جڏهن ته ٻئي طرف اهي نام نهاد اسلام پسند آهن جيڪي مسلمانن جي انهن غيراسلامي قدمن ۽ ڪمن کي جواز بنائي پنهن جو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ انهيء سان به اسلام جي ڪا خدمت ٿيڻ بدران صرف اسلام جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ جو باعث بنجن ٿا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسلام دشمن هجن يا اهي نام نهاد اسلام پسند ٻنهي جو مقصد ساڳيو آهي ۽ اهو آهي اسلام کي بدنام ڪرڻ! آخر انهن کي علم جي روشني سان ڪهڙو ساڙ آهي جو بار بار تعليمي ادارن کي نشانو بنائين ٿا؟ هڪ طرف دنيا ۾ عدل جو نظام قائم ڪرڻ جون دعوائون ٿا ڪن ته ٻئي طرف پاڻ معصوم ٻارن ۽ عورتن کي پنهنجي ظلم جو نشانو بنائي رهيا آهن.انهن جي ڪاروائين ۽ حملن ۾ مرندڙ صرف اهي بي گناه ئي آهن جن کي اها به خبر ناهي ته سندن ڏوھ ڪهڙو آهي!

باچا خان يونيورسٽيء تي ٿيل تازي حملي ڪيترا ئي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن ته حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا بار بار اهي دعوائون ڪندا رهيا آهن ته انهن دهشتگردن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي، انهن جا ٺڪانا مڪمل طور تي تباھ ڪيا ويا آهن.انهن جون ڪيمپون بند ڪيون وييون آهن، وغيره وغيره. پر هڪ دفعو وري انهن سوالن جو سنجيدگي سان سڀني کي جواب ڳولهڻوپوندوته ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ڪٿان آئي آهي؟ جيڪڏهن انهن جا سڀ ٺڪاڻا تباھ ٿي چڪا آهن ته پوء اهي آساني سان اهڙيون ڪاروائيون ڪيئن ڪري رهيا آهن؟ اسان جي انٽيليجنس جي ادارن جي ڪارڪردگي تي به سوال پيدا ٿين ٿا ته اهي انهن دهشتگردن جي رهيل نيٽ ورڪ تائين اڃا ڇو رسي نه سگھيا آهن؟ مطلب ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪمي، ڪو خال ۽ ڪا ڪوتاهي رهجي ويئي آهي. ڪٿي نه ڪٿي انهن کي اڃا محفوظ پناهگاهون ميسر آهن. ڪٿي نه ڪٿي ڪي طاقتور ڌريون انهن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ويٺيون آهن.اهي حقيقتون اڃا ڪي ايتريون پراڻيون ناهن جو اسان جي ملڪ توڙي حڪومتن ۾ ويٺل هڪ خاص طبقو ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن دهشتگرد ڪاروائين جو جواز “ چونڪه،اگرچه ۽ چنانچه” جي لفظن جي اوٽ ۾ بهرحال ڳولهيندو ۽ پيدا ڪندو رهيو آهي. اهو طبقوبه دهشتگرديء جي نيٽ ورڪ جي ڦهلائڻ جي ڏوه ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي جنهن دهشتگرديء خلاف واضح موقف اختيار ڪرڻ بدران هميشه عوام کي منجھائي رکيو ۽ سدائين سڌيء يا اڻ سڌيء طرح اهي دهشتگردن جو حوصلو وڌائيندا رهيا آهن.انهن جون سوچون ۽ پاليسيون ڪي رات  وچ ۾ بدلجي وييون هونديون خوشفهميء وارو تجزيو آهي!

اهي جيڪر وقتي طور تي چپ نظر اچن ٿا ته انهيء جو واحد سبب عوام جي موجوده دهشتگرديء خلاف پيدا ٿيل غصي واري صورتحال آهي.جيستائين دهشتگرديء جون فيڪٽريون بند نٿيون ٿين، انهن جا مالي  ۽ سياسي معاون به ڪيفر ڪردار تائين نٿا پهچن، فوجي عدالتن ۾ دهشتگرديء جا ڪيس حڪومتون نٿيون موڪلين ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي مڪمل گھربل اختيار نٿا ڏنا وڃن۽ فوج سان گڏ حڪمران  به دهشتگردن جي خلاف کليل  ۽ حقيقي جنگ نٿا وڙهن ، پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي واروخواب ڪڏهن به پورو ٿي نه سگھندو.

 

 

باچا خان يونيورسٽي دهشتگردي جي زد ۾

چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي ۾دهشت گردن جي حملي ۾ پروفيسر ۽ 18 شاگردن سميت 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. گذريل ڏينهن 4 دهشت گرد باچا خان يونيورسٽي جي پٺئين پاسي ٻنين کان ڇتيون ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني. 15 منٽن اندر 2 ڌماڪا به ڪيا. دهشت گردن جي فائرنگ ۽ ڌماڪن ۾ 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 60 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال داخل ڪيو ويو. يونيورسٽي ۾  حملي وقت باچا خان جي ورسي جي موقعي تي هڪ مشاعري جو بندوبست هو. مشاعري ۾ استادن ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. وي سي موجب فائرنگ دوران 3 هزار شاگرد ۽ 600 مهمان يونيورسٽي اندر موجود هو. فائرنگ بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. حملو 9 لڳي 15 منٽن تي ٿيو. شاگرد پنهنجي ڪلاسن، جڏهن ته شاگردياڻيون هاسٽل تائين محدود ٿي ويون. صوبائي وزير شوڪت يوسف زئي جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 20 ڄڻا شهيد ٿيا آهن، جن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد حامد، سيد ڪمال، عمران، شيراز، ساجد، الياس، فخر عالم، حامد حسين، احمد ڪمال، رحمان الله، عبدالحميد، حيدر علي، صديق الله، نعمت خان ۽ ٻيا شامل آهن. شوڪت يوسف زئي موجب، دهشتگردن جي حملي ۾ 2 شاگردياڻيون، 4 سڪيورٽي گارڊ ۽ 2 پوليس اهلڪار به شهيد ٿيا آهن. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جِي انتظاميا موجب، شهيد ٿيلن مان 20 ڄڻن جا لاش آندا ويا آهن. دهشتگردن جي حملي ۾ چئن سڪيورٽي گارڊن سميت 60 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جن ۾ عاصم، خالد حسين، ذاڪر حسين، محمد اسحاق، سمعيع الله، احسان الله، حضرت حيات، محمد اقبال، شهزاد افتخار، جنيد ۽ ٻيا شامل آهن. دهشتگرد حملي جي زخمين کي چارسده ۽ مردان اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمي جو علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ڪوهيڙي سبب ڪجهه به نظر نه پئي آيو، ٿي سگهي ٿو ته دهشتگرد ڪوهيڙي جو فائدو وٺي اندر داخل ٿيا هـُجن. ڌماڪن ۽ فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ايليٽ فورس ۽ فوج کي طلب ڪري يونيورسٽي کي گهيري ۾ آندو ويو. ٻئي طرف خيبر پختون خواهه حڪومت چارسده سانحي تي 3 ڏينهن سوڳ ۽ مقامي انتظاميا 31 جنوريءَ تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ٽئي ڏينهن قومي جهنڊو پڻ جهڪيل رهندو.